سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو ،هاڪڙو ۽ ڍنڍون

سنڌو جي ڪنارن، ڦاڪن ۽ ڊيلٽا واري هنڌن تي جيڪي ڍنڍون هزارن جي تعداد ۾ آهن اهي ڪي هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهي ويون آهن. بلڪه انهن کي وجود ۾ اچڻ لاءِ صديون لڳيون هونديون. ڍنڍن ۽ کڏن جي ٺهڻ پويان جيڪي مک سبب آهن تن مان هڪ شيام ندي ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ به آهي. جنگ. ڪري پاڻي جو وهڪرو رڪجي ويو ۽ هڪ وشال ڍنڍ ٺهي وئي. سنڌو ۾ نانگا پربت جو هڪ حصو ڪري پيو ۽ اتي به هڪ وڏي ڍنڍ ٺهي وئي جيڪا وڃي گلگت سان لڳي. ان کان علاوه سنڌو تي بند ٻڌجڻ کان اڳ دريا سانوڻي سميت جڏهن جبلن تي برف گهڻي پوندي هئي. ته پنهنجا رخ مٽائيندو هو ۽ ٻيهر آتا رخ مٽائڻ ڪري جتي وڌيڪ گهرائي هوندي هئي اتي ڪا ڍنڍ وجود ۾ اچي ويندي هئي. سنڌو جي انهن قديم متروڪ وهڪرن تي اهي ڍنڍون اڃان تائين موجود آهن جيئن سنڌ جي مشهور ڍنڍ ڪينجهر يا منڇر وجود ۾ آيون يا انهن ٻنهن کان علاوه ڪلان ڪوٽ ڍنڍ، دوش آب ڍنڍ، ڦوسڻان ڍنڍ، سونهر ڍنڍ، جاڙي ڍنڍ، ڏيئي ڍنڍ، رڀ ڍنڍ، گونو ڍنڍ، دفري ڍنڍ مکي ڍنڍ ڪاجهر ڍنڍ ، مهرانڊ ڍنڍ، پٽيجي ڍنڍ ۽ ٻيو ڪئي ڍنڍون آهن جن جو ذڪر اڳيان ايندو.
ڍنڍون سنڌو جي ڊيلٽا واريون هجن يا سنڌو جي ميداني يا پهاڙي علائقن جون انهن ۾ ڪئي حياتيون پلجن ٿيون. نه رڳو جهنگلي جيوت پر سنڌو ۽ هاڪڙو تي رهندڙ انساني آبادي جو گهڻو دارومدار ڍنڍن تي آهي. ڍنڍن جي ڪنارن تي مهاڻن جو ڪلچر پروان چڙهيو. هزارن سالن کان ايندڙ ٿدن علائقن جي پکين جي ولرن جي اهي ڍنڍون منزل رهيون آهن. اهي هتي لٿا ۽ پنهنجين مٺڙين ٻولين ۾ هنن تي سلامي پيش ڪيائون. ڍنڍن ۾ ٿيندڙ پن، ليون، لاڻا، ٽوپ، ٻوراني جهنگلي جيوت لاءِ گهر آهن. ملاحن لاءِ روزگار ۽ انهن جي حياتي جي اميد آهن.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو.

گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ
تنين جي اوطاق، راجا ريجھي آئيو.

سنڌو جي ٺاهيل ڪينجهر يا ڪلري ڍنڍ سان جتي نوري ڄام تماچي جو عشقيه لوڪ داستان منسوب آهي اتي هاڪڙي جي ڪنڌي تي مکي ڍنڍ حر مجاهدين جي ڪري مشهور آهي. ڪاجهر
ڍنڍ ڪناري گهوڙن جا ناياب نسل هوندا هئا. هاليجي ڍنڍ ۾ پکين ۽ واڳن لاءِ پروٽيڪشن ايريا اڄ به قائم آهي. سنڌ ۾ هٿرادو ڪيل پاڻي جي کوٽ يا ڍنڍن ۾ سم جو زهريلو پاڻي ڇڏڻ ڪري ڪافي ڍنڍون سڪي ويون ته ڪيتريون ئي اجڙن پيون، ڪيترين ئي ماضي جي عظيم ڍنڍن جا ڪنارا هاڻ درد جا نوحا پڙهندي محسوس ٿين ٿا.

[b]منڇر ڍنڍ
[/b]منڇر ڍنڍ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي. هي قدرتي حسين ڍنڍ جيڪا ڄام شورو ضلعي ۾ آهي ۽ 365 چورس ميلن تي ڦهليل آهي. هن جي اوڀر ۾ سنڌو، اولھ ۾ کيرٿر جابلو سلسلي جون چوٽيون، ڏکڻ ۾ لڪي جبل ۽ اتر ۾ ڪاڇي جو ميداني پٽ اٿس. آڳاٽي زماني ۾ هي ڍنڍ سائبيريا کان ايندڙ ڪونج پکين جي پناھ گاھ رهي آهي. ڍنڍ جي ڪڌين تي ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن جيڪي سمورا ملاحن مير بحرن جا آهن. ڍنڍ ۾ مڇي، پکي ۽ ٻي آبي جيوت وڏي تعداد ۾ موجود آهي. هتي رهندڙ ملاحن جو گذر سفر ڍنڍ مان مڇي ۽ پکي مارڻ تي آهي. هن ڍنڍ ۾ مردن سان گڏ عورتون به ٻيڙي هلائي مڇي مارين ٿيون. مهاڻا ڄمڻ کان مرڻ گهڙي تائين هن ڍنڍ جي اندر ۽ ڪنڌي تي رهن ٿا. هتي مڇي مارڻ لاءِ اڄ به صديون پراڻا طريقا رائج آهن. هتي جا سادڙا ملاح اڄ به علاج لاءِ سڳا ڦيڻا ڪرائين ٿا ۽ درگاهن تي نذرانا ڏين ٿا. هتي جون ريتون رسمون قديم آهن. ڍنڍ اندر ٻيٽن تي به ملاحن جا ڳوٺ آهن. هي ڍنڍ سياحن جي نظرن جو مرڪز آهي. ڪيترن ليکڪن هن ڍنڍ جي سونهن ۽ مهاڻڪي ڪلچر جو ذڪر سندن لکتن ۾ ڪيو آهي.. هيروڊٽس، ابن بطوطه، البيروني، رچرڊ برٽن، والٽر اسٽاڪ، اليگزينڊر برنس، هيري پاٽيچز، ٽي ايس پوسٽن، سميت ٻين ڪيترن سياحن ۽ ليکڪن هن جي حسناڪين جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڍنڍ جي ڪنارن ۽ ٻيٽن تي هڪ لک جي لڳ ڀڳ آبادي آهي. هي مٺي پاڻي جي ڍنڍ آهي هتي ڪڏهن به پاڻي جو مسئلو ڪونه رهيو هو پر ڪجهه عرصي کان هن ڍنڍ ۾ سم نالن جو زهريلو پاڻي حڪومتي ماتحتي ۾ ڇڏيو پيو وڃي. جنهن ڪري هي ڍنڍ سندس حسن وڃائڻ لڳي آهي ۽ هتي جا خوشحال مهاڻا بدحال ٿي ويا آهن. زهريلي پاڻي جي ڪري هن ڍنڍ جي مڇي جيڪا 1944ع ۾ 7600 ميٽرڪ ٽن هئي هن وقت گهٽجي 100 ميٽرڪ ٽن تائين پهچي چڪي آهي. ان صورتحال هتي جي ملاحن کي معاشي طور تي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڪري هتي وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي.

[b]منڇر ۾ ڇوڙ ڪندڙ نَيُون
[/b]منڇر ۾ کير ٿر جي لوڻياٺي سلسلي جو ڪيتريون ئي نيون ڇوڙ ڪنديون آهن. جن ۾ سڀني کان وڏي گاج آهي ان کان علاوه هليلي نئه، نئه نلي، نئه انگئي، نئه سول، نئه ڪڪڙائي، نيئنگ نئه، نئه تڪي، نئه لوڻي، نئه مهڻ، نئه ڪارو جبل، نئه سوري، کنڌاڻي، نئه بشام.

[b]ڪينجهر ۽ سونهري ڍنڍ
[/b]ڪينجھر ڍنڍ ضلعي ٺٽي ۾ آهي. ڪينجهر ڍنڍ سنڌ جي ٻي نمبر تي وڏي ڍنڍ آهي. هي ڍنڍ ٺٽي شھر کان اوڀر اتر حيدرآباد طرف 16 ميلن جي مفاصلي تي پراڻي نيشنل ھاءِ وي تي واقع آھي. ڪينجھر ۽ سونھري ھڪ ٻئي جي ڀر ۾ ٻه ڍنڍون ھيون. انھن ڍنڍن جي نالن بابت ھڪ روايت آھي ته ڪينجھر ھڪ مھاڻو ھو ۽ سونل سندس زال ھئي، ٻنھي ڍنڍن تي اھي نالا به انھن تان پيا آھن. اھا به ھڪ مقامي روايت آھي ته ميربحرن جو گندرا قبيلو به ڪينجھر ۽ سونل جو اولاد آھي. ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ کان پوءِ ڪلري بگھاڙ واھ وھي اچي ڪينجھر ڍنڍ ۾ پوندو آھي. جنھن ڪري اھا ڍنڍ وڌي ۽ ڪينجهر ۽ سونل ملاح هيمشه لاءِ هڪ ٿي ويا ۽ هاڻ انهن ٻنهن گڏيل ڍنڍن کي ڪينجهر ڍنڍ چيو ويندو آهي. ايريگيشن کاتي 1976ع ۾ جيڪو RD 189 وارو ريگيوليٽر سڌو ڪينجهر کي پاڻي ڏيندو هو کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. RD2.4 کان ٻه ريگيوليٽر ٺاهي سڌو رخ پاڻي جو لنڪ ڪئنال کي ڏنو ويو ۽ ڪينجهر کي ڪراس ۾ ريگيوليشن ڏني ويئي جنهن سبب دريائن مان ڪروڙن جي تعداد ۾ ڍنڍ ۾ پوندڙ مڇي ۽ مڇي جو ٻچو 10 فيصد ڍنڍ ۾ پوي ٿو 90 فيصد بئراجن نالن سم نالن وسيلي سمنڊ ۽ گندن نالن ۾ ضائع ٿيو وڃي. ڪينجھر ھڪ بھترين تفريح گاھ آھي. تفريح خاطر ايندڙن لاءِ ٻيڙين ۽ لانچن جو بندوبست ڪيل آھي. سياحن جي رھائش لاءِ پڪا گھر به ٺھرايا ويا آھن، جيڪي مناسب مسواڙ تي ڏنا ويندا آھن. ترڻ، ٻيڙين جي سير ڪرڻ، مڇين جي شڪار جي وندر ھت گھڻي آھي. ڪينجھر ڍنڍ مان ساليانو لکين رپين جي مڇي ماري ويندي آهي. ڪرڙي، موراکي، ٿيري، سينڱاري، ڄرڪو ڏاهي، منڍي، پوپري، گندڻ، کڳو، لوڙھ ديو، ڇلوري، ڦاٻڻو گندڻي سِريو سرهيڙو مُرَي پلئي گوبري ڍڱڻو پاپليٽ حجم ڪنڦاڙ، بوهڻ، گانگٽ، مور مڇي جام ٿين ٿيون. ان کان سواءِ ھتي ٻوراني، بھ، پٻڻ، ڪُم ۽ لوڙھ وغيره به جام ٿين ٿا. ان کان سواءِ ھي ڍنڍ سياري جي مند ۾ وڏي تعداد ۾ پرڏيھي خاص طور سائبيريائي خوبصورت پکين جي مھماني ڪندي آھي. روزانو سون جي تعداد ۾ ماڻھو پنھنجي ٻارن ٻچن سميت ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين علائقن کان ھتي گھمڻ ايندا آھن. ڪينجھر جي ويجھو جھمپير ۽ امير پير جون درگاھون آھن. نوري جي مرشد ھوندڙي شاھ جي قبر ڪينجھر ڍنڍ جي وچ ۾ ھڪ ٽڪري تي آھي، ھن بزرگ جي پيراندي ۾ سنڌ جي راڻيءَ نوريءَ جي قبر آھي. ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻھو ھوندڙي شاھ ۽ نوريءَ جي قبر تي حاضري ضرور ڀريندا آھن. مرزا قليچ بيگ سندس ڪتاب "قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو" ۾ لکيو آهي ته، "سونڊن جي ويجهو ۽ سونهري ڍنڍ جي اتر واري ڇيڙي تي هڪڙي ٽڪريءَ تي ڄام تماچي سمي جي محلات يا ماڙي آهي. هو نور ڀينءَ مهاڻيءَ تي عاشق ٿيو هو، جا گندري ذات جي مهاڻي هئي يا گندره مهاڻي جي ڌيءَ هئي، جو ڪينجهر ۾ مڇيون ماريندو هو. انهن ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي قٻي جي ويجهو آهن، انهيءَ ڪينجهر جي ڪناري سان ڪيترن ئي بزرگن جون قبرون آهن." مشهور لوڪ داستان نوري ڄام تماچي هن ئي ڍنڍ سان لاڳاپيل آهي.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو.
هِيٺ جَر مَٿي مَڃَرَ ،پاسي ۾ وَڻ راءُ
اَچي وَڃي وِچَ ۾ تَماچِي جِي ساءُ
لَڳي اُتر واءُ ته ڪِينجهَر هندورو ٿئي.

[b]اڇ ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي شاھ ڪريم بلڙي ۽ ملان ڪاتيار کان جمارو ويندڙ روڊ جي کاٻي هٿ تي آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇيون ۽ پکي جام ٿين ٿا. ڍنڍ کي پڃاري ڪئنال جي نڪرندڙ شاخ مان پاڻي ملي ٿو.

[b]امير پير جي ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ دادو ضلعي جي ڳوٺ امير پير ڀرسان آهي. هي ڍنڍ سنڌو جي ساڄي ڪپ تي آهي. هن وقت هي ڍنڍ، سڪي وئي آهي. سندس عروج واري دور ۾ هن ۾ مڇي ۽ پکي جام هئا.

[b]بقار ڍنڍ
[/b]بقار ڍنڍ ضلعي سانگهڙ ۾ آهي. چوٽياريون ڊيم سبب هي ڍنڍ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هي ڍنڍ چوٽياريون ۾ آهي. هتي بقار جو قديم ڳوٺ آهي. جنهن ڪري هن ڍنڍ تي اهو نالو پيو. بقار ڍنڍ کي مکي جي ڍنڍن جو دل به چيو ويندو آهي. بقار جي لفظي معني ٿيندي پرھ يا ڦٽي. هي ڍنڍ ناري جي کاٻي ڪناري تي سانگهڙ کان 25 ڪلوميٽر اوڀر طرف سنڌ جي نقشي جي سونهن چئجي ته واڌارو نه ٿيندو. هن جي ڪنڌي تي بزرگ ذڪريو فقير جي درگاھ به آهي. جيڪو بقار جو رکوالو چيو ويندو آهي. هن جي حياتي ۾ بقار ۾ ڪنهن به جهنگلي جانور مارڻ جي اجازت ڪونه هوندي هئي. هتي جي مائي آمنا ملاح مڇي رڌي راهگيرن ۾ ورهائيندي هئي. هتي هڪ چوڻي مشهور آهي ته اوهين دشمن کي ته وساري سگهو ٿا پر بقار جي ملاحن جي رڌل مڇي نٿا وساري سگهو. سرسارنگ جي سائينم سدائين واري تاريخي دعا ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي بقار جو ذڪر ڪيو آهي.

[b]ڊرگھه ڍنڍ
[/b]ڊرگھه ڍنڍ سابق لاڙڪاڻي ضلعي ۽ موجوده قمبر ضلعي ۾ آهي. هن ڍنڍ جي به پنهنجي هڪ تاريخ آهي. هن ڍنڍ تي ڪيترائي سياستدان آيا ۽ ملڪي توڙي عالمي سياسي فيصلا هن ڍنڍ تي ٿيا ته ڪئي منصوبا بنديون هتي ڪيون ويون. جيڪي صدر ايوب ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ايام ڪاري دوران منظر عام تي پڻ آيون. ذوالفقار ڀٽو جي ايام ڪاري دوران هتي ڪئي عالمي اڳواڻ آيا ۽ ذوالفقار ڀٽو هتي ريسٽ هائوس، ريسٽورنٽ ۽ پبلڪ پارڪ به جوڙايا. هتي رضا شاھ پهلوي، ياسر عرفات، ڪرنل قذافي به آيا.

[b]بڊام ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ قمبر ضلعي جي غيبي ديري تعلقي وارهه ۾ ايف پي بند وٽ حمل ڍنڍ جي ويجهو آهي. هن ڍنڍ کي بڊام پنري جي ڍنڍ به چيو ويندو آهي. جيڪو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اڏول ڪردار هو. جنهن کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن شاعرن سندن شاعري ۾ ساراهيو آهي. هي ڍنڍ حمل ڍنڍ، ساروح ڍنڍ ۽ ڪاڇڙي ڍنڍ جي سلسلي سان جڙيل آهي. هي ڍنڍ به ڪاڇي جي ٻين ڍنڍن جيان سم نالي جي زهريلي پاڻي جي ڇوڙ ڪري ماحولياتي آلودگي جي نظر ٿي وئي آهي. هي ڍنڍ سنڌ جي سمان دور جي حاڪم ڄام نظام الدين سمون کان وٺي چانڊين جي ملڪيت ۾ شمار ٿئي ٿي. ماضي ۾ هي ڍنڍ وسيع ۽ کير ٿر جبل تائين ڦهليل هئي. نواب غيبي خان جي حياتي ۾ هي ڍنڍ 6 ميلن تي ڦهليل هئي. هن ڍنڍ ۾ ڪرڙو مڇي جام ٿيندي هئي. ماضي ۾ هن ڍنڍ ۾ واڳون به هوندا هئا. ڪليڪٽر جي ايم مارٽن شڪار ڪندي هتي هڪ واڳون ماريو هو. هي ڍنڍ هن وقت سرڪاري تحويل ۾ آهي پر چانڊيا سردار بااثر هجڻ ڪري هتي اڃان به هنن جو اثر آهي.

[b]ڪراڙ ڍنڍ
[/b]سنڌ جي شاعرن جي سرواڻ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان هي ماڳ، پيچرا، سندس ڳوٺ ۽ هي ڍنڍ وڏي اهميت رکن ٿا. شاھ چيو :
سارنگ سائي سٽ، جهڙي لالي لاک جي
ائين سي اٻن انگيا جئن سي چنيء چٽ
برسيو پاسي ڀٽ ڀريائين ڪن ڪراڙ جا.
تحفۃ الڪرام ۾ بيان آهي ته "ڪراڙ ڀٽائي جي درگاھ هيٺان وهي ٿي. جنهن ۾ پاڻي سنڌو جي علي واھ مان پهچي ٿو. ڪنهن زماني ۾ سنڌو هالا کان ٿيندو ڀٽ شاھ کان اڏيرو لعل، نصرپور وٽان ٿيندو ٿر ۾ ڇوڙ ڪندو هو." ڀٽ شاھ وٽ ڪراڙ جو پتڻ مشهور هو. جنهن ڪيترا ٻيڙا ٻوڙي ڇڏيا هئا. دريا جي رخ مٽائڻ بعد ڀٽائي جي مريد ڪلهوڙا حاڪمن واھ کوٽرايا. جن مان هڪ ساڱرو ۽ سارنگ واھ جن جا ڪجهه حصا اڄ به موجود آهن.

[b]الا کائي ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ تعلقي سيوهڻ ۾ آهي. هن ۾ مڇي جام ٿئي ٿي ۽ هي فشريز کاتي جي ڪنٽرول ۾ آهي.

[b]ابڙائو ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي چوٽياريون ۾ آهي. مڇي جام اٿس. واڳون ۽ ڪڇون (ڪميون) به اٿس.

[b]اميناڻي ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ ضلعي دادو ۾ آهي. هن وقت فشريز کاتي جي تحويل ۾ آهي. هن ۾ مڇي جام ٿئي ٿي ۽ پکي به جام لهندا اٿس.

[b]انيتي ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ دادو ضلعي جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي حد ۾ خانپور شهر جي ويجهو آهي. فشريز کاتي وارا هر سال هن جي نيلامي ڪندا آهن ۽ مڇي به جام اٿس.

[b]الهه اوڀايو ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ دادو تعلقي ۾ آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي جو شڪار ٿئي ٿو. الھ اوڀايو ملاح جي نالي جي نسبت سان هن ڍنڍ تي هي نالو پيو.

[b]آرڙ ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ دادو ضلعي جي در ٻيلائي ۾ ميهڙ شهر جي اتر طرف ۾ ڌامراهه واھ جي ويجهو آهي.

[b]ڪلاچ ڍنڍ
[/b]ڪلاچ ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ناري ۾ بقار ڍنڍ جي اتر ۾ آهي. هن ڍنڍ جي وچ۾ وڏو ڪن آهي. جنهن ڪري هن ڍنڍ تي ڪلاچ نالو پئجي ويو. حر تحريڪ جا مجاهد سندن شهيدن کي ڪلاچ جي ڪن حوالي ڪري ويندا هئا.

[b]صدوري ڍنڍ
[/b]هن ڍنڍ جو اصل نالو چنڊي جي ڍنڍ هو. هڪ دفعي شهيد سورهيه بادشاهه هن ڍنڍ تي آيو ۽ پڇا ڪيائين ته هن ڍنڍ جو نالو ڇا آهي. کيس ٻڌايو ويو ته چنڊي جي ڍنڍ. پاڻ فرمايو هن خوبصورت ڍنڍ جو نالو اڄ کانپوءِ صدوري ڍنڍ آهي. انهي ڏينهن کان هن ڍنڍ کي صدوري ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. هي چوٽياريون جي ڀرسان آهي.

[b]ڪاڪاهو ڍنڍ
[/b]ڪاڪاهو ڍنڍ سانگهڙ جي خوبصورت ڍنڍن مان هڪ آهي. هن ڍنڍ جا دل کي وڻندڙ خوبصورت منظر لکين ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا. ماکي جي ڪثرت ڪري هن ڍنڍ کي مکي ڍنڍ به چيو ويندو آهي. هي ڍنڍ کپرو شهر کان 25 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. هتي پکي سج اڀرڻ ۽ لٿي مهل سفر ڪري پهچندا آهن.

[b]شڪر ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ سڪرنڊ شهر ويجهو آهي. هي ماضي جي خوبصورت ڍنڍ چئي وڃي ٿي. مير فتح علي خان ٽالپر جو جوڙايل شهر هن ڍنڍ ڀرسان هو. مير فتح علي خان ٽالپر کي هن ڍنڍ جا نظارا موهيندا هئا جنهن ڪري مير فتح علي خان ٽالپر ڍنڍ جي ٻيٽاري ۾ هڪ خوبصورت عمارت پڻ جوڙائي هئي. سندس دور ۾ هتي پري پري کان اچي مهمان ٽڪندا هئا ۽ شڪار ڪندا هئا. انگريز دور ۾ سنڌو تي بچاء بند ٻَڌڻ بعد هن ڍنڍ جو عروج ختم ٿي ويو.

[b]ٽٻوهين ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ ساماري تعلقي ۾ آهي هتي ٽٻوهي شهر آباد آهي. هاڻوڪو شهر سامارو به ٽٻوهي جي کنڊرن تي قائم ٿيل آهي.

[b]ٽيڀري ڍنڍ
[/b]هي ڍنڍ عمر ڪوٽ ۾ هئي جيڪا هاڻ پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي
ڍنڍن ۾ ٿيندڙ ٻوٽا ۽ ٻوٽيون ۽ ڍنڍن ۾ رهندڙ پکي جانور ۽ پکي ڍنڍن ۾ پن، ٻوراڻي، بيهه، ڪنول (پوڻي)، قم پاٻوڙا ٿين ٿا. جهنگلي جيوت مان جهنگلي ٻلو پڻ ڍنڍن ۾ رهندو آهي. ان علاوه لڌڙو، سهو، گدڙ، لومڙ، سيهڙ ۽ ٻيا ڪئي جانور جيڪي پن ۾ رهندا هئا تن جي زندگي گھارڻ هاڻ تمام مشڪل ٿيندي وڃي ۽ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ انهن جي نسل ختم ٿيڻ جو خطرو آهي.
ڍنڍن ۾ ڪونج پکي، ٿرانڊو، ڊگوش، نيرڳي، کيڻاٺي، ڪهنگ، آڙي، چيکلو، پيڻ، باز، ٻگهه، تتر پکي ٿين ٿا.انهن ڪجهه مشهور ڍنڍن کان علاوه سنڌو ۽ هاڪڙي جي پراڻن وهڪرن جون ٺاهيل ڪجهه ڍنڍون هي به آهن :
آڍاڻي ڍنڍ، آمري ڍنڍ، آتڻ ڍنڍ، بازار ڍنڍ، بوبڪ ڍنڍ، بلاول پور ڍنڍ، بگري ڍنڍ، ٻورڙي ڍنڍ، ٻپيرا ڍنڍ، ٻاڙي ڍنڍ، مکي ڍنڍ، ڀوتڙا ڍنڍ، تلو ڍنڍ ٿيٻاٽ ڍنڍ، ٽلٽي ڍنڍ، لڳوهين جي ڍنڍ، ٽڀري ڍنڍ، واري ڍنڍ، ڀاٽ ڍنڍ، ڀولو واري ڍنڍ، سچاري ڍنڍ، سرجاري ڍنڍ، سڌواه ڍنڍ، سپنا ڍنڍ، سوني ڍنڍ، سرائي شوڪت خان واري ڍنڍ، سومري ڍنڍ ساوڙي ڍنڍ، سن ڍنڍ، جهتيال ڍنڍ، شورن واري ڍنڍ، شاھ مراد واري ڍنڍ، جهان خان ڍنڍ، حاجي اسماعيل پير جي ڍنڍ، دڦري ڍنڍ، دري ديرو ڍنڍ، ڏاوج ڍنڍ، ڏيپارچ ڍنڍ رحماني ڍنڍ، راوت لغاري واري ڍنڍ، راڄڙي ڍنڍ، ڦٽو يا ڪاري ڍنڍ، ڪلاچ ڍنڍ، ڪنڊي چکي ڍنڍ، ڪري ڍنڍ، ڪنڊياري ڍنڍ، ڪڪڙ ڍنڍ، کير واھ ڍنڍ، کاڻوٽ ڍنڍ، کوکرن واري ڍنڍ، کرل ڍنڍ، گنجا ٺوڙها ڍنڍ، گوپانگ ڍنڍ گائينچا ڍنڍ، گموري ڍنڍ، گهڙو ڍنڍ، گنهرو ڍنڍ، گهارو ڍنڍ، گهاگهري ڍنڍ، لنگھه ڍنڍ، لاکن جي ڍنڍ، لهور جي ڍنڍ، ماڙين واري ڍنڍ، ميان موٽڻ ڍنڍ، موندر ڍنڍ، ملڪاڻي ڍنڍ.