انسانيت جي خواب جي بقا
لفظ، اي سي ڪمرن ۾ ڪرسين تي ويهي به لکبا آهن. ته لفظ، جُهڳين ۾ مٽي تي رلي وڇائي ويهي به لکبا آهن. لفظ شهادتون ساري به لکبا آهن، ته لفظ زندانن ۾ گهاري به لکبا آهن! لفظ نراليون اجرڪون به ٿيندا آهن ته لفظ بندوقون به بڻجندا آهن! لفظ منصور جيان اکيون اکين ۾ ڄمائي به پنهنجو وجد ظاهر ڪندا آهن، ته لفظ سسئي جيان منزل کي به تلاش ڪندا آهن! ڳالهه اصل ۾ رڳو عشق جي ان سدا بهار سچائي جي آهي جيڪا عاشقن ۽ سَڌڙين جي سوچ جو روح ۽ مزاج توري پنهنجو فيصلو نراور ڪري ڇڏيندي آهي! اها حقيقت آهي ته رڻ ڪڇ جي ٻرندڙ ٻپهرين جهڙا بانورا لفظ ۽ پارڪر جي مُشڪڻي نرمل سارنگا جي ڪجلين نهارن جهڙا ڇانورا لفظ جڏهن پاڻمرادو ضمير ۽ دل جي سنڌ ۾ گلابن جيئن ڦٽندا ۽ ٽڙندا آهن تڏهن ئي اهي موزون شاعري جون اوجاڳيل اڱريون دنيا جي لڳ ڀڳ هر موضوع جي وارن ۾ وچڙيون آهن. باھ جي ڄڀي هجي تاٽهڪ جي مُکڙي هجي، حُسن جي جهاتي هجي يا مزدور جي اُداسي هجي. شاعري هميشه اُن کي دل سان پنهنجو ڪيو آهي. ڪمال ته اِهو آهي جو پيار جا ڪيئي مٺا درياھ ۽ درد جا انيڪ کارا سمنڊ پِي وڃڻ کان پوءِ به شاعري جي ڪڏهن به اُڃ ناهي لٿي! شاعري ڄڻ ته زمين جو بيقرار روح آهي! ائين به چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي ته شاعري ايئر ڪنڊيشن گاڏي جي ڪارن شيشن پويان ڪيل ڪو سفر ناهي، پر جواڻ گهوڙي جي اگهاڙي پُٺيءَ تي سفر جو نالو شاعري آهي! اهو سچ آهي ته شاعري ويساهن جي روشني آهي! شاعري خوابن جي اميد جي خالق آهي! سگهاري ۽ سون جهڙي شاعري هميشه عظيم خوابن ۽ اڻموٽ آدريشن کي جنم ڏيندي آهي تڏهن ئي ته چلي جي عظيم شاعر پئبلو نردا نوبل ماڻڻ وقت پنهنجي تقرير ۾ هي محبوب لفظ اُچاريا هئا ته: ”اها اسان جي ذميواري آهي ته اسين انهن خوابن کي جاڳائي ساڀيا ڏيون جيڪي دنيا جي قديم تهذيب جي آثارن ۽ پٿرن ۾ دفن ٿيل آهن، اُهي خواب جيڪي مٽي اندر يا گهاٽي جهنگ ۾ ٻُوساٽيل آهن!“ مون کي چانڊوڪي جههڙو يقين آهي ته جڏهن نرودا اهي لفظ اظهاريا هوندا تڏهن هُن جي ذهن ۾ مصر جي اهرامن، الورا جي غارن، بابل جي ديوارن سان گڏ پڪ سان موئن جو دڙو به موجود هوندو! هُن جي تصور ۾ مصر جي ممين سان گڏ اها نتڪي ڇوڪريءَ ضرور نچي هوندي نچي هوندي جنهن ڪڏهن سنڌ جي هوائن ۾ سُتي ڪو اجرڪ جهڙو عظيم خواب ڏٺو هوندو! تڏهن سنڌ جي ڪنوارين اکين جا قرب شاعري جو سبب بڻيا هوندا! مون کي فخر آهي ان عظيم ماءُ ڌرتي تي، مون ۽ منهنجي دل اکيون کوليون آهن! منهنجي احساسن جو اهو سرمايو املهه آهي ته اُن محبوب ڌرتي جي مٽي مون کي اظهار لاءِ ڪجهه لفظ ڏنا آهن! منهنجي آڱرين هن مٽي جي ڪن خوابن سان پيار ڪري پنهنجي اظهار ۽ عشق کي پڌرو ڪرڻ جي بس هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي! اها ڪوشش منهنجي ضمير جو آواز آهي. آئون هن ۾تي جي وڏي درد جو ننڍڙو نوحاگر آهيان، ڇو جو جرنيل هوشو جي اکين سان آخري ڀيرو نهاريل سنڌ منهنجي عشق، منهنجي روح ۽ منهنجي دل جي ماءُ آهي! مون محسوس ائين ڪيو آهي ته روشني ڪُٺل انسانن جي رَت ۾ ڪري پئي آهي، ۽ عشق اُن روشني جي جسم تان رَت ڌوئڻ جي جستجو ۾ رڌل آهي! دل کي ائين به لڳي ٿو ته پٿرن هيٺ اچي ويل خوابن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ عشق ۽ شاعري کي ڪو ڪردار ضرور ڪرڻو آهي.
الميو اهو آهي ته هي آرٽسٽ دوست معاشرو هئڻ جي باوجود اوپرائي جو احساس ڏياريندڙ آهي، ان جو سبب اهي سازشون آهن جيڪي پنهنجي مفادن لاءِ سرگرم آهن!
هتي روز تماشن جي آڏو بيهڻو پئجي وڃي ٿو، وحشتن جا ڪانگ اسان جي سيني مان دل ڪڍڻ لاءِ جهاوا هڻندا رهن ٿا!
پريتمو! مائون جڏهن ڪنوارن پٽن جي لاشن جي مُنهن تي موڙ ٻڌي ٿڌي ٿِي ويل هٿن تي ميندي مکين ٿيون تڏهن اسان جو وجد ٻٻرن جي ڍينگهرن تي ڊهي ڪنڊن سان سٿجي وڃي ٿو! سسئي اوجاڳن جهڙي اڪيلائي جڏهن اهو احساس ڏياري ٿي ته اسان تاريخي قلعا ڪليمن جي ڌن ٿي روئندڙ آهن، تڏهن تصور کاري ڇاڻ جي تپش ۾ ڌراڙن جي اکين جي بيقراري ٿِي وڃن ٿا! اها وياڪلتا دل جي شاعري آهي! سانحن کي شاعري جي سٽن ۾ سرجڻ واري عمل کي جيڪڏهن ڪو لفاظي يا نعريبازي جو نالو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته سوچ جي ان ڇسائي تي صرف ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو! شاعري رڳو چنڊ جي چانڊاڻ ناهي، چنڊ جي نه هجڻ کان پوءِ ڏيئي جي روشني به ته شاعري آهي! ذهني اذيت جي بيابانن ۽ محبوبيت جي بيقرار بارشن جي ڦُڙينمان جيڪو به احساس جو رنگ مون کي مليو آهي مون اُهو جيئن جو تيئن ان شاعري جي اکين ۾ آڻي رکيو آهي جنهن سان منهنجو نينهن اٽڪيل آهي! اهو عشق مون لاءِ آڪسيجن آهي! انسانيت ۽ عشق جا اڻ کُٽ دشمن آهن جن فتني بازن جي منهن تي ڌوڙ وجهڻ لاءِ شاعري جا هٿ سرگرم رکڻ جي تمنا ان ڪري به جاڳي ٿي، ڇو جو اها تمنا انسانيت جي خواب جي بقا جي ڪوشش محسوس ٿئي ٿي.
سچ اهو آهي ته منهنجو ننڍڙو وجود سنڌ جي محبوب ماڻهن جي محبتن جو قرضي آهي. انهن محبتن منهنجي دل کي جاڳندو رهڻ جو سنيهو ڏنو آهي. انهن قربتن مان مون اهو ڃاتو آهي ته شاعري، انسان ۽ عشق جي تقدس جي موسم آهي! شاعري نانگ جي ننڊ ناهي، شاعري جوڳيءَ جي جاڳ آهي!
ايوب کوسو
جهڏو
جولاءِ 2012ع
پتو:
ٽپال گهر جهُڏو،
ضلعو ميرپورخاص، سنڌ
***