زندگي ناهي سُتي!
هُر کُر نِهارن جي ڏِسي ۽ لوڏ وارن جي ڏِسي،
ٻٻرن ٻُڌايو رات کي، تارن سُڻايو تات کي،
ٽهڪن گُهلڻ ناهي ڇڏيو، پيرن رُلڻ ناهي ڇڏيو،
سارنگ سُڻايو ماٺ کي وڻ وڻ چيو برسات کي،
ڪارو ڪفن اوڍي ڪٿي ڪا دلبري ناهي سُتي!
ناهي سُتي، ناهي سُتي، هِي زندگي ناهي سُتي!
توڙي ڪهاڙين آ ڪپيو، قهري پُڇاڻن آ لَڪيو،
ڪارين بندوقن آ ٻکيو، نانگن جيان نطرن ڪَکيو،
ڏِس خواب نِيرن کي ڪِٿي ڦاهي ڇُهي ناهي سَگهِي!
توڙي عذابن آس کي سنگهرون هڻي آهي ونگيو!
ناهي ڪڏهن پر ڌُوڙ ٿِي چاهت ڪُنواري ڪا کُٽي!
ناهي سُتي، ناهي سُتي، هِي زندگي ناهي سُتي!
ڏانٽا کڻي ڪڻڪن جيان لُڻبي رهي آ بيوسي،
ڳاٽا کڻي لوڙهن مٿان لُڏندي رهي آ هر سَڳِي!
ڳاڙهيون اکيون رستن ڏِسي ڪا شاعري آهي سِکي!
اُلڪا کڻي هر مُند ۾ کِلندي رهي آ عاشقي!
ڪاون مٿان هلندي به دل چُورين جيان ناهي ٽُٽي!
ناهي سُتي، ناهي سُتي، هِي زندگي ناهي سُتي!
ڪوئي ڪري ڀل خاطريون ناهن اُجهاڻيون آرسيون،
ديوار ڊاهڻ لئه رُڌل آهن هزارين آڱريون،
گهُمنديون رهن ٿيون ناز مان گس گس گلابي چادريون!
ٿوهر، ڪنڊا، ڪونڀٽ چُمي ڪُڏنديون رهن ٿيون ڪامڻيون!
آهي هٿن اُن ڪري ڌرتي منجهان ميندي ڦُٽي!
ناهي سُتي، ناهي سُتي، هي زندگي ناهي سُتي!
***