ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ،
اهو سک جيڪو ڏکن کانپوءِ نصيب ٿيندو آهي ان جو پنهنجو مزو هوندو آهي، اسان کي پنهنجن سکن سان گڏ ٻين جي سکن جو به خيال رکڻ گهرجي، ڇو ته جيستائين هڪ ٻئي جو احساس نه ڪنداسين ۽ هڪ ٻئي جو خيال نه رکنداسين تيستائين سڪون ماڻي ڪونه سگهنداسين. جهڙيءَ ريت اونهاري پٺيان سيارو ۽ سياري پٺيان بهار، ڏينهن پٺيان رات، روزن پٺيان عيد ايندي آهي تهڙيءَ ريت ڏکن پٺيان سک پلئه پوندا آهن، دنيا جي هر ترقيءَ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته ان جي پٺيان ڏکن،ڏاکڙن، اهنجن ۽ ايزائن جو پاڇو ضرور هوندو آهي، ڇو ته دنيا جي لذت، توڙي نعمت تڏهن حاصل ٿيندي آهي جڏهن ان لاءِ جاکوڙ جا جنڊ هلايا وڃن، سواءِ ڏکن ڏسڻ جي سکن جو سامان ملڻ ائين آهي جيئن ٻٻر کان ٻير گهرڻ.
اوهان جيڪڏهن گلن جي تمنا ڪريو ٿا ته ان لاءِ ڪنڊن کي به سهڻ لاءِ تيار هجو، جي سلطاني وٺڻ چاهيو ٿا ته آرام ۽ آسائش جي نالي نشان کي ئي گم ڪرڻو پوندو، سائنسي تحقيقات هجي، توڙي اناج جي اپت، بادشاهي تاج هجي توڙي فقيري فقِر، هر هنڌ هر جاءِ، ڏکن ۽ تڪليفن جو واسطو رهي ٿو، ڇاڪاڻ جو ڏک ۽ سک هڪ ٻئي جي تمام ويجهو رهندا آهن، ڏک پاڇو کڻي پري وڃي ٿو ته کيس سک سڏجي ٿو، ڏک ۽ سک ٻئي لازم ۽ ملزوم هوندا آهن، ائين ڪڏهن به نه سمجهجي ته ساندهه سک نصيب ٿيندا رهندا، جڏهن خوشي محسوس ڪريو ٿا ته ياد رکو ته ڏک پري ناهن هوندا، ڏک ڪهڙي شيءِ ٿيندو آ، حقيقت اها آهي ته ڏکن کانسواءِ سکن کي سمجهڻ ئي ڏکيو هوندو آهي، ڇو ته ڏک ۽ سک ٻئي هڪ ئي هنڌ رهندا آهن، صرف ۽ صرف انهن جي اچڻ ۽ وڃڻ جي وقت ۾ فرق هوندو آهي.