اچي عزرائيل ستي جاڳايهءِ سسئي
ڪوڙين ڪايائين تنهنجون، لکن لک هزار،
جي سڀ ڪنهن جي سين، درسن ڌارو ڌار،
پريم تنهنجا پار، ڪهڙا، چئي، ڪهڙا چوان
واقعي سائين پريم جو ڪوبه پار ڪونهي هوندو، اهو لامحدود هوندو آهي، ان جي ڪابه پڄاڻي ڪونه هوندي آهي، هي اهو جذبو آهي هي اهو احساس آهي جنهن جي سحر ۾ گم ٿيڻ کانپوءِ، پاڻ پنهنجو نٿو رهي سگهجي، هيءَ دنيا هيءَ دولت، هي مٽيون مائٽيون، هي دوستيون، هي ڀائپيون سڀ بي معنيٰ بڻجي وڃن ٿيون ۽ ڪائنات جي هر ذري پرزي ۾ بس محبوب جي صورت سمايل ٿي ملي ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي ۽ جڏهن حضرت عزرائيل به اچي مٿان ٿو بيهي، تڏهن به اهو محبوب جو موڪليل قاصد ٿو معلوم ٿئي ته:
اچي عزرائيل، ستي جاڳائيءِ سسئي،
پئي ڊوڙائي دليل، ته ڪو، پنهوءَ ماڻهو موڪليو.
۽ ها پريم يا محبت ۾ خبر ناهي ڪهڙي ڇڪ آهي، هن ۾ الائي ته ڪهڙو جادو آهي جو سڄو وجود جلي وڃڻ باوجود به ڪو پتو ئي ڪونه ٿو پوي ۽ سڄو جسم لٽجي وڃڻ کان پوءِ به ڪا پروڙ ئي نٿي پوي، جنهن جي من ۾ پرينءَ جي سڪ آهي، ان کي نه ته درياهه جي دهشت ٿي روڪي سگهي ۽ نه ڪچو گهڙو سندس ارادن کي هيڻون ڪري سگهي ٿو ۽ نه جبل جا پنڌ ۽ پيچرا سندس پيرن کي روڪي سگهن ٿا، چون ٿا ته سهڻي سان سندس ڏيراڻين ڌوڪو ڪيو، جو پڪي گهڙي جي جاءِ تي ڪچو گهڙو رکي کيس ڀلايو ويو، ليڪن سهڻيءَ کي سڀ ڪجهه خبر هئي هوءَ ڄاڻي وئي هئي ته ساڻس دوکو ڪيو ويو آهي پر جنهن کي پرينءَ سان ملڻ جي سڪ ۽ ڇڪ هوندي آهي اها گهڙي، ڪچي ۽ پڪي جي پرواهه ناهي ڪندي.