سنڌو تي ٺاهيل جديد پلون
ليه پل، ڇهي شوٽ پل، داسو پل اٽڪ پل، خوشحال ڳڙھ پل، ڊيرا غازي خان پل، گڊو پل، راڻي پور پل، دولھه دريا خان پل ٺٽو، ڪوٽڙي پل، ڄام شورو پل ۽ سڪرنڊ پل، لئنسڊائون پل سکر، ايوب پل سکر، لئنسڊائون پل جي باري ۾ ڪجھه ڄاڻ
[b]لئنسڊائون پل (Lansdowne Bridge)
[/b]سکر ۽ روهڙي جي وچ۾ ٺهيل آهي جيڪا مارچ 1889ع ۾ ٺهي راس ٿي۔ هي پل انجينئرنگ جو شاهڪار نمونو آهي۔ لئنسڊائون پل نه رڳو انجنيئرنگ جو شاهڪار نمونو آهي پر ننڍي کنڊ جا ماڻهو هن جي سحر ۾ ورتل آهن۔ سنڌ ۾ ته شاعرن هن جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ڪيو ۽ سنڌ جون ڪئي لوڪ داستانون هن سان منسوب ٿيون. جڳ مشهور سنڌي گيت هو جمالو به هن پل سان منسوب آهي.
رحيم داد مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب تاريخ سکر ۾ لکي ٿو ته "لئنسڊائون پل کي ٺهي 130 سال ٿي ويا آهن."
لئنسڊائون پل سنڌو تي 900 فٽ بلند تي بنا ڪنهن سهاري جي رکيو ويو آهي. هن تان هڪ ئي وقت ۾ ٻه گاڏيون گڏوگڏ هليو سگهن ٿيون. جڏهن ته پل جي ٻنهي پاسن کان پيادل هلڻ وارن لاءِ فٽ پاٿ به ٺهيل آهي. لئنسڊائون پل ٻن سالن ۾ ٺهي راس ٿي. لئنسڊائون پل جو نقشو انگريز انجنيئر سر اليگزينڊر ميڊوس رينڊل تيار ڪيو. جڏهن ته هن جي تعمير ايف اي رابرٽسن ۽ هيڪوئٽ نالي انجنيئرن جي اڳواڻي ۾ ٿي. ۽ 25 مارچ 1889ع تي هن جو افتتاح ڪيو ويو. افتتاحي تقريب جي اڳواڻي بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) جي گورنر لارڊ ريئي ڪئي ۽ تقريب ۾ سنڌ جو ڪمشنر چارلس رچرڊ ۽ راڻي پور رياست جي والي مير مراد علي سميت سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ڪامورن شرڪت ڪئي. پل جي تعمير تي 40 لک روپيا خرچ ٿيا ۽ 3300 ٽن لوھ استعمال ٿيو جيڪو برطانيا کان آندو ويو هو.
هن پل جو نالو وائسرائي هند "هينري چارلس ڪيٿ پيٽي لئنسڊائون" جي نالي تي لئنسڊائون رکيو ويو. هي پل انگريز دور ۾ ريلوي جي تحويل ۾ هو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ايوب خان جي ايام ڪاري تائين هي ريلوي جي تحويل ۾ رهيو. پر ايوب خان جي دور ۾ ايوب پل ٺهڻ بعد هي عام ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو ۽ ايوب پل ريلوي کاتي جي حوالي ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو جڏهن هي پل ٺهي راس ٿيو ته ڪو به ڊرائيور هن تان ريل گاڏي گذارڻ لاءِ تيار نه هو. تڏهن انگريز گورنمينٽ سزاءِ موت جي هڪ قيدي جنهن نالو جمالو هو ۽ هو ذات جو شيدي هو تنهن سان واعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو ان پل تان گاڏي گذاري ويو ته هن جي سزاء معاف ٿي ويندي. جمالو شيدي هن پل تان ريل گذاري ويو ۽ هن جي سزا معاف ٿي وئي. جڏهن جمالو پل تان پار ٿي هن پاسي پهتو تڏهن هن جي زال نعرو هنيو ته
منهنجو کٽي آيو خير سان هو جمالو
جيڪو سکر واري پل تان هو جمالو
جنهن جا وار گهنڊي ڌار هو جمالو
پوءِ اهو جمالي جو قصو ايترو مشهور ٿيو جو هر خوشي جي موقعي تي اهو ڳائيجڻ لڳو. پر جمالو جي باري ۾ ڪجھه ٻيون ريتون به اچن ٿيون.
جمالو ڪير هو ؟
جمالو ڪير هو ان بابت ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن. سائين ولي محمد طاهرزادو سندن ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ ۾ جمالو جي باري ۾ پنج روايتون لکيون آهن۔
[b] (1) در بخش چانڊئي ٻڌايو:
[/b]“جمالو جو اصل نالو جمال خان هو، جو لاڙ جي طرف جو ويٺل هو، ڪي شاهينگ سندس مال کڻي ويا. ان ڪري ڀائر هڪٻئي کي طعنو هڻڻ لڳا. جمال طعنو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ هڪدم پيرو کڻڻ شروع ڪيائين پيرو کڻندي ڪوهستان طرف وڃي نڪتو. آخر اها جوءِ ڳولي لڌائين جتان مال موٽي مليس.
جڏهن خير سان موٽي آيو، تڏهن هرهنڌ واهه واهه ٿي ويئي ته هڪ ڄڻي ڪئين مال موٽائي آندو! اها ڳالهه هلندي ويئي آخر ايترو ته مشهور ٿي جو جمال جي شان ۾ گيت چوڻ لڳا، جي ڦريل گهريل صورت ۾ اڄ به ملن ٿا.”
[b] (2) خدا بخش حجام ٻڌايو:
[/b]“جمالو پنهنجي جوءِ ۾ مڃيل پهلوان هو مجال جو سندس پير ڪو اورانگهي! ڪچي جي طرف جو ويٺل هو. زور آزمائي جي مقابلي ۾ لاڙ طرف ويو، جتي وڃي نالو ڪڍيائين لاڙين جي محبت کيس موهي وڌو جنهن ڪري ڪيترو ئي وقت اتي رهي پيو. انهيءَ ڪري سندس پهلوانيءَ جي هاڪ هنڌين ماڳين هلي ويئي.”
[b] (3) الکاڻيءَ ٻڌايو:
[/b]“جمالو هڪ ٺاهوڪو خوش پوشاڪ ۽ ڪوپو قداور هو. سندس شرافت ۽ شير مردي ڪري ڳوٺ وارا توڙي اوري پري جا کيس پيار ڀري نظر سان ڏسندا هئا. هڪ دفعي ڀائرن سان ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي بر منهن ڪيائين. اهڙو اشارو جمالو گيت ۾ به ملي ٿو.”
“جنهن سان ڀائن ڪيو ڊوهه هو ـــــ هو جمالو”
ڪٿي وڃي دنگ ڪيائين سو پتو نه پيو پر دادو طرف کان آيو هو، جو جمالي ۾ به آهي.
“دادو ته دٻائي ويو ـــــ هو جمالو”
پوءِ گهڻي وقت بعد پنهنجي ڳوٺ ويو جتي خوب خوشيون ڪيائون ۽ سندس خوشيءَ ۾ گيت ڳايائون.
[b] (4) محمد رمضان دادو واري ٻڌايو:
[/b]وڏڙن کان ٻڌندا ايندا آهيون ته جمال، ڀائرن کان ڪنهن سبب ڪاوڙجي ڪوهستان طرف ويو پئي، اتي مان ۽ مرتبو پئي لڌائين. ڪاڇيلن وڏي قربداري ڏيکاريس ۽ کيس سواريءَ لاءِ هڪ ڪاڇيلو اُٺ به ڏنائون. اهڙو ذڪر جمالو گيت ۾ به آهي جنهن کي ڪاڇي اُٺ سواري ۾ ـــــ هو جمالو “جنهن جو ڪاڇي اُٺ ٽئونر سان ـــــ هو جمالو”
(5) [b]چون ٿا ته[/b] “جمالو” نالي هڪڙو شخص هو، جو پنهنجي ساٿين کان وڇڙيو، ۽ ڪي سال وڃي هيٺ لاڙ ۾ جتن سان گڏ گذاريائين. ڪجهه عرصي بعد جڏهن وري موٽي آيو، تڏهن سندس ساٿين توڙي سڪ وارن خوشيون ڪيون. ناچ ڪيائون ۽ پڻ سندس نالي گيت ڳايائون۔
[b]جمالو گيت
[/b]
منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو
جنهن جا پير پنج سير، هو جمالو
جنهن جي سوني منڊي چيچ ۾ هو جمالو
جنهن سان ڀائن ڪيو ڊوهه هو جمالو
لڙي ايندو لاڙ ڏانهن، هو جمالو
جنهن کي ڪاڇي اُٺ سواري ۾، هو جمالو
جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾ هو جمالو
جنهن جون اکيون رب رکيون هو جمالو
منهنجو کٽي ايندو خير سان هو جمالو.
منهنجو جمالو جتن سان هو جمالو
منهنجو کٽي آيو خير سان هو جمالو
جنهن جا ڏند دلبند هو جمالو
جنهن جو ڪاڇي اُٺ ٽونر سان هو جمالو
جنهنجي پڳ آهي پيچ سان هو جمالو
جنهن جي ڀنڀي ڏاڙهي شان سان هو جمالو
جنهن جي جتي جيسلمير جي هو جمالو
جاڏي پير تاڏي خير لا هو جمالو.
[b]ايوب پل
[/b]ايوب پل پاڪستان ريلوي جي ملڪيت آهي ۽ هي پل لئنسڊائون پل جي متبادل طور ايوب خان جي ايام ڪاري دوران ٺاهيو ويو. ان پل جي منظوري ايوب خان ڏني انهي ڪري هن پل تي نالو ئي ايوب پل پئجي ويو. هن پل جي تعمير 9 ڊسمبر 1969ع تي شروع ٿي ۽ 6 مئي 1962ع تي هي پل ٺهي راس ٿي. هن پل کي لئنسڊائون پل جي طرز تي ٺاهيو ويو آهي. هن جي تعمير کان اڳ ريلوي لئنسڊائون پل استعمال ڪندي هئي پر هن جي تعمير کان پوءِ هي پل ريلوي جي حوالي ڪيو ويو ۽ لئنسڊائون عام ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.