سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
موجوده حيدرآباد شهر جيڪو سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر ليکجي ٿو. ان ڪيئي انڊلٺي رنگ پنهنجي پٽ تي ڏٺا آهن. هن شهر جو بنياد رکندڙ نيرون هو. جنهن جي نالي سان نيرون جابلو ٽڪري تي قلعو يا ڪوٽ اڏيو ويو. جتي محمد بن قاسم جي عرب فوج لاءِ قلعي جا در سنڌ جي وارثن مزاحمت ڪرڻ سواءِ کولي ڇڏيا. محمد بن قاسم ديبل فتح ڪري نيرون ڪوٽ پهتو هو. نيرون ڪوٽ يا قلعو راءِ گهراڻي جي حڪومت دوران ٽڪر تي اڏيو ويو هو. راءِ گهراڻي جي حڪومت دوران نيرون ڪوٽ جو ڪنٽرول برھمڻ آباد جي گورنر وٽ هو. راء گهراڻي کانپوءِ راجا ڏاهر ۽ سندس پٽ جئه سينا هن قلعي جي اهميت ڪري وقت به وقت هتي اچي رهندا هئا. راجا ڏاهر جي دور ۾ هن قلعي جو حڪمران ٻڌ مت جو پيروڪار شمني ڀڪشو هو. محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ جي قلعي ٻاهران بروري جي هڪ چراگاھ تي اچي منزل ڪئي. ان چراگاھ کي ٻلهار به چيو ويندو هو. چراگاھ جا پاڻي وارا تلاء خالي پيل هئا. جنهن ڪري محمد بن قاسم جي لشڪر کي پاڻي لاءِ مشڪل پيش اچي رهي هئي. چيو وڃي ٿو ته ميهن وٺا ۽ تلاء برساتي پاڻي سان ڀرجي ويا. آبادي قلعي اندر هئي ۽ قلعي جا در بند هئا. چچ نامي مطابق ته قلعي جو ڪنٽرول بهندرڪو وٽ هو جنهن جو محمد بن قاسم سان ڳالهين بعد ٺاھ ٿي ويو ۽ قلعي جا در کوليا ويا. محمد بن قاسم اندر داخل ٿيو ۽ قلعي ۾ مسجد تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ۽ شڪراني جا نفل ادا ڪيائين. ان ڏينهن کان نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ اسلام جي آمد ٿي جيڪا اڄ تائين جاري آهي. ان فتح بعد محمد بن قاسم طرفان برھمڻ آباد ڀرسان منصوره جو بنياد رکيو ويو. منصوره جي وڌڻ ڪري نيرون ڪوٽ جي پهرين واري اهميت نه رهي. ايران کان قافلا مڪران کان ديبل بندر واري رستي نيرون ڪوٽ، برھمڻ آباد، منصورہ، اروڙ ۽ ملتان تائين ايندا ويندا هئا. هي مک رستو هجڻ ڪري نيرون ڪوٽ ۾ ابن حوقل ۽ مقدسي جهڙا سياح ۽ ليکڪ آيا. ۽ تن پنهنجي تحريرن ۾ نيرون ڪوٽ جو ذڪر پڻ ڪيو. هتي عالمن، فاضلن، درويشن، محققن ۽ جاگرافيائي ماهرن جي اچ وڃ هميشه رهي. ٻارهين صدي جي پوئين حصي ۾ هتي درويش مڪي شاھ آيو. جنهن جو اصل نالو حمزه هو. سندس درگاھ شاھ مڪائي يا جئي شاھ جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ مڪي شريف ۾ ڄائو ۽ اتان هجرت ڪري لاهور لڌيانه، ملتان کان ٿيندو نيرون ڪوٽ آيو. ۽ هتي سڪونت اختيار ڪئي. پاڻ وڏي عمر ۾ 8 ذوالحج 658ھ ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ پٽ مخدوم صدرالدين خطيب جي نالي سان مشهور ٿيو. کيس چار پٽ مخدوم بدرالدين، مخدوم علاؤ الدين، مخدوم تاج الدين ۽ مخدوم علي نالي سان هئا. جن جو اولاد روهڙي، اُچ، ملتان، لاهور، لڌيانه، دهلي احمد آباد گجرات تائين پکڙيو. ٻارهين صدي کان نيرون ڪوٽ م مڪي شاھ جي درگاھ مشھور رهي آهي. ان بعد شاھ بخاري جي درگاھ قائم ٿي. تنهن کان پوءِ سيد عبدالوهاب شاھ جي درگاھ قدم گاھ ڀرسان قائم ٿي. هن شهر کي ارغونن، ترخانن، مغلن جي دور ۾ اهميت حاصل رهي. مرزا محمد باقي بيگ نيرون ڪوٽ وارو علائقو مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي سليمان ساربان جي حوالي ڪيو. مرزا غازي بيگ جي زماني ۾ ٺٽي جي نواب خسرو خان جو ڏوهٽو نيرون ڪوٽ جو حاڪم هو. خواجه ڪمال الدين جيڪو ارغونن سان گڏ اچي ٺٽي ۾ رهيو هو. ان جو پوٽو خواجه مير ابوتراب بن خواجه مير شهاب الدين نيرون ڪوٽ جي جاگير ۾ رهندو هو. ان جي نيرون ڪوٽ ۾ ئي وفات ٿي ۽ اتي ئي دفن ٿيو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي حيثيت ضلعي هيڊ ڪوارٽر جهڙي هئي ۽ نيرون ڪوٽ ٺٽي ۾ شامل هو. جهانگير جي دور ۾ شهزادي خرم اچي ٺٽي ۾ پناهه ورتي ۽ جڏهن هو شاهجهان جي نالي سان حاڪم ٿيو ته سنڌ کي ڪونه وساريائين. هن ٺٽي ۾ جامع مسجد جوڙائڻ سان گڏ سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز، ڇٽو امراڻي جا مقبرا ۽ شاھ مڪي جي درگاھ ڏانھن به توجهه ڏني. ۽ فرمان جاري ڪري مخدومن جا جيڪي پاڻ ۾ اختلاف هئا سي حل ڪيائين. هن دور ۾ نيرون ڪوٽ بجاءِ چاڪر هالا پرڳڻو ڄاڻايل آهي. ارڙهين صدي ۾ جڏهن مغل تسلط ختم ٿيو ۽ ڪلهوڙا دور جي شروعات ٿي ۽ ڪلهوڙا فقيري کان امير ٿيا. ڪلهوڙن جي مستقل رهائش ڪنهن شهر ۾ ڪونه هئي انهي ڪري کين گادي واري هنڌ طور ڪنهن شهر جي تلاش هئي. ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهورن جي علائقي تي قبضو ڪري شڪارپور کي خدا آباد جو نالو ڏئي اتي پنهنجي حڪومت جو تخت گاھ رکيو. جنهن جا کنڊر اڄ به موجود آهن. سندس وفات بعد سندس پٽ مراد ياب پنهنجي تخت گاه لاءِ نصرپور ڀرسان مراد آباد نالي شهر جوڙيو. جنهن کي سنڌو ٻوڙي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ هن سڪرنڊ ۾ احمد آباد نالي شهر جو بنياد رکيو. مراد ياب جي قيدي ٿيڻ بعد ميان غلام شاھ ڪلهوڙو حاڪم ٿيو. کيس طاقت ۾ ايندي مهينو مس گذريو هو. جو احمد آباد به سنڌو ۾ لڙهي ويو. تنهن کانپوءِ هن موري ڀرسان پنهنجي پي جي قائم ڪيل شهر محمد آباد وٽ الله آباد نالي شهر جوڙايو ۽ اتي رهائش اختيار ڪئي. اتان هو پنهنجي عيال سميت اورنگا بندر ويو جنهن جو نالو هن شاھ ڳڙھ رکيو ۽ پوءِ ان جي سامهون بند ڏياري شاھ بندر جو قيام عمل ۾ آندائين. جنهن کان پوءِ نصرپور جي ڀرسان نئون شهر شاھ پور ٺهرائين جنهن کي سنڌو ٻوڙي ڇڏيو. ان وقت سنڌو پنهنجو رخ تبديل ڪرڻ لاءِ پئي واهڙ ٺاهيا. تنهن کان پوءِ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي وري ٻيو شهر جوڙيو جنهن جو نالو خاڻوٺ رکيو ويو. دريا هميشه لاءِ پنهنجو رخ مٽائي ڇڏيو ۽ سندس موجوده وهڪري تان وهڻ لڳو. دريا هالن ۽ نصرپور کان اٽڪل 100 ميل پنهنجو وهڪرو تبديل ڪيو ۽ هالا کان سڌو وھڻ لڳو. نيرون ڪوٽ کان 17 ميل پريان دريا مان ڦليلي ڦاڪ نڪرندو هو. ريڻ وارو ڦاڪ سڪي ويو. نصرپور ڀرسان شاھ پور شهر جي ٻڏڻ بعد ميان غلام شاھ ڪلهوڙي نيرون ڪوٽ تي اک رکي ۽ اتي قلعو تعمير ڪرائي ان کي پنهنجو گادي وارو هنڌ مقرر ڪيو. ڇا ڪاڻ ته کيس نيرون ڪوٽ وارو هنڌ ئي موزون ڏسڻ ۾ آيو هو. هن نئون قلعو پراڻي ڊٺل قلعي واري هنڌ تي ٺهرايو ۽ پوء جيڪو نئون شهر وجود ۾ آيو ان جو نالو حيدرآباد رکيو ويو. ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي دور ۾ هتي ناهيان اچي ويٺا جيڪي فوجي ۽ توپن جا گولي باز هئا. ۽ ڪاسبي، ڪاريگر، دڪاندار، واپاري به آڻي هتي راهيا ويا. ديوان گدومل به خدا آباد مان ٻيڙين تي چڙهي هتي پهتو ۽ هتي رهائش اختيار ڪيائين. سندس نالي سان گدو بندر ۽ گدو جي ٽنڊي جو بنياد پيو. هن وقت گدو بندر ته ويران ٿي ويو آهي پر سنڌ ۾ چرين جي اسپتال گدو بندر جي نالي سان مشهور آهي. ميان غلام شاھ ڪلهوڙي طرفان شاھ مڪي جي درگاھ ويجهو ڪچي قلعي جي تعمير به ڪرائي وئي. 1182ھ ۾ قلعو ٺهي راس ٿيو ۽ 1186ھ ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي وفات ٿي. کيس سندس جي تعمير ڪرايل ڪچي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس پٽ ميان سرفراز ڪلهوڙي سندس مٿان مقبرو تعمير ڪرايو. ميان سرفراز ڪلهوڙي سندس گادي جو هنڌ خدا آباد کي مقرر ڪيو. جيڪو ميرن طرفان سنڌ فتح ڪرڻ تائين اتي رهيو. مير فتح علي خان جي شروعاتي ڏينهن دوران ساڳيو تخت گاھ هو بعد ۾ 1789ع ۾ ميرن خداآباد کي هميشه لاءِ ڇڏي جڏهن حيدرآباد کي پنهنجي طاقت جو مرڪز ٺاهيو ۽ تخت گاھ جي حيثيت ڏني. حيدرآباد قلعي جي سامهون بازار ٺاهي وئي. ڪمي، ڪاسبي، واڍا، رازا، خدا آباد مان هتي آندا ويا. نويتون ۽ نغارا ٺاهيندڙ بزرگ به آڻي هتي آباد ڪيا ويا. بندوقون ۽ هٿيار ٺاهيندڙ مستري ۽ لوهار ۽ هٿيارن جي ڳنن کي جڙائو ڪندڙن کي به هتي آباد ڪرايو ويو. ڀائي خان جنهن جي نالي سان حيدرآباد جي مشهور چاڙهي آهي سو ترارون ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر هو. مير فتح علي خان هتي چوڙيگر، رنگريز، ڪاسبي، کٽي، سونارا، ڪوري، گهنباٽي، پاٽولي، وينجهر، ڦڻي گر، سراز، ڪمانگر، نقاش، ٺاٺارا، ڪاسائي به آڻي آباد ڪيا. اتي جاگيردارن، طبيبن آخوندن ۽ خدمتگارن کي به آباد ڪيو ويو. مير نصير خان جو پڙ، مير محمد خان جو پڙ، ڀائي خان جو پاڙو ۽ پڙ، ٺاٺارن جو پڙ، جمن شاھ جو پڙ، پرور شاھ جو پڙ، مرزا لطف علي جو پڙ، ڪاڪا سائين جو پڙ نهال شاھ جو پڙ، فقير جو پڙ، گنج بخش جو پڙ، ناهين جو پڙ، سانول جو پڙ، امير شاھ بخاري جو پڙ، دينو جو پڙ، ڪورين جو پڙ، واڍن جو پڙ، خير شاھ جو پڙ، سخي جو پڙ ۽ ميرن جي دور ۾ ڪافي ٻيا پاڙا ۽ ٽنڊا هتي قائم ٿيا. انهن پاڙن مان ڪجهه هي هئا، ڀائي خان لوهار جو پاڙو، ٺاٺارن جو پاڙو، کٽين جو پاڙو، چوڙيگرن جو پاڙو، وينجهرن جو پاڙو،. ڇوٽڪي گهٽي کان سري گھاٽ تائين خدا آباد مان آيل هندو ڀائي بند رهندا هئا. هتي لونگ ڀڳت جي گهٽي درزين جو پاڙو، کنباٽين جو پاڙو، رتناڻين جو پاڙو هو. ان کان علاوه ساداتن (سيدن) جو پاڙو، قاضين جو پاڙو، گل اندازن جو پاڙو، سرازن جو پاڙو، گدو جو ٽنڊو، ٽنڊو جهانيان، ماهي ماهڻ جو ٽنڊو، ٽنڊو نواب ولي محمد، ٽنڊو غلام حسين، ٽنڊو مير محمود، ٽنڊو آغا، ٽنڊو يوسف، ٽنڊو طيب، ٽنڊو ٺوڙهو ۽ ٻيا پاڙا هئا. جيڪي ميرن جي دور ۾ هتي قائم ٿيا. جڏهن ڦليلي جي ڦاڪ تي فيبروري ۽ مارچ 1843ع سر چارلس نيپيئر جي اڳواڻي ۾ انگريز فوج مياڻي ۽ دٻي جي ميدان ۾ لڳيل جنگ ۾ ڪامياب ٿي، اتي انگريز فوج مياڻي ٻيلي کي ساڙائي رک ڪري ڇڏيو هو ۽ 23 مارچ 1843ع جرنل هوش محمد شيدي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻندي شهيد ٿي ويو. تڏهن سر چارلس نيپيئر انگريزن جي فتح جو اعلان ڪندي آزاد سنڌ جو جهنڊو حيدرآباد واري قلعي تان لاهي انگريز دور جو بنياد رکيو. حيدرآباد جي زمين ۽ آسمان اوپرن ماڻهن جي هٿ چڙهي ويا جن جي رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ، اٿڻ وھڻ ۽ مفاد سڀ اسان کان جدا هو. انگريز هت واپاري بڻجي آيا هئا ۽ حاڪم ٿي ويهي رهيا. عيسيٰ مسيح جا پوئلڳ جيڪي نه هندو هئا نه مسلمان هنن جو طرز عمل هن علائقي جي ماڻهن کان بلڪل جدا هو. حيدرآباد کي هنن تخت گاھ واري حيثيت نه ڏني ۽ حيدرآباد جي جاءِ تي ڪراچي کي اوليت ڏئي سنڌ جو مرڪز ڪراچي کي بڻايائون. حيدرآباد جا پراڻا قدر مٽجي ويا ۽ نوان قانون، نوان قاعدا، نوان پاڙا وڌيا. اصلوڪن رهاڪن مان انگريز دور ۾ ڀائي بند هندن ۾ واڌارو آيو ۽ خوب ترقي ڪيائون. پراڻي قلعي جي هڪ پاسي کي ٽوڙي نيون جڳهيون جوڙيون ويون. الهندو ڪچو ۽ صدر آباد ٿيا. حيدرآباد کي سکر، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان ريلوي ذريعي ڳنڍيو ويو. سرڪاري آفيسون، اسڪول ڪاليج، اسپتالون ٺھيون. جيڪي نئين دور جون نشانيون آهن. انگريزن جي سو سالن دوران گهڻو ڪجهه بدلجي ويو. 14 آگسٽ 1947ع بعد هندو آبادي هندستان لڏپلاڻ ڪري وئي. ۽ هندستان مان مهاجر بڻجي آيل مسلمانن جا لشڪر پهتا. اڄ اردو ڳالهائيندڙ انهن مهاجر مسلمانن جي آبادي هتي ايتري وڌي وئي آهي جن جو تاريخ ۾ ٻيو ڪٿي مثال نٿو ملي. لطيف آباد جو وجود عمل ۾ آيو. حيدرآباد ۾ ڪارخانا قائم ٿيا. ڪوٽڙي بئراج ٺهيو. ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي. سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ڪمشنر آفيس ٺهي، نوان پڪا رستا ٺهيا. نيرون ڪوٽ جي قلعي سميت سموري ايراضي ۾ مسلمان اچي آباد ٿيا. جن جي آڌر ڀاءُ ۾ اصلوڪن مسلمان رهاڪن پنهنجا گهر، گهاٽ، زمينون، شهر پنهنجي سڄي ڌرتي انهن حوالي ڪري ڇڏي. نئين ٺهيل ملڪ جي قانون به انهن کي تحفظ ڏنو. ملڪ پاڪستان جو پهريون وزير اعظم انهن مهاجرن مان لياقت علي خان ٿيو. جنهن هنن لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو. امي ۽ باجي جو دور شروع ٿيو. سنڌي هندن جون ڇڏيل جائيدادون اسپيشل طور تي انهن آيل مهاجرن کي ڏنيون ويون. مڪي مهاجرن وانگر مدني انصارن ۾ ضم ٿيڻ بدران هي مهاجر ، مهاجر ئي رهيا. هنن پنهنجي شناخت جدا قائم ڪئي 1980ع کان هنن سنڌين سان باقاعدگي سان وڙهڻ شروع ڪيو. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاہ، ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار، سکر جتي جتي هنن جي اڪثريت هئي هنن سنڌين جو جئيڻ جنجال ڪري وڌو. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي پنهنجو ثقافتي لباس اجرڪ ۽ ٽوپي پھري وڃي نه سگهندا هئا. مهاجرن جي طرفان نوگوايريا قائم ڪيا ويا. سنڌ کي ٻوري بند لاش تحفي ۾ ڏنا ويا. نياڻين جون عصمتون لٽيون ويون. مهاجر قومي مومينٽ جي نالي سان مهاجرن جي دهشت گرد تنظيم قائم ڪئي وئي. هنن آيل مهاجرن جيڪي سنڌ جي انصارن سان ڪلور ڪيا تن تاريخ جو سر شرم سان جهڪائي ڇڏيو. حيدرآباد ويجهو قاسم آباد نالي سان نئون شهر آباد ڪري سنڌين ثابت ڪيو هو ته اهي نااهل ناهن. ۽ هنن جي لساني يلغار کي منهن ڏنو ۽ ان کي ناڪام بنايو ، 2018ع واري اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي جعلي ميڊيٽ جو ڀانڊو پڻ ڦاٽي پيو. مهاجرن سنڌي پهاڪي "آئي هئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي وئي بورچياڻي" جي موجب ڪردار ادا ڪيو. هن وقت حيدرآباد سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي، اقتصادي، تعليمي، صحافتي، سرگرمين جو مرڪز آهي. سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد مان ڄام شورو منتقل ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۽ ڄام شورو وچ۾ هاڻ رڳو سنڌو وهي ٿو. هن وقت ڄام شوري ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ حيدرآباد ۾ اسريٰ يونيورسٽي، لاء ڪاليج، سميت ڪيترائي سرڪاري ۽ پرائيويٽ ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول قائم آهن. حيدرآباد ۾ ڪپڙن جو ملون، سيمنٽ فيڪٽري، چوڙين جي صنعت، سرن جا بٺا، آهن. نغارا به اڄ تائين هتي جا ڪاريگر سٺا ٺاهين ٿا. حيدرآباد جي چئو طرف گلاب جي گلن ۽انبن جا باغ آهن. ڦليلي ڪئنال، اڪرم واھ ڪئنال ۽ پڃاري ڪئنال هن شهر جي وچ مان وهن ٿا. افسوس جو شهر جو گندو گٽر وارو پاڻي به هنن ڪئنالن ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي.