موسيقيءَ جو پراسرار رڌم
حسين ماٿرين تان لهي نديءَ جي پيٽ تائين، پهچندڙ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ موسيقي هجي ٿي، سانت راتين ۾ پراسرار جهنگ ۾، وڻن جي پنن کي ڇهي گذرندڙ هوائن ۾ اداس گيت سرگوشيون ڪندا آهن، سنجها ٽاڻي واهن ۽ پنهنجن ماڳن تي موٽندڙ ڌڻن جي ٽلين ۾ موسيقي هوندي آهي، باک ڦٽڻ مهل پکين جون ٻوليون آزاديءَ جي گيتن جيئن محسوس ٿينديون آهن، ميگها رت ۾ ڪارونجهر جي ڪور تي جڏهن مور ٽهوڪا ڪندو آهي ته سمورو ٿر گونجي اٿندو آهي، مينديءَ رتن ڪنوارن پيرن جي پازيب جي ڇمڪن جي موسيقي ڪيفيتن کي به ڪيف ڏئي ڇڏيندي آهي.
تارن ڀري رات ۾ موسيقيءَ جا اهي سڀئي رنگ ۽ رڌم، پنهنجي معنيٰ رکن ٿا، ليڪن اها موسيقي جيڪا انسان جي ڳلي مان نڪري فضائن ۾ پکڙجي وڃي ٿي ۽ ان جو مقام عظمتن کي ماڻي ٿو ۽ دنيا جي هر خطي جو ماڻهو، موسيقيءَ سان دلچسپي رکي ٿو ۽ پنهنجي اندر جي اداس انسان کي سرن جي سمنڊ جو سير ڪرائي آسيس به ماڻي ٿو.
چون ٿا ته جڏهن تانسين ديپڪ ڇيڙيندو هو ته پاڻيءَ ۾ به باهه ڀڙڪي پوندي هئي، جنهن مهل ملهار ڳائيندو هو ته مينهن وسي پوندو هو، پوءِ اهڙا آواز هينئر آهن الائي ڪٿي، ڪٿان ڳولهجن اهڙا آواز، پر پنهنجي هن ڀونءِ جو هڪڙو آواز اوهان کي ضرور ٻڌرايان ٿو، جيڪو روح ۾ لهي ويندڙ آواز راڳ جي راڻي عابده پروين جو آهي.