عشق جو اعلان سري عام ڏيندڙ شاعر
اهڙا ئي محبت جا متوالا، پيار جا پوڄاري، عشق جا امام، سچ جا ساٿاري، محبوب جي تصور ۽ معاشري جي هڪجهڙائي نه هئڻ ڪري، شعر جي صورت ۾ پيش ڪري پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندا رهن ٿا ۽ هر هال ۾ شاعري سندن مضبوط ۽ ڪارائتو هٿيار هوندو آهي، ڇو ته بقول استاد بخاريءَ جي ته مسلسل لکڻ وارو ماڻهو ڪڏهن به خاموش ويهي ڪونه سگهندو آهي،
لکڻ زندگي ۽ زندگي ڪيئن ڇڏجي،
لکڻ بندگي ۽ بندگي ڪيئن ڇڏجي،
ڏکئي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ،
رکي دوستي، دوستي ڪيئن ڇڏجي.
شاعر جڏهن به غمن جي دور مان گذرندو آهي، تڏهن به شاعريءَ جو سهارو وٺندو آهي ۽ جڏهن کيس خوشيءَ جا خزانا هٿ لڳندا آهن ته تڏهن به هو شاعري جي ذريعي ئي پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪندو رهندو آهي، اهڙيءَ طرح وري جڏهن ڪنهن مظلوم ۽ مجبور جي حق تلفي ڏسندو آهي تڏهن به سندس قلم حرڪت ۾ ايندو آهي، ڪمزورن ۽ بي سهارن ۾ شاعريءَ جي سگهه وسيلي جوش ۽ ولولو پيدا ڪري وٺندو آهي، سچ ۽ حق جا متوالا هميشه پيار وارن کي عشق جو اعلان ۽ پيغام به سرعام ڏيندا آهن، پوءِ ڪو حق مڃي ٿو يا ڪو نٿو مڃي اهو هر ڪنهن جي مرضيءَ تي ڇڏي ٿو ڏجي، اهي سڀ ڳجهه جون ڳالهيون آهن.
ڏٺو وڃي ته شاعر پنهنجو حسين عشق ۽ راڳيءَ پنهنجو حسين فن ڪونه ڇڏيو آهي پر روڳن ۽ راڳين جا معيار بدلجي ويا آهن، اڳ ۾ روئيندڙ اک سان دل دماغ ۽ جهريل روح به گڏ هوندو هو، ليڪن هاڻي لڙڪ اکين کان ڳلن تائين ايندي ايندي اوپرا محسوس ٿين ٿا، سڏڪا چپن کان نڪرندي دل کي تنها ڇڏي ٿا اچن، مقصد ته ماڻهو پنهنجي وجود کان به اوپرو ٿيڻ لڳو آهي، کلڻ به اداڪاري ته روئڻ به اداڪاري وارو ٿي پيو آهي، فقط زخمي روح آهي جيڪو سراب پٺيان ڊوڙندو ٿو رهي، جڏهن کان ڪاغذ ۽ پلاسٽڪ جا گل بازارن ۾ وڪامڻ لڳا آهن ته نفيس ۽ نازڪ گلن جا خريدار ڳولڻ سان به ڪونه ٿا ملن، اها الڳ ڳالهه آهي ته گلاب جا گل گهوٽ جي ڳچيءَ جي هار ۽ اڪثر مزارن لاءِ خريد ڪيا ويندا آهن ۽ خوبصورت ٻول ڪتابن لاءِ ۽ خوبصورت آواز هاڻي فقط نوحا پڙهڻ لاءِ وڃي بچيا آهن، بهرحال اسان جي دعا آهي ته شال رب پاڪ اسان ناچيز بندن تي رحم ڪري ۽ شال زندگيءَ جو هي ٻيڙو ترون تار ۽ ترندو رهي ۽ اسان جون حياتون رب پاڪ جي امان ۾ بهتر ٿينديون رهن.