سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو تي بئراج

[b](1)سکر بئراج
[/b]سنڌو تي انگريز دور ۾ 1932ع ۾ پهريون سکر بئراج ٺاهيو ويو. لائيڊ بئراج به سکر بئراج جو نالو آهي اٽڪل 85 لک ايڪڙ ايراضي زراعت لاءِ پاڻي فراهم ڪري ٿو. هن مان 7 وڏا واھ نڪرن ٿا. جن مان 4 درياءُ جي کاٻي پاسي وارن ضلعن سکر، خيرپور، نوابشاھ، نوشهرو فيروز، مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار بدين سانگهڙ عمر ڪوٽ ۽ ميرپورخاص کي سيراب ڪن ٿا ۽ 3 درياءُ جي ساڄي پاسي وارن ضلعن لاڙڪاڻو، شڪارپور، دادو ۽ صوبي بلوچستان کي سيراب ڪن ٿا. سکر بئراج مان نڪرندڙ واھن يا شاخن جي مجموعي ڊيگھ 9923 ڪلوميٽر ٿئي ٿي. سکر بئراج آبپاشي جو وڏو نظام ۽ هي بئراج پنهنجي وقت دوران دنيا جو وڏي ۾ وڏو بئراج هو۔ انگريز جنهن سنڌ تي 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر جي اڳواڻي ۾ قبضو ڪيو هو تن هتي آبپاشي جي جديد نظام کي متعارف ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪئنال ڊيپارٽمينٽ قائم ڪئي، جنهن کي 1849ع ۾ ختم ڪيو ويو ۽ ٻيهر ان کاتي کي فعال ڪري سڀ کان پهرين بيگاري ڊيزٽ ۽ نارا ڪئنال کي وڌائڻ، انهن جي ٻيهر مرمت ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو يا منصوبو جوڙي ان رٿا تي ڪم ڪيو۔ سکر بئراج مان ست ڪئنال ڪڍيا ويا۔ جن مان درياءُ جي ساڄي طرف چار واھ ۽ کاٻي طرف يا پاسي ٽي واھ ڪڍيا ويا۔ جن مان کاٻي طرف نڪرندڙ (1) هڪ نارا ڪئنال جي ڊيگھ 226 ميل، (2) روهڙي ڪئنال جي ڊيگھ 208 ميل، (3) خيرپور فيڊر ويسٽ 4.9 ميل ڊگهو جوڙيو ويو.
ساڄي پاسي نڪتل ڪئنالن يا واهن ۾ (1) رائيس ڪئنال : جنهن جي ڊيگھه 82 ميل رکي وئي (2) اين ڊيليو ڪئنال جي ڊيگھ 36.1 ميل (3) دادو ڪئنال جي ڊيگھه 131.5 ميل ۽ NLYC مان اڳتي هلي کيرٿر ڪئنال نڪري ٿو، جيڪو بلوچستان کي پاڻي پهچائي ٿو ۔ ان جي آڙ ڊي 102 وٽان وري سيف الله مگسي واھ ڪڍيو ويو آهي ، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي حصي جو پاڻي الڳ ڪري وهائي ٿو۔ سکر بئراج مان نو لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي گنجائش رکي وئي آهي۔

[b](2) ڪوٽڙي بئراج
[/b]هي بئراج حيدرآباد ۽ ڄام شورو ڀرسان ڪوٽڙي جي مقام تي ٺاهيو ويو آهي ۔ هن بئراج جو هڪ نالو غلام محمد بئراج به آهي پر هي مشهور ڪوٽڙي بئراج جي نالي سان آهي۔ هي بئراج 1955ع ۾ جڙيو۔ هن بئراج مان چار ڪئنال ڪڍيا ويا آهن۔ جن مان اولھه يا ساڄي پاسي، ڪلري بگهاڙ فيڊر جنهن جي ڊيگھه 38 ميل آهي ۽ کاٻي طرف کان اڪرم واھ ڪئنال، ڦليلي واھ ڪئنال، پڃاري يا نيو ڦليلي واھ ڪئنال ڪڍيا ويا آهن۔ ڪوٽڙي بئراج مان پاڻي جي گذرڻ جي گنجائش 8.75 لک ڪيوسڪ آهي. ڪوٽڙي بئراج تي 28 لک ايڪڙ زمين رکيل آهي۔

[b](3) گڊو بئراج
[/b]گڊو بئراج 1962ع ۾ ٺهيو. هن بئراج جي ڪمانڊ ايريا تي 29 لک ايڪڙ زمين رکيل آهي۔ گڊو بئراج مان ٽي مک ڪئنال ڪڊيا ويا آهن، جن مان ساڄي پاسي گهوٽڪي فيڊر جنهن جي ڊيگھه 78.6 ميل آهي ۽ کاٻي پاسي بيگاري سنڌ فيڊر ۽ ڊيزٽ فيڊر ست ميل ڊگھا آهن۔ انهن ٽنهي ڪئنالن مان نڪرندڙ شاخن ۽ ننڍيڱن واهن جي مجموعي طور ڊيگھ 260 ميل ٿئي ٿي۔ ڊيزٽ فيڊر مان وري پٽ فيڊر نڪري ٿو جيڪو بلوچستان ۾ پاڻي پهچائي ٿو ۽ ان تي اٽڪل 10.7 لک ايڪڙ زمين آبادي لاءِ رکيل آهي ۔ جنهن مان 7.51 لک ايڪڙ زمين بلوچستان جي آهي ۽ باقي سنڌ جي آهي۔
سنڌو جي ڊيگھه 3610 ڪلوميٽر چئي وڃي ٿي، هي درياءُ اڳي سمنڊ ۾ ڇوڙ 6.600 ڪيوبڪ ميٽر پر سيڪنڊ هوندو ۔ جيڪو وڌ ۾ وڌ 5800ڪيوبڪ ميٽر پر سيڪنڊ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 1200 ڪيوبڪ ميٽر پر سيڪنڊ هوندو هو پر هاڻ اهو ماضي جو قصو يا ريڪارڊ بڻجي ويو آهي۔ سنڌو تي بئراج ٺهڻ سبب سندس لهرن ۾ اها اڳوڻي مستي نه رهي آهي، نه وري ڇوڙ واري علائقي ۾ ان مقدار ۾ لٽ پهچي ٿي، هاڻ ته هي درياءُ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمورو سال ڊيڊ ليول تي هوندو آهي۔ 1991ع ملڪي ليول تي پاڪستان جي صوبن وچ۾ ٿيل پاڻي ٺاھ تي عمل ڪرائڻ لاءِ جوڙيل وفاقي ڪاميٽي ارسا (انڊس ريور اٿارٽي) پنهنجي قيام کان 2018ع ٿيل ٺاھ تي عمل ناهي ڪرائي سگهي۔ جنهن ڪري سنڌ جي نصيبن ۾ رڳو پاڻي جي کوٽ ئي آئي آهي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هٺ المين واري صورتحال پيدا ٿي پئي آهي۔

[b](4) اڪرم واھ ڪئنال
[/b]ڪوٽڙي بئراج مان پاڪستان جي فوجي حڪمران ايوب خان جي ايام ڪاري ۾ اڪرم واھ ڪئنال کوٺرايو ويو. هن کي اڪرم واھ ۽ لائينڊ ڪئنال به چوندا آهن. ڪوٽڙي بئراج مان نڪرڻ بعد هن مان نورائي ۽ سيري ڀرسا گاجا واھ ڪڍيو ويو آهي. ٽنڊوباگو کان چار ميل اولھه طرف هن مان شادي لارج واھ کوٽيو ويو آهي. ۽ 70 ريگيوليٽر، ستر موري وٽ ٺاهيو ويو آهي. وهڻائي شريف وٽان هن مان هڏاڇڙ واھ، سنهي گوني، وهڻائي مائينر ۽ ڪارو واھ ڪڍيا ويا آهن. وهڻائي شريف کان هيٺ هن کي ڦليلي جي پراڻي وهڪري مان وهايو ويو آهي. زيرو پوائنٽ وٽ هن واھ جو ڇوڙ شڪور ڍنڍ ۾ ٿئي ٿو. اڪرم واھ ڪئنال مان نڪرندر سنهي گوني جي ڪمانڊ جو ايريا هن وقت ڪڇ جي رڻ جي شروع واري دنگ کان شيخاڻي گهاڙي وٽ زيرو پوائنٽ آهي. لائينڊ واھ يا اڪرم واھ مان ڪافي شاخون پڻ ڪڍيل آهن. جيڪي ضلعي بدين جي تعلقي بدين ۽ ٽنڊي باگي جي زمينن کي سيراب ڪن ٿيون. ۽ ٿر ضلعي جي تعلقي مٺي، تعلقي ڏيپلي، تعلقي ڪلوئي جي گس مهراڻي تائين اڪرم واھ جي شاخن جو پاڻي پهچي ٿو. هي واھ ريگيولر آهي. جيڪو سال جا ٻارهن مهينا وهي ٿو. رڳو سال ۾ ڏھ ڏينهن صفائي لاءِ هن واھ جي بندي ٿئي ٿي. هن واھ جو پاڻي حيدرآباد ۾ ڪجهه آبادي، ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ ضلعي بدين جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو. هن واھ جي ڪمانڊ ايريا جون زمينون گهڻي ڀاڱي قيام پاڪستان کان بعد سيٽلر آبادگارن کي ڏنل چيون وڃن ٿيون.

[b](5) جناح بئراج
[/b]جناح بئراج 1947ع ۾ ٺهيو، ڪالا باغ کان پوءِ هي سنڌو تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي سرحدي حد تي پهريون بئراج آهي۔ هن بئراج کان هيٺ سنڌو سڪل ٻيلاٽين وارو ڪڏهن ڪڏهن ڏيک ڏئي ٿو۔ هن بئراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي پنجاب جو ضلعو ميانوالي آهي۔ ٻي طرف ڪروڙ پڪا (ضلع ليه پنجاب) تائين سنڌو جو وهڪرو پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي سرحد آهي۔ ڪروڙپڪا کان پوءِ سنڌو جي اولھه ۾ ڊيرا غازي خان ۽ اوڀر ۾ ليه آهي جيڪي ٻئي پنجاب جو حصو آهن۔
جناح بئراج مان چار ڪئنال نڪرن ٿا۔ انهن ڪئنال تي ڪو نالو نه رکيل آهي، هي ڪئنال نمبر 1، ڪئنال نمبر 2، ڪئنال نمبر 3، ڪئنال نمبر 4 سڏبا آهن۔

[b]گريٽر ٿل اسڪيم
[/b]جناح ڪئنال کان اڳيان گريٽر ٿل اسڪيم آهي جنهن مان پڻ بئراج نڪرن ٿا ۽ هي ساڳئي اسڪيم جو حصو آهي۔

[b](6) چشما بئراج
[/b]هي بئراج پڻ گريٽر ٿل اسڪيم جو حصو آهي ۽ هن مان به ڪئنال نڪرن ٿا۔ چشما بئراج ميانوالي کان ڏکڻ اولھ طرف 25 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي۔ چشما بئراج سليمان جبل جي ڪڇ ۾ ٺهيل آهي۔ بئراج جي کاٻي ڪناري تي چشما جهلم لنڪ ڪئنال آهي جيڪو سنڌ ۽ پنجاب ۾ پهرين ڏينهن رٿا ٺهڻ کان اڄ تائين تڪراري رهيو آهي۔ درياءُ جي ساڄي ڪناري کان پهاڙ پور نهر نڪري ٿي، جيڪا خيبرپختونخواه جي علائقي کي آباد ڪري ٿي۔ چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي هڪ رپورٽ مطابق پنجاب جي 27 لک ايڪڙ زمين جو دارومدار آهي۔ اهي زمينون ميانوالي، ڀکر، ڊيرا غازي خان، مظفر ڳڙھ، بهاولپور، رحيم يار خان، ملتان، وهاڙي ۽ چولستان جي حد اندر اچي ٿي۔ اهو حصو پنجاب جي پوکي جي لائق ٽيو حصو چئجي ٿو۔ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي ڊيگھه 67 ميل، گهرائي 14 فٽ ۽ ويڪر 400 فٽ آهي۔ هن ۾ 21700 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي گنجائش رکي وئي آهي۔ شير ڳڙھ وٽ هن نهر جو پاڻي جهلم ندي ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ جتان چشما جهلم لنڪ ڪئنال جو پاڻي تريمون هيڊ ورڪس جي ذريعي چناب ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ جنهن تي پنجاب جون زمينون آباد ٿين ٿيون.