سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

پنج ند : چناب ۽ راوي جو سنگم

چناب پنجاب جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي. سندس ويڪر کي وڌائي پيش ڪيو ويو آهي. ليکڪ آرين ٻڌائي ٿو ته پنجن دريائن جو پاڻي وهڪري جي صورت ۾ سنڌو سان سنگم ڪري ٿو. سندس ويڪر 130 اسٽاڊيا کان وڌيڪ آهي. جيڪا نيل دريا کان به گهڻي آهي. چناب جي ويڪر 600 گز ۽ اونهائي 20 فٽ آهي. هن جي ڪٿي ڪٿي 1200 گز به آهي. ملتان جي پتڻ وٽ به هي 1000گز ويڪرو آهي. اها جاءِ راوي جي سنگم کان ٽي يا چار ميل پهريان آهي. راوي ۽ چناب جو سنگم فاضل پور کان هيٺ 30 ڊگريون ۽ 40 وهڪرائي ڦاڪ تي ملتان کان 53 ميل مٿي اُچ کان 180 ميل پري دريا جي وڪڙ ۾ ٿئي ٿو. ڪتاب "سنڌو جو سفر" ليکڪ اليگزينڊر برنس (ترجمو عطا محمد ڀنڀرو) پنهنجي ڪتاب ۾ چناب ۽ راوي جو جيڪو سنگم ڏيکاريو آهي. ان حساب سان چناب ۽ راوي جو سنگم پنجند وٽ نٿو ٿئي. پر اهو سنگم مٿي ٿئي ٿو. چناب تي ملتان جي علائقي ۾ کجي، تماڪ، نير، ڪمند، ڪڻڪ جو فصل ڏاڍو ڀلو ٿئي ٿو.

[b]چناب جو ستلج سان سنگم
[/b]چناب مٺن ڪوٽ وٽ سنڌو سان سنگم ڪري ٿو ان کان پهريائين چناب ندي پنجاب جي سڀني ندين جو پاڻي ساڻ ڪري کڻي ايندڙ آهي. سندس سنڌو سان سنگم بنا ڪي گوڙ شور جي آرام سان گذري ويندو آهي. ڇا ڪاڻ ته ٻنهي طرفن جي دريا جا ڪنارا ويٺل آهن ۽ ويڪر تمام گهڻي آهي. ڪُن اوڀر طرف پيداٿيندا آهن اتي پاڻي عام اونهائي کان گهرو آھي پر ڪڏهن به خطري جو باعث ڪونه بڻيو آهي. چناب جي هن هنڌ يا ٽڪري کي پنجند جو نالو ڏنو ويو آهي. پر اهو نالو ڇو ۽ ڪيئن پيو. ڪنارن تي آباد ماڻهن کي ان باري ۾ ڪا به ڄاڻ ڪونهي. اُچ کان پنج ميل مٿي چناب سان گهاري يا ستلج جو پاڻي ملي ٿو. اهو سنگم به آساني سان ٿي ويندو آهي. ٻنهي دريائن جا ڪنارا سنگم واري جاءِ يا هنڌ بدلائيندا رهيا آهن. هتي دريا پنج سو گز کن ويڪرا آهن. چناب جي پاڻي جي اسپيڊ تيز آهي. سنڌو سان سنگم مهل سندس اونهائي 20 فٽ ۽ مجموعي رفتار ٽي ميل في ڪلاڪ آهي. چناب جا ڪنارا وارياسا آهن سندس ڪنارا پاڻي کان مٿي مس 3 فٽ هوندا. واهن جي ڄار ڪري هي علائقو آباد آهي. ڳوٺ گهڻا ۽ وڻن سان ڇانيل آهن. هن علائقي ۾ ڌنارن ۽ سانگي ماڻهن جو ڪيتريون ئي وانڍيون آهن. جيڪي مال سانگي وتندا آهن جوءَ مٽائيندا. هن جي ڪناري گهڻا پڪا ڳوٺ آباد آهن. هتي جا ماڻهو چناب ۽ سنڌو جي پاڻي کان گهڻو متاثر ڪونه ٿيندا آهن. ڇو ته ٻنهن دريا جا پاڻي ٻه ميل کان مٿي ٻوڏ نه ڪندا آهن. چناب جي گهاري واري جاءِ کان چار ميل هيٺ اُچ جو اهم شهر آهي. هن علائقي ۾ تماڪ، انگور، انجير، صوف، توت، فاروا جام ٿين ٿا. بيد مشڪ جا وڻ جام آهن. گلاب جي گلن ۽ ٻين گلن جي گلزاري به نظر ايندي. هن شهر ۾ ٻوٽي به ٿئي ٿي. هتي انب پورو نٿو پچي سگهي. هتي جي آبهوا انبن لاءِ مناسب ڪونهي. ڪڻڪ ۽ سارين جي پوکي به ڪئي وڃي ٿي.ستلج ۽ بياس دريائن جي گڏيل پاڻي کي گهارو چون ٿا. جنهن جي ڪناري تي بهاولپور شهر آباد آهي. هي درياءُ جهازراني جي قابل آهي. بهاولپور جا هندو واپاري ڏاڍا مهم جو هئا. اهي بلخ کان استر خان تائين واپار لاءِ سفر ڪري ويندا هئا ۽ پشاور، ڪابل، باميان جي رستي آمون دريا ٽپي اڳيان ويندا هئا. چناب جي پاڻي جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي. جنهن ڪري هن جي پاڻي کي ڳاڙهو پاڻي به چوندا آهن. ستلج جو پاڻي ڦڪو نظر ايندو آهي. سنگم کان پوءِ ڪجهه ميلن تائين ٻنهي دريائن جو پاڻي پنهنجا جدا جدا رنگ پسائيندو رهندو آهي.