پنهنجي پاران
منهنجي مرشد ڀٽ جي گهوٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيو آهي ته هن ڪائنات ۾ منهنجي من ۾ خدا تعاليٰ جي عبادت جو هڪ ٻوٽو موجود آهي ۽ راڳ رنگ ان جو پاڻي آهي ۽ منهنجي دل چاهي ٿي ته هيءَ ڪائنات ا پاڪ جي پاڪ ڪتابجي تلاوت ۾ مشغول هجي ڇو ته انسان کي اشرف المخلوقات هئڻ سان گڏ انسانن کي شعور، فطرت ۽ ڳالهائڻ جي سگهه به ڏني آهي. اهو ڳالهائڻ جيڪو انسان کي ايترو خوبصورت بڻائي ڇڏي ٿو جو ٻڌڻ وارا لکين انسان ان انتظار ۾ هجن ته ڪڏهن ٿو ڪنن تائين آواز پهچي. هي سڀ آواز ئي ته آهن جن ۾ دريائن ۽ سمنڊن جو دڙڪا ڏئي وهڻ، پهاڙن تان آبشارن جو ڪرڻ، هوائن جو گهلڻ، يا وري بابا بُلي شاهه جي بيخودي، سچل سرمست جي مستي، قلندر جي ڌمال يا لطيف سرڪار جي وائي اهي سڀئي آواز مدهوش ڪندڙ ناهن ته ٻيو ڇا آهن. مڃون ٿا ته دنيا دولت جي ديواني آهي، پيار ۽ پاٻوهه جي پوڄاري ناهي، اهو ته سچ آهي ته هي سماج سونهن جو سوداگر ناهي ۽ اها به حقيقت آهي ته اڄ جي هن وٺ وٺان واري ماحول ۾ ماڻهو، ماڻهو ڪو نه رهيا آهن، مشينون ٿي پيا آهن. پاڻ اهو به ڄاڻون ٿا ته هي معاشرو مال ملڪيت جو پيروڪار آهي، محبت جو محتاج ناهي.
هن ڪتاب ۾ جيڪي به لکڻيون موجود آهن، اهي آواز هوائن جي لهرن ذريعي اوهان تائين به پهتيون جي نه پهتيون ته هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
ڪراچي ۾ نوڪريءَ دوران ڪجهه يونيورسٽي فيلو، سينيئر دوست، ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن تي پروڊيوسر طور مقرر ٿي آيل هئا. ديڳ پڪل هئي صرف ان جو ڍڪڻ ئي ته لاهڻو هيو، محمد علي ٻانڀڻ، گل حسن قريشي، نور الله ٻگهيو، خليل چنا، نصير احمد سومرو ۽ ڪوثر ٻرڙو صاحب.
سينيئر پروڊيوسرن ۾ ممتاز اعواڻ، نثار احمد ميمڻ، شوڪت علي خاصخيلي ۽ شيخ ابراهيم سالن پڄاڻان هن وقت پروڊيوسرن ۾ موجود ثناءَ الله ابڙو ۽ لياقت علي شيخ صاحب، يونيورسٽي فيلو دوستن جي کيپ اچڻ سان ئي پاڻ کي آزمائڻ لاءِ آڊيشن ڏيڻ لاءِ پهتس بس ڪجهه ئي ڏينهن ۾ فون ڪال آئي ته اوهان انائونس مينٽ لاءِ چونڊجي ويا آهيو، تنهنڪري سنڌي سيڪشن جي پروڊيوسرن سان اچي ملي وٺو. منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي، شام جو آفيس جي ٽائيم کان پوءِ اچي ريڊيو پاڪستان جو دروازو کڙڪايو، مختلف پروڊيوسرن سان روزانه شام جو ملاقاتون ٿينديو رهيون، مختلف پروگرام ملندا رهيا ۽ وقت گذرندو رهيو. پروڊيوسر ڪجهه نوان ايندا رهيا، پروگرامن ۾ تبديلي به ايندي رهي، مختلف دوستن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون.
پروگرامن جي پيٽرن تبديل ٿيڻ سان محترم نصير احمد سومري صاحب ٻه اهڙا سلسلا چونڊيا، جن ۾ پروگرام پڙهو ۽ پرايو. سڪندر سرواڻ جي حوالي ڪيو ويو. شعر ۽ نغما منهنجي يعني نواز سومري جي حوالي ڪيو ويو. ٻئي هفتيوار پروگرام ايترا مقبول رهيا جو هزارن جي تعداد ۾ خط ۽ پوسٽ ڪارڊ اچڻ لڳا. پروگرام جي سينگار ۽ سنوار لاءِ ٻڌندڙن جي لکڻين ۽ راين کي به شامل ڪيو ويو، پروگرام شعر ۽ نغما لاءِ جن دوستن ۽ٻڌندرن جو مون سان سهڪار رهيو، انهن ۾ ڳوٺ طالب خان ڪلمتي، ميرپور ساڪري کان مجاهد ڪلمتي، نواز ڪلمتي ۽ غلام سرور ڪلمتي، شهر چوهڙجمالي کان گل حسن مگسي، ناز ننگر ۽ بيوسف غلام قادر جمالي، محمد حسن رند مير الهرکيو ڀنڊ، شهر سجاول کان گل محمد پٺاڻ ۽ امير احمد جاکرو، شهر دڙي کان محمد صالح ڪڇي ۽ محمد علي ڪڇي، ڳوٺ ڪريم بخش ڪپري لڳ ڪنري کان اعجاز ڪپري ۽ ور شهر کان محبوب درس، وفا ولي محمد جاڙو ۽ ممتاز علي جاڙو، شهر ڪنريءَ کان چوون ڪمار ڪولهي ۽ احساس سمون، ڳوٺ محمد خان رند کان محمد شريف رند، ڳوٺ ڪڪڙ رند کان وحيد علي رند.
پروگرام شعر ۽ نغما جيئن جيئن اڳتي وڌندو ويو، تيئن تيئن مقبوليت ماڻيندو ويو، تان جو ٻڌندي سورنهن سال اچي پورا ٿيا، 2 سال اڳ ان پروگرام کي خبر ناهي ڪهڙي سبب ڪري بند ڪيو ويو. تقريبن 2009ع کان ڪراچي اسٽيشن جي حصي ۾ پروگرام تارن ڀري رات، صوبائي نشرياتي رابطي تي لائيو شروع ڪيو ويو، جنهن جو وقت رات 11:05 کان ٺيڪ 12 وڳي تائين مقرر ويو. جنهن لاءِ ان وقت جي سنڌي سيڪشن جي انچارج پروگرام مئنيجر ۽ هڪ سٺي آواز جي مالڪ محترم خليل چنا صاحب ان پهرين پروگرام جي شروعات منهنجي پسند جي ڪمپيئر ۽ منهنجي راڻي رئوف ڪنڌر سان گڏجي ڪئي.هڪ رات جو پهر ۽ ٻيو آسمان تي تارن جي رم جهم ۽ پروگرام جو نالو به رکيل خليل چنا جو تارن ڀري رات، ته بس ڄڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌندڙن جي دل مان واهه، واهه جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. ريڊيو پاڪستان جو آواز رات جو پهريون پهر پوڙهن ۽ پڪن جي مٿن کان رکيل ريڊيو سيٽ ۽ مٿي آسمان ۾ اکيون تارن سان ٽمٽار آسمان ڏانهن ته پوءِ نوجوانن وري ڪننن ۾ هيڊفون هڻي موبائيل فون جو سهارو وٺي پروگرام کي انجواءِ پئي ڪيو. خاص ڪري مون پنهنجون اسڪرپٽس ڊسڪ جا ڪي پروگرام سان گڏ، اصلاحي، علمي، تفريحي، اخلاقي ۽ موسيقيءَ سان ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. خليل چنا صاحب ۽ رئوف ڪنڌر ته هن پروگرام تارن ڀري رات کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. جو سنڌ جي ڪيترين ئي شخصيتن، جنهن ۾ ثقافت، موسيقي، تاريخ، تهذيب ۽ ادبي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن سان ڳالهيون ٻولهيون به ڪيون ۽ پوءِ ريڊيو پاڪستان جي پاليسين مطابق هن پروگرام لاءِ اهڙن ڪمپيئرن جي چونڊ به ڪئي وئي جيڪي هن پروگرام مطابق اهل علم هجڻ سان گڏوگڏ اخلاقي ۽ سماجي شعور به رکندڙ هجن. ۽ براڊڪاسٽنگ جي اصولن مطابق ڳالهائڻ جو هنر به رکندا هجن. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ انهن باشعور ۽ ادب دوست ڪمپيئرن جي لسٽ ڊيوٽي روم جي نوٽيس بورڊ تي نظر آئي، جنهن ۾ رئوف ڪنڌر، نور محمد خاصخيلي، ممتاز علي شيخ ۽ نواز سومرو شامل هئا. روزانه جي حساب سان پهرين ٻه، ٻه ڏينهن به پروگرام ڪرڻ لاءِ مليا ۽ پوءِ منهنجا پيارا دوست نظر حسين ملاح، اسد چنا، حنيف ٻگيو، نائلا ميمڻ، ياسر قاضي ۽ آخر ۾ خيرپور تان آيل اسان جو دوست نظير سهتو به هن سٿ ۾ شامل رهيو. پروگرام ”تارن ڀري رات“ رات جو دير سان هلڻ ڪري جيڪي دوست پنهنجن ڪمن ڪارين يا ڊيوٽن تان موٽي پنهنجن گهرن ۾ واپس ايندا هئا ته کين انتظار هوندو هيو ته رات جا 11:05 منٽ ڪڏهن ٿا ٿين. بلڪه ويجها دوست معمول مطابق اهو پڇاڻو ڪندا هئا ته نواز صاحب اڄ پروگرام ڪندا. اهڙي طرح اسان جا هزارين ٻڌندڙ جيڪي نه خط لکي ڄاڻن ۽ نه ئي فون تي رابطو ڪن، انهن به موبائيل فون ذريعي رابطا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ پروگرام تارن ڀري رات جي تعريف ڪرڻ لڳا ۽ مون سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش به ڪندا رهيا، جيئن ته مون هر موضوع کي هن پروگرام جي زينت بڻايو پوءِ اهو سماجي، هجي يا اخلاقي، ادبي هجي يا ماحولياتي ڪوشش ڪري پاڻ وٽ پيدا ٿيندڙ انساني روين جي متعلق به مون گهڻو ڳالهايو ۽ لکيو. منهنجن ٻڌندڙن جا مزاج به عجيب هجن ڪن کي صرف نغمن ٻڌڻ جو شوق ڪن کي ڳالهين ٻڌڻ جو شوق ته ڪن کي وري منهنجي آواز ۽ انداز جي تعريف ڪرڻ جو شوق يا ڪن کي صرف نالي ٻڌڻ جو جنون، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هي پروگرام ريڊيو پاڪستان ڪراچي،مٺي، حيدرآباد، ڀٽ شاهه، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي تان هڪ ئي وقت هلڻ ڪري سڀني ڪمپيئر دوستن جا هزارين چاهڻ وارا رابطي ۾ رهيا. منهنجا خاموش لسنرس فون ذريعي ايترا اچي ڪٺا ٿيا جو جس هجي انهن کي جن مون کي هميشه پنهنجن دعائن ۾ ياد رکيو ۽ پروگرام بابت مختلف مشورا ڏيندا رهيا. پروگرام تارن ڀري تات، جيترا سال به ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان نشر ٿيندو رهيو ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انهن ٻڌندڙن سان سلام دعا جاري ۽ ساري آهي. ڪي ته پٽا ڏئي ڀڄي به ويا. ڪن وڃي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪمپيئرن سان واسطا وڌايا، ڇو ته اڄڪلهه هي پروگرام حيدرآباد اسٽيشن تان هلي رهيو آهي. ڪيترن دوستن سان ته منهنجي دعا، سلام ايترو وڌي وئي جو هن مهل تائين خوشيءَ ۽ غميءَ ۾ هڪ ٻئي سان شامل حال هوندا آهيون.
هن ڪتاب ۾ جيڪي به تحريرون شامل آهن اهي آهن ته مختصر ليڪن، ايندڙ ڪتاب ۾ وڌيڪ تفصيل موجود هوندو. ريڊيو تي ڪم ڪندي مون کي ڪيتريون ئي دوستن وٽان محبتون مليون ته نفرتون به پلئه پيون ليڪن پنهنجو دامن بچائيندي سڀني سان هٿ جوڙ وارو سبق ڪڏهن به ڪو نه وساريو. اڄ ريڊيو جي گيٽ ڪيپر، ڊيوٽي آفيسرن، ماسٽر ڪنٽرول روم جي انجنيئرن، پنهنجن پيارن پروڊيوسرن ۽ اسٽيشن جي ڊائريڪٽرن مان پاڻ کي پيار ۽ محبت ئي ملندي محسوس ڪئي اٿم. پيار ته مونکي پنهنجن هم خيال انائونسرن ۽ ڪميئرن دوستن، نظر حسين ملاح، اسد چنا، عبدالسميع، نُور محمد خاصخيلي، صفدر عباس، سڪندر سرواڻ، يونس جسڪاڻي، ڀيڻ نصرين اختر، نائلا ميمڻ ۽ رئوف ڪنڌر کان به ملندو رهيو. مان انهن دوستن جو به ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب جي آڻڻ ۾ منهنجي هروقت رهنمائي ڪئي. ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو انهن مهربان پروڊيوسرن کي ياد نه ڪيان، جن جي رهنمنائيءَ ۾ شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هر پروگرام سندن جي صلاح ۽ هدايتن ۾ بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. اهي منهنجا مهربان آهن، شوڪت خاصخيلي، ممتاز اعواڻ، نثار احمد ميمڻ، محد علي ٻانڀڻ، خليل چنا، نُور الله ٻگهيو،گل حسن قريشي، نصير احمد سومرو، ثناءَ الله ابڙو، لياقت علي شيخ، طاهره ڀٽي، الاهي بخش ٻانڀڻ.
آئون شڪرگذار ته انهن دسوتن جو به آهيان جن منهنجي هن ڪتاب تي فني ۽ فڪري پهلوئن کي نظر ۾ رکندي پنهنجن سهڻن ۽ پيارن خيالن جو اظهار پڻ ڪيو آهي. بلڪه اڳتي لاءِ به مون کي حوصلي ڏيڻ جي قوت بخشي آهي. تن مان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان هڪ سٺي آواز ۽ انداز جي مالڪ امين ارباب جو نهايت ٿورائتو آهيان . ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ موجود پنهنجن انهن ساٿين جو جن هن ڪتاب بابت پنهنجا ويچار ونڊيا آهن جن ۾ شامل آهن، سڪندر سرواڻ، نظر حسين ملاح، اسد چنا ۽ خاص ٿورائتو آهيان محترم ڪوثر ٻرڙو صاحب، ڊاڪٽر عابد مظهر ۽ مشتاق بخاريءَ جو ڀلا ٿورا ڪيئن نه مڃان پنهنجن هر دل عزيز ۽ محسن محترم نصير مرزا سابق ڪنٽرول ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر حيدرآباد جو جنهن منهنجي هن ڪتاب جو مهاڳ لکي منهنجي مٿان مهرباني ڪئي آهي. ان کان علاوه خاص ٿورا هن ڪتاب جي ڪمپوزر شاهزيب ميمڻ ۽ سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جنهن هن ڪتاب جي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ منهنجي سڏ ۾ سڏ ڏنو. ٿورائتو ته آءُ خالد چانڊيو صاحب پروگرام پروڊيوسر، ريڊيوپاڪستان مٺيءَ جو به آهيان، جنهن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن.
مون جيڪي ڪجهه به لکيو آهي، پڙهڻ کان پوءِ اوهان کي ڪيئن لڳندو يا اوهان کي ڇا محسوس ٿيندو تنهن لاءِ اوهان جي اصلاحي جو مون کي هميشه انتظار رهندو. اوهان جون صلاحون ۽ رايا منهنجي لاءِ نيون راهون هموار ڪندا رهندا.
ٿورا مَ ٿورا مون تي مارئوڙن جا
ٿر ۾ واري ٿوري، تيهان گهڻيرا
ڀلايون ۽ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيندس ڪيترا
نواز سومرو
ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان
03322188410