نواز سومرو گھڻ رخي شخصيت : اصغر باغي
(1) جتي محبت جي دعويٰ ڪندڙ دغا باز هجن:
عزيزان حيات اڄ ڪلهه جي دنيا ۾ جتي دنيا ۾ تمام گھڻي ترقي ٿي چڪي آهي، سائنسي ايجادن عام ماڻهن لاءِ بيشمار آسانيون پيدا ڪيون آهن، اتي ايٽمي تجربن جي ڪري ڪيئي وبائي مرض ۽ بيماريون پکڙجن ٿيون ۽ انهن مرضن مان گھڻين بيمارين جو ته ڪو علاج به ڪونهي ڪو، اسان وٽ پنهنجن روين جي ڪري به هر ماڻهو پنهنجي وجود ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، اڄڪلهه نفسياتي بيماريون پڻ وڌي رهيون آهن، اسان سڀني کي پنهنجن روين تي غور ڪرڻ کپي ۽ ڪوڙ جي ڪٽ کي ڇڏي سچائيءَ جا انمول موتي ميڙڻ گھرجن.
(2) هن ڀونءِ جو ڪلاسڪ ڄاڻو
منهنجي خيال مطابق هن ڀونءِ جو وڏي کان وڏو ڪلاسڪ جو ڄاڻو لاکيڻو لطيف، ڀٽ جو گھوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس رسالو آهي، دنيا جي ڏاهن جيڪا ڪلاسڪ جي تعريف ڪئي آهي انهيءَ کان ٿورو هٽي ڪري، جيڪڏهن اسان دنيا جي ادب ۾ جاءِ والارييندڙ عظيم ڪلاسيڪل شهپارن کي ڏسون ٿا ته ان ۾ ٽي شيون پڌري پٽ نظر اچن ٿيون، اهي آهن سچ، سونهن ۽ مزاحمت يعني ته سونهن، سچ ۽ مزاحمت جو سنگم ئي آهن جيڪو ڪنهن ادبي لکڻيءَ کي ڪلاسيڪل انداز يا امرتا بخشي ٿو ۽ اها لکڻي ادب جي آسمان تي هميشه چمڪندڙ چنڊ بڻجي پنهنجو جلوو ڏيکاريندي رهي ٿي. اسان وٽ سرجيل عالمي سطح جي جيڪڏهن ڪا ڪلاسيڪل شيءِ آهي ته اهو لطيف سرڪار جو رسالو ئي آهي.
(3) ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي
سائين منهنجا ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو احساس رابيل ٿيڻ بجاءِ دل جا زخم بڻجي ويندا آهن، ڪنارا منزل لڳڻ بجاءِ مقتل گاهن جا گس محسوس ٿيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن اهڙو به وقت ايندو آهي جو پنهنجي وجود کي ماڻهو صحرا ۽ ڳجھن جي چهنبن ۾ تڙپندي محسوس ڪندو آهي، ڪڏهن ڪڏن ائين به ٿيندو آهي جو رستا خود ماڻهوءَ کي لتاڙي ڇڏيندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته گل به روئي پوندا آهن پر هوائون مرڪنديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ذهن هڪ پل ۾ هزارين اٻاڻڪيون دليون راتين جي روح مان ماٺ ماٺ ۾ گذري وينديون آهن، ماڻهو گل ٿيڻ ته چاهيندو آهي ليڪن اوچتو ئي اوچتو ڪنهن اپاهج خواب جي رڙ بڻجي ويندو آهي.
(4) سر مئي شام جو پنهنجين سکين سنگ
چيڪي مٽي ڳوهي چڪ تي چاڙهي چٽ ڪڍي آويءَ ۾ پچائي ته گھاگھر کي ڪنڀر ئي کڻي، ليڪن گھاگھر جي قيمت ۽ قسمت تڏهن سنوربي آهي جڏهن ڪا وينگس، گھاگھر کي ٻانهن جي وڪڙ ۾ آڻي سرمائي شام ويل پنهنجين سکين سنگ پاڻي ڀرڻ ويندي آهي ته محبوب جي دل سان گڏ ڪائنات به گنگنائڻ لڳندي آهي، شاعر منظرن کي، دردن کي، مرڪن کي، لڙڪن کي، پاڻ سان ٿيندڙ حادثن يا ٻين سان ٿيندڙ وارتائن کي اندر ۾ ولوڙي لفظن جو روپ ڏئي ڪاغذ تي وکيريندو ته آهي مگر ڪنهن غزل، گيت، نظم ۽ وائيءَ جي قيمت ۽ لاڀ تڏهن وصول ٿيندو آهي جڏهن ڪو خوبصورت ۽ مڌر آواز، ڪا سريلي ۽ رسيلي ڌن سان گڏ عشق جي حدن تائين شاعري، موسيقي ۽ سرن کي ٻڌڻ ۽ سمجھڻ وارا پاٺڪ ملي وڃن.
نواز سومري صاحب جا مٿيان موضوع ڪيڏا نه پختا ۽ معنيٰ خيز آهن، جنهن ۾ زندگيءَ جي تمام رخن کي نهايت ئي سهڻي انداز سان نه صرف بيان ڪيو آهي پر ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ ڀرپور محبتن کي پيدا ڪيو. ماضي واري سنڌ جي پيرس شڪارپور سان تعلق رکندڙ منهنجو دوست نواز سومرو هڪ بهترين شاعر پڻ آهي، سندس جو هي شعر مون کي ڏاڍو پسند آهي.
ڪيڏن جذبن ساڻ ملياسين،
وڇڙيل هئاسين، هاڻ ملياسين.
پلڪن ڦرڦر ڏاڍي لاٿي،
دل ٿي چاهيو، ڄاڻ ملياسين.
رستن ساڳين تي هلندي پر،
ويرين وچ ۾، پاڻ ملياسين.
اکر نه اڪليو، توکان، مون کان،
ڌڙڪن دل جي ساڻ ملياسين.
ڪان هئي ڪا ڪل نواز،
شايد وڇڙڻ ڪاڻ ملياسين.
آخر ۾ آئون پنهنجي هن دوست نواز سومري لاءِ دعاگو رهندس ته هو سنڌ جي علم، ادب ۽ فنون لطيفه سان نه صرف جڙيل رهي پر اڳتي هلي هو وري به تارن ڀرين راتن جهڙا خيال سنڌي سماج ۾ منتقل ڪندو رهي.
اصغر باغي
تنظيمي سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي