سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

ڊيلٽا ۽ ٻيٽ

دنيا ۾ جتي به دريا آهن اهي اوچائي کان هيٺ وهندي پنهنجي سفر جي ايامن کان پنهنجي پاڻي ۾ آڻيندڙ لٽ کي پنهنجي ڪچي ۽ ڊيلٽا ۾ ان هنڌ تي سمائين ٿا جتي هو پنهنجي تمام حسناڪين پنهنجي رنگ برنگي لهرن کي سمنڊ حوالي ڪن ٿا. جڏهن هو پاڻ کي سمنڊ حوالي ڪن ٿا تڏهن پاڻ سان گڏ آندل لٽ کي ڇاڻي نئين ڌرتي، دڙا ۽ ٻيٽ به ٺاهين ٿا. سنڌو ۽ هاڪڙو صدين کان سمنڊ کي پويان ڌڪيندا ڌرتي ٺاهيندا رهيا آهن. محقق لکن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ سنڌو ۽ هاڪڙي جو ڊيلٽا ملتان وٽ هوندو هو. پر پوءِ آهستي آهستي سمنڊ جنهن کي مهاساگر چيو ويو پوئتي هٽندي هٽندي موجود ڊيلٽا واري جاءِ تي پهتو. سنڌو جي ساحلي پٽي جا ماڻهو سمنڊ کي به دريا چوندا آهن. سنڌو جي ساحلي پٽي تي هاڪڙي ۽ سنڌو ٻنهي ٻيٽ ٺاهيا. انڊس ڊيلٽا جي موجوده زمين 41 هزار 440 چورس ڪلوميٽر ايراضي تي مشتمل آهي. ان جي 200 چورس ڪلوميٽر زمين سمنڊ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي. سمنڊ جون لهرون اچي ان سان ٽڪرائجي واپس هليون وينديون آهن. ان زمين جو سمنڊ سان رشتو اڻ ٽٽ آهي. سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ 300 کان وڌيڪ ٻيٽ آهن. جن مان ڪيترن ئي ٻيٽن تي ماهيگيرن ۽ جتن جا ڳوٺ آباد آهن. ٻيٽن تي رهندڙ انهن ماڻهن جون اکيون اٿندي وهندي سمنڊ جو لهرون ڏسن ٿيون ۽ انهن جي زندگي هوڙن ۽ ننڍين ٻيڙين ۾ سفر ڪندي گذري ٿي. ٻيٽن جي زندگي سُکي به آهي ته ڏُکي به. انهن ٻيٽن تي بجلي جو ڪو تصور ئي ڪونهي پر هاڻ هنن ٻيٽن تي ڪٿي ڪٿي گهرن تي سولر سسٽم لڳل نظر اچن ٿا. هنن ٻيٽن تي آباد سنڌي وسندين ۾ ڪجھ پرائمري اسڪول به آهن. هتي روڊ رستن جي سهولت بلڪل نه آهي. شهر وڃڻ لاءِ هي ماڻهو ٻيڙين ۾ سفر ڪندا آهن. مٺي پاڻي جي به ڪا سهولت ڪونهي. هتي جا ماڻهو رڌ پچاءُ، پيئڻ سميت غسل ڪرڻ ۽ وضو ڪرڻ لاءِ مٺو پاڻي شهرن مان خريد ڪندا آهن. صحت جي به ڪا سهولت ناهي. ٻيٽن تي ڪاٺ جا گهر ٺهيل آهن. وير چڙهڻ ڪري هتي اڪثر گپ چِڪ رهي ٿي. ٻيٽن تي مڇي سستي ۽ پاڻي مهانگو آهي. هتي جا مهاڻا ماڻهو اڪثر رڇ، هوڙن، نيون، ٻيڙن جي مرمت ڪندي يا نوان ٺاهيندي نظر ايندا. انهن جي من اندر جو اظهار شاه عبداللطيف ڀٽائي هئين ڪيو.

هينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏَتَڙِ پئــي ڏينهن ٿِيا!
پُڇِيو تان نه پِرِيان، ڪَرَلاهُو ٿِي ڪَڏِهِين.

انھن ٻيٽن جي تڙن تان جڏهن ماهيگير ملاح هوڙا، لانچون ۽ ٻيڙيون ڪاهي مڇي مارڻ ويندا آهن تڏهن سندن عورتن جي جيڪا نفسياتي ڪيفيت هوندي آهي. سا شاھ عبداللطيف ڀٽائي هن طرح بيان ڪئي.

نه سي تَڙِ هوڙاڪَ ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون،
سَرَتِيُون! سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ،
مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيُون، پِرِيَنِ جا.

جڏهن ملاح روانا ٿين ٿا ته کين موڙ ٻڌي، گهوٽ بڻائي، ڳيت ڳائي رخصت ڪيو وڃي ٿو. پوءِ سندن لڄون انتظار جي بتيلن ۾، سندن اوسيئڙو ڪن ٿيون. انهن ٻيٽن تي اٺ، مينهون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون به پاليون وڃن ٿيون ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڪتا پالڻ جو به رواج آهي. کاروڇاڻ جي ٻيٽ واري شهر ۾ ته اڄ به ڍڳا گاڏيون هلن ٿيون. اهي ڍڳا گاڏين وارا تڙ تان سامان کڻي شهر ۾ دڪاندارن ۽ گهرن تائين پهچائين ٿا. ڪئي ٻيٽ محمد بن قاسم جي اچڻ کانپوءِ آباد ٿيا، اهيي اهي سنڌي هئا جن محمد بن قاسم اڳيان آڻ نه مڃي ۽ ٻيٽن تي وڃي آباد ٿيا اهي پاڻ کي دٻلا يا ديٻلا سڏائين ٿا. مختلف ٻيٽن تي سندن ڳوٺ آباد آهن. آئون صديق ۽ اسحاق دٻلو ڳوٺ ۾ رهي مهماني ٻه کائي آيو آهيان. ٻيٽن تي مٺي پاڻي جي اڻهوند ڪري ماڻهن ۽ چوپائي مال جو رهڻ ڏکيو ٿيندو وڃي. ماحولياتي تبديلين ڪري به سمنڊ چڙهندو پيو وڃي ۽ ٻيٽن جي ڌرتي سڪڙجندي وڃي. انهن سمورن مسئلن ڪري ڪيترائي ئي ماڻهو ٻيٽن تان لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. جيڪڏهن ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل ضرورت مطابق گهٽ ۾ گهٽ 25 ايم آءِ ايف پاڻي نه ڇڏيو ويو ته ٻيٽن تي زندگي جون بهارون خزائن جي نذر ٿي وينديون پاڻين جي ديس جا هي رهواسي جن هميش پاڻين سان عشق ڪيو انهن جون وسنديون اجڙي وينديون.

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻِجارَن جون،
آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُونڊَ کي.

سنڌو جي ڊيلٽا ۽ ٻيٽن ۾ دنهين ، ڏڀر، ڀرٽ ، مانڌاڻو ، ڏير ، ٽوپ ، ڪلرو ، منڍيرو ، منگرال ، مکڻي ، ڪنڊڙي ، پڇڙ گاھ ۽ پواڙي گاھ پڻ ٿين ٿا ، سونهڻ گاھ سمنڊ ۽ ڊيلٽا ۾ ٿئي ٿو جيڪڏهن سونهڻ گاھ چوپايو مال کائي وجهي ته ان جو کير ماکي ۽ کنڊ کان به مٺو لڳندو ان بابت شاھ لطيف چئي ٿو ته

کاري وير ورن ، ونگ سڀوئي وھ ڪيا،
سونهڻ جيئن سيڻن ، مٺو سائو نه مٽيو .

ساحلي پٽي جي ڪجهه مشهور ٻيٽن جا نالا
حاجي محمد جت ٻيٽ، مصري جت ٻيٽ، محمد جت ٻيٽ، هاشم راڄائي ٻيٽ، صديق ملاح ٻيٽ، موسيٰ ٻٽابي ٻيٽ، عثمان شاھ ٻيٽ، سيٺ نور جت ٻيٽ، رمضان جت ٻيٽ، عثمان جت ٻيٽ، اڀان ملاح ٻيٽ، غلام حسين شيرو ٻيٽ، حاجي هاشم جت ٻيٽ، موسيٰ جت ٻيٽ، سليمان ٿامبو ٻيٽ، طالب دٻلو ٻيٽ، مهراڻ دٻلو ٻيٽ، ٽانڊو ٻيٽ، اسحاق دٻلو ٻيٽ، سن دٻلو ٻيٽ، امير ملاح ٻيٽ، زو دٻلو ٻيٽ، ڪانٽلي دٻلو ٻيٽ، مٺو راڄو ٻيٽ، عثمان گلاڻي ٻيٽ، بلاول دٻلو ٻيٽ.