سنڌو ۽ هاڪڙي تي سنڌ جي ساحلي پٽي تي قائم ٿيل بندر
بندرن تي ڏيئا ٻريا ۽ اجهاڻا به هئا ته رات جي ٺريل نيڻن ۾ ڪن اداس دلين گيت جدائي جا ڳاتا به هئا ته جنگين جا طبل به انهن تي وڳا هئا۔ پر ذڪر هيٺ ايندڙ گهڻن بندرن مان ڪي اهڙا بندر به آهن جيڪي هن وقت کنڊر بڻيل آهن
[b]محمد بن قاسم بندرگاھ
[/b]سمنڊ تي ڪراچي کان 35 ڪلوميٽر اوڀر جي طرف واقع آھي۔ ڪراچي کان بعد ھي پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاھ آھي۔ ھتان کان ساليانو 1.7 ڪروڙ ٽنن جي سامان جي تجارت ٿيندي آھي جيڪا پاڪستان جي ڪل تجارتي حجم جو تقريباً 35% آھي.ان کي 1970ع جي ڏھاڪي ۾ ڪراچي جي بندرگاھ تي رش کي گھٽائڻ جي غرض سان تعمير ڪيو ويو۔ بندرگاھ جو نالو اٺين صدي عيسوي جي مسلم فاتح محمد بن قاسم جي نالي تي رکيو ويو آھي جنھن ھي علائقو 712ع ۾ فتح ڪري مسلم مملڪت شامل ڪيو ھو۔ بندرگاھ سنڌو درياھ جي ڊيلٽا تي پاڪستان اسٽيل ملز جي ويجھو تعمير ڪئي وئي۔ مقامي ماڻھو انکي عمومن ھن جي مختصر نالي پورٽ قاسم سان سڃاڻن ٿا۔ (محمد بن قاسم بندرگاھ جي ڄاڻ سنڌي وڪيپيڊيا تان کنيل آهي)
[b]لاڙي بندر
[/b]هن کي لاهري بندر ڪري به لکيو ويو آهي ۔ هن بندر تي لاڙ سبب اهو نالو پيو ۔ ابن بطوطه پنهنجي سفر نامي ۾ لاڙي يا لاهري بندر جي جاھ جلال جو ذڪر ڪيو آهي ۔ ابن بطوطه لکي ٿو ته لاهري وڏو بندر آهي، جتي يمن ۽ فارس (ايران) سميت ٻين ماڳن جا ماڻهو اچي واپار ڪندا آهن۔ هي مشهور بندر سورهين صدي ۾ هندستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مکيه بندر ۽ پرڏيهي ۽ سنڌ جي واپار جو مکيه بندر هو۔ هن بندر انگريزن ۽ پورچوگيزن (پرتگالين) کي ڇڪي هتي آندو. هن بندر تي 200 کان 300 ٽنن جا جهاز جيڪي ان وقت وڏا جهاز ليکيا ويندا هئا، سي اچي مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ لنگر هڻندا هئا۔ لاهري بندر تي ساليانو 4000 ٻيڙيون اينديون هيون۔ 1652ع ۾ لاڙي بندر جو عروج هو پر آهستي آهستي هن بندر ۾ واري ڀرجڻ سبب ويران ٿي ويو.
[b]اورنگا بندر
[/b]هي بندر مغل بادشاھ اورنگزيب جي دؤر ۾ شاهبندر ۾ ان وقت ٺهرايو ويو جڏهن لاهري بندر ويران ٿي ويو ۔ اورنگا بندر به واپاري بندر هو ۔ هتي انگريزن ڪپڙي جي فيڪٽري پڻ قائم ڪئي هئي ۔ اورنگا بندر ۾ ٻيڙاڻتن، ماهيگيرن واپارين سميت هزارين ماڻهو آباد هئا۔ هن بندر مان ماڻهو ميان غلام شاھ ڪلهوڙي لڏرايا ۽ انگريزن جي قائم ڪيل فيڪٽري به هتان منتقل ڪرائي۔
[b]شاهبندر[/b]
شاهبندر نالي بندر ميان غلام شاھ ڪلهوڙي تعمير ڪرايو۔ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي اورنگا بندر مان ماڻهن کي لڏرائي شاھبندر ۾ آڻي آباد ڪيو ۽ انگريزن جي قائم ڪيل ڪپڙي جي فيڪٽري به شاھبندر ۾ کڻائي آيو۔ جنهن ڪري اورنگا بندر جو عروج ختم ٿي ويو.شاھبندر تي ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جا پندرنهن جهاز بيٺا هوندا هئا۔ اهميت وارو بندر هجڻ ڪري هتان ڪڇ علائقي ۽ ڀاٽيا ذات جا ماڻهو مسقط ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن سان واپار ڪندا هئا۔ شاھبندر 1819ع واري زلزلي ۾ تباھ ٿيو ۽ ٻيهر ٺهيل شاھبندر هن وقت به قائم آهي ۔
[b]جاکي بندر
[/b]هي بندر ڌاراجا جي ويجھو هو ۽ هي لاڙ جي قديم بندرن ۾ ليکيو وڃي ٿو۔ هن بندر تي وڃڻ لاءِ ڪوري کاري کان ٻيڙين ۾ وڃبو هو
[b]وڪر بندر
[/b]سنڌو جي ڊيلٽا وٽ سمنڊ کان 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي وڪر بندر ۽ وڪر نالي قلعو به هو۔ 1837ع ۾ جڏهن ڪمانڊر ڪارليس سنڌو جي ڊيلٽا جي ماپ ٿي ڪرائي ته تعلقه گهوڙاٻاري ۾ هن وڪر بندر ڏٺو هو۔ هي بندر حجامڙو ڦاڪ ۾ پاڻي جو وهڪرو بيهي وڃڻ سبب ويران ٿي ويو۔
[b]ڌاراجا بندر
[/b]لاهري بندر کان ٻه ميل اوڀر طرف ڌاراجا جي ڦٽل شهر ۾ قائم ٿيل هو۔ هتي راجا ارجن جنهن جو لقب راڻو هو، اهو راڄ ڪندو هو۔ ان کي ميان غلام شاھ ڪلهوڙي قتل ڪرايو هو۔
[b]ڪيٽي بندر
[/b]هي بندر الائي ته ڪيترا ڀيرا اجڙيو ۽ وري آباد ٿيو۔ هن بندر جو عروج انگريز دور ۾ هو۔ هن وقت به ڪيٽي بندر قائم آهي پر سندس اهو عروج نه آهي۔ هن وقت ڪيٽي بندر ۾ ماهيگير مڇي ماري اچي وڪرو ڪن ٿا۔
[b]سنڊو بندر
[/b]هي بندر جاتي جي موجوده شهر کان چار ڪلوميٽر ڏکڻ طرف سيرکاري ۽ سنڌو جي قديم ڦاڪ گونگڙو تي ٺهيل هو۔ هتي ٻيڙيون سيرکاري کان اينديون هيون۔ هن بندر کي سير ڳنڍو به چون ٿا۔
[b]سنڌڙي بندر
[/b]سنڌڙي بندر رحمڪي بازار کان نو ڪوھ ڏکڻ طرف هو۔ 1819ع واري زلزلي ۾ هتي تباهي آئي، جنهن ڪري سنڌڙي قلعي يا ڪوٽ کي به وڏو نقصان پهتو۔ جهاز، دنگيون، ٻيڙا ۽ ٻيڙيون ڪوٽ لکپت ۽ ٻين هنڌن کان هتي ايندا هئا۔ تڏهن سنڌو جو ڦاڪ يا قديم پراڻ سنڌڙي بندر کان وهندو هو۔ اهو وهڪرو بيهڻ ڪري سنڌڙي بندر جو عروج ته ختم ٿي ويو پر ڪوري کاري مان هتي ٻيڙائتا ٻيڙين سميت ايندا هئا۔ پراڻ وارو وهڪرو 1758/59ع ۾ درياءُ جي رخ مٽائڻ ڪري آهستي آهستي سڪي ويو
[b]رحمڪي بازار بندر
[/b]هي بندر رحمڪي بازار جي نالي سان مشهور هو۔ هي بندر به پراڻ تي قائم ٿيل هو۔جي 1758/59ع واري دريائي وهڪري جي تبديلي ڪري ويران ٿي ويو ۽ هن وقت رحمڪي بازار کنڊر بڻيل آهي۔ رحمڪي بازار ۾ اڄ به ڪجھ آبادي رهي ٿي۔
[b]علي بندر
[/b]علي بندر به پراڻ تي قائم ٿيل هو۔ هتي وڏي آبادي رهندي هئي، ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي ايام ڪاري دوران هي بندر به وسندڙ بندر هو ۽ هتي نوتيار ماڙي قائم ٿيل هئي۔ پر 1758/59ع واري دريائي تبديلي ڪري ويران ٿي ويو ۽ هن وقت کنڊرن ڀرسان ننڍڙو شهر قائم ٿيل آهي۔ بدين ۽ مٺي ضلعن جي دنگ واري پوليس چونڪي به علي بندر جي کنڊرن وٽ آهي۔ مشهور مارو به هتي ٿيو هو.
[b]ونگو بندر
[/b]ونگو بندر پراڻ تي ونگي پتڻ واري قديمي ماڳ تي ميان غلام شاھ ڪلهوڙي قائم ڪيو۔ هي بندر به 1758/59ع واري دريائي تبديلي ڪري اجڙي ويو۔ هتي ميرن جي دور ۾ مير ٺاري خان ڪيٽي ٺاهي پنهنجو تخت گاھ قائم ڪيو هو، جيڪو به هن وقت کنڊر ٿي ويو آهي۔
[b]گدو بندر
[/b]گدو بندر حيدرآباد ڀرسان سنڌو تي ڪوٽڙي شهر ۾ ديوان گدو مل ٺاهيو هو ۔ هن وقت ويران ٿي ويو آهي پر حيدرآباد شهر جي آبادي وڌندي گدو بندر تائين پهچي وئي آهي۔ هن وقت پراڻي گدو بندر بجاءِ چرين جي اسپتال جيڪا به گدو جي نالي سان قائم ڪيل آهي سان مشهور آهي۔
[b]سکر بندر
[/b]سکر بندر به دريائي بندر هو۔ هن بندر جي به ڪنهن وقت ۾ وڏي اهميت هئي۔
[b]ٺٽو بندر
[/b]ٺٽو بندر جي تاريخ سنڌ ۾ وڏي اهميت رهي آهي۔ هي ٺٽي شهر جي ويجهو هئي.
[b]ديبل بندر (ديول بندر)
[/b]ديبل بندر يا ديول بندر جيڪو ضلعي ٺٽي جي شهر گهارو ڀرسان ڀنڀور ۾ کنڊر جي صورت موجود آهي، اهو بندر تاريخ سنڌ ۾ انهي ڪري به اهميت رکي ٿو جو محمد بن قاسم هي بندر فتح ڪري سنڌ فتح ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ ۾ باب اسلام يعني اسلام جو دروازو کوليو هو۔
هي ديبل يا ديول بندر سنڌو جي قديم ڦاڪ ڪلري تي قائم ٿيل هو۔ هن بندر بابت محققن جا جدا جدا رايا آهن، ڪن جو خيال آهي ته ديبل بندر يا ديول بندر ڀنڀور ۾ هو، ڪن جو خيال آهي ته پيرپٺو وٽ هو۔ سنڌ جي آرڪيالاجي کاتي طرفان ڀنڀور کي ئي ديبل بندر ڪوٺيو ويو آهي۔ اتي ڪئي ڀيرا کوٽائي پڻ ڪئي وئي آهي۔ ديبل کي تباھ شاھ خوارزم جي لشڪر ڪيو هو۔
[b]پير پٺو بندر
[/b]هي موجوده پيرپٺو جي درگاھ کان اوڀر طرف سنڌو جي قديمي ڦاڪ ٻگهاڻ تي هو ۔ جنهن جا کنڊر اڄ به موجود آهن ۽ هتي لائيٽ هائوس به هو۔ جنهن لائيٽ هائوس جي ڪجھه سال اڳ مرمت به ڪرائي وئي آهي۔
[b]سوکي بندر
[/b]هي بندر کاري ڇاڻ ڀرسان هو۔ هن بندر جو 1947ع تائين عروج هو، ورهاڱي ڪري هنڌو آبادي لڏپلاڻ ڪري وئي جنهن ڪري هن بندر تي زوال آيو۔ هن وقت سنڌو جو مٺو پاڻي نه وڃڻ سبب سامونڊي پٽي کاري ٿي وئي آهي ۽ بندر کنڊر بڻجي ويو آهي۔
[b]گزري بندر
[/b]ڪراچي بندر کان چار ڪلوميٽر پري هو. ڪراچي بندر: 1750ع کانپوءِ هي بندر سنڌ جو اهم بندر بڻجي ويو. ڪراچي بندر موجوده سنڌ ۾ 2017ع سال کان ته دنيا جي اهم بندرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. هن بندر تي هن وقت پوري جهان مان ٻيڙا جن کي انگريزي ۾ شِپ چون ٿا اچي لنگر انداز ٿيندا آهن. هن بندر تان ڏيساور ڏانهن وڻج ۽ واپار ٿئي ٿو ۽ ملاح هوڙن، لانچن ۽ ٻيڙين ذريعي مڇي مارين ٿا. ڪراچي بندر کي قاسم پورٽ به چيو وڃي ٿو. هن بندر تان حاجي حج لاءِ به ويندا هئا. هن بندر تان چانور، کنڊ، ڪپڙو، مڇي ۽ ٻيو سامان ايڪسپورٽ ڪيو ويندو آهي.
[b]پاري ننگر
[/b]پاري ننگر بندرگاھ سنڌ جو قديم بندرگاھ هو. هتي اوسواڙ واپاري رهندا هئا. جيڪي جين ڌرم جا پيروڪار هئا. سڏونت سارنگا جو لوڪ داستان پاري ننگر سان وابسته آهي. هن بندر کي محمود غزنوي اجاڙي ڇڏيو.