جتي محبت جون دعوائون ڪندڙ دغا باز نڪرن
جتي رت جا رشتا به مفادن جي نظر ٿي وڃن، جتي محبت بي لوث نه رهي، جتي محبت جون دعوائون ڪندڙ دغا ڏئي وڃن، جتي ڪنهن واعدي جي تڪميل نه ٿئي، اتي پوءِ احساس رکندڙ ماڻهو هر ٻئي ماڻهوءَ کان ڊڄڻ لڳي ٿو، هن کي ڪنهن تي اعتبار نٿو رهي، هو رت جي رشتن کي، دوستن کي، هر ماڻهوءَ کي، هر ماڻهوءَ جي وفا کي به شڪ جي نگاهه سان، ڏسندي ڏسندي اڪيلائيءَ جي اونهي کوهه ۾ ڪرندي پاڻ کي تنهائي جي تنور ۾ تڙپندو محسوس ڪري ٿو، ۽ جڏهن اڪيلائي جا احساس ساٿي بڻجن ٿا، تڏهن هو دنيا جي روين کان تنگي محسوس ڪندو آهي.
عزيزان حيات، اڄڪلهه جي دنيا ۾ جتي تمام گهڻي ترقي ٿي رهي آهي ۽ سائنسي ايجادن عام ماڻهوءَ جي لاءِ بيشمار آسانيون پيدا ڪيون آهن، اتي ائٽمي تجربن جي ڪري ڪيئي وبائي مرض ۽ بيماريون پڻ پکڙجي ويون آهن ۽ انهن مرضن مان گهڻن جو ته ڪو علاج به ڪونهي، اسان وٽ پنهنجن روين جي ڪري به هر ماڻهو پنهنجي وجود ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، اڄڪلهه نفسياتي بيماريون پڻ وڌي رهيون آهن، اسان سڀني کي پنهنجن روين تي غور ڪرڻ کپي ۽ ڪوڙ جي ڪٽ کي ڇڏي سچائيءَ جا انمول موتي ميڙڻ گهرجن، چوندا آهن ته دوستيءَ جي گلابن جهڙن نازڪ بدن کي جڏهن ٻيائيءَ جا ڪنڊا تار تار ڪري ڇڏين ته
اهو ڪنهن صورت ۾ به،
جڙي ڪونه سگهندو آهي،
۽ جي جڙي به پوندو آهي ته،
ان جي مخملي بدن ۾،
اها سونهن نه رهندي آهي،
۽ ڳنڍ جو بدنام داغ،
لڙڪن سان به ڌوپي ڪونه سگهندو آهي.
سمورا اعتبار
۽ دوستيءَ جا، معتبر احساس،
ڄڻ شڪاريءَ جي شڪار ڪيل
پکين جيان
ڦٿڪيل ۽ لڇيل رهندا آهن.
*