رايو
ايوب کوسي جو نالو، نئين ٽهيءَ جي انتهائي خوبصورت شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو آهي. سندس شاعري، اکين مان ٿِي دل ۾ لهي وڃڻ جهڙي سگهه رکي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ چنڊ جي ڌيمي روشني به آهي ته سج جو تيز تاءُ به. هن ڀنڀور جي آثارن کان وٺي مُومل جي ماڙيءَ تي اکين کي پير بڻائي وڃي مشاهدا ماڻيا آهن ۽ پاڻ کي انهن جي دؤر ۾ وڃائي، احساسن جا موتي ميڙيا آهن ۽ انهن کي شاعريءَ جي مالها ۾ پوئيو آهي.
ايوب کوسي جي شاعري، روايتي شاعري ناهي پر اُن ۾ نوَن خيالن ۽ تشبيهن جا رنگ موجود آهن. ان منفرد انداز جي ڪري ئي هن ٿوري وقت اندر ئي ادبي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪري ورتي آهي. هن پاڻ کي فطرت کان پري نه رکيو آهي ۽ اهوئي سندس شاعريءَ جو حُسن آهن. هن روڊ تي پٿر ڪُٽيندڙ مزدور کان ويندي بٽئي وقت سڀ ڪُجهه زميندار جي قرض ۾ ڏيئي، خالي هٿن موٽندڙ هاريءَ جي درد تي، ان ئي ڪيفيت ۾ لکيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ پورهيت جي پگهر جي خوشبوءَ سان گڏ وينگس جي آلن وارن جو هڳاءُ به آهي. هن محبت ۽ مُفلسيءَ تي گڏوگڏ لکيو آهي ۽ اُن سان باقاعدي نڀائيو به آهي. هن جي شاعريءَ ۾ حُسن جي ثنا به آهي ته ناانصافي خلاف مزاحمت به آهي.
موهن مدهوش
***