سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو ڪناري لاش دفن ڪرڻ جي روايت

سنڌو سڀيتا جنهن جا آثار موهن جي دڙي مان کوٽي ظاهر ٿيا، جيڪي واضع ڪن ٿا ته ان آڳاٽي دور جي وارث ماڻهن جي جيئڻ جا انداز ڪهڙا هئا. 1922ع ۾ دنيا جي ماڻهن جي قديم آثارن ۾ دلچسپي وٺڻ کان اڳ اها عظيم تهذيب به هڪ دڙي ۾ مدفون هئي. موهن جي دڙي جي شهري وسندي، فن ۽ ڪلا کي ڏسندي هن تهذيب جي قدامت کي دجله ۽ فرات جي ڪنڌين جي تهذيب سان ڀيٽيو ٿو وڃي. هاڻي سوڙهي ٿي ويل سنڌ جا ٿاڪ ۽ حدون آڳاٽي زماني ۾ پراهون هيون. جن جي پروڙ فرينچ جتي مهرڳڙهه جي کوٽائي ڪري واضع ڪئي. پراچند تهذيب جا پيرا کڻي يورپين جڏهن سنڌو درياھ ۽ ان جي مختلف وهڪرن جي ڪنڌين تي دڙن ۾ دفن ٿيل قديم آثارن کي کوٽڻ لاءِ نڪتا ته هنن مهرڳڙهه جي به کوٽائي شروع ڪئي. مهرڳڙهه جو ماڳ جيڪو تمام آڳاٽي زماني ۾ نديءَ جي وهڪري جي ڀرسان موجود هو. جتي وسندڙ ماڻهن جي اچ وڃ جو رستو يقينن اهو وهڪرو هوندو. پر هاڻي ان ماڳ جو سفر ڪندي توهان سان سنهن پٿرن جو لشڪر ساڻ هلندو. جيڪو ريتي جو مينهن وسائيندو هلندو. بولان لڪ جي ويجهو ۽ سبي کان ڪجهه ڪلوميٽر پري مهرڳڙهه جو هي تاريخي ماڳ موجود آهي.
هن جي کوٽائي مان جتي آڳاٽي زماني ۾ انساني وسندي جي رهڻي ڪهڻي جا ٺڪر، ٿانءَ ۽ ٻيون شيون مليون آهن. اتي قبرستان پڻ دريافت ٿيا آهن. جيڪي پاسڪل سيليئر جي تحقيق مطابق مختلف دؤرن سان تعلق رکن ٿا. زندهه سماج پنهنجي مري ويل مٽن مائٽن سان جيڪو سلوڪ ڪندو آهي، تنهن کي جيئرن جو مري ويلن سان لڳ لاڳاپو چئجي ٿو. برصغير ۾ پنهنجي عزيزن لاءِ ۽ دنيا ۾ عقيدت طور ٺاهيل قبا ته تاج محل ۽ روضن جي صورت ۾ ته موجود آهن پر مهرڳڙهه جي دريافت ڪيل قبرستانن جي مختلف قبرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو لاش سان گڏ سينگار ۽ کاڌي پيتي جو سامان به مڙهه سان گڏ پوريندا هئا. هن ماڳ جي کوٽائي مان ٽي قبرستان دريافت ٿيا. هن تي تحقيق ڪندڙ پاسڪل سيليئر موجب اسان ٻن قبرستانن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو جن مان هڪ ڇهه سهس ق. م ۽ ٻيو ٽامي جي دؤر جو چار سهس ق.م جو سهيوڳي آهي. ڇهه سهس ق.م جنهن کي هي پٿر واري دؤر کان اڳ وارو دؤر سڏي ٿو. هن قبرستان مان مليل هڏاون پڃرن تي کل جو لباس يا کل جي وڏي ڳوٿري چڙهيل ڏسجي ٿي. جيڪا ڳيرڙيءَ سان رڱيل آهي. هن حقيقت مان ڄاڻ ملي ٿي ته ان زماني ۾ ميت کي چمڙي جو ڪفن ڏنو ويندو هو. قبرن جو 2/3 حصو اهڙو آهي جنهن ۾ لاشن جي مٿي سان گڏ مٽي جا ٿانو، پٿر جا ڪوريل برتن ۽ ڏامر جهڙي مصالحي مان ٺهيل ٽوڪريون مليون آهن. اندازو آهي ته انهن ٿانءَ ۾ کاڌ خوراڪ واري ڪا شيءَ رکي وئي هوندي. جيڪا هاڻي گهڻو وقت گذرڻ ڪري نظر نٿي اچي. ڪن قبرن ۾ هڏي ۽ پٿرن جا اوزار، گهڙيل لسا پٿر، چقمقي پٿرن جون مڱريون، ڳيرڙي جون چپڙيون به مليون آهن. ان کان سواءِ هڏاون پڃرن کي ڳهه ڳٽا جهڙوڪ هار، لٽڪڻ وارو ڳهه، ٻندا، جهومڪ، چوڙيون، چيلهه ٻنڌڻ ۽ ڪڙيون پاتل ڏسجن ٿيون. قبرن ۾ لاش اوڀر کان اولهه طرف دفن ٿيل آهن. سڀني دؤرن جي تهن ۾ پوريل مڙهه اهڙي طرح دفن ٿيل آهن. سندن مٿا اوڀر طرف، منهن ڏکڻ طرف ۽ قبرن جي اوساريل ڀت ڏانهن موڙيل آهن. ٽامي واري دؤر جي قبرن ۾ ڌاتو جي اوزارن سان گڏ چڪ جي مدد سان ٺهيل ٺڪر جا ٿانءَ به مليا آهن. ڪنجهي جي هڪ مهر به هڪ قبر مان ملي آهي. ڇهن عورتن جي مڙهه جي مٿن سان ساديون پٽيون ٻڌل نظر آيون آهن. جن ۾ باهه سان تپائي تيار ڪيل پٿر جي مڻين واري لڙهي ۾ ڪٿي ڪٿي سنکن، فيروزي، عقيق، لاجورد ۽ ٺڪر جا ڏنگا ڦِڏا مڻيا پوئيل آهن. اهي شيون صرف بالغ مردن ۽ عورتن جي قبرن مان مليون آهن. جڏهن ته ٻارن جي قبرن مان اهڙيون شيون هٿ ناهن آيون. قبرن جي اوساري ڪچي سرن سان ٿيل آهي. قبرن جو نمونو ڪوٺي نما لڳي ٿو. جنهن ۾ سامان رکڻ لاءِ جاءِ الڳ ڇڏي ويندي هئي. هن ڪفن دفن جي رسمن تي اڃان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. پر ڪجهه سوال ذهن ۾ ضرور اڀرن ٿا ته ڇا انهن رسمن مان ثابت ٿئي ٿو ته مري ويل ماڻهو پاڻ ۾ ملندا يا اهي مري ويل وري جيئرا ٿيندا؟ يا وري اهي رسمون وڏڙن جي رسم طور ادا ڪيون وينديون هيون. يا ان ڪري ادا ڪيون وينديون هيون ته جئين مري ويل ماڻهو جي سماجي مرتبي کي آخرت ۾ برادري طور سڃاڻي سگهجي.