سنڌو ۾ سنگم ڪندڙ يا سمائجندڙ نديون
[b]گارتانگ ندي
[/b]گارتانگ ندي تبت جي مانسرور ڍنڍ منجهان نڪري ٿي ، هي ندي اوچن جبلن ۽ گليشئرن جي ورن وڪڙن مان ٿيندي، ڪڪرن ۽ برف پوش جابلو سلسلن مان ٿيندي، اچي لداخ وٽان سنڌو ۾ سمائجي پنهنجو وجود سنڌو حوالي ڪري ٿي، اوستائين چيو وڃي ٿو ته سنڌو پنهنجي مهڙ کان 350 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري ٿو۔
[b]شيوڪ ندي
[/b]شيوڪ ندي قراقرم کان ٿيندي، 200 ڪلوميٽر سنڌو سان گڏوگڏ سفر ڪندي، لداخ وٽ جتي لداخ جو پهاڙي سلسلو ختم ٿو ٿئي، پنهنجو وجود سنڌو کي ارپيو ڇڏي۔ شيوڪ يا شياڪ ندي 1300 چورس ميل جو مفاصلو طئي ڪري سنڌو سان ملي ٿي۔
[b]زاسڪر ندي
[/b]زاسڪر ندي پنھنجو سفر 10000 چورس ڪلوميٽر ڪرڻ بعد رنگ رنگي گلن کي الوداع ڪري پنهنجو وجود سنڌو حوالي ڪري پنهنجي لهرن کي سنڌو جي لهرن ۾ سمايو ڇڏي۔
[b]استور ندي
[/b]استور ندي وادي استور مان وهي ٿي. هي ندي درا برزل جي الهندي کان شروع ٿي. گلگت ندي سان گڏوگڏ وهندي گلگت ندي جي ويجهو سنڌو ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
[b]گلگت ندي
[/b]گلگت ندي سان ڪئي ڪهاڻيون وابسته آهن ۔ گلگت ندي پنهنجي وجود جا اڻ ڳڻيا عڪس گلگت بلتستان ۾ ڇڏيا آهن۔ هي ندي به 10000 چورس ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري، پنهنجو پاڻ کي سنڌو جي گود حوالي ڪري ٿي۔ هن ندي سان دريائي هنزه جو سنگم به ٿيندو آهي۔
[b]شگر ندي
[/b]هي ندي گلگت بلتستان ۾ آهي. هي ندي بلتورو گليشيئر ۽ بيافو گليشيئر مان نڪري ٿي ۽ شگر وادي مان وهي ٿي. هي ندي اسڪردو جي ويجهو سنڌو ۾ ڇوڙ ڪندي آهي.
[b]هارو ندي
[/b]هي ندي صوبي خيبرپختونخواه مان ٿيندي ايبٽ آباد وٽان پنجاب ۾ داخل ٿيندي آهي. هن تي خانپور بند نالي سان مشهور بند خانپور ضلعي هري پور ۾ ٻڌو ويو آهي. هن ندي ۾ سنڌو سان سنگم ڪرڻ کان اڳ چار نديون لورا هارو، ستورا هارو، نيلان ندي ۽ ڪنداد ندي سنگم ڪنديون آهن. تنهن کان پوءِ انهن پنجن ندين جو پاڻي گڏيل طور تي غازي بروٿا بند ويجهو سنڌو ۾ شامل ٿيندو آهي.
[b]هنزه ندي
[/b]هنزه ندي پاڪستان جي اترئين علائقن هنزه ۽ نگر جي اهم ندي آهي. هن ندي ۾ لٽ جام وهي ايندي آهي. جنهن سبب ڪري هن جو پاڻي لُڙ آهي. هن ندي ۾ ناله خنجراب ۽ ناله ڪلڪ ڇوڙ ڪندا آهن. انهن ٻنهن نالن کان سواءِ هن ۾ گلگت ندي جو هڪ ڦاٽ به اچي ملندو آهي. هي ندي شاھراھ ريشم سان گڏوگڏ وهندي آهي.
[b]ڪابل ندي
[/b]ڪابل ندي پنھنجن مستين ۾ مست تيز وهڪري سان جابلو لڪن مان لنگهندي تورابورا کان پشاور جتي هن ندي جا ڪيترا ڦاڪ جدا ٿي وري پاڻ ۾ سمائجو ٿا وڃن۔ سا به جوانين جيان مستيون ڪندي اچي پاڻ کي سنڌو ۾ سمائي ٿي۔ هن جي ڪنارن تي پٺاڻ نپيا آهن، پشتو ٻولي پروان چڙهي آهي، هن جي ڪنارن تي ڪيترا لشڪر وارد ٿيا، هاٿين جي پيرن جون آوازون ۽ گهوڙن جون هڻڪارون اڄ به پڙاڏا بڻجي گونجن پيون۔
[b]سوان ندي
[/b]سوان ندي اوچن اوچن جبلن وٽان مارگلا جي ٽڪرين کان پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي ۽ پوٺوهار جي پٽن مان اتر اوڀر واري ڪنڊ کان ڏکڻ اولھ واري ڪنڊ ڏانهن مارگلا جي ٽڪرين تان لهندڙ برسات جي پاڻي کي پاڻ ۾ سمائيندي اڳتي وڌي ٿي۔ زوردار برسات ۾ هن ندي جو پاڻي ڳاڙهسرو ٿيو وڃي ڇو ته پاڻي سان لوڻياٺي جبل جي معدنيات ملي اچي ٿي۔سوان ندي جي ماٿري مان قديم انسانن ۽ جانورن جا ڍانچا لڌا ويا آهن۔ جيڪي وڏي اهميت رکن ٿا۔ اتهاس ۾ سوان ندي جو ڪيترن ئي حوالن سان ذڪر ملي ٿو۔ هن جي ڪنارن تي گوتم ٻڌ، مهاوير جا پيرا ملن ٿا ته اسلام ۽ ٻيا الاءِ ته ڪيترا نظريه هتي پروان چڙهيا۔ جنهن جي ڄاڻ جا پيرا ته آثار قديمه وارا کڻندا پر هن ندي جو ڳاڙهسرو پاڻي پاڻ سان الائي ته ڪيترا ماضي جا داستان ساڻ کڻي ڪالاباغ وٽ خود کي سنڌو حوالي ڪري پاڻ کي سنڌو سان هميشه لاءِ ملايو ڇڏي۔
[b]گومل ندي
[/b]هي ندي ڏکڻ وزيرستان مان ٿيندي خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان صوبن جي سرحدن وٽان لنگهندي خيبرپختونخواه جي ضلعي ٽانڪ جي حدن ۾ وادي گومل ۾ داخل ٿئي ٿي. گومل وادي ۾ هن ندي جي پاڻي سان زراعت به ڪئي ويندي آهي. گومل کان ٿيندي هي ندي ڊيره اسماعيل خان جي تحصيل ڪولاچي مان گذري ٿي ۽ ڊيره اسماعيل خان شهر کان 20 ميل ڏکڻ طرف پنهنجو وجود سنڌو حوالي ڪري هميشه لاءِ سنڌو ۾ سمائجو وڃي۔