سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو جا دريائي ٻيلا

سنڌو درياءُ جي ڪٺار سان ٻيلن ۽ جهنگلن جو ذڪر سڪندر مقدوني جي دور جي مورخن سميت مختلف انگريز محققن به ڪيو آهي. سنڌو دريا جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ دريا جي اوڀر طرف جيڪي خاص طور تي ميرن جي دؤر جا مشهور ٻيلا آهن. تن ۾ (1) سهڻي ٻيلو (2) مولچند (3) ڪاتيار ٻيلو (4) کڏي ٻيلو (5) هديراڻي (6) ٻڌڪا (7) پنها (8) کير تسر (9) جوراڙ (10) سورجاڻي (11) گنج (12) هزاري (13) کوکر (14) پنوهر (15) علي بحر (16) مبارڪي (17) ڇڇ (18) ڇڇ ڪيٽي.

[b]دريا جي اولھه طرف وارا ٻيلا
[/b] (19) سونڊ (20) ويران (21) للهنگ (22) هيلايا (23) ڳاڙهڪو (24) شاہ لونڪو (25) علي گنج (26) ٻائو پورن داس (27) سنڌ ناڻي (28) ٻجورا (29) ڪٽ مبارڪي (30) گليل (31) حيات ڳاڙهو (32) ڪاٺوڙ (33) مڙهو ڪوٽڙي (34) خاناڻي (35) مليرڙي (36) خاصو (37) ٻن (38) ڄاماڻي (39) ساڌ ٻيلو (40) مياڻي
سنڌو جي ٻيلن ۾ هڪ لک ستر هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي بااثرن جا قبضا ٿيل آهن ۽ گورنمينٽ طرفان ليز تي به ڪافي ايراضي بااثرن کي ڏني وئي آهي. ٻيلا 228812 هيڪٽرن تي پکڙيل هئا. جيڪي هاڻ 73100 هيڪٽر تائين وڃي بچيا آهن. "ڊيمن جي اڏاوت ۽ ڊيلٽا جي مرندڙ زندگي" آرٽيڪل زاهد اسحاق سومرو ڪاوش 10 نومبر 2010ع مان اهي ٻيلن بابت انگ اکر ورتا ويا آهن. ميرن جي دور ۾ خاص طور تي سنڌو تي چراگاهه ۽ ٻيلا پوکرايا ويا. انگريز دور ۾ باقاعدا ٻيلي کاتي جو بنياد رکيو ويو. جيڪو قيام پاڪستان کانپوءِ به اڄ تائين قائم آهي. ٻيلن ۾ گاھ، ڪاٺ، لاک، کونئر وافر مقدار ۾ ٿئي ٿو. ان کان علاوه ٻيلا جھنگلي جيوت جي پناه گاھ آهن ٻيلن ۾ وڻن جي ڪري آبهوا صاف رهي ٿي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو اچي ٿو، جديد سائنس اهو ثابت ڪيو آهي ته ٻيلن ڪري برساتون پون ٿيون. سنڌو جي ساحلي پٽي تي تمر جا ٻيلا ٿين ٿا. جيڪي سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏن کان قدرتي بچاءَ بند آهن. تمر جو وڻ اٺن جي چاري جي ڪم به اچي ٿو ۽ تمر جي وڻ جون ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اچن ٿيون. سنڌ ۾ ڪئي اهڙا شهر آهن جن جي سڃاڻپ ئي ٻيلن سان آهي. شڪارپور ڪنهن دور ۾ شڪار گاھ هو. سنڌ جو ٻيلو شهر جيڪو ضلعي سجاول ۾ آهي ان تي نالو ئي ٻيلو رکيل آهي. قديم ڦاٽ ساڱرو يا اولھ پراڻ تي عثمان شاھ جي هڙي به مشهور آهي. کٿڙ، ڪاٺڙي، مٽياري، ڀٽو ماڙي، محراب پور، ماڙي، منگي ٻيلو ۽ ٻيا ڪيترا شهر ٻيلن سان نسبت رکن ٿا. سنڌ جي ڊيلٽا ۾ تمر جي وڻ جون اٺ جنسون ٿين ٿيون. سنڌو ڊيلٽا جا تمر وارا ٻيلا ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي 1991ع کان هن وقت 2018ع تائين نه ڇڏڻ ڪري خطري ۾ اچي ويا آهن. سنڌو جي ڊيلٽا ۾ جيڪا سنڌو جي ذريعي لٽ ايندي هئي اها پاڻي جي نه اچڻ ڪري رڪجي وئي آهي ۽ تمر جا وڻ سڪي ويا آهن، جنهن ڪري ڊيلٽا ۾ آڪسيجن جا مسئلا به ٿين پيا. سمنڊ جو پاڻي ڊيلٽا جي زمين کي ڳڙڪائيندو وڃي. جيڪڏهن سنڌو جي ڊيلٽا جا اهي تمر وارا ٻيلا ختم ٿي ويا ته سامونڊي مخلوق ڪناري کان پري هلي ويندي ۽ ماهيگيري جي پيشي کي وڏو نقصان رسندو. ان ڪري حڪومت کي کپي ته ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل مقدار ۾ پاڻي کي ڇڏي جئين سنڌو جي ڊيلٽا کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي.