سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
بلتستان جي گادي واري هنڌ اسڪردو وٽان سنڌو ۾ شنگار ندي اچي ملي ٿي ، اسڪردو سطح سمنڊ کان 7500 فٽ مٿي آهي، 20 ميل ڊگهي ۽ 8 ميل ويڪري هي پيالي نما وادي سان گڏ آهستي آهستي ريت سان ٽمٽار سنڌو صدين کان وهندو رهي ٿو۔ اڳي هن علائقي ۾ نه روڊ هئا نه رستا، نه بجلي هئي، نه هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر ٿي لٿا۔ زندگي پراڻي طرز تي پئي گذري۔ عورتن جي تعليم کي ڪفر سمجهيو پئي ويو پر هاڻ هتي جديد هوٽلون قائم ٿي چڪيون آهن، رستا پڪا، بجلي، ٽيليفون ۽ جهازن جو اڏو به قائم آهي ته درياءُ تي جديد پل به ٺهيل آهي۔ هن قدرتي حسين وادي جا نظارا ڏسڻ لاءِ هزارين سياح هتي اچن ٿا۔ اڳي هتي ماڻهن کي خاص طور مزدورن کي پوليس وارا ڍورن جيان هڪليندا هئا پر هاڻ هتي جا مزدور سياحن کي ڏهاڙي تي سير ڪرائين ٿا۔ اڳي علم جا جديد طريقا ۽ اسڪول نه هئا پر هاڻ هتي علم لاءِ ڪنهن جو در بند نٿو ڪيو وڃي۔ 1840ع ۾ راجائن کان اختيار انگريز دور ۾ ڦريا ويا ان کان اڳ راجا اسڪردو هن علائقي جي وڏي شخصيت هو ۽ هر حڪم سندس هلندو هو۔ راجا پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ قومي غيرت جو نگهبان هوندو هو ۽ عوام جو مٿس ويساھ هو۔ جديد دور ۾ ان جا قصا ماڻهو بيان ڪندا رهن ٿا۔ اڳي اسڪردو ۾ نج کاڌا هوندا هئا پر پاڪستان ٺهڻ بعد هتي به بناسپتي پهچي وئي۔ هن علائقي جي معاشي حالت ۾ تيزي سان تبديلي آئي آهي۔ اسڪردو وادي سان ڪي ٽو ۽ گاشربرم چوٽيون ڳنڍيل آهن۔ هي وادي گلن جي ڪري به مشهور آهي۔ سنڌو هن وادي مان گذرندي پنهنجي پاڻي ۾ گلن جي رنگت سبب حسناڪي پيدا ڪري ٿو۔ جڏهن پن ڇڻ جي موسم اچي ٿي ته سنڌو ۾ گهڻن گلن جا پن پوڻ سبب سندس پاڻي پيلو نظر ايندو آهي۔ هتي 600 سال پراڻو هڪ قلعو به آهي جيڪو بلتي حاڪم علي شير خان ٺهرايو هو۔ ديوسائي ۽ سادپارا ڍنڍون اسڪردو جون مشهور ڍنڍون آهن۔ هي وادي پاڪستان جي خوبصورت وادين ۾ شمار ٿئي ٿي۔