پيار جيڪو هڪ ٻئي جو قدر ڪرڻ سيکاري ٿو
سڄي ڏينهن جي محنت، مزدوري ۽ جياپي جي جنگ ۾ وهايل رت ۽ ست، پگهر ۽ پسينو، گذران جي گذرگاهن تي وساري، گهر پهچي، تسڪين جي تلاش ۾ جڏهن اسان خيالن ۽ خوابن جي سفر تي نڪرندا آهيون ته سڄي ڏينهن واري محنت ۽ مشقت جي ٿڪاوٽ، جنهن احساس جي چادر ۾ سميٽجي، ننڊ جي فرحت جي فيض سان سرفراز ٿي ويندي آهي، اهو احساس پيار آهي، ڏور آڪاش جي وسعتن ۾ اڏامندڙ پکين جهڙو پيار ڀٽائي گهوٽ جي رسالي سر سارنگ جي بيتن جهڙو پيار ۽ هي پيار ئي آهي، جنهن هن بي رنگ دنيا ۾، دوستين دلبرين، دلڪشين ۽ دل آويزين جا سنهرا ۽ سهڻا رنگ ڀريا آهن، چاهتن، محبتن ۽ خلوص جي خوشبوءِ سان بي ڪيف فضائن کي معطر ڪري ڇڏيو آهي، هوائن کي سر ۽ نظارن کي نور بخشي ڇڏيو آهي.
هيءَ زندگي، جيڪا مسلسل پورهئي ۽ پيڙا جو اڻ کٽ سفر آهي، هي جيون جيڪو جياپي جي بي پناهه جنجهٽن جي ڪري ڪنهن جنگ جي ڏيک کان به گهٽ ڪونهي، اهڙي بي روپ حياتيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو حسن آهي، ڪا سونهن آهي، ڪو سڪون آهي، ڪو سرور آهي ته صرف ۽ صرف پيار ۾ موجود آهي، ڇو ته پيار ئي اڪيلو جذبو آهي، جيڪو ميوي کان به مٺو آهي، اوهان ڏٺو آهي ته مِٺو ميوو ڪيڏو نه سٺو ۽ وڻندڙ لڳندو آهي ۽ مٺو ميوو هميشه زمين طرف جهڪيل هوندو آهي، ڇو ته جيڪا شيءِ جهڪاءُ طرف هوندي آهي اها ڏاڍي مٺي لڳندي آهي، اها ڏاڍي پياري لڳندي آهي، اها ڏاڍي سٺي لڳندي آهي، تنهن ڪري اهو اڪيلو پيار وارو جذبو ئي آهي جيڪو انسان کي هڪ ٻئي جو قدر ڪرڻ سيکاري ٿو.