مهاڳ
هونئن نواز ۾ ٽين خوبي به ته آهي ۽ اها هي ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ، نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾... بس جنهن جنهن سان واسطو، ان سان ئي رابطو. ها! جيڪو براڊڪاسٽر سندس سڀاءُ جي گهڻو ويجهو، هو برابر ته ان کي به ويجهو رهندو آهي. اگرچه آءٌ شايد ئي سندس ڪنهن پروگرام جو پروڊيوسر رهيو هوندس، پر نواز، جهڙي صاف سٿري، بااخلاق، محبت ڏيندڙ ۽ محبوب صفت انسان سان ڪير نه چاهيندو ته دوستي رکي.
هونئن سچ پڇو ته نواز جهڙي جوان سان، منهنجي سڀاءُ جون ڪي هڪجهڙايون به ته آهن. جي ها! مون ئي وانگر هو به ادب دوست آهي. شاعري پسند آهي، موسيقي جو شائق آهي، مطالعي سان شوق اٿس، ۽ مٿان براڊڪاسٽنگ سان پڻ گهري دلچسپي، اگرچ ڏٺو وڃي ته ريڊيو ۾ ڪم ڪري ڏيکارڻ جا ڪيئي شعبا ٻيا به آهن، جيئن مثال طور: ڊراما، گيتن ڀريون ڪهاڻيون، فيچرز، دستاويزي پروگرام ۽ رنگ رنگ جا پروگرام. پر نواز جو اول آخر شوق مئگزين ۽ ڊسڪ جاڪي پروگرامن سان ئي گهڻو رهيو آهي.
اڇا، هتي آگاهه رهجي ته، 1948ع کان 1986ع تائين پروگرامن جي پيشڪش جو روٽين ٽائيپ اسٽائيل هوندو هو، پر 1986ع جي پڇاڙڪن مهينن ڌاري ڊائريڪٽر جنرل سليم گيلاني صاحب نشريات جو هڪڙو نئون پيٽرن متعارف ڪرايو. ۽ اهو هي ته، هر پروڊيوسر کي روزانه هڪ ڪلاڪ جو چنڪ پنهنجي ٽيم سان پيش ڪرڻو هوندو هو. اهڙي قسم جي پروگرامن کي نئين طرز ِ نشريات جو نالو ڏنو ويو. نئين طرزِ نشريات جو اهڙو نمونو ڪنهن حد تائين اڃا به جاري آهي. اصل ۾ اهڙي نشريات کان اڳ ۾ پروڊيوس ڪيل پروگرامن، مثال طور ڊراما، فيچرز، گيتن ڀرين ڪهاڻين يا جيڪي ٻيا اسڪرپٽيڊ پروگرام نشر ٿيندا هئا، انهن بابت پروڊيوسر انائونسمينٽ انائونسر کي لکي ڏيندا هئا. جنهن کي ريڊيائي زبان ۾ اوپننگ ۽ ڪلوزنگ انائونسمينٽ سڏيو ويندو هو، هاڻي 1986ع کان جڏهن سڀ پروگرام مئگزين يا ڊسڪ جاڪي اسٽائيل ۾ ٿيڻ لڳا، ته اهڙن پروگرامن لاءِ خوش آواز ڪمپيئرن جي به تلاش شروع ٿي، خاص طرح اهڙن ڪمپيئرن جي، جن ۾ ريڊيائي مسوده لکڻ جي صلاحيت به هجي. ته بس ائين سمجهو ته، اسان جو هي ٽئلينٽيڊ ڪمپيئر، نواز به اهڙي ئي کيپ مان نڪري نروار ٿيو، جنهن هونئن ته ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي ڪيئي ڊسڪ جاڪي پروگرام لاءِ رنگ رنگ جا اسڪرپٽ لکيا هوندا، پر هي پئراگراف صوبائي نشرياتي رابطي تي سندس ميزبانيءَ هيٺ نشر ٿيندڙ ‘تارن ڀري رات’ پروگرام ۾ پڙهيل، اسڪرپٽ مان چونڊ آهي.
هتي جيئن مون عرض ڪيو ته، ريڊيو ۾ ڊسڪ جاڪي ٽائيپ پروگرامن جو رواج اڳيئي هئو، ۽ خاص ڪري ‘صبح پهر’ ۾ ريڊيو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان اهڙا جيڪي پروگرام نشر ٿيندا رهيا، انهن جا نالا هئا... ‘سورج شاخون ڪڍيون’، ‘روح رهاڻ’، ‘موتين مالها’، ۽ ‘صبح مهراڻ’. اهڙن پروگرامن لاءِ اهو قطعي ضروري نه هوندو هو ته انهن لاءِ اسڪرپٽ اهي ڪمپيئر پاڻ ئي لکن، سو مختلف مايه ناز ليکڪن مان حميد سنڌي، امداد حسيني، قاضي خادم، قمر شهباز، ماهتاب محبوب ۽ رشيد صابر وغيره جهڙا بهترين ليکڪ اهڙا مسودا لکندا هئا. جن ۾ ادب، ثقافت، موسيقي، لوڪ سازن، هنرن ۽ روزمرهه جي واقعن، حادثن، ايجادن ۽ حالتِ حاضره وغيره بابت ڪيئي پئراگراف هوندا هئا، جن کي ناميارا مرد ۽ عورت ڪمپيئر پنهنجي صداڪاريءَ سان نغمن جي وچ وچ ۾ پڙهندا رهندا هئا. هاڻي 1986ع بعد خوشقسمتيءَ سان ڪيئين اهڙا پڙهيا لکيا ۽ قلم ڌڻي ريڊيو حيدرآباد، ڪراچي ۽ گڏوگڏ ٻين اسٽيشنس کي به ميسر ٿيندا ويا، جن وٽ سٺو ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ڀلو ڀلو اسڪرپٽ لکڻ جو هنر به هو. هونئن هتي حقيقت هن حال جي هيءَ ته، اسان پروڊيوسرن منجهان اهڙي ٽائيپ جي پروگرامن جا اسڪرپٽ لکڻ جي بهترين صلاحيت، منهنجي يار ڪوثر ٻرڙي ۾ ئي سڀ کان گهڻي هوندي هئي.
اجهو ريڊيو حيدرآباد جي مشهور پروگرام ‘صبح مهراڻ’ کان سواءِ ڪوثر، جنهن جنهن اسٽيشن تي تقرر دوران اهڙا ڊسڪ جاڪي پروگرام لکيا ۽ پيش ڪيا، انهن مان ڪن چونڊ پروگرامن جي مسودن کي سهيڙي هن ٻه ڪتاب به جوڙيا ‘اڏاڻا احساس’ ۽ ٻيو ‘لفظ آواره بادل’، ۽ ائين پاڻ کان پوءِ نون ايندڙ ڪمپيئرن لاءِ نقش قدم پڻ ڇڏيا. ڪوثر جي اهڙن ڪتابن بعد ڪن ٻين ريڊيو ڪمپيئرن پڻ اهڙا ئي ڪتاب شايع ڪرايا. ان ڏس ۾ سڄاڻ شاعر ۽ ريڊيو مٺيءَ جي ڪمپيئر امر ساهڙ هڪڙو ڪتاب آندو ‘خيال ڪڙو کڙڪائين ٿا’، ناشاد رحم عليءَ ڪتاب شايع ڪرايو ‘ڀٽن جي ڀڻ ڀڻ’، ته بس، نواز سومري جي هن ڪتاب کي به اهڙن ئي ڪتابن جي تسلسل ۾ هڪڙو اهم ڪتاب سمجهڻ گهرجي.
ڀلا ڪهڙن ڪهڙن موضوعن تي هي پئراگراف آهن ۽ ڇا ڇا آهي هن ڪتاب ۾، ته جواب آهي ته، ڇا آهي، جو نه آهي هن پستڪ ۾... ‘سهپ، رواداري، وڻ،باغ، ڍنڍون، ڍورا، درياهه، جبل، پنهنجو پاڻ تي اعتماد، پورهئي جي عظمت، ڪاوڙ تي ڪنٽرول جا فائدا، تحمل، صبر ۽ نظم و ضبط، بي جوڙ ۽ قبل از وقت شادين جا نقصان، تاريخ، ثقافت، شخصيتون، ادب ۽ اخلاق، ائين نواز جي ڳالهايل (لکيل) هر پئراگراف ۾ روشني، خواب، رستو ۽ درس ئي درس موجود ملندو. هتي هن هيٺين پئراگراف ۾ ڏسو ته هو ڇا پيو چوي...
ان کان اڳ جو ٻيو ڪو اسان کي پنهنجي غلطين جو احساس ڏياري، اسان کي پاڻ پنهنجون غلطيون درست ڪرڻيون پونديون.
ائين نواز ‘گـرُو’ بڻجي ڳالهين ئي ڳالهين ۾ اسان ٻڌندڙن کي ڪيئي ‘گُر’ ڏَسيندو ويو آهي، مثال طور: سندس هي صلاحون ڏسو:
جيڪي ماڻهو، ننڍڙن ٻارن ۾ مقبول هوندا آهن، اهي سڀني لاءِ هر دلعزيز هوندا آهن، انهن جي مقبوليت جو راز اهو ئي آهي، ته ننڍڙو هجي توڙي وڏو، توهان ان سان محبت ڀري گفتگو ڪريو، هر ماڻهوءَ سان همدردي ڪريو ۽ توجهه سان سندس ڳالهه ٻڌو، دوستن وارو سلوڪ ڪريو، اهڙيءَ ريت توهان ان جي پسنديده شخصيت بڻجي ويندؤ ۽ پوءِ ڏسو ته اوهان جي زندگي، ڪيڏي نه پرسڪون ٿي گذري.
هونئن ته نواز جو هڪ هڪ پئراگراف، ‘عالم ۾ انتخاب’ آهي، پر هن جو اهو مٿيون پئراگراف ته جهڙو هُن جي مڙني پئراگرافس جي نڪ ۾ ڄڻ سهاڳ واري ڦُلڙي... ته بس، المختصر... نواز... اي منهنجا پيارا دوست... توهان وٽ ماشاءِ الله لکڻ جو ڏانءُ به آهي ته، پنهنجي گفتگوءَ سان ماڻهن کي موهڻ جو هنر به. سو اي نواز.... لکندا رهو.. ڳالهائيندا رهو... اسين توهان جي اهڙين پيارين صلاحيتن تان، نه فقط قربان، پر يا قربان ... !
نصير مرزا
حيدرآباد
تاريخ: 14.7.2017