سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو تي ڊيم

[b]1. تربيلا ڊيم
[/b]تربيلا ڊيم ۾ لٽ پوڻ سبب سال 2017 کان ڊيم جي ڪيل سروي مطابق تربيلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 37.5 سيڪڙو گهٽجي ويئي آهي. ڊيم ۾ پيل لٽ ڪڍڻ 4 سئو فوٽ اوچن جبلن تان وڏو مسئلو آهي. لٽ کي ڪڍڻ لاءَ پئسو ۽ مٽي رکڻ جو معاملو ماهر آبپاشي ادريس راجپوت ڄاڻائي ٿو. سندس لکت موجب تربيلا ڊيم جي پيٽ اندر مٽي جي لٽ جو ڊيلٽا پڻ ٺهي ويو آهي. جيڪو 50 کان 60 ڪلو ميٽر ويڪرو ٿي ويو آهي. هن جو وڌيڪ خيال آهي ته سنڌ ۾ 70 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار زراعت تي. سنڌ جي صنعت جو دارومدار پڻ زراعت سان واڳيل آهي. ادريس راجپوت جي پاران ڪٺي ڪيل انگن اکرن موجب سال 2018 دوران ڦٽي جي پوک جي حد بابت ڄاڻائي ٿو ته هن سال آڳاٽي خريف ۾ پاڻي جي کوٽ سبب برو اثر پيو حدف هڪ لک 20 هزار هيڪٽر هو پر پوکائي رڳو 68 سيڪڙو ايراضي تي ٿئي معني 32 سيڪڙو ايراضي تي وونئڻ پوکجي نه سگهيا. اهيا ايراضي هڪ لک 98 هزار 4 هيڪٽر ٿئي ٿي انهي جا ايڪڙ ٿيندا اٽڪل 4 لک 90 هزار جنهن ايراضي تي رڳو هڪ مند دوران هڪ فصل گهٽ ٿيو آهي .زرعي معشيت کي ڪيترو نقصان ٿيو ، گهڻا هزار ماڻهو متاثر ٿيا، اتي سال 2018 دوران سنڌ سرڪار ضلع بدين جي 68 ديهن کي پاڻي کوٽ سبب آفت سٽيل قرار ڏنو آهي تربيلا ڊيم بابت ڪتاب شير درياءَ ۾ رضا علي عابدي لکي ٿو ته : “تربيلا ڊيم ۾ پهچڻ آسان ناهي، اتي سخت پهرو آهي.هر ايندڙ ۽ ويندڙ جي مڪمل شناخت ڪئي وڃي ٿي اوچي ۽ هيٺائين ۽ پهاڙي رستي تان ٿيندي تربيلا ڊيم واري هنڌ تي پهچڻ سان تربيلا جا خوبصورت باغ نظر اچن ٿا جتي گلن جي گلزاري ۽ هوٽلن تي چانھه پيئڻ جو لطف ئي پنهنجو آهي اتي جي ممتاز حسين جو چوڻ هو ته ٽي وي ڊهلسنگهم ڪمپني ۽ ڊيڪو ڪمپني وارن جڏهن پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو ته هتي ميلي وارو منظر هو وڏيون وڏيون مشينون جڏهن واپس پئي ويون ته بجلي جون تارون ڪٽڻيون ٿي پيون هتي وڏا حادثه ٿيا هئا ۽ ڪافي ماڻهو بجلي جي ڊرل مشينن زريعي ڊرل ڪندي مري به ويا هئا ڊيم جو آڏاوتي ڪم ڏينهن رات هلندو هو”

[b]تربيلا ڊيم ۽ ضلع صوابي
[/b]تربيلا ڊيم ٺهڻ سبب صوابي جي مشتاق احمد جو رضا علي عابدي کي چوڻ هو ته تربيلا ڊيم ٺهڻ سبب صوابي ضلع ۾ سم ۽ ڪلر ٿي ويو آهي صوابي ضلع جي زمين لوڻياٺي ٿي وئي آهي. تربيلا ڊيم جي فل ڀرجڻ جي ليول 1550 فوٽ آهي ٽي آگسٽ 2018 تي منجهس پاڻي ڪل ليول 1519.2 فوٽ هئي.

[b]2. ڀاشا ڊيم .
[/b]ڀاشا ڊيم ٺهيو ته چلاس سميت ڪيترائي ڳوٺ .ننڍا شهر ، قديم آثارن وارا مجسمه ،تراشيل تاريخي نقش سڀ جا سڀ تباهه ٿي ويندا ۽ قدرتي وڻ ٽڻ تباهه ٿي ويندا شاهراهه ريشم جو ڪافي حصو پاڻي هيٺ اچي ويندو اهڙو احوال رضا علي عابدي پنهنجي ڪتاب شير درياءَ ۾ ڪيو آهي . ۽ پاڻي ماهر ادريس راجپوت ڀاشا ڊيم جي سائٽ بابت 2003 ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران ٺاهل فني ڪاميٽي جي راءَ هيٺين طرح لکي آهي ته “هي هڪ تمام اوچو رول ڪانٽريڪٽ ڊيم هوندو جنهن ڪري تمام گهڻا نقصان ٿي سگهن ٿا انهي جي بانڊ ليول واري ايراضي جي ڪري شاهراه ريشم جو وڏو حصو پاڻي هيٺ اچي ويندو . جنهن ڪري روڊ کي ٻيهر ٺاهڻو پوندو جيڪو مشڪل هوندو ۽ هتان کان بجلي جي لائن وڇائڻ مشڪل هوندي آهي” اعتراض ماهرن جي ست رڪني ڪميٽي ميمبرن طرفان واريل آهن
هي ڀاشا ڊيم ريپليسمينٽ ڊيم هوندو جيڪو تربيلا ڊيم جي لٽيل صلاحيت کي پورو ڪندو صوبي سنڌ کي انهي جي 6.4 ملين ايڪڙ ڦوٽ پاڻي مان 37 سيڪڙو حصو ملندو جيڪو 2.36 ملين ايڪڙ ٿئي ٿو. جيڪو ربيع ۾ خاص طرح ڪڻڪ جي پوکائي لاءَ ڪم ايندو ڀاشا ڊيم جي ڀرجڻ بابت ادريس راجپوت جو خيال آهي ته اهو ڊيم هر سال پاڻي سان ڀربو ڇاڪاڻ ته تربيلا ڊيم پڻ هر سال ڀرجي ويندو آهي .

[b]ڀاشا ڊيم ۾ گنجائش
[/b]ڀاشا ڊيم 6.4 ايڪڙ فوٽ پاڻي زخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي . ڀاشا ڊيم مان بجلي جي پيداوار 450 ميگاواٽ رٿي ويئي آهي ڀاشاڊيم ۽ ڪينال ڀاشا ڊيم وٽان سنڌو مان ڪوبه ڪينال نه نڪري سگهندو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس هن ڊيم جي اڏاوت لاءَ 2018 ۾ چندا مهم پڻ شروع ڪئي آهي.