اروڙ، روهڙي، بکر ۽ سکر
روهڙي قديم زماني کان وٺي انساني آبادي جو مسڪن رهيو آهي. هن شهر کي لوهر ڪوٽ يا سندس هندي نالي رورا پورا، ۽ رورا نگر به چوندا هئا. آبڪلاڻي جي مند دوران دريا پنجاھ ڦٽن جي ديوارن جي بلندي سان گڏ وهندو آهي. هن شهر اسلامي دور ۾ علميت، صنعت ۾ وڏو نالو ڪڍيو. هتي آگري کان واپاري قافلا ايندا هئا. هتي مال جي مٽا سٽا ٿيندي هئي. روهڙي جو ڪپڙو مشهور هو، هتي جي ڪپڙي کي تسر چوندا هئا. هتي جا واپاري نير ۽ سوٽي ڪپڙي جو واپار ڪندا هئا. هتي جا هاري محنتي ۽ ڪاريگر هوشيار هئا. هلت ۾ امن پسند ۽ وهنوار ۾ سڌا هوندا هئا. هي علائقو باغن ڪري به تمام خوبصورت لڳندو هو. روهڙي مسجدن ۽ مقبرن ڪري به مشهور آهي. هتي وار مبارڪ جي نسبت سان هڪ روايت به آهي ته عدالباقي صديقي عرب عورت سان شادي ڪئي کيس نبي ڪريم ﷺ جو وار مبارڪ سندس سهري نظام الدين ڏنو هو. هر سال ذوالحج جي نائين تاريخ تي ان وار جي زيارت. ڪرائي ويندي آهي. ان وار مبارڪ کي مسجد وارو وار مبارڪ به چوندا آهن. هتي جامع مسجد اڪبري نواب فتح خان 992ھ ۾ جوڙائي هئي.
[b]قاسم خاني
[/b]روهڙي جي ويجهو دريا جي کارتري شاخ مان تري ڪپ تي امير ابوالقاسم چانڊوڪي راتين ۾ اچي وهندو هو. هن پنهنجي وصيت ڪئي هئي ته کيس مرڻ کانپوءِ ان مقام تي ئي دفن ڪيو وڃي. اهو قبرستان امير ابوالقاسم جي خاندان جو آهي پر ڪي ماڻهو اڻڄاڻائي ۾ هن کي ستين جو قبرستان ڄاڻائين ٿا. 1590/91ع ۾ اڪبر بادشاھ طرفان مير معصوم بکري کي روهڙي جاگير طور ملي. هن روهڙي کي اڏڻ ۽ سينگارڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي. روهڙي ۾ سيمنٽ فيڪٽري به قائم آهي. روهڙي ۾ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ريلوي جنڪشن به آهي. انگريز، دور ۾ روهڙي جي آدمشماري 8000 هئي. روهڙي کجين جي باغن ۽ ڇُهارن ڪري به ملڪان ملڪ مشهور آهي. سنڌ ۾ عرب دور کان کجين جي پوک شروع ٿي. هن وقت سنڌو توڙي هاڪڙي جي پراڻن ماڳن ۽ ڪنارن کان وٺي ملتان ۾ کجي جا باغ آهن. هتان ڏيساور کجي ۽ ڇوهارا موڪلي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. هتي ٻه سئو کان وڌيڪ کجين جا قسم پوکيا وڃن ٿا. کجين جي تيار ڦل کي برساتن ڪري نقصان پهچندو آهي. هتي پٻڻ لوڙهه مڇي ۽ ٻي هرقسم جي مڇي جام ماري وڃي ٿي. هتي جو چمڪيلو پٿر به ملڪان ملڪ مشهور آهي. هتي ملڪ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي عزاداري ٿئي ٿي جنهن کي ڏسڻ لاءِ لکين ماڻهو اچن ٿا. روهڙي شهر جو بنياد 996ھ / 1297ع ۾ سيد رڪن الدين شاهه رکيو. جنهن جو ذڪر اي ڊبليو هيوز سنڌ گزيٽئر ۾ ڪيو آهي. اي ڊبليو هيوز هن شهر جو نالو لوهري ۽ لوهرڪوٽ ڄاڻايو آهي. روهڙي ٻولي جي حساب مان روڙي مان ورتل ٿي سگهي ٿو جنهن جي معني ننڍو پٿر يا ٽڪري ٿيندي.
[b]بکر[/b]
التمش جي دور ۾ نظام الدين جنيدي، قباچ کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ التمش بکر کي سنڌ جو تخت گاهه مقرر ڪيو. بکر جي فوجي قلعي جي اهميت تاريخ جي هر دور۾ رهي آهي. اهو واحد قلعو آهي جيڪو اڄ به محفوظ ۽ فوجي استعمال ۾ آهي. بکر قلعي سنڌ جا عروج ۽ زوال ڏٺا آهن ۽ فوجي مورچو رهيو آهي. نورالدين محمود التمش جي دور۾ به بکر سندس صدر مقام هو ۽ بکر جو گورنر لاڙ تائين نگراني ڪندو هو. جلال الدين خلجي جي قبضي بعد سندس پاران مقرر ڪيل گورنر نصرت خان بکر ۾ رهندو هو. بکر واري قلعي مان بولان لڪ ۽ موله لڪ جي نگراني به ٿيندي هئي. ڄام نندي جي دور ۾ قاضي قادن بکر جو نائب مقرر هو. قاضي قادن سنڌ جو وڏو برک شاعر ٿي گذريو آهي. شاھ بيگ ارغون بکر واري قلعي جي مرمت لاءِ اروڙ جي قلعي ۽ عمارتن مان سِرون ڪڍي استعمال ڪيون. ۽ نوان دروازا هڻايا. هڪ دروازو ڏکڻ طرف ۽ ٻيو اتر طرف هو. اوڀر ۽ ڏکڻ برج تعمير ڪرايائين. جنهن تان ڏوهارين کي هيٺ ڪرايو ويندو هو. ان برج کي جوٽي برج چيو ويندو هو قلعي اندر باغ به هئا. همايون شير شاهه سوري کان شڪست کائي بکر قلعي کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيو. مغل دور ۾ سنڌ بکر ۽ ٺٽه سرڪار ۾ ورهايل هئي. داراشڪوھ شاھ جھان جي ڊپ کان بکر اچي رهيو هو. مغلن جي دور ۾ بکر کي وڏي اهميت حاصل هئي. انگريزن جي دور ۾ به سکر بجاءِ بکر هو. هتي جا ماڻهو پاڻ کي بکري چورائڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪندا هئا. اڪبر جي زماني ۾ بکر ۾ ضرب خانو هو جنهن ۾ ٽامي جا دام ۽ چاندي جا چئو ڪنڊا ٺهندا هئا. اهي پئسن طور هلندا هئا. اورنگزيب جي ڏينهن تائين دام سڪو رائج هو. انهن سڪن تي اڪبري الاهي سال ۽ مهينا ڏنل هئا. اورنگزيب جي زماني ۾ ٽامي جا سڪا تيار ٿيڻ شروع ٿيا.
[b]سکر[/b]
سکر شهر سنڌو جي ساڄي ڪپ تي مشهور شهر آهي. ويدن مطابق سنڌ چئن حصن ۾ ورهايل آهي.
1) اڌيجا (اتر) (2) رمڌيا ديش (وچولو) (3) نيچيا (لاڙ) 4) پراچيا (ٿر)
سکر سري (اتر) ۾ مهراڻ جي ڪپ تي مکيه بندر آهي. موجوده وقت ۾ ڪراچي، حيدرآباد کانپوءِ سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر سکر آهي. سکر جابلو ۽ ميداني حصي تي ورهايل آهي. ٽڪرين واري پاسي سرڪاري آفيسون قائم ٿيل آهن. ۽ شهر آهي. سکر جي نانءُ بابت به ٽي رايا آهن.
1) جڏهن محمد بن قاسم هت پهتو ته هتي جي گرم آبهوا ڪري سقر چيائين ، اهو عربي ٻولي جو اکر آھي ۽ سقر دوزخ جي درجن مان هڪ درجو آهي. سکر ۾ گرمي انتها درجي جي ٿئي ٿي. جولاءِ ۽ آگسٽ جي گرمي ته برداشت کان مٿي هوندي آهي. ۽ اهو سقر لفظ بدلجي سکر ٿي ويو
2) محمد بن قاسم لفظ شڪر چيو جيڪو بعد ۾ سکر ٿي ويو. هن راءِ مطابق ته هتي ڪمند گهڻو ٿيندو آهي. ڪمند مان اڳي چيچڙن وسيلي ڳاڙهي کنڊ ٺهندي هئي جنهن کي شڪر چون ٿا. سکر لفظ ان شڪر جي بگڙيل شڪل آهي.
3) "سکر سي ئي ڏينهن جي مون گھاريا بند ۾"
هن شعر ۾ سکر سٺو، چڱو، ۽ ڀلو جي معني ۾ استعمال ٿيو آهي. هن حساب سان سکر نج سنڌي لفظ آهي. سکر محمد بن قاسم فتح ڪيو. جڏهن عمران برمڪي سنڌ جو والي ٿيو تڏهن هن سنڌو تي سکر وٽ سڪ المير نالي سان بند ٻڌرايو. محمود غزنوي به هن ماڳ تي قابض ٿيو. اروڙ جي ويراني بعد جيڪي هندستاني مال بردار قافلا اروڙ ايندا هئا اهي سکر ۾ اچڻ لڳا. سکر جا وچ ايشياء جي ملڪن سان واپاري لاڳاپا هئا. 1747ع ۾ نادر شاه قزلباش هتي قتل ٿيو ۽ افغانستان خراسان ۽ مهراڻ جي اولهندي وارا پرڳڻا احمد شاھ دراني جي هٿ چڙهي ويا، جنهن ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کي شاھ نواز جو خطاب ڏنو. ميان قنڌار ۾ ڍل پهچائڻ ۾ دير ڪئي، جنهن ڪري احمد شاھ دراني سکر پهتو ۽ ٻيڙين جي پل ٺاهي دريا پار ڪري روهڙي ۾ داخل ٿيو. ميان سندس خوف کان روهڙي ڀڃي ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. کيس موري تعلقي جي احمد ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. احمد شاھ دراني سندس وڏي پٽ مراد ياب ڪلهوڙي سربلند جو خطاب ڏنو پر ان ۾ وري حڪومت هلائڻ جي اهليت ڪونه هئي. جنهنڪري اميرن گڏيل فيصلو ڪري ميان غلام شاھ ڪلهوڙي کي تخت تي ويهاريو. سکر جي جامع مسجدن ۾ شاگردن کي عربي ۽ قرآن جي تعليم ڏني ويندي هئي. هندو مسلمان گڏ پڙهندا هئا. هندو ۽ مسلمان سادگي سان زندگي گذاريندا هئا عيدون ۽ هوليون گڏجي ملهائيندا هئا. هي شهر باغن ڪري مشهور هو. هتي جا ڇوهارا مسقط تائين مشهور هئا. ميوات جام ٿيندي هئي. ڪڪڙ جي قيمت 6 پايون ۽ رد جي قيمت هڪ شلنگ هئي. انگريزن جي سنڌ تي قبضو ڪرڻ بعد نئين سکر جو بنياد پيو. ٽڪري تي مسلمانن جون قبرون مسمار ڪري سرڪاري عمارتون ۽ آفيسون ٺاهيون ويون. سکر ۾ انگريزن فوجي ڇانوڻي به ٺاهي. انگريز دور ۾ سکر ۾ سنڌو تي ايشيا جي اهم پل، انجينئرنگ جو شاهڪار لئنس ڊائون پل ٺاهي وئي. لئنس ڊائون پل 1888ع ۾ ٺهي ۽ 27 مارچ 1889ع ۾ ٽريفڪ لاءِ کولي وئي. 1923ع ۾ سنڌو تي سکر بئراج جي اڏاوت شروع ڪئي وئي. 1932ع ۾ سنڌو تي پهرين بئراج سکر بئراج جو افتتاح ڪيو ويو. بئراج جي ڊزائين ۽ رٿابندي انجنيئر آرنلڊ مسٽو جي هئي. ۽ حڪومت کي رٿا ڊوئلس ڏني هئي. سکر پتڻ، مسجد منزل گاهه، ساڌ ٻيلو، معصوم شاھ جو منارو، آدم شاه جو مقبرو خواجه خضر جو آستانو، شکر جا مشهور ماڳ آهن. هتي ڪپڙي جا ڪارخانا به آهن ۽ هتي جي ڇوهارا منڊي مشهور ۽ اڄ به هن شهر جي سونهن آهي. دريا جي ٻنهي ڪنارن تي شهر آباد آهي. هن وقت روهڙي، اروڙ، بکر ۽ سکر کي ساڳئي ماڳ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. پر تاريخ ۾ هنن کي ڌار ڌار شهر ۽ ماڳ لکيو ويو آهي. هن وقت روهڙي، اروڙ، بکر ۽ سکر شهرن جي آبادي پاڻ ۾ گڏيل آهي. سندن اوڀر طرف وارو حصو ڄڻ کنڊر بڻيل آهي .