هاڪڙو ۽ ڪڇ جو رڻ
ڪڇ جي چورس پکيڙ 7،616 ميل آهي۔ اتر ۾ 12 انچ ۽ ڏکڻ ۾ 20 انچ برسات پوي ٿي۔ زمين گهڻو ڪري ويران ۽ بنا وڻن جي پهاڙي آهي، پهاڙي لاهين تي ساوڪ آهي۔ مکيه ڌنڌو مال چارڻ ۽ مڇي جهلڻ آهي۔ ڪڇ جا ملاح، جهاز ران ۽ ڦورو تاريخ ۾ مشهور رهيا آهن۔ 1762ع ۾ ڪڇ جي ماڻهن بنا ڪنه. ٻاهرين مدد جي جهاز ٺاهيو جيڪو انگلينڊ پهتو۔ سورهين ۽ سترهين صدي ۾ هندي مها سمنڊ ۾ پورچوگيزن جي شرارتون وڏي ويو ۽ هنن مغل حڪمرانن جي معاملن ۾ هٿ چراند شروع ڪري ڏني۔ تڏهن مغل بادشاھ جهانگير حاجين جي جهاز جي حفاظت جون ذميواريون ڪڇ جي راءِ کي سونپيون هيون۔ ڪڇ جي نار سڄڻ تائين ڪڇ ۽ سنڌ گڏيل چمين هئي۔ اڄ سندس جاگرافيائي بيهڪ ڪريڪڇ سنڌ جو حصو آهي پر عربن جو ڪڇ کي فتح نه ڪري سگهڻ ڪري ۽ ان کان الاهي پوءِ انگريزن طرفان سنڌ کي بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) سان ملائڻ ۽ ڪڇ کي گجرات سان ڳنڍڻ ڪڇ گجرات جو حصو تصور ڪيو ويو۔ وري 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ جڏهن سنڌ پاڪستان ۽ ڪڇ هندستان جي حصي ۾ آيو ۽ ٻنهي ملڪن جي سياسي حالتن ۽ جنگين ڪري ويڇا ويتر وڌي ويا۔ انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ڪڇ ۾ وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي سنڌي جو ڪڇي لهجو آهي۔ ڪڇ ۽ سنڌ جي ثقافت گڏيل آهي ۽ ڪڇ ۽ سنڌ جون قبيلائي ذاتون مشترڪ آهن۔ آهي سڀ ڳالهيون چٽو ٿيون ڪن ته ڪڇ سنڌ جو حصو آهي۔
[b]سنڌو سڀيتا جو شروعاتي دور ۽ ڪڇ
[/b]سنڌ جا شروعات ۾ پنج صوبا هوندا هئا۔ اوڀاريون، اتريون، ڏاکڻيون، وچيون ۽ اولاهون۔ اوڀاريون صوبو سرسوتي، گهگهر ۽ چنانگ ندين جي ڪنارن تي ارتقاء ڪيو ۽ اهو هاڻوڪي دهلي تائين ڦيليل هو۔ ان دور ۾ رڻ ڪڇ خشڪ نه هو۔ هاڪڙو، سرسوتي، سنڌو ۽ لوڻي ندي ان کي سيراب ڪندا هئا۔ ڪڇ جي پکيڙ ان وقت چار هزار چورس ميل هئي۔ سمورو ڪڇ هڪ ٻيٽ هو۔ جيڪو ڪڇ جي کاري، ڪڇ جو نار ۽ سمنڊ جي گهيري اندر هو۔ موهن جي دڙي ۽ هڙپا کان ڪڇ وڃڻ لاءِ ٻيڙين جو استعمال ٿيندو هو۔ ڍڳي گاڏي جو رواج به هو۔ سڪندر مقدوني جڏهن دنيا فتح ڪرڻ جي جنون ۾ لشڪر وٺي نڪتو ۽ قتل غارت ڪندي جڏهن سنڌ پهتو ۽ سنڌ جي علائقي ڪڇ کي فتح نه ڪري سگهيو ۽ تڏهن سنڌ ۾ هن جي خلاف بغاوت ٿي ۽ ان هلچل ۾ ڪڇين به حصو ورتو۔ آخر سڪندر مقدوني جي لشڪر کي نامراد واپس يونان ڏانهن موٽڻو پيو۔ شال 175ع کانپوءِ سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون بادشاهتون قائم هيون ۽ ڪڇ تي ستين گهراڻي جو راڄ هو۔ 712ع ۾ جڏهن عربن سنڌ فتح ڪري سنڌ کي اسلامي رياست ۾ شامل ڪيو ۽ عرب گورنر تميم جي دور ۾ (لڳ ڀڳ 730ع يا 738ع ۾) هڪ بغاوت جيڪا ڪڇ جي حڪمرانن جي مدد سان مقامي سنڌين ڪئي جنهن ڪري عرب گورنر تميم کي سنڌ ڇڏڻي پئي ۽ ته کانپوءِ آيل نئي گورنر حَڪَم عربن لاءِ ڌار هڪ شهر محفوظ نالي سان اڏايو۔ عربن جو دور سنڌ ۾ مسلسل بغاوتن جو دور رهيو آهي ۽ ڪڏهن به امن قائم نه ٿيو۔ ويندي 1010ع ڌاري عربن کان مقامي سومرا جيڪي اسماعيلي مسلمان ھئا حڪومت واپس ورتي- سومرن کانپوء سنڌ جا حاڪم ٿيندڙ سمن ڄامن مان سمن جي جاڙيجا قبيلو ڪڇ جو حڪمران رھيوـ جاڙيجا نج سنڌي ھئا پر ھنن ڪڏھن اسلام قبول نه ڪيوـ
[b]ڪڇ جون ڪجھه مشھور ذاتيون
[/b]ابڙا، چنڊ، ڪاٺڙا، پلھه ،آگرا (آڳڙيا) دل، ڪاٺيا، پھوڙ ، ڀنڊاري، ڳاھا، لوھاڻا، راڄڙ، ٻاروچا، گجر، مينڌرا، سولنگي (سولنڪي) ڀٽي، ڀٽ، ھالا، مڱريا سما، ھاليپوٽا، ميمڻ، سميجا، ڀٽا، جاڙيجا، مياڻا، سنگھار، چاوڙا، جت، موتياچارڻ، کتري، نارڻ پوٽا وغيره