سنڌ شناسي

سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
Title Cover of book سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا

سنڌو جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي تي موجود ڪجهه شهر

سنڌو درياءُ جي موجوده دور ۾ وهندڙ ڪٺار جي ٻنهي ڪنارن تي جيڪي اهم شهر قائم ٿيل آهن، تن مان ڪجهه هن طرح آهن

[b]سنڌو جو کاٻو ڪنارو
[/b]چلاس، اٽڪ، ميانوالي، گڊو، گهوٽڪي ، ريڻي ، ڏهرڪي، روهڙي، خيرپور، راڻي پور، نوشهرو فيروز، مورو ، قاضي احمد، سڪرنڊ، سعيد آباد، هالا، ڀٽ شاھ،، مٽياري، حيدرآباد، هوسڙي، کٿڙ، ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم، ٻيلو، ٻنون، سعيدپور، سجاول، چوهڙ جمالي، شاهبندر، کارو ڇاڻ

[b]سنڌو جو ساڄو ڪنارو
[/b]خير آباد، ڪوهاٽ، ڊيرا اسماعيل خان، مزاري پل، ڊيرا غازي خان، راجن پور، ڪشمور، سکر، نئون ديرو، رتو ديرو، ڳڙهي خدا بخش، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، دادو، خدا آباد، منڇر بوبڪ، سيوهڻ،لڪي شاھ صدر، سن، مانجهند، لاکڙا، ڄام شورو، ڪوٽڙي، ملا ڪاتيار، جهرڪ، راڄو ڳوٺ، سونڊا،، ڪينجهر، ڇتو چنڊ، اڏيرو لال ٺٽو، پير پٺو ،گهوڙاٻاري، جنگي سر پتڻ، ڳاڙهو، ٻگهاڻ، ڪيٽي بندر