مختلف موضوع

تارن ڀري رات

هي ڪتاب ڪمپيئر نواز سومري جي ريڊيو اسڪرپٽ جو لکيل مجموعو آهي.
جيتوڻيڪ نواز سومري جو نانءُ سنڌ جي هاڻي ڪنهن به ريڊيو لسنر توڙي براڊ ڪاسٽر لاءِ اوپرو ناهي رهيو، پر سندس لکڻيون جيڪي اسڪرپٽ جي صورت ۾ ٽڙيل پکڙيل رهيون، ان کي سهيڙي نواز سومري ڪتاب ”تارن ڀري رات“ جي ئي عنوان هيٺ اسان آڏو آنديون آهن، ان سان نه فقط پڙهندڙ مستفيد ٿيندا پر نوجوان طبقي لاءِ پڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پاڻ مڃرائڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي،
  • 4.5/5.0
  • 2780
  • 667
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نواز سومرو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تارن ڀري رات

احساس سمون انڊس ريڊيو ايف ايم عمرڪوٽ


رات جو ريشمي روح خاموشين جا خواب ڏسي رهيو هو، ڳوٺ جا رستا ماٺار ۾ ويڙهيل هئا، پري پري تائين وڻن تي خاموشي وسي رهي هئي، اڌ رات جا ڪانٽا پاڻ ۾ ٻکجڻ ۾ اڌ منو ڪلاڪ باقي هو، ريڊيو ٻڌڻ سان شوق ايترو جيترو بيتاب عاشق جو پنهنجي محبوب جي ديدار سان هوندو آهي.
بس انهيءَ پل ڪو اداسيءَ ۾ ويڙهيل آواز سماعتن تائين پهتو هو، تنهن مهل اڌ رات جو ٽرندڙ لمحن ۾ پاڻ مان اڏامي ويو هئس.
ها دوستو... اهو نواز سومرو هو.
نواز جي آواز ۾ ڪٺل ڪونجن جي اداس اکين جهڙو درد هو، هن جا لفظ پکين جي ٻولي جيان پرسڪون لڳي رهيا هئا ۽ پوءِ هر هفتي تارن ڀري رات کي دل جي جهان ۽ روح جي ايمان سان ٻڌندا هئاسين.
هفتي جا ست ڏينهن نواز جي پروگرام جو انتظار ائين ڪندا هئاسين جيئن سامونڊي بندرن تي ونيون پنهنجي وڻجارن جي اوسيئڙي ۾ آتيون هونديون آهن ۽ جيئن ٻار عيد جي ڏينهن جو انتظار پنهنجي اکين جي کيٽن ۾ پوکيندا آهن.
نواز جون ڳالهيون مون هميشه اُس ۾ سڙندڙ شهرن تي بادلن جي ڇانوري جيان محسوس ڪيون آهن، هن هل هنگامي جي ڀريل بازار ۾ رهي ڪري به هن پنهنجي لکڻين جي ڌاڳي ۾ سموري سنڌ کي موتين جيئن پويو آهي.
هن جڏهن به لکيو آهي ته لاڙ جو لهجو ماکي لار جيئن وهيو آهي.
هو جڏهن به ڪڇيو آهي ته ڪاڇي جي پٽن تي چنڊ چاندنيون وکيريون آهن.
هن جڏهن به ڳالهايو آهي ته وچولو لوهه پائي جهمريون هڻي رقص ڪرڻ لڳو آهي.
هو جڏهن اداس ٿيو آهي ته سڪل روهيڙن جو درد ٿر ٻاٻيهي جي پڪار ٿي ڀٽ، ڀٽ تي بيٺو آهي. بيتابي جي بارشن ۾ جڏهن به دل بيقرار ٿي ويندي هئي ته هن برکا جي رولاڪ هوائن جهڙي ماڻهو سان ملڻ جي اندر ۾ آس جاڳي پوندي هئي، وري به اهو سمجهي دل مان خيال ڪڍي ڇڏيندو هئس ته شايد ريڊيو تي ڳالهائڻ وارو ماڻهو عام ماڻهو کان مختلف هجي.
۽ پوءِ زندگي ۾ اهي ڏينهن به آيا جو نواز سان نه صرف دوستي جو رشتو جڙيو پر ڳوٺ جي اوطاق نواز جي گفتن سان سينگاريل به رهي. مون نواز کي پيار ڪندڙ ٻين جي ڀلي لاءِ سوچيندڙ ۽ دوستن لاءِ دل ۾ جايون رکندڙ انسان محسوس ڪيو، بهرحال نواز جي شخصيت تي لکڻ لاءِ ڪافي ڳالهيون آهن پر آئون اختصار سان سندس قلمي پورهئي تي ڪجهه ڳالهيون گوش گذار ڪندس.
منهنجو ريڊيو سان تمام گهڻو چاهه رهيو آهي، مون ريڊيو کي دل جي گهراين سان ٻڌو آهي، مون اهو به محسوس ڪيو آهي ته ڪافي اهڙا دوست پروگرام ڪندا آهن جيڪي عام ماڻهو کي نه ته ڪو ميسيج ڏئي سگهندا نه وري انهن جي ڳالهين ۾ ڪو مقصد هوندو آهي.
ڪافي ڪمپيئر اهڙا به آهن جيڪي لفظي لٻاڙ ايترو ته ڪري ويندا آهن جو ٻڌڻ وارو ڪوبه مقصد حاصل ڪري ناهي سگهندو ۽ هاڻي ته ٻولي جو به حشر نشر ٿيندي ڏٺو اٿم، پر نواز جو نثر انهن سڀني خامين کان مٿانهون آهي، نواز پنهنجي نثر ۾ ڪارائتي ۽ لاڀائتي ڳالهه ڪئي آهي. هن لفظن جي اهڙي ڄار وڇائڻ کان به پاسو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڳالهه جو اصل مقصد گم ٿي وڃي ها پر هن پنهنجي لکڻ جي نئين اصلوب سان موضوعن ۾ ساهه ضرور وڌو آهي.
جيتوڻيڪ ريڊيائي اسڪرپٽ ڪتابي صورت ۾ تمام گهٽ ڇپجي چڪا آهن پر انهن پنهنجي مڃتا ضرور ماڻي آهي، جيئن سهڻي ڪمپيئر امين ارباب جا ڪتاب 1. ڌرتي منهنجي سر تي، 2. در کليو ئي رهيو، 3. لڙيو پئي لاڙ تان سورج، ناشاد رحم علي موسيپوٽي جو ڀٽن جي ڀڻ ڀڻ، امر ساهڙ جو خيالن ڪڙو کڙڪايو يا ڪجهه ٻين دوستن جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ۽ انهن کي پذيرائي به ملي آهي، نواز جو نثر ذڪر ڪيل مڙني ڪتابن ۾ آيل نثر کان بنهه مختلف آهي.
هن انتهائي سهڻي ۽ سادي ٻولي ۾ ڳالهه ڪري ماڻهن جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن، هن پنهنجي ئي مورچي ۾ ويهي ٻولي جي حفاظت ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو نواز جي نثر جي پنهنجي زمين آهي، هن ٻئي جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي، هو شهر جي شور ۾ رهيو ضرور آهي پر هن غربت جي لڪير کان هيٺ گهاريندڙ ماڻهن جي درد کي محسوس ڪيو آهي، تڏهن ته هو تارن ڀري رات ۾ هيئن به لکي ٿو ته ”ان هاري جو احساس هانؤ ڏاري ٿو، جيڪو سرد راتين کان گرم جهولن تائين لنڊيون لتاڙي پنهنجي پيٽ جي بک اجهائي ٿو پر زماني جي ماڻهن وٽ انهن جو ڪوبه قدر ڪونهي“.
حقيقت ۾ بک اهو نانگ آهي جنهن تي هر روز پير پوي ٿو... تارن ڀري رات ۾ ڪيترائي اهڙا موضوع آهن جنهن کي پڙهڻ سان اکيون اشڪبار ٿيو پون ٿيون ۽ هي مهينن جي ڳالهه ناهي، تارن ڀري رات کي سهيڙڻ لاءِ نواز سالن جا سفر ڪيا آهن، مون کي سنڌ جي ماڻهن مان نواز جي محنت کي محبت ڀري موٽ جي اميد آهي.
۽ منهنجي دعا آهي ته نواز پنهنجي قلم مان اهڙا ئي خوبصورت خيال سرجيندو رهي ۽ سندس جيون جهول ۾ مسرتن جا گلاب ڦٽندا رهن.


احساس سمون
انڊس ريڊيو ايف ايم عمرڪوٽ