شاعري پيڙا جو پڙلاءُ يا تڙپ جو تيل...؟
شاعري ڏات جو اهو ڏيئو آهي جنهن جو تيل تڙپ جا احساس ۽ پيڙا جا پيچرا هوندا آهن، پيڙا جي انهيءَ پار ۾ رمزون به آهن ته راز به، اکين ۾ ڳوڙها به آهن ته اڻڀن وارن جو چيڙهه به، محبوب جون مرڪون به آهن ته چل ولاين جون چانڊوڪيون به آهن، ته هجر ۽ فراق جو درد ۽ لذت به آهي، مطلب ته هر روپ ۽ روِش جو رنگ به عجيب آهي،جيئن وڄُ وراڪا ڏئي ٿي، ايئن ئي شاعري به شاعر جي اندر ۾ احساسن جو روپ وٺي اظهار جو ذريعو بڻجي ٿي، وقت ڪڏهن بيهجي وڃي ٿو ته ڪڏهن گونگو ۽ ٻوڙو ٿي زور سان پڪارڻ چاهي ٿو، آواز پنهنجو احاطو ٽوڙي اندر ۾ سونامي جيان لهرن جو ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيندو آهي، ساهه سرگوشيون بڻجي جهونگارڻ لڳندو آهي، پراون احساسن کي پنهنجي درد جو روپ ڏئي لفظن جي صورت ۾ قلم جي نوڪ تي احساس اڇن پنن تي نروار ٿيندا آهن، اهڙن احساسن جي ڪيفيت جو اٻڙڪا ڏئي ٻاهر نڪرڻ ئي شاعري هوندي آهي.
ڇو ته هر ڪيفيت ۾ اندر رجي ٿو، اندر جي باهه هجي يا بک جي باهه، ڏک جا ڏانوڻ هجن يا مظلوم جون پڪارون، درد جي دلدل هجي يا اداس اکين جون معنيٰ خيز نهارون، يا محبوب جون سرگوشيون، ٻارن جون صدائون هجن يا بيڪل مائرن جون آهون، انهن سڀني احساسن جون ارپنائون اندر ۾ اٻرن ٿيون ۽ قلم پنهنجي سرگوشين ۾ سر الاپي ٿو ۽ ڪنڌ مٿي ڪري چنڊ سان ڳالهيون ڪري ٿو ته اي چنڊ پرينءَ کان آءُ پڇي ڇا توکي ننڊ به ايندي آ.