سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو جا ڦاڪ

سنڌو سنڌ ۾ آڳاٽي زماني کان وٺي 1932ع تائين پئي رخ بدلايا. ڪافي هنڌن تان ٻن حصن ۾ پوءِ ننڍن ننڍن ڦاڪن ۽ واهڙن ۾ پور وڇوٽ وهندي وهندي پاڻ کي جڏهن سمنڊ ۾ سمائي ٿو ته اتي پاڻ سان گڏ کڻي ايندڙ لٽ کي ڇاڻي ٻيٽ ٺاهي ٿو. ۽ ڪپر تي پئي ڪن به ڪيائين. سنڌو بابت 1800ع کان اڳي جو اتهاس ۾ ڪو مستند مواد نٿو ملي. انگريز دور ۾ مور ڪرافٽس کان وٺي ايچ ٽي لمبرڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن تحقيقي مواد سامهون آندو آهي. پر اڄ تائين تحقيقي اڀياس مڪمل ان ڪري نه ٿيو آهي جو ڪافي پراڻن ڍورن ۽ ڦاڪن جا نالا هر ٻه ٽي ڪلو ميٽرن کانپوءِ مقامي ماڻهن تبديل ڪري مقامي طور تي انهن تي پنهنجا نالا رکي ڇڏيا آهن. تنهن ڪري ڏيهي توڙي پرڏيهي محقق ۽ ليکڪ ان منجهيل سٽ کي سلجهائي نه سگهيا آهن. سنڌو صدين کان مٿيان کان هيٺ آهستي آهستي سرڪندي سرڪندي پنهنجو رخ تبديل ڪندو رهيو آهي. ڪيترائي پراڻا ڦاڪ ۽ وهڪرا هن وقت دڙن، ڍنڍن، ۽ ڪلراٺن پوٺن جي شڪل ۾ موجود آهن. 1932ع بعد آيل زرعي انقلاب دوران سکر بئراج قائم ٿيڻ بعد ڪافي ڍورن، دڙن، ڍنڍن ۽ پوٺن کي مقامي زميندارن هموار ڪري زرعي استعمال ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ڪيترن قديم وهڪرن جي پيٽ مان جمڙائو ڪئنال، روهڙي ڪئنال به کوٽيا ويا آهن ته ايل بي او ڊي سم نالو گهڻي ڀاڱي پراڻ جي قديم وهڪري مان ٺاهيو ويو آهي. ڪيترن ئي ٻين ڪئنالن ۾ پراڻن ڍورن کي استعمال ڪري انهن کي نوان نالا ڏنا ويا آهن. ڊيلٽا جي مسلسل تبديل ٿيندڙ صورتحال سبب به ڪافي قديم ڦاڪن ۽ وهڪرن جا ھاڻي نشان ئي چٽا نه رهيا آهن. جتي ڪالھه دريا هو اتي اڄ سمنڊ ڇوليون پيو هڻي. جتي سبز کيت هئا اتي ڪڇ جو رڻ ئي رڻ آهي. ارڙهين صدي کان سنڌو تي تحقيقي ڪم ٿيڻ شروع ٿيو آهي. ان حساب سان اتهاس موجب ڍورن ۽ ڦاڪن بابت جيتري معلومات ملي سگهي آهي ان موجب هن ريت آهي

[b]نمبر 1 ڪلري ڦاڪ
[/b]هي سنڌو جو قديم ڦاڪ جيڪو موجوده ضلع ٺٽي جي هيلايان ٽڪري وٽان جڏهن سنڌو ٻن ڦاڪن ۾ تقسيم ٿيندو هو. جنهن ۾ ڪلري ڦاڪ جيڪو مڪلي جي اتر طرف کان نڪري ماموئي، گجو، شيخ تراب، گهارو، ڀنڀور، ساڪرو مان ٿيندو وڃي سمنڊ جي ڇولين سان ٽڪرجندي ٽڪرجندي پاڻ کي سمنڊ حوالي ڪندو هو. هاليجي ۽ ڪينجهر جنهن جو اڳي نالو ڪلري هو اهي ڍنڍون به ان وهڪري تي آهن. ٿرڙي، ٻاٻڙا، محمد هاشم ڪاتيار، ۽ ٻهارا به ان وهڪري واري ڦاڪ تي آهن. ڪتاب "سنڌ عرب دور" ۾ مشهور ليکڪ المسعودي جيڪو 300ھ ۾ سنڌ آيو. اهو لکي ٿو ته "مهراڻ دريا ساڪري واري علائقي مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو."هن ڦاڪ کي شروعاتي 60 ڪلوميٽرن تائين ڪلري ۽ آخر ۾ کيس ناري ڇڇ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. تاريخ طاهري (1031ھ/1621ع) ۾ ڄاڻايل آهي ته" ساموئي ڀرسان ٺٽي جو بنياد 866ھ / 1462-62ع دوران ڄام نظام الدين سمون حاڪم رکيو.
ڪلري ڦاڪ گهاري ۽ گجي جي ويجهو لنگهندي ٻن شاخن يا حصن ۾ ورهائبو هو. ٻئي شاخون سڌيون اولھ طرف وڃي ڪورنگي وٽ جھور کاري ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. انهن ٻنهي شاخن مان وري ٻه ننڍيون شاخون يا برانچون جدا ٿينديون هيون. جيڪي کڏي کاري ۽ کانٽو کاري تعلقه مير پور ساڪرو کان ٿيندي وڃي سمنڊ ۾ ڪرنديون هيون.

[b]بگهاڙ يا بگهياڙ ڦاڪ
[/b]هي دريائي ڦاڪ هيلائين ( ٻڌڪا ) وٽان سنڌو مان نڪرندڙ ٻيو وڏو ڦاڪ هو. جيڪو درگاھ پير پٺو واري ٽڪري جي اوڀر طرف وٽان ڦرندي ميرپور ساڪرو ڏانهن اولھ طرف ور وڪڙ ڪندو وڃي لاهري يا لاڙي بندر وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. بگهاڙ مان پير پٺو وٽان ٻه شاخون به نڪرنديون هيون. جن مان هڪ کي حجامڙو يا ٽيٽو ۽ ٻئي کي ڦٽو سڏبو هو.

[b]حجامڙو
[/b]حجامڙو تعلقي گهوڙا ٻاري کان اڳتي وڌي جڏهن ديهه اڏيرو لعل وٽ پهچي ٿو ته هن مان اوچتو ڦاٽ نڪري ٿو.

[b]اوچتو[/b]
اوچتو ڦاٽ اڏيرو لعل کان ال آصف شگر مل ڳاڙهو، ٻگهاڻ، ترڇاڻ کان ڪيٽي بندر وٽان سمنڊ ۾ سمائبو آهي. هن ڦاٽ مان بيشمار ڇاڙون نڪرنديون هيون جيڪي وڃي قلندري ڦاٽ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون.

[b]قلندري[/b]
قلندري ڇاڙ کاروڇاڻ جي اولهه طرف وهندڙ ڌتري ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. جنهن مان 1949ع کانپوءِ نئون ڦاٽ نڪرڻ سبب ڦاٽ چيو وڃي ٿو. اهو ڦاٽ وري ٻن حصن ۾ ورهائجي وهي ٿو. جنهن جي هڪ شاخ ڏکڻ طرف وڃي جاتي وٽان سمنڊ ۾ سمائجي ٿي. ٻي شاخ اوڀر کان اولھ وڃي سڌو ڪيٽي بندر پهچي ٿي. اهو ڦاٽ ديهه ڇڇ ولي محمد ۽ ديهه دارسي جي دنگ تان ٿيندو مٽڻي دريا ۾ پوندو هو. دريا جي هيرين ڦيرين سبب هڪ نئو وهڪرو جاري ٿي ويو. جنهن کي مقامي ماڻهو وَٺو چون ٿا. اهو به پنهنجي سمورين شاخن سميت وڃي ڪيٽي بندر وٽان سمنڊ ۾ سمائبو هو.

[b]مٽڻي[/b]
مٽڻي وارو ڦاڪ اولھه کان اوڀر طرف وهي ٿو. ان جي اتر ڪپر تي ڳوٺ سڄڻ واري آهي ۽ ڏکڻ ڪپ تي کاروڇاڻ شهر آهي. مٽڻي کاروڇاڻ جي اوڀر طرف کان ڦري ٿو اچي.

[b]سٽهڙي[/b]
سٽهڙي وارو ڦاڪ مٽڻي مان نڪري ٿو. هن ڦاڪ تي ڪنهن دور ۾ سنڌ جو قديم بندر سوکي بندر قائم هو. سوکي بندر قيام پاڪستان کانپوءِ مقامي آبادي جي لڏپلاڻ سبب ويران ٿي ويو. هي ڦاڪ وري واهڻ ڍوري ۾ سمائجي ٿو.

[b]پکيئڙو يا ڪانير
[/b]اهو ڦاٽ به مٽڻي واري ڦاٽ مان سوکي وٽان جدا ٿئي ٿو. هتي ڦڻي جي ڏندن وانگر ننڍين ننڍين ڇاڙن جو ڄار تڏهن ڏسڻ ۾ ايندو آهي جڏهن سنڌو ۾ تار پاڻي اچي ٿو. 1960ع کانپوءِ اوچتو وارو ڦاڪ آهستي آهستي سڪي ويو. هن وقت سندس ڍورا ۽ ڇاڙون موجود آهن. 1758ع واري دريائي تبديلي بعد ڪلري ۽ بگهاڙ وارا ڦاڪ به سڪي ويا.

[b]پراڻ[/b]
پراڻ واري وهڪري بابت اتهاس جي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته 341ھ ۾ سنڌو ۾آيل وڏي تبديلي سبب سنڌ جي اڀرندي حصي وارا سکيا ستابا علائقا ويران بڻجي ويا ۽ سنڌو جو وچون وهڪرو به آهستي آهستي 1398ع تائين ختم ٿي ويو. دريا برھمڻ آباد کان مٿي هليو ويو ته پراڻ وارو وهڪرو به سڪي ويو. ۽ 1958ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ آيل تبديلي بعد نصرپور وارو وهڪرو به رڪجي ويو ۽ دريا موجوده وهڪري وٽان وھڻ لڳو. پر انهن تبديلين سبب ڪاهو جو دڙو، برھمڻ آباد، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏو، روشن آباد، مير جو ڪوٽ، ۽ ٻنگار جتي نئون ڪوٽ کان اولھ طرف هاڪڙو جو قديم وهڪرو اچي پراڻ سان ملندو هو. ۽ پراڻ ٻنگار کان اڳتي پير بودلو، شادي لارج، ونگو پتڻ، ڄار جو پتڻ، نوتيار ٻيلو، علي بندر، رحمڪي بازار، سنڌڙي بندر، وٽان وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.

[b]نيرو نڌو، اولھه پراڻ يا ساڱرو
[/b]هي وهڪرو جنهن کي لوهاڻه، ساڱرو، نڌو، نيرو، اولھه پراڻ ۽ ڪوٽ لکپت دريا به چئجي ٿو. هن جو وهڪرو ٽنڊوالهيار، مسڻ وڏي، چمبڙ، وڏيري حاجي عبدالله جو ڳوٺ، پهوڙن جو ڳوٺ، ٽنڊو غلام علي، ٺري، راڄو خاناڻي، مراد ٽالپر، سعيد پور، ٽنڊو باگو، وهڻائي شريف، نندو شهر، مٺي ٿري، ڪڍڻ، بڙ جو ڍورو، ڪونج سر ڪانٽو، ڪوٽ لکپت، ڪوري نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. هن وهڪري کي ٽنڊو الهيار وٽان ساڱرو ۽ لوهاڻه جو وهڪرو چيو وڃي ٿو. ٽنڊو غلام علي کان هيٺ ٺري، راڄو خاناڻي، ٽنڊو باگو، وهڻائي، ويندي ڪونج سر ڪانٽو تائين نيرو، نڌو يا اولھ پراڻ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن وهڪري مان دٻهڙو ڀرسان هڪڙو ڦاڪ نار نالي نڪري ٿو. جيڪو خليفو قاسم کوسڪي ۽ مٺي ٿري جي درگاھ هيبت فقير کان ٻيهر پنهنجي اصل وهڪري سان ملي ٿو. ٽنڊي باگي جي موجوده ڳوٺ حاجي احمد زنئور کان ٻن ڦاڪن ۾ تقسيم ٿيندو هو. هڪڙو ڦاڪ وهڻائي شريف، لنواري شريف کان ٿيندو ڪڍڻ ڀرسان پنهنجي اصل وهڪري سان ملي وڃي ٿو.

[b]نصرپور[/b]
نصر پور کان اولھه طرف وارو وهڪرو بڪيرا شريف، شيخ ڀرڪيو، ڍورا هنڱورا، نورائي، گنجو ٽڪر وٽان ٿيندو وري ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيندو هو.

[b]ڪارو گونگڙو
[/b]ڪارو گونگڙو وارو ڦاٽ لاکاٽ کان ٿيندو آباد شوگر مل ميران پور جھوڪ، بٺورو، محمد طور يا مهاتم طور، رڙي، تڙ خواجا، مغلڀين (جاتي) سنڊو بندر کان وڃي ڇوڙ ڪندو هو.

[b]پٽيهل[/b]
پٽيھل وارو ڦاٽ لاکاٽ کان ٿيندو هيٺ وري ٻن ڦاڪن ۾ تقسيم ٿيندو هو. پٽيهل آڳڙي، راهوڪي، ترائي، آسيلي، ماڙي وسايو، کان وڃي پٽيجي ۾ پوندو هو.

[b]جهول ڦاڪ
[/b]جهول ڦاڪ گولاڙچي کان انڙڪوٽ، رڙي وارو پاسو وٺي سندس اصل وهڪري پٽيهل سان ملندو هو.

[b]ريڻ[/b]
هي ريڻ وارو ڦاڪ وري فتح باغ، جوڻ، تلهار کان اڳتي غلام حسين جمالي ڳوٺ وٽان ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيندو هو.

[b]ڳٺو ڍورو
[/b]هي ڳوٺ غلام حسين جمالي کان رِپ ۽ مورجهر کان ٿيندو وڃي شاھ طريل، شاھ گريو، شيخ عمر، بدين، سيراڻي وٺي وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو.

[b]ڦليلي ڦاڪ
[/b]سنڌو ۾ 1758ع واري آيل وڏي تبديلي بعد نصرپور وارو وهڪرو بيهي ويو ۽ سنڌو جڏهن موجوده ورڇ ۾ وهڻ لڳو ته نوان ڦاڪ به جوڙيائين. جن ۾ انڙپور سامهون ڦليلي وارو وهڪرو جاري ٿيو. جنهن جي ڊيگهه رچرڊ ايف برٽن پنهنجي ڪتاب“سنڌ منهنجي نظر ۾” ۾ 40 ميل ۽ ويڪر 35 فٽ ڏيکاري آهي. چئي ٿو ته گوني سدا اوني جي ڪنارن تي سنڌ جي حاڪمن ٽالپرن جي فوج کي هارائي ۽ حيدرآباد (نيرون ڪوٽ) تان آزاد سنڌ جو جهنڊو سر چارلس نيپيئر فاتح جي حيثيت سان لاٿو ۽ سنڌ تي انگريز راڄ قائم ٿيو. سر چارلس نيپيئر سان آخري ويڙهه دٻي جي ميدان ۾ مير پور خاص جي ماڻڪاڻي مير شير محمد ٽالپر ۽ سپهه سالار هوش محمد عرف هوشو شيدي جي اڳواڻي ۾ وڙهي وئي. سنڌي لشڪر هار کاڌي ۽ هوشو مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻندي شهيد ٿي ويو. انگريزن جنگ ۾ مارجي ويل سندن سپاهين جي قبرن تي يادگار اڏي، پر سنڌ جي شهيدن جي ڪا يادگار اڄ تائين تعمير نه ٿئي. ڦليلي گوني حيدرآباد جي اوڀر کان کٿڙ، هوسڙي، سيري، نورائي، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، علي پور، ڏندو، تلهار، سائيفن پل ۽ 62 ريگيوليٽر وٽان وهندي هئي.
اصل ڦليلي وهڪري کي ختم ڪري ميرواهه، نصير واھ، ماڻڪ واھ، چانري مائينر، ۽ جمالي مائينر قائم ڪيون ويون. ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ بعد هيٺ ڦليلي وهڪري تي قائم جمالي ڦڙدو بندر شاھ طريل، وهڻائي شريف، ۽ بدين نندو روڊ فاروقين جي ڳوٺ اسڪيپ پل ٺاهي وئي. وهڻائي موري کان اسڪيپ پل تائين پراڻي ڦليلي مان اڪرم واھ ڪئنال جو نئون وهڪرو جاري ڪيو ويو. ۽ اسڪيپ کان علي بندر تائين پراڻي ڦليلي کي اسڪيپ جو نالو ڏنو ويو. آبادگار اسڪيپ کي سم نالي طور تي استعمال ڪندا آهن ۽ واڌُو پاڻي هن ۾ ڇڏين ٿا. تلهار کان علي بندر تائين ڦليلي جي پراڻي وهڪري کي اڪرم واھ قائم ٿيڻ سبب ختم ڪيو ويو. انڙپور کي ڇڏي موجوده ڦليلي جو منهن يا هيڊورڪس ڄام شورو سامهون ڪوٽڙي بئراج جي پل وٽان ٺاهيو ويو آهي. ان مان پڃاري ڪئنال به حيدرآباد وٽان ڌار ڪيو ويو آهي. موجود ڦليلي حيدرآباد وچ مان، کٿڙ جي اوڀر طرف، هوسڙي جي وچ مان، سيري جي اولھ طرف، نورائي شريف جي اولھ طرف کان ٽنڊو محمد خان، ماتلي ۽ ڏندو شهرن جي وچ مان تلهار شهر جي ميرواهه ريگيوليٽر وٽ پنهنجو وهڪرو ختم ڪندي آهي. سائيفن پل ۽ 62 ريگيوليٽر تائين نئون مير واھ به ڦليلي مان ڪڍيو ويو آهي. هن وقت نئين ڦليلي مان ٽنڊو محمد خان ڀرسان نيو ڦليلي واھ جدا ڪيو ويو آهي. ان بعد مراد واھ، امام واھ، امام واھ جنوبي، شاھ واھ، پير واھ، ڊوڪيا واھ.، ڏندو مائينر، سلطاني واھ، مير واھ نصير واھ، ماڻڪ واھ چانري مائينر ۽ جمالي مائينر به ڪڍيا ويا آهن. امام واھ، مير واھ، نصير واھ، ماڻڪ واھ، سلطاني واھ، مان پڇڙن تي وري ٻه ٻه ٻيون مائينرون به ڪڍيون ويو آهن. ڦليلي ڪئنال ڪوٽڙي بئراج جي مهڙ کان پوڇڙ تائين 150 ڪلوميٽرن جي ڪمانڊ يا ايريا ۾ ڪل زرعي زمين کي آباد ڪري ٿو. ڦليلي يا گوني جي ٻنهي ڪنارن تي مياڻي ٻيلي کان وٺي بوهڙڪي ٻيلي تائين انبن، ٽالهين، سريلن، ٻٻرن، ٻيرن، نمن، بڙن، جي وڻن جو خوبصورت قطارون حسين منظر پيش ڪنديون هيون. انهن خوبصورت دلين کي موهيندڙ منظرن، جن ۾ ڦليلي ۾ ترندڙ ٻيڙيون، قطارون زنانن گهيڙن ۽ وڻن جو عڪس جيڪو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي چٽيو آهي سو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. ڦليلي جي ڪنارن تي وڻن جي حسناڪين، چَتن جي چيهه چيهه، ڪبوترن ۽ ڳيرن جي گٽر گهو، الهڏنو نونائي، استاد مٺو ڪڇي جي آواز ۾ ڪلامن ۽ ٻيڙين ۾ مدهوش پوءِ ماحول ڪيئن نه معطر ٿئي.. جتي ڪيئي ڪتاب ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ڦليلي جي خوبصورتين جو ذڪر ڪيو آهي اتي محمد صديق مسافر سندس ڪليات ۾ تلهار کان حيدرآباد تائين ٻيڙين جي اچ وڃ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڦليلي تي شاعري به ڪئي اٿس. شيخ اياز به ڦليلي جو ذڪر ڪيو آهي. تلهار جي تاريخ ڪتاب جو ليکڪ عبدالشڪور کتري لکي ٿو ته حيدرآباد کان تلهار ۽ علي بندر تائين جهاز، ٻيڙا، ٻيڙيون هلنديون هيون،۽ وقت جون ناريون جڏهن ٻيڙين تي لهرن ۾ لڙندڙ ڳيت ڳائينديون هيون.
“اسين ماڻهو لاڙ جا، درياهه جي پاڇاڙ جا”
“يا دهري لاڏل جي، لاڙئون جڙايان”
جهڙا ورلاپ آلاپينديون هيون سون واري دهري جا عڪس گهوٽ جي موڙ سميت پوتر پاڻي جي لهرن ۾ وسبا هئا. ۽ جڏهن آبڪلاڻي جي مند دوران وهڪري ۾ تِک هوندي هئي ۽ ڪو اڻ تارُو دريا يا ڦاڪ اُڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو ته ان جي ڪيفيت هيٺين بيت وانگر ھوندي ھئي
وهه تِک وهڪرا لنگرجت لهرن، وڏنديون وھ سامهيون
ججهي زور جنين، ناتاريون مينڍيون ۾ وڻجهارا وجهن
اتي اڻ تارن ساهڙ سير لنگهائين
هن ڦاڪ ۾ تک به هئي، ته جنبش به هئي، لهرون ڪنارن سان خاموش گفتگو ڪنديون هيون. موجوده تلهار جو نالو تلهار مندر ۽ گوتم ٻڌ جي پيروڪارن جي ٺاهيل ويهارڻ سبب تلهار پيو. هتي انگريز دور ۾ گهوڙن جو فيسٽيول به ٿيندو هو. جمالي ڦڙدو بندر تي ڪاٺ جو ڦڙدو ٺهيل هو. هن بندر جي عروج واري زماني ۾ دريا پنٿي هندو ناريون جڏهن سج لٿي مهل ٻيڙين تي چڙهي آکا ڏينديون هيون ته ماحول مهڪي اٿندو هو. جمالي بندر تي ٻيڙن جي اچ وڃ هوندي هئي شاھ طريل جا پانڌي آغا خاني خواجه ايندا هئا ۽ شاھ طريل جا گنان گونجندا هئا. ڪلهوڙا دور ۾ قائم ڪيل مدرسي جي کٿابين ڄاڻ رکي اٺ چاڙهيو هو. راڄ سين سومراڻي جا سنڌ ۽ ڪڇ جا مريد خاص ڪري ريٻاري لاڏا ڳائي جئي لاڙائي جا نعرا بلند ڪندا هئا. ۽ نندي شهر کي مدد خان پٺاڻ ڊهرائي ڇڏيو هو. صالو کوسي ۽ بچي سامڻ جي پريم جو لوڪ قصو مشهور هو. بڙ جي ڍوري تي گنگا پتڻ تي ويهي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جا ڪئي سر سرجيا هئا.
اسڪيپ وٽان هن قديم وهڪري کي ٻوڏ دوران واڌو پاڻي ڇڏي وهايو ٿي ويو. گوني جو وهڪرو علي بندر ڀرسان ڪوري کاري ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. علي بندر ڀرسان جتي هاڻ رينجرس جي چيڪ پوسٽ آهي بوهڙڪي ٻيلو ٻه قائم ڪيل هو. علي پور ماتلي لڳ ڦليلي مٿان سکر واري لينس ڊائون پل جهڙي انجنيئرنگ جي نادر نموني واري طرز تي پل به ٺاهيو ويو. هتي اڪرم واھ ڪئنال کي ڦليلي جي مٿان گذاريو ويو. ۽ ڦليلي مان سلطاني واھ، امام واھ جنوبي، ڏندو مائينر، ڊوڪيا واھ، مير واھ ڪڍڻ سميت پنج ڪٽ ڦليلي مان اڪرم واھ کي ڏنا ويا. ڦليلي جي پاڻي تي هتي ڌاڙو هنيو ويو. ڇا ڪاڻ ته اڪرم واھ جي ڪيپيسٽي گهٽ آهي. آبپاشي جي قانون موجب ڦليلي 6 ماهو ڪئنال آهي، هن ڪئنال کي آبپاشي کاتو قانون جي حساب سان 6 مهينا پاڻي ڏيڻ جو پابند آهي.
ڪوٽڙي بئراج مان ڄام شورو سامهون حيدرآباد وٽان نڪري ٿو. هن جي پهرين ڪلوميٽر تي هن مان پڃاري ڪئنال کي جدا ڪيو وڃي ٿو. 1956ع ۾ غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج) جي قائم ٿيڻ بعد هن جو وهڪرو تلهار ۾ ختم ڪيو ويو. ۽ تلهار ۾ هن مٿان باواني شوگر مل سامهون سائيفن پل ٺاهي وئي. جتي اڪرم واھ کي نصير واھ ۽ ماڻڪ واھ مٿان گذاريو ويو. اتي ريگيوليٽر قائم ڪري ۽ سائيفن پل کان ٻه ڪلوميٽر اڳيان62 ريگيوليٽر قائم ڪري ڦليلي جي وهڪري کي ختم ڪيو ويو. ڦليلي يا گوني ۾ حيدرآباد، هوسڙي، سيري، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، ڏندو ۽ تلهار شهرن جي گٽر نالن ۽ ڊرئنيج جو ڇوڙ به غيرقانوني طور تي ڪيو وڃي ٿو. جنهن ڪري ماحول تي برو اثر پئجي رهيو آهي.