سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو هاڪڙي ۽ خشڪي جا ڪجهه اهم رستا

سنڌو سميت پوري دنيا ۾ جهازن جي اڏامن ذريعي سفر ڪرڻ، ريلوي ۾ سفر ڪرڻ، بسن، ڪارن ۽ جيپن ۾ سفر ڪرڻ کان اڳ خشڪي وارن رستن تي سفر پيادل، اٺن، گهوڙن، گڏهن، خچرن، هاٿين ۽ بيل گاڏين وسيلي ٿيندو هو۔ اٺن، گهوڙن، گڏهن، خچرن، هاٿين ۽ ڍڳا گاڏين ذريعي ٿيندو هو جن جا سالار جت ۽ مهيري سڏبا هئا ۽ آهن۔ سنڌو جي ڪٺار تي جي خشڪي واري رستن نظر ڪبي ته شاهراهه ريشم، خيبر لڪ ۽ بلوچستان کان ايندڙ اولھه ۽ اتر کان ايندڙ انهن خشڪي تي سفر ڪندڙن جا لنگھه بولان لڪ خاص طور تي رهيا آهن۔ گهڻي ڀاڱي جنگجو لشڪر جيڪي وچ ايشياء ، اولھ ايشياء کان آيا سي خيبر لڪ ۽ بولان لڪ کان داخل ٿيا۔ وچ ايشياء ۽ اولھ ايشياء کان ڪافي قومون، قبيلا ۽ ذاتين جا ماڻهو انهن رستن کان داخل ٿيا۔ وچ ايشياء جا واپاري قافلا به انهن رستن تان گذرندا هئا، جن کي ٺڳ ٺڳيندا به هيا ۽ هن کان ڦرون به ٿينديون هيون ۽ جن جا ماڻهو رستي ۾ بيماري وگهي مري به ويندا هئا۔ بولان لڪ يا مولا لڪ بلوچستان وارو رستو يا واٽ موجوده جيڪب آباد کان گذري شڪارپور ۾ ٻن رستن ۾ منتقل ٿيندو هو ، جن مان هڪ رستو اروڙ ويندو هو ۽ ٻيو رستو امروٽ، مديجي، ماهوٽا، لاڙڪاڻو، موئن جو دڙو، باڊھ، ڌامرھ، دادو، خدا آباد، سيوهڻ، آمري، نصير ڪوٽ، جهرڪ سونڊا کان ٿيندو ٺٽي ويندو هو۔ ٽيو رستو مولا لڪ کان لنگهي خيرهي خيرو، دڙو، ليمون جو دڙو کان بلوچستان جي شهرن خضدار ۽ جهڪر تائين ويندو هو۔ هي جھٽ پٽ ۽ ان علائقي جا قديم شهر جيڪي هن وقت کنڊر ٿي ويا آهن کان گذرندو هو، سبي به ان رستي کان وڃبو هو۔ ڀنڀور کان ڪلاچي ۽ سون مياڻي، ناني جي سماڌي کان ڪوئيٽا وارو رستو به اهميت وارو هو۔ ان رستي تي موکي وٽ متارا ايندا هئا ۔ نيرون ڪوٽ (موجوده حيدرآباد) کٿڙ، گنجو ٽڪر گام، ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم، جھوڪ شريف، ميرپور بٺورو، محمد طور، مغلڀين (موجوده جاتي) کان پسبابندر ۽ ڪوٽ لکپت تائين رستو ويندو هو، بدين کان لنواري شريف، ڪڍڻ، علي بندر، رحمڪي بازار، سنڌڙي بندر کان ڪڇ ڏانهن ڪڇ جي 24 ڪوھ واري رڻ کان اٺن گهوڙن جا قافلا ۽ پيادل قافلا ايندا ۽ ويندا هئا۔ ٺري، باغ جو پتڻ، ونگو، ڄار جو پتڻ، ويڙهي جھپ، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڌانو ڌانڌل، ويراھ واھ، ننگر پارڪر کان به قافلا ايندا ۽ ويندا هئا۔ نصرپور کان ڪاهو جو دڙو، امر ڪوٽ کان قافلا لڊاڻو ايندا ۽ ويندا هئا۔ اروڙ ۽ بکر کان ملتان ۽ لاهور به قافلا ايندا ۽ ويندا هئا۔ راولپنڊي کان سرينگر تائين به رستو هو۔ اٽڪ، چلاس تائين اچ وڃ ٿيندي هئي۔ لاهور، ننڪانه کان دهلي تائين به رستو ويندو هو جيڪو جي ٽي روڊ جي نالي سان مشهور آهي۔

[b]ريلوي[/b]
انگريز دور ۾ انهن ريلوي جي انجڻ ٺاهڻ سميت ريلوي جي تياري لاءِ ڪم 1769ع کان جارج جيمس واٽ جي نگراني ۾ شروع ڪيو۔ 1829ع ۾ ريل جي پهرين متحرڪ انجڻ ٺهي وئي ۔ ان وقت جي هندستان ۾ جتي انگريز راڄ هو اتي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران تجارتي بنياد تي 1850ع ۾ ريلوي لائن وڇائڻ جو ڪم شروع ٿيو۔ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريل جي پٽڙي وڇائڻ ۽ ريل هلائڻ لاءِ 29 اپريل 1858ع ڪم شروع ٿيو۔

[b]پڪا رستا
[/b]سنڌ ۾ هن موجوده وقت 2018ع تائين جيڪي مک پڪا رستا آهن تن ۾ وڏي اهميت قومي شاهراهه يا نيشنل هاءِ وي جي آهي۔ جيڪو سنڌ ۾ پنجاب صوبي جي ضلعي رحيم يار خان جي پوليس ٿاڻي ڪوٽ سبزل وٽان داخل ٿئي ٿو ۽ پوءِ گهوٽڪي، ڏهرڪي، سکر، خيرپور، نوشهروفيروز، هالا، مٽياري، حيدرآباد کان ٿيندي ڪراچي پهچي ٿو۔ ٻيو ڄام شوري کان انڊس هاءِ وي آهي جيڪو ڄام شورو، سيوهڻ، خدا آباد، دادو، ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ کان ٿيندو ڊيرا بگٽي موڙ وٽان وڃي پنجاب سان ملي ٿو۔ اتي ڪراچي کان ڌاٻيجي، ڀنڀور، گنجو، ٺٽه، سجاول، بدين مٺي هاءِ وي پڻ ٿرڪول پراجيڪٽ ڪري خاص اهميت حاصل ڪئي آهي۔ حيدرآباد کان ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڇور ڪينٽ روڊ کي به وڏي اهميت حاصل آهي۔ حيدرآباد کان کٿڙ، سيري، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، تلهار، بدين، لنواري شريف، ڪڍڻ، ڏيپلو ۽ مٺي روڊ به وڏي اهميت جو حامل آهي۔ ميرپورخاص کان مير واھ گورچاڻي، ڊگهڙي، ٽنڊو محمد خان، جهڏو، نئون ڪوٽ، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڀالوا، ڏانو ڌانڌل، ويراءُ واھ ۽ ننگر پارڪر روڊ به اهم آهي۔ خيبرن کان اڏيرو لعل، ٽنڊو آدم، سانگهڙ ۽ کپرو روڊ، تلهار کان ٽنڊو باگو، پنگريو ۽ جهڏو روڊ به اهميت جا حامل آهن۔ هن وقت هر ضلعي ۾ مک ۽ لنڪ روڊن جو وڏو ڄار وڇايل آهي۔ ٽنڊو محمد خان کان بلڙي شاھ ڪريم، مير پور بٺورو، سجاول تائين به روڊ آهي ته ماتلي کان ٽنڊو غلام علي، ڊگهڙي ۽ ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص تائين روڊ نڪرن ٿا۔ ڪراچي کان ننگر پارڪر تائين ڪوسٽل هاءِ وي جي رٿا به غور هيٺ آهي۔ عمر ڪوٽ کان ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ به رستو پڪو آهي ته عمر ڪوٽ کان ڪنري، نهٽو ۽ نئون ڪوٽ قلعي تائين به پڪو رستو آهي۔ ڪنري کان جهڏو پڪو رستو آهي۔ سنڌ جي هر تعلقي هيڊڪوارٽر کان هن وقت ڪافي مک ۽ لنڪ روڊ نڪرن ٿا۔ انهن رستن تي ٽريفڪ حادثه معمول بڻيل آهن ۽ ڦرون، ڌاڙا ۽ ماڻهو اغوا به ٿين ٿا انهن رستن تي ڪافي هنڌن تي ٽريفڪ پوليس ۽ عام پوليس جي چيڪ پوسٽن جي باوجود اهو سڀ ڪجھ ٿئي ٿو جيڪو قانون ۾ ڏوھ آهي۔ سنڌ ۾ اهي پڪا رستا گهڻي ڀاڱي 1947ع کانپوءِ پاڪستان جي قيام دوران ٺهيا آهن پر ڪجھ رستا انگريز دور ۾ به هئا۔