سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
جهرڪ شهر تاريخ ۾ ڪئي لاڙها ۽ چاڙها ڏٺا آهن ۽ هن وقت سنڌو جي خاموش واري جي درد ڪٿا جو منظر، جهرڪ جو ويران بندر، کنڊر بڻجي ويل ملاحن جا ڊٺل گهر، خاموشي سان ملاحن جي لڏپلاڻ، اهڙو نوحو آهن ، جهڙو ملڪ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي والد جناح ڀائي پونجا جو ڀلجي ويل ذڪر يا پونجا جو جهرڪ جي نقشي تان مٽجي ويل گهر آهي. جهرڪ سان ڪئي انوکيون ڪهاڻيون وابسته آهن. ڪيترن دورن جي خاموش تاريخ بابت هاڻ رڳو لوڪ روايتون ئي ملن ٿيون. چارلس نيپيئر هن شهر کي وڏي اهميت ڏني. هتي جهازن جو بندر به قائم ڪيو. چارلس نيپيئر جهرڪ جي خوبصورت فضا ڪري هتي برطانوي فوج جو هيڊڪوارٽر قائم ڪيو. هتي هڪ بندرگاھ به هئي. انگريز جي هتي ڇانوڻي قائم ٿيڻ سان جهرڪ جي اهميت ۾ اضافو ٿيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيو ويو آهي ته ”1859ع ۾ برطانيه گورنمينٽ جي ڪمپني انڊس فلوٽيلا سنڌو ۾ سنڌ اندر سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ آمدرفت شروع ڪئي، مقامي طور تي ٻيڙيون ته هتي اڳئي هلنديون هيون پر هي جديد جهاز راني جي ابتدا هئي. انگريز پنهنجي زماني ۾ 1835ع ۾ انڊس نالي وارو هڪ وڏو جهاز هتي هلايو هو. ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس، جديد پوسٽ آفس ۽ ٿاڻو به قائم ٿيو. هتان کان ڪوٽڙي ۽ ڪراچي تائين 1852ع ۾ جهاز هلايو ويو. جيڪو ٽپال کڻي ايندو هو. انڊس فلوٽيلا پنهنجي جهازن لاءِ هتي بندرگاه تعمير ڪرايو. ان ڪري به جهرڪ وڏي ترقي ڪئي. هتان کان ڪاٺين جي باھ تي هلڻ وارا جهاز ملتان، اٽڪ، ڪالا باغ تائين ايندا ويندا هئا. حسن علي آفندي (1830ع کان 1895ع تائين) جهرڪ واري مرڪزي آفس ۾ ملازم هو. هتي جهازن کي ڪاٺ به فراهم ڪيو ويندو هو. ان ئي حسن علي آفندي ڪراچي ۾ 1885ع ۾ سنڌ مدرسا الاسلام جو بنياد رکيو. جهرڪ کي اهو به اعزاز آهي ته حسن علي آفندي به هتي رهيو. ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريل هلڻ سبب سامان ريلوي تي وڃڻ لڳو جنهنڪري پاڻي واري اسٽيمر جهاز تي برو اثر پيو. 1862ع ان ڪمپني جي اٽڪ سروس جاري رهي ۽ 1883ع ۾ هن ڪمپني کي بند ڪيو ويو. پر ان جي باوجود 1907ع تائين انڊس فلوٽيلا جو هڪ جهاز سنڌو ۾ هلندو رهيو. جهاز کي ٿڌو رکڻ لاءِ مٿس ڪينچي نما ڇت وڌي وئي. هتي ڪراچي کان سستو سامان وڪرو ٿيندو هو. هن ئي شهر ۾ اسماعيلي بزرگن پنهنجيون سرگرميون ارغونن ۽ مغلن جي دور ۾ شروع ڪيون. هي سندن مرڪز رهيو هو. ميرن جي دور ۾ هتي اسماعيلي خواجن جا 983 جي ويجهو خاندان رهندا هئا. 1838ع ۾ آغا خان اول آغا شاھ حسن علي هتي اچي آباد ٿيو. انهي وقت نصير خان حاڪم هو. جنهن ايران جي حاڪم محمد علي شاھ قاچار جي چوڻ تي آغا خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مقامي جوکين جي سردار کي حڪم ڪيو. جنهن ڪري جهرڪ جي ويجهو جوکين ۽ آغا خان جي مريدن ۾ جنگ ٿي جنهن۾ ٻاهتر جي قريب ماڻهو مارجي ويا. ان جنگ بعد آغا خان ميرن خلاف مزاحمت تي لهي آيو ۽ هن پنهنجي پوئلڳن سان گڏجي سر چارلس نيپيئر جي وڏي مدد ڪئي جنهن ڪري انگريز سرڪار کيس هزهائينس جو خطاب ڏنو. آغا خان سندس رهائش لاءِ جهرڪ ۾ محل ٺهرايو جيڪو اڄ به سلامت آهي ۽ ڏسڻ جهڙو محل آهي. سندس تعمير پنهنجي دور جي نمائندگي ڪري ٿي. آغا خان حسن علي هزهائينس جي محل جي سامهون ڏکڻ طرف محل جي ڀِت ڀرسان هڪڙو گهر، اسڪول ۽ خالي پيل پلاٽ مون کي اصل جهرڪ شهر جي رهواسي ۽ هاڻ ٽنڊوباگو ۾ ويٺل مهدي محمد خواجه جي پٽ عرفان مهدي خواجه ڏيکاريندي ٻُڌايو هتي هن کنڊر وارو پلاٽ تي محمد علي جناح جي والد جناح ڀائي پونجا جو گهر هو ۽ هاڻ........!!! عرفان مهدي اڌ ۾ جملو روڪي ڇڏيو. مون خاموشي سان چئني طرف ڏٺو، نه باغ سلامت هئا، نه بازار ۾ رونق هئي سنڌو وارو پتڻ ۽ بندرگاھ کنڊر بڻجي ويا هئا، سنڌو ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي هئي، نه ملاح، نه مڪڙي، نه ڇلر، نه ڇٽ هئي. جهرڪ شهر جا زمين آسمان ٻئي بدلجي ويا آهن. قائداعظم محمد علي جناح جي گهر جا نشان ته هٿ سان ڊاهيا ويا آهن. جهرڪ جي جنهن اسڪول ۾ محمد علي جناح پڙهيو هو ان جو جنرل رجسٽر به تبديل ٿي چڪو آهي. پر جهرڪ جون گهٽيون ۽ هتي رهندڙ جهونا شاهد آهن ته قائد اعظم محمد علي جناح جهرڪ ۾ پيدا ٿيو هو. مون آغا خان جي محل جي ڇت تي چڙهي ڏٺو بندرگاهه خاموش هو جتي ڪپر تي ڪن ولوڙ ڪندا هئا اتي ڪا به ڇولي ڪونه هئي. ٻي ٽڪر تي ماجيرا جي ماڙي ويران نظر آئي. هتي پٿر جي دور ۾ اوزار ٺهندا هئا پر هاڻي ته ريتي ۽ بجري وارا هنن جا نشان به ميٽي رهيا آهن. ويران ٻيلي جا وڻ پاڻي جي نه هئڻ ڪري سڪي رهيا آهن. ڪنهن سمي قديم سنڌو جهرڪ وٽان ٻڌڪا ٽڪر تائين اوسي پاسي کان ڪلري ۽ بگهاڙ ڦاٽن ۾ تقسيم ٿيندو هو. ڪلري ڦاٽ کي ساڪره يا سانڪره به چيو ويندو هو. جنهن بعد نصر پور وٽان گذرندڙ مک وهڪرو اهوئي سانڪره وارو هو. جيڪو ڀنڀور ۽ ديبل وٽان سمنڊ ۾ سمائبو هو. اهڙو ذڪر مئڪمڊو پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي. جهرڪ جي راجا ماجي راءِ جي نالي سان کنڊر بڻيل ماڙي سان لوڪ داستان به وابسته آهي. عاشق صادق کپريو کاٽڙيو جي مزار به هتي موجود آهي. ان جي ڪهاڻي به ڏاڍي عجيب آهي. لوڪ روايت آهي ته “کپريو وٽ هڪ کنو هوندو هو، جيڪو ڪرامت وارو هو. جنهن جي مدد سان کپريو راجا ماجي راءِ جي ڪوٽ کي کاٽ هنيا پر هو ناڪام ٿيو ۽ ڇهين ڀيري ڪامياب ٿي ويو ۽ پنهنجي هٿيار جي مدد سان راجا جي وڏي ڪنواري لاڏلي ڌيءِ کي اغوا ڪري وڃي پنهنجي جهوپڙي ۾ رهايائين. راجا پنهنجي نياڻي جي غائب ٿيڻ بعد سندس ڳولا ۽ واپسي لاءِ وڏا وس ڪيا پر ناڪام ٿيو. روايت ۾ اچي ٿو ته راجا کي جڏهن ڌي ڄائي هئي ته پنڊتن سندس جنم پتري ڏسي راجا کي ٻڌايو هو ته نياڻي سڄي عمر مسڪيني ۾ گذاريندي پر سندس شادي راجا ماجيراءِ سان ٿيندي اهڙا پنڊتن جا رايا ٻڌي راجا جا ٺپ ئي ٺري ويا هئا اداس ٿي ويو هو. پر جڏهن اها نينگري وڏي ٿي ته کپريو کي خبر هئي تنهن سندس کني سان کاٽ هڻي نينگري کي اغوا ڪري ورتو. راوي روايت ٿا ڪن ته کپريو وڏو پهتل شخص هو هن پنڊتن جي ڳالھ ٻڌندي ئي فيصلو ڪري ورتو هو ته هو ڇوڪري کي سندس پي راجا جي زال ٿيڻ نه ڏيندو. جنهن ڪري هن ڇوڪري کي اغوا ڪيو. کپريو راڻي جي ٺهيل ٽڪور لاءِ راجا جي ماڙي مان رات جو راڻي جي خاص ٻانهي جو اکيون ٻڌي کڻي ايندو هو ۽ کيس تاڪيد ڪئي هيائين ته جي هو راز فاش ڪندي ته هن کي ماري ڇڏيندو. راجا ڳولها ڪري بي حال ٿي پيو. تڏهن ٻانهي راز فاش ڪري ڇڏيو. راجا ۽ سندس ماڻهن اچي کپريو جي گهر جو گهيراءُ ڪيو. کپريو عبادت ڪري رهيو هو. سندس ڪرامتي هٿيار کي به اها ڪرامت هئي ته هو پاڻهي جنگ ڪندو هو پر جيڪڏهن هن کي ڪا عورت هٿ لاهيندي ته هن هٿيار جي ڪرامت ختم ٿيو ويندي هئي. گهيري مهل کنو پاڻ مرادو مياڻ مان ٻاهر نڪتو جنهن کي راڻي هٿ لاهي ڇُهي ورتو ۽ سندس ڪرامت ختم ٿي وئي. کپريو ۽ شهزادي وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويا. کين جدا جدا قبرون ٺاهي ان ۾ دفن ڪيو ويو پر قبرون هڪٻئي سان گڏجي ويون. ڪيترا ڀيرا قبرن کي جدا ڪيو ويو پر هو وري پاڻ ۾ گڏجو وڃن. حاڪم ۽ سندس ماڻهو کين جدا نه ڪري سگهيا. هو جتي ماريا ويا اتي ئي سندن مزار آهي ۽ اڄ به عاشق سندن سلامي ڀرين ٿا. سندن داستان جھرڪن ۾ زبان زد عام آهي. هن شهر تي جهرڪ نالو پوڻ جو سبب خواجه عبدالحسين پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ” ۾ هڪ روايت هن طرح بيان ڪئي آهي ته سنڌو جي ڏکڻ طرف شاھ پور ۾ ڀٽي ذات جا غريب ماڻهو رهندا هئا، سندن اولاد ۽ مال ۾ برڪت ڪون ٿئي پئي، هڪ لڱا هالا جي مخدوم جو خليفو اتان اچي لنگهيو ۽ ڀٽين وٽ ترسيو، ڀٽين اولاد ۽ مال ۾ برڪت پوڻ جي دعا مخدوم جي خليفي کان طلب ڪئي، خليفي کين موٽ ۾ چيو ته خليفي صاحب جا مريد ٿيو ته توهان کي دعا ڪريان ۽ اهڙو پڊ ٿو ڏسيان جتي مال ۽ اولاد ۾ برڪت سميت اوهان جي ذات جو پيو ورجاءُ ٿيندو ، ڀٽين مخدوم صاحب جي مريدي قبول ڪئي ۽ خليفي کين هاڻوڪي شهر وارو پڊ ڏسيو جتي ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺا ، اٽڪل ڇهن يا ستن سالن کانپوءِ خليفو اتان اچي گذريو تڏهن ڀٽي مالامال ۽ منجهن اضافو نظر آيو ، هڪ هڪڙي ماڻهو جا اٺ نو ٻار اچي خليفي اڳيان بيٺا ، پڇا ڪرڻ تي ماڻهن اشارا ڪري ٻڌايو ته هي ٻار فلاڻي جا آهن ، ۽ هي فلاڻي جا . تنهن تي خليفي مرڪي چيو ته اوهين ته ڪي جهرڪ آهيو ، انهن لفظن کانپوءِ اهي جهرڪ ڀٽي سڏجڻ لڳا ۽ پوءِ شهر جو بنياد پيو جنهن تي جهرڪ نالو پئجي ويو ، جهرڪ قبيلو هن وقت به موجود آهي ، جهرڪ شهر ڀرسان سنڌو جي ڪناري تي عمدا باغ هوندا هئا جن ۾ انبن ، زيتونن ، کجين ، ڦارون ، جا وڻ هوندا هئا ، هتي ڪمند به جام ٿيندو هو”