ڪتاب جو نالو: سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا
مصنف: عثمان راهوڪڙو
ڇپائيندڙ: پُراڻ پبليڪيشن جهڏو
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 22 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 2018 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 406 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • ٻه اکر
  • ليکڪ پاران
  • تبت دنيا جو واٽر ٽاور يا پاڻي جي ڇت
  • سنڌو جو مختلف ٻولين ۾ نالو
  • سنڌو جو شروعاتي وهڪرو ۽ گليشيئر
  • سنڌو ۾ سنگم ڪندڙ يا سمائجندڙ نديون
  • سنڌو ڪٺار تي ”دروڪپا“ قبيلي وارا نه پکي نه مڇي مارين
  • لداخ جي مختصر تاريخ
  • سنڌو ۽ ليه
  • اسڪردو جتي پاڻي پيلو نظر ايندو آهي
  • گلگت
  • چلاس جتي جون عورتون ٽوپيون پائين ٿيون
  • سنڌو ۽ موسم
  • سنڌو تي ڊيم
  • اٽڪ
  • ”سوڪڙيان“ پهاڄ برداش نه ٿي
  • داسو
  • ڪالاباغ وارو علائقو
  • سنڌو ڪٺار جي هڪ وڏي شاعر جي وصيت
  • درياءُ ڏيڻ سان نقصان سنڌ جو ٿيو
  • پنج ند : چناب ۽ راوي جو سنگم
  • سنڌ طاس ٺاھ
  • سنڌو ۽ هاڪڙي جي ڪٺار تي لڳل جنگين جو مختصر جائزو
  • سنڌوءُ ۾ جنگي ٻيڙا ، غورابن تي وڻج واپار ۽ جهازراني
  • نيرڪوس ۽ ڪروڪولا
  • سنڌو ڪناري لاش دفن ڪرڻ جي روايت
  • سنڌو ۽ هاڪڙي تي تارا ڏسي فصل پوکبا هئا ۽ شاديون ڪيون وينديون هيون
  • سنڌو هاڪڙي ۽ خشڪي جا ڪجهه اهم رستا
  • سنڌو جي ڪٺار تي گهرن، مقبرن، قلعن، غارن ۽ ويهارن جون اڏاوتون
  • سنڌو ۽ پکين جو فلاءِ زون
  • سنڌو جي ڪٺار تي رهندڙ ماڻهو
  • سنڌو تي بئراج
  • اروڙ، روهڙي، بکر ۽ سکر
  • پاڻي جي پوڄا
  • باڊھ
  • ناچڻي خاموش ٿي وئي
  • سيوهڻ ۽ اڙل واھ
  • آمري
  • سنڌو ۾ مڇيون ۽ واڳون
  • سنڌو ڪپھه ۽ آڏاڻا
  • سنڌو جا دريائي ٻيلا
  • سنڌو جو ڪچو
  • هالا
  • سنڌو، هاڪڙو ۽ مالدار سانگي
  • نيرون ڪوٽ /حيدرآباد
  • ڪوٽڙي جا پاتڻي حيران ٿيندا هئا
  • جهرڪ شهر اجڙي ويو
  • سونڊا جو نالو ۽ سنڌو جو پلو کائي مرندڙ حاڪم
  • سنڌو ڪناري آباد ٺٽي شهر جو اجڙڻ ۽ ٺهڻ
  • سنڌو جا ڦاڪ
  • سنڌو ۽ سندس ڦاڪن تي پتڻ
  • سنڌو ،هاڪڙو ۽ ڍنڍون
  • سنڌو ۽ هاڪڙي تي سنڌ جي ساحلي پٽي تي قائم ٿيل بندر
  • سنڌو ۽ بند
  • سنڌو ۽ آبپاشي جا طريقا
  • سنڌو جا ڦاٽ يا ڇوڙ
  • ڊيلٽا ۽ ٻيٽ
  • سنڌو جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي تي موجود ڪجهه شهر
  • سنڌو ۾ ٻوڏون
  • سنڌو تي ٺاهيل جديد پلون
  • ھاڪڙو ڪس ۽ مُھر راڻي
  • ڊيلٽا کي تباھ ڪندڙ ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي
  • سنڌو ۽ هاڪڙي ۾ آيل وڏيون تبديليون
  • کاروڇاڻ: جتي سنڌو جي لٽ ڇڻي ٿي!!!
  • هاڪڙو ۽ ڪڇ جو رڻ
  • ڪتابيات (مددگار ڪتاب)
  • مددگار لائبريريون
  • پُراڻ پبليڪيشن جهڏو جا شايع ٿيل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل تصوير

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا
    ليکڪ: عثمان راهوڪڙو
    موضوع: تحقيقي مضمون
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: پنج سئو
    سال: © 2019ع
    ڪمپوزنگ : اسماعيل چانگ
    لي آئوٽ: محب ڀيل
    ٽائٽل: عظيم ڪنڀر
    ڇپيندڙ: پُراڻ پبليڪيشن جهڏو
    فون نمبر: 03002382699
    03002682036
    قيمت: 500 روپيا

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    پنهنجي والد احمد راهوڪڙو
    ڀاءُ محمد صديق راهوڪڙو ،
    ماسات الهبڇايو راهوڪڙو،
    پٽن اظهارالحق ، لکاڏنو ۽ منور
    مرحومه رحمت عرف سوڍي ،
    ڪائنات
    ۽ سنڌوءُ درياءِ جي نالي
    انهي دعا سان ته سنڌوءُ جون ڇوليون هميشه قائم رهن.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌو ۽ ھاڪڙو جا وھڪرا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. تحقيقي مضمونن تي مشتمل ھن ڪتاب جو ليکڪ عثمان راھوڪڙو صاحب آهي.
    سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
    ھي ڪتاب پُراڻ پبليڪيشن جھڏو پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون محترم محب ڀيل جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    علم، ادب، ڪتاب ۽ قلم سان به پنهنجي قوم جي خدمت ڪري سگهجي ٿي، پنهنجي وطن، قوم،درياهه، دنگ، دڙا، ڍنڍون، پاڻي جي وهڪرا، آثار قديم بابت تاريخ جي درست ۽ مفيد معلومات سرجي پنهنجي ايندڙ نسلن جي هٿن تائين پهچائڻ واقعي ئي قومي خدمت آهي. ڀلوڙ ليکڪ محترم عثمان راهوڪڙي پڻ پنهنجي قوم جي خدمت هي ڪتاب لکي ڪئي آهي. سنڌو درياهه سنڌي قوم جي جياپي جو اهم ذريعو ۽ ساهه جو سڳو آهي. هزارين سالن کان سنڌي قوم جو هي محبوب درياهه پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي رهيو آهي. عثمان راهوڪڙي اُن شينهن درياهه جي تاريخ ۽ هاڪڙي بابت زبردست قلمي تحقيق ڪري هڪ منفرد ڪم ڪيو آهي. ان لاءِ دوست عثمان جس لهي.
    سخت بيماري جي حالت ۾ عثمان راهوڪڙي پنهنجي دادلي درياهه تي هڪ ڪارآمد ڪتاب لکي سچ پچ قومي ڪم ڪيو آهي. جنهن لاءِ پُراڻ پبليڪيشن جهڏو جو سمورو سٿ کيس قومي سلام پيش ڪري ٿو. سنڌ جي ٻين قلم ڌڻين کي پڻ عثمان راهوڪڙي جهڙي وطن دوست قلم ڌڻي مان مثال وٺڻ گھرجي ۽ اهڙي ئي جذبي سان لکڻ گھرجي.

    فقير سليمان لغاري،
    محب ڀيل
    پُراڻ پبليڪيشن جهڏو


    ٻه اکر

    سنڌو دريا جيڪو هن خطي کي صدين کان پاڻي ميها ڪري رهيو آهي . اهو هن خطي سميت انهن علائقن جتان کان هي نڪري ٿو ۽ وهي ٿو اتي حيات جي جئيڻ جو ذريعو آهي. سنڌو جي عظيم تهذيب جنهن تي سڄي ننڍي کنڊ کي ناز آهي ان جي اسرڻ ۾ به هن دريا جي پاڻي جو استعمال ٿيو هوندو ، انگريزن پاران بئراج اڏڻ کان اڳ هي دريا ڇڙواڳ ٿي وهندو هو جنهن جا مختلف ڦاٽ سنڌ جي مختلف هنڌن تي موجود آهن ، جنهن تي مقامي ماڻهن پنهنجي يادگيري جي حساب سان مختلف نالا رکي ڇڏيا آهن ، هن ئي دريا جي ڪپرن تي ويهي ڌرمي ويد لکيا ويا ، هن پراڻن ڦاٽن جي ڪنڌين تي سنڌو جي قديم تهذيب جا اهڄاڻ پڻ مدفون آهن ، جن کي ڌارين جي لشڪرن مسمار ڪيو ۽ ڪن آڳاٽن شهرن ۽ وسندين کي هن دريا بادشاھ جي اوج ۽ موج ڊاهي پٽ ڪيو . جن مان صرف موهن جي دڙي ۽ مهر ڳڙھ جي کوٽائي ڪئي وئي آهي ، هنن ماڳن جيان ٻيا ڪيترائي ماڳ مڪان سنڌو جي پراڻن وهڪرن جيئن تاريخ جي ڪتابن مان گم آهن يا جن جو به کڻي ذڪر ٿيل آهي اهو اڻ چٽو ۽ غير تصديق شده آهي . ڇاڪاڻ سنڌ جي تاريخ لوڪ قصن ۽ پرڏيهي ليکڪن جي حوالن تان تقليد ڪيل محسوس ٿئي ٿي . اها مصدق ۽ چٽي تڏهن ٿيندي جڏهن سنڌو جي پراڻ وهڪرن جا لنگھه چٽا ٿيندا. سنڌ جي ڪيترن ئي مورخن قديم ماڳ مڪانن پنهنجي پنهنجي علائقن ڏانهن کسڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . هن کان اڳ سنڌو دريا تي بدر ابڙو تحقيق ڪري ڪتاب ڇپرايو ۽ رضا علي عابدي موجوده سنڌو دريا جي واٽ وٺي ان تي موجود شهرن، ڳوٺن ۽ تاريخي ماڳن تي بي بي سي ريڊيو لاءِ ڊاڪيومينٽري ٺاهي جنهن جي لکت ڪتابي صورت ۾ شير دريا جي نالي سان اردو ۾ ڇپي ، ان کانپوءِ هاڻي عثمان راهوڪڙي هن تاريخ جي حوالي سان انتهائي اهم موضوح کي اهميت ڏيندي هي ڪتاب لکيو آهي ، عثمان هن کان اڳ ٽي ڪتاب لکي چڪو آهي پر هن جو هي ڪتاب جيڪو موجوده سنڌو جي وهڪري تي وسندڙ شهرن ڳوٺن جي حال جو تذڪرو به شامل آهي ، ته پراڻن ڍورن جي لنگهن تي پڻ لکيو آهي . هن ڪتاب ۾ سنڌ جي وڃائجي ويل ندي هاڪڙي ڍوري جا پيرا کڻي جتي هن جي وهڪري جا لنگھه چٽا ڪيا آهن اتي ان سان سلهاڙيل لوڪ قصن، تاريخي ماڳن تي پڻ جامع لکيو آهي. گذريل ٻن سالن کان وٺي عثمان هن ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو هو جنهن ۾ مواد کان وٺي سنڌو جي پراڻن ڍورن جا پنڌ پڻ هن کي جهاڳڻا پيا، گهڻي جاکوڙ کانپوءِ لکيل هن جو هي ڪتاب پڙهندڙن وٽ ضرور مڃتا ماڻيندو ۽ سنڌو دريا ۽ ان جي آڳاٽن وهڪرن بابت ڏند ڪٿائن کان الڳ ٿي تاريخ جي پانڌئيڙن کي حقيقي گس ڏيندو . وقت ته دريا به ميٽي ڇڏيندو آهي پر ايندڙ وقت ۾ عثمان راهوڪڙي جو ادبي پورهيو اجايو نه رهندو .

    الهبچايو راهوڪڙو


    ليکڪ پاران

    سنڌو ۽ هاڪڙي جا قديم وهڪرا وارو سوال اهڙوئي ڏکيو آهي جهڙي سنڌو لکت واري پرولي جيڪا اڄ تائين ٻولين جا ماهر پروڙي ڪون سگهيا آهن. ان حساب سان سنڌو جا قديم وهڪرا ۽ هاڪڙي درياءُ جو منجهيل سٽ آهي. جنهن کي سمجهڻ جي ڪابه ڪوشش نه ٿي آهي. تاريخ جا لکيل ڪيئي ڪتاب ناڪام عشق وانگر خاموش نظر اچن ٿا. رِگويد ۾ سنڌو جو ذڪر 176 ڀيرا آيو آهي پر اهو به ان ڪري ناڪافي آهي ڇو ته ان ۾ نه ٻوڏن جو ذڪر آهي نه وري درياءُ جي رخ مٽائڻ بابت ڪو مواد ملي ٿو. چچ نامي سميت گهڻا تاريخ جا ڪتاب ۽ ابن بطوطه کان وٺي سڪندر مقدوني جي مهم جوئن جا جيڪي به ڪتاب ملن ٿا اهي حملي آور ۽ انهن جي ثناخواني واري تاريخ تي لکيل آهن. البت نيو واٽر مئنيجمينٽ بابت انگريز دور سان تعلق رکندڙ ليکڪن جو لکيل مواد ملي ٿو. ان کان سواءِ شاھ عبداللطيف ڀٽائي کان وٺي ساموئي فقيرن جي شاعري سميت موجوده دور جي شاعرن جي شاعري ته موجود آهي. شير درياءُ جيڪو شينهن جي وات مان مانسرور ڍنڍ کان لڳ ڀڳ پنجاھ ڪلوميٽر پري پنهنجو ابتدائي وهڪرو شروع ڪري ٿو. ۽ چين واري تبت، ولاريل ڪشمير کان آزاد ڪشمير ۾ عالمي لڪير کان جڏهن داخل ٿئي ٿو ته موجوده وقت ۾ سنڌو پاڪستان جو درياءُ سڏجي ٿو. سنڌو جي مختلف نالن، سنڌو تي وسندڙ قومن، خطن، تهذيبن، هن شير درياءُ سان سنگم ڪندڙ دريائن، هن جي ورن وڪڙن، جبلن، گليشيئرن، ڍنڍن، ڍورن، ڦاڪن، ٻيلن، پلن، قديم ۽ موجوده شهرن، بئراجن، ڪئنالن، ڊيلٽا، هاڪڙي درياءُ ۽ ان ۾ سنگم ڪندڙ دريائن ۽ ڇاڙن سميت ڪجھه قديم ماڳن ۽ سنڌو ۽ هاڪڙي جي سنگم ۽ وري جدا ٿي ٻيهر سنگم ڪرڻ وارن هنڌن بابت ڪافي ڪتابن، نقشن ۽ گوگل جي مدد سان هڪڙي ڪوشش ڪئي اٿم ته ڪنهن حد تائين هڪ هنڌ تي سنڌو ۽ هاڪڙي بابت مواد ڪٺو هجي ۽ تحقيق ڪندڙن کي هن موضوع تي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. ۽ اسان جي نسلن کي هنن دريائن تي رهندڙ ماڻهن، قومن ۽ خطن بابت ڄاڻ ملي. ڪافي سالن کان مسلسل طور تي پراڻن وهڪرن، ڍورن، ڍنڍن ۽ ڊيلٽا کي ڏسي مون تحقيقي طور تي دريائن بابت تحقيقي مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ هڪڙي ڪوشش ڪئي ته جئين ايندڙ وقت ۾ هن موضوع تي تحقيق ڪندڙن، لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي ۾ سهولت پيدا ٿئي. منهنجي لکيل پهرين ڪتاب “سڪو سنڌو ڪنارا رُنا” ۾ سنڌو جي سڪڻ جو درد سمايل آهي جنهن جو عنوان منهنجي نظم تان نالو کڻي لکيو ويو هو. جيڪو 2014 ۾ مارڪيٽ ۾ آيو ۽ ٻيو ڪتاب خاڪن تي مشتمل هو جنهن جو نالو “مٽي جا مور ماڻهو” آهي. اهي ٽيئي ڪتاب سنڌ سلامت جي ويب سائٽ تي موجود آهن.“مٽي جا مور ماڻهو” 2015 ۾ شائع ٿيو ۽ ٽيون ڪتاب "سون سريکيون عورتون" 2017 ۾ مارڪيٽ ۾ آيو. ان بعد مون 2017 جا 9 مهينا لڳاتار سنڌو ۽ هاڪڙي بابت ڪم ڪيو. ڪتاب پڙهيا، ڍورا ڍنڍون، ڊيلٽا، ٻيلا گهمي ڏٺم. پهرين به هن موضوع تي آهستي آهستي مواد ڪٺو ڪيم پئي. ته جيئن سنڌو ۽ هاڪڙي بابت ڪتاب لکڻ لاءِ ترتيب سان لکڻ به شروع ڪيم. پيج نمبر 17 کان 146 تائين ليکڪ الهبچايو راهوڪڙو لکيل مواد تي نظر وجهي صلاح ڏني ته لکيل مواد جي ترتيب تبديل ڪئي وڃي. ان حساب سان سنڌو جي ٻيلن، مڇي، ٻيڙن، پُلن، ڊيمن، وهڪرن، ڍنڍن جو ٿورو چيپٽر وائيز بيان ڪرڻ سميت سنڌو جي ڪٺار تي لڳيل جنگن، مشهور شهرن ۽ قبرستانن جو به ذڪر ڪيو وڃي. سنڌو ۾ پنجاب جا درياء جتي ڇوڙ ڪن ٿا ان مقام کي پنچند چئجي ٿو. پر پاڪستان جي نقشي موجب ته سنڌو سنگم کان اڳ راوي، چناب، جهلم ۽ بياس جو پاڻ ۾ سنگم ٿئي ٿو ۽ سنڌو ۾ اهي سڀ هڪ درياءُ بڻجي اچي سنگم ڪن ٿا. ونجهروٽ، الور ۽ ڪوٽڏيجي اهڙا ماڳ آهن جتي سنڌو سان هاڪڙو اچي سنگم ڪندو هو ۽ ٻيهر جدا ٿيندو هو. سو هن بحث دوران دريائن جي پراڻن وهڪرن ۽ هاڻي ڍورن يا انهن جي رهجي ويل باقي نشانن بابت بحث ڪيو ويندو جيئن پڙهندڙ سمجهي سگهن ته ماجرا ڇا آهي.
    سنڌو جي موجوده پاڻي جي ورهاست لاءِ آبپاشي وسپ ۽ سيڊا جڙيل آهن. پاڪستان جي سطح تي هن وقت ارسا قائم ٿيل آهي. جنهن ذريعي سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ پاڻي ورهاست بابت فيصلا ٿيڻ ٿا. پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن وچ۾ پڻ سنڌ طاس معاهدو ٿيل آهي. پاڪستان جي صوبن وچ ۾ 1991ع ۾ پاڻي وارو ٺاھ ٿيل آهي. ۽ هن وقت ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو سڪو پيو آهي. جنهن جو درد مياڻن تي رهندڙ هاڻ بيروزگار ٿي ويل مهاڻن کان وڌيڪ ڪير ٿو محسوس ڪري سگهي. سنڌو ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري سمنڊ ۾ به پاڻي نٿو وڃي جنهن ڪري ماحولياتي تبديلي تمر جي ٻيلن ۽ پَلي جي نسل کي ڄڻ ختم ڪري ڇڏيو آهي. درياءُ ۾ جهاز راني به هاڻ ماضي جو قصو آهي. پاڻي جي کوٽ سنڌ کي اهڙي لڪير تي پهچايو آهي جو 2018ع ۾ ٺٺي، سجاول ۽ بدين جي انيڪ ديهن کي سنڌ سرڪار آفت سٽيل قرار ڏنو. تماچي جا تڙ ويران ٿي ويا آهن. انهن جو نوحو جيڪو سنڌ ۾ سوڪڙي جي صورت ظاهر پيو ٿئي درياءُ جو اهو درد جيڪو ڏيکاري نٿو سگهجي پر محسوس ڪرائي سگهجي ٿو ته هتي ڇا ڇا نه هو ۽ هاڻي ڇا ڇا نه ٿيو آهي يا ٿئي پيو. بازار ڪنهن جي پئي لٽجي ۽ ڪير پيو لٽي، ڪيتريون ڪٿائون آهن. جن کي سمجهائڻ لاءِ هتي بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي مواد بابت فاروق احمد جعفراڻي(انچارج محمد بن قاسم لئبريري سجاول)، زاهد اسحاق سومرو(جاتي)، غلام مصطفيٰ جمالي(بدين)، عباس علي ميمڻ(گولاڙچي)، مولوي محمد خان ملڪاڻي، مولا بخش نظاماڻي ، عبدالغفور چانڊيو ، علي ڀاءَ ، انور علي عباسي ، انور علي رستماڻي، نصرالله جروار، غلام شبير لغاري، عبدالمجيد جمالي ۽ فقير لکاڏنو جت، ڪرم خان نظاماڻي ۽ محمد سليم ميمڻ مواد فراهم ڪيو. غلام عباس ملڪاڻي (جاتي) ڍنڍن ۽ ڍورن بابت مواد فراهم ڪيو. اسماعيل چانگ مواد ڪمپوز ڪيو ۽ منور پروف چيڪ ڪيا. الهبچايي راهوڪڙي مواد تي نظر وڌي ۽ پُراڻ پبليڪيشن جي سرواڻ ادا سليمان لغاري، سندس والد غلام حيدر لغاري ۽ محب ڀيل جي محنتن سبب ئي ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي. مون گهڻا آرٽيڪل يا مضمون بيماري دوران لکيا آهن. ڪرنگهي جي هڏي جي آپريشن بعد علاج به هلي پيو. پر ادبي ڪم دل جي سچائي سان پئي ڪيم. ان ۾ جيڪي اوڻايون هجن انهن لاءِ توهان جي نشاندهي جو انتظار رهندو.

    عثمان راهوڪڙو
    ڳوٺ : متو راهوڪڙو
    03463397774


    تبت دنيا جو واٽر ٽاور يا پاڻي جي ڇت

    دنيا جو واٽر ٽاور يا پاڻي جي ڇت تبت کي ڇو ٿو چيو وڃي ان بابت گھڻو عرصو اڳ اتھاس جي ڪتابن ۾ مختلف رايا ٿي مليا پر ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ملازم مور گرافٽس 1819ع ڌاري ھن دنيا جي پاڻي جي ڇت واري اھم ماڳ تبت جي مانسرور ۽ ٻين ڍنڍن ۽ ندين سميت ھتي پاڻي جي اوچائي ماپ ۽ نڪرندڙ ندين بابت حيران ڪن انداز سان حقيقتن تي مبني مواد سامهون آندو ۽ ڏند ڪٿائي ڪھاڻين جي جڳھه تي حقيقتن جا عڪس چٽا ٿيندي ويا ۽ ھاڻي پردي جي پويان ڪو به اھڙو ڳجھه يا لڪل اسرار نه رھيو آهي جيڪو دنيا جي ھن پاڻي جي وڏي ۾ وڏي ٽاور يا ڇت کي پراسرار بنائيندو ھجي يا سنڌو بابت جيڪي خيالي ويچار ھئا تن تان به پردو ھٽي ويو آهي سو تبت جي پاڻي واري ڇت کي سمجهڻ لاء انهن ڍنڍن کي سمجھڻو پوندو جن جي چيني زبان جي نالن موجب 1ـ چنگھائي 2ـ مانسور 3ـ نمسو 4ـ پاگونگ 5ـ ياھڊوڪ 6ـ سملنگ 7ـ لحامو 8ـ لماجانگ ڊانگ 9ـ پمايامڪو 10ـ پيڪو 11ـ ڪومو چاملنگ 12ـ راڪشاستل 13ـ ڊيزڪي ڪو 14ـ tab 15ڊانگ ڪو جنهن کي چنگائي ليڪ ڪوڪو نار به چوندا آهن .جيڪا چائنا ملڪ جي تبت جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي ھتي سال جا نو مھينا موسم خشڪ رھي ٿي سالياني برف پوڻ جو تناسب %18 آهي ھي علائقو سامونڊي سطح کان 16000 فٽ آهي ھتان کان 1ـ سنڌو يا سنتو 2ـ سالوين درياء 3ـ گنگا درياء 4ـ ميڪانگ درياء 5ـ گينيان Ganyan يارلنگ يا ستانگ پوگرينڊ درياء جيڪو دنيا جو گھري ۾ گھرو ۽ ڊگھي ۾ ڊگھو درياء آهي ھتي پاڻي جي گھڻي مقدار سبب تبت کي دنيا جو واٽر ٽاور يا پاڻي جي ڇت جي نالي سان سڏيو ۽ لکيو وڃي ٿو ـ تبت جي اولھه سان سنڌو ۽ ڀرم پترا درياء TAB ڍنڍ وٽان نڪرن ٿا اھا ڍنڍ ڪيلاش جبل جي پاسي ۾ آهي اھا جڳھه ھندن ۽ ٻڌن لاء پاڪ جڳھه آهي ھندن جي عقيدي موجب ڪيلاش جبل شو ڀڳوان جي رھڻ جي جڳھه آهي ۽ ٻڌن موجب اتي مھاتما گوتم ٻڌ جي رھائش به رھي آهي ھن پٽ جي معشيت ۾ ٿوري گھڻي ذراعت مال چارڻ ۽ مزدوري شامل آهن رڍون ٻڪريون اٺ گھوڙا مينھيون جھنگلي ڍڳا تبتن جي زندگين ۾ اھم جڳهه رکن ٿا سياحت سبب ھٿ جي ھنرن جي پذيرائي ٿي آهي تبتي ٽوپيون ڪارپيٽ قالين ڪپڙا ڪاٺ سان ٺھيل شيون سون ۽ چاندي جا زيور ۽ رقص ھتي جي ماڻھن جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهن تبت مرڪزي سرڪار چائنا جي حڪومت طرفان ٽيڪس ۾ ڇوٽ ھجڻ سبب اتي جو %90 خرچ سرڪار ڀري ٿي ـ تبت تاريخي لحاظ کان آزاد رياست ھئي اٺين صدي ۾ تبت وارن ٻڌ مت اختيار ڪري پاڻ کي ٻين مذھبن کان جدا ڪري نروار ڪيو ـ خليفي مامون جي دور ۾ تبت جو بادشاھ سليمان ٿي ويو ھو پر ڪجھه صدين کان ھنن جو تعلق اسلامي دنيا سان گھٽ رھيو آهي ـ 1720ع ۾ چين طرفان تبت کي فتح ڪيو ويو پر 1913ع ڌاري تبت ٻيھر پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪيو جنهن ۾ برطانيا جو ھٿ ھو جڏهن ته 1950ع ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي طرفان ٻيھر تبت کي چائنا ملڪ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ تبت جو حاڪم دلائي لاما ھندستان جلاوطن ٿي ويو جيڪڏهن تبت جي تاريخ تي ھڪ نظر ڪجي ته ھتي جي ماڻهن جو لاڙو ٻڌ مت طرف آهي جنهن ڪري اھي اندر جي آرام ۽ سڪون کي ٻاھرين لالچ ۽ لوڀ تي ترجيح ڏيندا آهن پر ھنن سان بدقسمتي اھا ھر دؤر ۾ ٿيندي پي پئي آهي ته ڌرتي تي ويڙھاڪ ٽولن ھنن کي ڪڏهن به سڪون سان پنهنجي علائقن ۾ رھڻ نه ڏنو آهي تاريخ جي ٻين سمورن دورن کي ڇڏي جيڪڏهن 1951ع کان سنتو يا سنڌو برھم پترا ۽ ٻين تبتي پاڻي جي ٽاور وارين ڍنڍن ۽ دريائي ڪنارن تي ايني پيچن ۽ ٻين اڻ ڳڻين گوريلن سان جيڪي ظلم ۽ عقوبتون پنهنجي ڌرتي تي ڌارين حملي آورن ڪيون سي تاريخ جو انوکو ۽ گوريلا وار جو ھڪڙو جدا باب آهن انهن جي آزادي جو خواب ته پورو ڪون ٿيو آهي پر ھي علائقو پاڻي ڍنڍن دريائن سبب دنيا جي وڏي ۾ وڏي پاڻي جي ٽاور يا پاڻي جي ڇت طور صدين کان پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکندو پيو اچي ۽ ڪروڙين حياتين جو جياپو ھتان جي ئي پاڻي تي آهي جيڪو اوچن جبلن جي ورن ۽ وڪڙن مان پنھنجا گس ٺاھيندو ڪيترن ئي دريائن جي روپ ۾ وھندو ڌرتي جي وڏي حصي کي صدين کان اڄ تائين سيراب آباد ۽ سرسبز ڪندو رھي ٿو جنهن جو نه ڪڏهن انت آيو آهي نه ايندو.


    سنڌو جو مختلف ٻولين ۾ نالو

    سنڌو تي مختلف ٻولين ۾ ، جيڪي نالا آهن تن بابت ته معلومات ملي ٿي - پر سنڌو کي موئن جي دڙي واري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهڙي نالي سان لکيو، پڙهيو ۽ پڪاريو ويندو هو. ان بابت اڃان تائين ڪو به ماهر لسانيات موئن جي دڙي واري نه ٻولي پڙهي نه وري سمجهي سگهيو آهي. بهرحال ٻين ٻولين ۾ سنڌو کي مختلف نالن سان لکيو وڃي ٿو ۽ جيڪو اکرن يا تلفظ ڪري بگاڙ پيدا ٿيو ، سو به اڄ تائين موجود آهي.
    برصغير جي قديم ڪتاب رِگويد ۾ سنڌو کي سنڌو ئي لکيو ويو آهي ۽ سنڌو جي ساراھ ڪئي وئي آهي. ويدڪ دور ۾ سنڌو کي سنڌو چيو ويندو هو. ايران جي قديم ٻولي اوستا ۾ س لفظ کي ھ ۾ لکڻ سبب 518 ق م يا 519 ق م کان ، جڏهن سنڌ واري خطي ۾ دارا اعظم قبضو ڪيو ته ، سنڌو کي هندو لکيو ويو. جيڪو لفظ اڄ به استعمال ۾ اچي پيو. جنهن بابت گهڻن ماڻهن کي ڄاڻ ناهي ته ڪو هندو لفظ سنڌو جي بگاڙ سبب اوستا ٻولي ۾ لکيو، پڙهيو ۽ اچاريو ويو. ان حساب جيان ٻين ٻولين ۾ ڏسون ته سنڌو کي ڪئين لکيو ويو آهي.
    سنڌو لفظ سنسڪرت ٻولي جو آهي. انڊوس لفظ يوناني (Greek) ٻولي جو آهي، انڊس لفظ لاطيني ٻولي جو آهي، سنتو لفظ چائنيز ٻولي جو آهي، اباسين لفظ پشتو ٻولي جو آهي.
    سنڌو لفظ پالي ٻولي ۾ به سنسڪرت جيان لکيل آهي. تبت وارا Senge Khabab يا شير دريا چونس ٿا. سنسڪرت ٻولي ۾ سنڌو کي سمنڊ ۽ روزي ڏيڻ وارو لکيو ويو آهي.
    هڪڙو رايو هي به آهي ته سنڌو لفظ سينڌ مان نڪتو آهي. جنهن جي معني ٿيندي وهندڙ پاڻي، ان حساب سان سنڌو جي معني ٿيندي دريا يا وهندڙ پاڻي، هن دريا کي آرين سپت سنڌو ڪري لکيو، جنهن جي معني ٿيندي ست دريا جنهن مان اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته سنڌو لفظ دريا طور استعمال ٿيندو هو ۽ آهي. دريا لفظ فارسي زبان جو آهي، ندي لفظ سنسڪرت جو آهي ۽ River لفظ انگريزي ٻولي جو آهي.


    سنڌو جو شروعاتي وهڪرو ۽ گليشيئر

    هماليه جي اتر ۽ اولھه واري حصي مان ننڍيون ۽ ٻه وڏيون نديون آبشار جيان آهستي آهستي پنهنجو وهڪرو ٺاهين ٿيون. انھن مان ٻنهي وڏين ندين سنڌو ۽ گنگا برصغير جا وڏا تراکڙا ميدان ٺاهيا آهن. چائنا ملڪ جي تبت واري هماليه جي ان حصي مان جيڪي نديون وهن ٿيون. انهن ۾ پاڻي ڪٿان ۽ ڪيئن ٿو اچي. ان سوال کي معلوم ڪرڻ لاءِ جيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي ٽيم 18 سالن جي جدوجهد بعد جيڪا معلومات سامهون آندي. ان حساب سان پتو پوي ٿو ته هماليه جابلو سلسلي ۾ گليشيئر 38039 ڪلوميٽرن تي موجود آهن. انهن جو سلسلو ٽن دريائي ماٿرين نمبر 1 سنڌو، نمبر 2 گنگا ۽ نمبر 3 برهم پترا جي وچ ۾ آهي. گليشيئرن جو وڏي ۾ وڏو تعداد 3538 سنڌو جي طاس ۾ آهي. گنگا دريا جي طاس ۾ 1020 ۽ برهم پترا طاس ۾ 662 آهي. هماليه جي اوڀر کان اولهه طرف ڊيگھ 2500 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 400 ڪلوميٽر آهي.
    سنڌو پنهنجي شروعاتي سفر دوران سوڙهو ۽ ورن وڪڙن ۾ وهندو آهي. تبت ڇڏڻ بعد دنيا جي اتاهن جبلن هماليه ۽ قراقرم جا لڪ لتاڙيندي اقوام متحده جي اڻ ڌري پٽي مان گذري، جتان لداخ واري عالمي ليڪ کان مقبوضه ڪشمير ۾ داخل ٿئي ٿو. جتي پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ليڪ واري حيثيت حاصل ڪري وٺندو آهي. اتان کان هن کي 1947ع ۾ قائم ٿيل ملڪ پاڪستان جي ندي سمجهيو وڃي ٿو.
    سنڌو جو لداخ وٽان رخ يا وهڪرو اتر ۽ اولهه آهي. اتان هي قراقرم جي ڏکڻ طرف کان وهي ٿو. هي ندي آهستي آهستي ڏکڻ طرف مڙي جبلن مان ور وڪڙ کائيندي جڏهن پشاور کان اولھه اوڀر طرف کان لنگهي هزاره کان گذري ٿي ته هن جي وهڪري ۾ تيزي اچي ٿي۔ پشاور وٽ وهڪري ۾ ماٺي ندي هاڻي تيز وهڪري ۾ تبديل ٿي اوڀر ۽ راولپنڊي کان اولهه طرف کان گذري ٿي.


    سنڌو ۾ سنگم ڪندڙ يا سمائجندڙ نديون

    سنڌو بابت رگويد کان وٺي گيتا سميت انيڪ قديم ڪتابن ۾ هن درياءُ جو مانسرور ڍنڍ مان نڪرڻ جو ذڪر ڪيل آهي پر ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ملازم وٽنري سرجن مور ڪرافٽ پهريون ماڻهو هو جنهن 1811ع ۾ مانسرور ڍنڍ جو جائزو ورتو ۽ اهو ثابت ڪيو ته سنڌو مانسرور ڍنڍ منجهان نٿو نڪري۔ سندس ان تحقيق سنڌو جي مانسرور ڍنڍ مان نڪرڻ جي ڏندڪٿائن کي رد ڪيو۔ ان حساب سان سپت سنڌو ۽ پنجند بابت به ڪافي پراڻن ڪتابن ۾ ذڪر ٿيل آهي پر سنڌو ۾ پنجند چئي ويندڙ حد وٽان پنجاب جا چار درياءُ هڪ ئي وقت ڇوڙ نٿا ڪن۔ پنجاب جا چارئي درياءُ هڪٻئي ۾ مختلف هنڌن تي سمائجي آخر ۾ هڪ وهڪري ۾ مٺن ڪوٽ وٽان سنڌو ۾ سمائجي پنهنجو وجود سنڌو کي ارپين ٿا۔ جنهن مامري جي چٽائي پاڪستان جو نقشو ڏسڻ سان ٿيو وڃي ٿي۔ ان مامري کي درسي ڪتابن ۾ پڻ مٺهائي پيش ڪيو پيو وڃي۔ اتي تبت کان گڊو تائين سنڌو ۾ سمائجندڙ ڪافي ندين بابت ڪا به معلومات نٿي ملي۔ انهن بابت جديد زماني جي گهرج موجب ڪوشش ڪري هيٺ تفصيلي مواد ڏجي ٿو۔

    گارتانگ ندي
    گارتانگ ندي تبت جي مانسرور ڍنڍ منجهان نڪري ٿي ، هي ندي اوچن جبلن ۽ گليشئرن جي ورن وڪڙن مان ٿيندي، ڪڪرن ۽ برف پوش جابلو سلسلن مان ٿيندي، اچي لداخ وٽان سنڌو ۾ سمائجي پنهنجو وجود سنڌو حوالي ڪري ٿي، اوستائين چيو وڃي ٿو ته سنڌو پنهنجي مهڙ کان 350 ڪلوميٽرن جو سفر ڪري ٿو۔

    شيوڪ ندي
    شيوڪ ندي قراقرم کان ٿيندي، 200 ڪلوميٽر سنڌو سان گڏوگڏ سفر ڪندي، لداخ وٽ جتي لداخ جو پهاڙي سلسلو ختم ٿو ٿئي، پنهنجو وجود سنڌو کي ارپيو ڇڏي۔ شيوڪ يا شياڪ ندي 1300 چورس ميل جو مفاصلو طئي ڪري سنڌو سان ملي ٿي۔

    زاسڪر ندي
    زاسڪر ندي پنھنجو سفر 10000 چورس ڪلوميٽر ڪرڻ بعد رنگ رنگي گلن کي الوداع ڪري پنهنجو وجود سنڌو حوالي ڪري پنهنجي لهرن کي سنڌو جي لهرن ۾ سمايو ڇڏي۔

    استور ندي
    استور ندي وادي استور مان وهي ٿي. هي ندي درا برزل جي الهندي کان شروع ٿي. گلگت ندي سان گڏوگڏ وهندي گلگت ندي جي ويجهو سنڌو ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

    گلگت ندي
    گلگت ندي سان ڪئي ڪهاڻيون وابسته آهن ۔ گلگت ندي پنهنجي وجود جا اڻ ڳڻيا عڪس گلگت بلتستان ۾ ڇڏيا آهن۔ هي ندي به 10000 چورس ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري، پنهنجو پاڻ کي سنڌو جي گود حوالي ڪري ٿي۔ هن ندي سان دريائي هنزه جو سنگم به ٿيندو آهي۔

    شگر ندي
    هي ندي گلگت بلتستان ۾ آهي. هي ندي بلتورو گليشيئر ۽ بيافو گليشيئر مان نڪري ٿي ۽ شگر وادي مان وهي ٿي. هي ندي اسڪردو جي ويجهو سنڌو ۾ ڇوڙ ڪندي آهي.

    هارو ندي
    هي ندي صوبي خيبرپختونخواه مان ٿيندي ايبٽ آباد وٽان پنجاب ۾ داخل ٿيندي آهي. هن تي خانپور بند نالي سان مشهور بند خانپور ضلعي هري پور ۾ ٻڌو ويو آهي. هن ندي ۾ سنڌو سان سنگم ڪرڻ کان اڳ چار نديون لورا هارو، ستورا هارو، نيلان ندي ۽ ڪنداد ندي سنگم ڪنديون آهن. تنهن کان پوءِ انهن پنجن ندين جو پاڻي گڏيل طور تي غازي بروٿا بند ويجهو سنڌو ۾ شامل ٿيندو آهي.

    هنزه ندي
    هنزه ندي پاڪستان جي اترئين علائقن هنزه ۽ نگر جي اهم ندي آهي. هن ندي ۾ لٽ جام وهي ايندي آهي. جنهن سبب ڪري هن جو پاڻي لُڙ آهي. هن ندي ۾ ناله خنجراب ۽ ناله ڪلڪ ڇوڙ ڪندا آهن. انهن ٻنهن نالن کان سواءِ هن ۾ گلگت ندي جو هڪ ڦاٽ به اچي ملندو آهي. هي ندي شاھراھ ريشم سان گڏوگڏ وهندي آهي.

    ڪابل ندي
    ڪابل ندي پنھنجن مستين ۾ مست تيز وهڪري سان جابلو لڪن مان لنگهندي تورابورا کان پشاور جتي هن ندي جا ڪيترا ڦاڪ جدا ٿي وري پاڻ ۾ سمائجو ٿا وڃن۔ سا به جوانين جيان مستيون ڪندي اچي پاڻ کي سنڌو ۾ سمائي ٿي۔ هن جي ڪنارن تي پٺاڻ نپيا آهن، پشتو ٻولي پروان چڙهي آهي، هن جي ڪنارن تي ڪيترا لشڪر وارد ٿيا، هاٿين جي پيرن جون آوازون ۽ گهوڙن جون هڻڪارون اڄ به پڙاڏا بڻجي گونجن پيون۔

    سوان ندي
    سوان ندي اوچن اوچن جبلن وٽان مارگلا جي ٽڪرين کان پنهنجو سفر شروع ڪري ٿي ۽ پوٺوهار جي پٽن مان اتر اوڀر واري ڪنڊ کان ڏکڻ اولھ واري ڪنڊ ڏانهن مارگلا جي ٽڪرين تان لهندڙ برسات جي پاڻي کي پاڻ ۾ سمائيندي اڳتي وڌي ٿي۔ زوردار برسات ۾ هن ندي جو پاڻي ڳاڙهسرو ٿيو وڃي ڇو ته پاڻي سان لوڻياٺي جبل جي معدنيات ملي اچي ٿي۔سوان ندي جي ماٿري مان قديم انسانن ۽ جانورن جا ڍانچا لڌا ويا آهن۔ جيڪي وڏي اهميت رکن ٿا۔ اتهاس ۾ سوان ندي جو ڪيترن ئي حوالن سان ذڪر ملي ٿو۔ هن جي ڪنارن تي گوتم ٻڌ، مهاوير جا پيرا ملن ٿا ته اسلام ۽ ٻيا الاءِ ته ڪيترا نظريه هتي پروان چڙهيا۔ جنهن جي ڄاڻ جا پيرا ته آثار قديمه وارا کڻندا پر هن ندي جو ڳاڙهسرو پاڻي پاڻ سان الائي ته ڪيترا ماضي جا داستان ساڻ کڻي ڪالاباغ وٽ خود کي سنڌو حوالي ڪري پاڻ کي سنڌو سان هميشه لاءِ ملايو ڇڏي۔

    گومل ندي
    هي ندي ڏکڻ وزيرستان مان ٿيندي خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان صوبن جي سرحدن وٽان لنگهندي خيبرپختونخواه جي ضلعي ٽانڪ جي حدن ۾ وادي گومل ۾ داخل ٿئي ٿي. گومل وادي ۾ هن ندي جي پاڻي سان زراعت به ڪئي ويندي آهي. گومل کان ٿيندي هي ندي ڊيره اسماعيل خان جي تحصيل ڪولاچي مان گذري ٿي ۽ ڊيره اسماعيل خان شهر کان 20 ميل ڏکڻ طرف پنهنجو وجود سنڌو حوالي ڪري هميشه لاءِ سنڌو ۾ سمائجو وڃي۔


    سنڌو ڪٺار تي ”دروڪپا“ قبيلي وارا نه پکي نه مڇي مارين

    سنڌو جي ڪناري تي يا ڪٺار تي ڪيترائي قبيلا آباد آهن، جن مان گهڻن قبيلن جي ماڻهن سان ڪي نراليون ڪهاڻيون وابسته آهن۔ جيڪي ٻين ماڻهن، قومن، قبيلن لاءِ تجسس جو باعث هونديون آهن۔ انهن قبيلن مان هڪ قبيلو تبت جي شنگي علي کان دارچين ۽ ڪيلاش جبل جي ٿڌي ۽ برف سان ڍڪيل وادين ۾ رهندڙ دروڪپا قبيلو آهي۔ جيڪو ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي خيما کوڙي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ڀٽڪندو رهيو آهي۔ هن قبيلي جي بزرگن، جوانن، ٻارن صدين کان پکين جي ولرن کي اڏامندي، لهندي، گھمندي، چڳندي ته ڏٺو آهي پر هن قبيلي جي ڪنهن به فرد ڪڏهن پکين جو شڪار ڪري انهن کي ماري کاڌو ڪونهي ۽ نه وري انهن کي ڪڏهن ڪو اهڙو شوق ٿيو آهي، هن قبيلن وارا درياءُ تي آيل سياحن کي درياءُ جي سير ڪرائيندا آهن پر هنن درياءُ جي مڇي ڪونهي ماري نه وري ڪڏهن زمين جي ڪنهن ايراضي کي لوڙهو ڏئي قبضو ڪري پنهنجي ملڪيت بڻايو آهي۔ هي ماڻهو تبت تي چين جي قبضي کان اڳ وراثت واري قانون کان به اڻواقف هيا۔ سندن جو رواج هو ته هڪ عورت سان ٻه ٻه ٽي ٽي ڀائر گڏجي شادي ڪندا هئا پر چين جي قبضي کان پوءِ چيني سرڪار ان تي پابندي هڻي ڇڏي پر اڃان به ڏورانهين علائقن ۾ لڪ ڇپ ۾ اهڙيون شاديون ٿينديون آهن۔ اهڙن شادين بابت مشهور صحافي ۽ ليکڪا الائيس البينيا پنهنجي ڪتاب "سنڌو جو سلطنتونEMPIRE OF THE INDUS" ۾ هن قبيلي جي هڪ ماڻهو سومامترنگ دروڪپا جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي، هن قبيلي کي زندگي جي حسناڪين جون ڪي به سهولتون نه آهن پر پوءِ به هنن پنهنجي ڌرتي ۽ گيتن کان ناتو نه ڇنو آهي۔ هنن وٽ پاليل گهوڙن ۽ رڍن جا ڌڻ آهن ۽ هي سياحن کي سنڌو جي مهڙ سميت ٻين ندين، گليشئرن، ڍنڍن، ڪيلاش جبل، ٻڌن، بون، هندن ۽ جين مت وارن جي قديم مندرن جي سير ڪرائن ٿا۔ سندن زندگيون پٿرن جا رنگن ڏسندي ۽ مختلف گلن جي خوشبوءَ سونگيندي گذريون آهن۔ هن قبيلي جا ماڻهو ٻار نه پڙهائين، هنن ۾ ڪو به مرد يا عورت پڙهيل ناهي هي اڄ به صديون پراڻي قبائلي زندگي پيا گھارين، هي ماڻهو جَوَ جي ان جي ماني کائين ۽ رڍن جي اُنَ مان سردي جي بچائو لاءِ ڪوٽ ٺاهي پائين ٿا۔ 1967/68ع ۾ هتي سردي جي شديد لهر آئي هئي جنهن کي هي نسل ڪش سردي طور ياد ڪن ٿا۔ هي وٽن ايندڙ مهمانن ۽ راهگيرن کي چانھه پيارين ٿا۔ سندن ٻولي تبتي آهي۔ دروپڪا جي معنا لاڏائو آهي۔ هنن اصلي تبتين جي ڌرتي تي هاڻي ته اهڙا ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن، هنن شنگي علي وٽ سنڌو تي بند ٻڌي ڊيم به ٺاهيو آهي۔


    لداخ جي مختصر تاريخ

    لداخ شهر وٽان سنڌو جو صاف پاڻي چاندي جهڙي لڪير ٺاهي وهي ٿو. لداخ هماليه ۽قراقرم جي ڀرسان اڻڳڻت برفاني چوٽين سان ڍڪيل خشڪ پٿريلو ،بنجر ۽اجاڙ ريٽ وارو پٽ آهي. هتي لداخ ۾ سنڌو کي سنگھه کهبب چون ٿا. سنگھه معني شينهن ۽ کهبب معنا مُنهن. شينهن جو منهن تبت کان نڪري موجوده پاڪستان ۾ ڳوٺ دم چڪ وٽان داخل ٿئي ٿو. لداخ ۾ سنڌو جي ڪٺار تي وِک وِک تي ڳوتم ٻڌ جون مورتيون نظر اينديون آهن. جن جا عڪس صبح جي روشني ۾ سنڌو جي چاندي جهڙي پاڻي ۾ پسبا رهن ٿا. لداخ جا رهواسي لداخي ٻولي ڳالهائين ٿا. پر هو اردو ۽ انگريزي ٻوليون به ڳالهائي ۽ سمجهي سگهن ٿا. نوڪري، زراعت، مال پالڻ، تير اندازي ڪرڻ ۽ پولو راند رهڻ هتي جي قديم روايت ۽ ثقافت جو حصو بڻيل آهي. لداخ ويجهو سنڌو ۾ گارتڪ ندي سمائجي ٿي. هيستائين سنڌو جي تبت کان ڊيگھه 350 ڪلوميٽر چئي وڃي ٿي. هتي ساڻس ٻيا ڪيترا ننڍا ننڍا نالا ملن ٿا. هتي شيوڪ ندي، سنڌو سان گڏ 200 ڪلوميٽر سفر ڪري جتي لداخ جو پهاڙي سلسلو ختم ٿئي ٿو ان جاءِ تي پاڻ کي سنڌو حوالي ڪريو ڇڏي. لداخ ۾ گھڻي ڀاڱي منگول نسل جا ماڻهو رهن ٿا. هتي اسلام ڪشمير ۽ ڪاشغر کان آيو. هتي الڳ الڳ وقتن ۾ آرين جا ڪئي گروپ پهتا. جيڪي اولھه ۽ اتر ايشياء کان هتي پهتا. قديم فارسي جنهن کي محققن اوستا ٻولي جو نالو ڏنو آهي ۽ سنسڪرت انهن ئي آرين جون ٻوليون هيون. هتي هاڻي سياح اچي رهيا آهن. جنهن ڪري هتي جديد هوٽلون پڻ قائم ٿي ويون آهن. سياري ۾ تمام گهڻي ٿڌ پوي ٿي ۽ گرمين ۾ به موسم ٿڌي رهي ٿي. هن علائقي ۾ مغلن ۽ انگريزن به پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏيا آهن. پر هي ماڻهو اڄ به راجا لداخ کي ياد ڪن ٿا ۽ کيس وساري نه سگهيا آهن.


    سنڌو ۽ ليه

    ليه ۾ ٻڌ، هندو ۽ مسلمان رهن ٿا، مسلمانن ۾ شيعا گهڻائي ۾ آهن. هتي سنڌو جي ڪنارن تي ٻڌ ويهارن جو تمام ڊگهو سلسلو آهي. هتي هن وقت پڪا رستا، جديد هوٽلون ۽ ليه ڀرسان ڳوٺ ڇينوٽ وٽان سنڌو تي پل به ٺهيل آهي، جهازن جو اڏو ۽ ريڊيو اسٽيشن به ليه ۾ قائم ٿيل آهن، هتي قديم زماني کان اڄ تائين تيراندازي ۽ پولو راند جا مقابلا ٿيندا رهن ٿا. ليه ريڊيو اسٽيشن تان هتي جا مقامي لوڪ گيت به نشر ٿيندا آهن، اڳي ۽ هاڻي به هتي تمام گهڻي سردي ٿئي ٿي، ڪنهن زماني ۾ هتان جا ماڻهو سردين جي ڊگهين راتين ۾ هڪ ٻي جي گهرن ۾ گڏ ٿي ٽهڪ به ڏيندا هئا ته روئندا به هئا. هتي ڪنهن سمي واپاري تبت کان گهوڙن تي اچي کليل ميدانن ۾ هڪ ٻي سان ملاقات ڪري سودا طئي ڪري، گڏجي چانھه پي سڪل ڪاٺي ڀڃي سودا پڪا ڪندا هئا. ڇا ڪاڻ ته ان زماني ۾ سودا لکت ۾ طئي نه ٿيندا هئا. ٽالمي ۽ هيروڊوٽس به پنهنجن ڪتابن ۾ هن پٽ جو ذڪر ڪيو آهي. اڳي جيڪو سفر مهينن ۾ گهوڙن تي ٿيندو هو سو هاڻي ڪلاڪن ۾ طئي ٿي رهيو آهي. اپريل مهيني کان سيپمٽبر مهيني تائين هزاري سياح هتي اچن ٿا. هنن علائقن جو ڪنٽرول پاڪستان جي وفاق اسلام آباد ماتحت يا زير نگراني هلي ٿو. هي ماڻهو راجا ليه کي پنهنجي ڪچهرين ۾ اڄ به ياد ڪن ٿا. ليه ۾ پوري ڪشمير جي بينڪن کان وڌيڪ ليه جي بينڪن ۾ پيسا جمع ٿيل آهن. هتي ڪشمير، بلتستان، تبت، گلگت مان ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن. پر هتان جا مقامي ماڻهو ڪيڏانهن به لڏپلاڻ ڪري نه ويا آهن. هتي جي جابلو چوٽين تي ٻڪري جي اُن جا فارم ٺهيل آهن. هي اُن مان گرم ڪپڙا ۽ اوني ڪمبل سردي جي بچاءُ لاءِ ٺاهيا وڃن ٿا۔ هتي مزدور اُن هٿ ڪري سرينگر ڪنهن زماني ۾ کڻي ويندا هئا۔ ليه جي جامع مسجد مغل دور کان هن وقت تائين ڪئي دور ڏٺا آهن۔ ليه ويجهو غلام رسول جي انڊس هوٽل به مشهور چئجي ٿي۔ ليه ڀرسان ڳوٺ دم چڪ جي ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌو، سنتو يا شير درياءُ سندن ڪنهن ڪم جو ناهي۔ هتي ليه ۾ ڪجھ زماني کان مذهبي ويڇا پيدا ٿيا آهن۔ اڳي ٻڌ، هندو ۽ مسلمان ۾ نفرت نه هئي، اهي گڏ رهندا هئا۔ هاڻي جديد دور ۾ ليه ۾ ٽيڪنالاجي فاصلا گهٽائي ڇڏيا آهن۔ ڪنهن زماني ۾ ليه ۾ ٽپال نو مهينن کان پوءِ پڄندي هئي۔ هاڻ هتي گهر گهر روڊ، بجلي ۽ ٽيليفون جي سهولت موجود آهي۔ ليه ۾ اسلام 14 صدي ۾ پهتو، هتي شروع ۾ اسلام جي تبليغ بلبل شاھ ڪئي ۽ ان کانپوءِ سيد علي همداني اسلام جو جهنڊو بلند ڪيو۔ ليه جي ڀرسان ڇهي شوٽ ۾ ماڻهو زمينداري جن ٿا ۽ سنڌو جو پاڻي استعمال ڪن ٿا۔ هتي تعليمي نظام به بهتر آهي۔


    اسڪردو جتي پاڻي پيلو نظر ايندو آهي

    بلتستان جي گادي واري هنڌ اسڪردو وٽان سنڌو ۾ شنگار ندي اچي ملي ٿي ، اسڪردو سطح سمنڊ کان 7500 فٽ مٿي آهي، 20 ميل ڊگهي ۽ 8 ميل ويڪري هي پيالي نما وادي سان گڏ آهستي آهستي ريت سان ٽمٽار سنڌو صدين کان وهندو رهي ٿو۔ اڳي هن علائقي ۾ نه روڊ هئا نه رستا، نه بجلي هئي، نه هوائي جهاز ۽ هيليڪاپٽر ٿي لٿا۔ زندگي پراڻي طرز تي پئي گذري۔ عورتن جي تعليم کي ڪفر سمجهيو پئي ويو پر هاڻ هتي جديد هوٽلون قائم ٿي چڪيون آهن، رستا پڪا، بجلي، ٽيليفون ۽ جهازن جو اڏو به قائم آهي ته درياءُ تي جديد پل به ٺهيل آهي۔ هن قدرتي حسين وادي جا نظارا ڏسڻ لاءِ هزارين سياح هتي اچن ٿا۔ اڳي هتي ماڻهن کي خاص طور مزدورن کي پوليس وارا ڍورن جيان هڪليندا هئا پر هاڻ هتي جا مزدور سياحن کي ڏهاڙي تي سير ڪرائين ٿا۔ اڳي علم جا جديد طريقا ۽ اسڪول نه هئا پر هاڻ هتي علم لاءِ ڪنهن جو در بند نٿو ڪيو وڃي۔ 1840ع ۾ راجائن کان اختيار انگريز دور ۾ ڦريا ويا ان کان اڳ راجا اسڪردو هن علائقي جي وڏي شخصيت هو ۽ هر حڪم سندس هلندو هو۔ راجا پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ قومي غيرت جو نگهبان هوندو هو ۽ عوام جو مٿس ويساھ هو۔ جديد دور ۾ ان جا قصا ماڻهو بيان ڪندا رهن ٿا۔ اڳي اسڪردو ۾ نج کاڌا هوندا هئا پر پاڪستان ٺهڻ بعد هتي به بناسپتي پهچي وئي۔ هن علائقي جي معاشي حالت ۾ تيزي سان تبديلي آئي آهي۔ اسڪردو وادي سان ڪي ٽو ۽ گاشربرم چوٽيون ڳنڍيل آهن۔ هي وادي گلن جي ڪري به مشهور آهي۔ سنڌو هن وادي مان گذرندي پنهنجي پاڻي ۾ گلن جي رنگت سبب حسناڪي پيدا ڪري ٿو۔ جڏهن پن ڇڻ جي موسم اچي ٿي ته سنڌو ۾ گهڻن گلن جا پن پوڻ سبب سندس پاڻي پيلو نظر ايندو آهي۔ هتي 600 سال پراڻو هڪ قلعو به آهي جيڪو بلتي حاڪم علي شير خان ٺهرايو هو۔ ديوسائي ۽ سادپارا ڍنڍون اسڪردو جون مشهور ڍنڍون آهن۔ هي وادي پاڪستان جي خوبصورت وادين ۾ شمار ٿئي ٿي۔


    گلگت

    سنڌو سان گلگت وٽ گلگت ندي اچي ملي ٿي۔ اتان اولھه طرف هندوڪش ۽ ناگاپربت جا جابلو سلسلا اچن ٿا ، جن جي وچان سنڌو پنهنجو رستو ٺاهي ٿو۔ گلگت ندي کان اڳتي 30 ڪلوميٽر جي فاصلي تي استور ندي به اچي سنڌو سان سنگم ڪري پاڻ کي سنڌو ۾ سمائي ٿي۔ هتي منگول ۽ آريا نسل جا ماڻهو به رهن ٿا۔ گلگت ۾ ٿڌي موسم رهي ٿي ۽ سياح تمام گهڻا اچن ٿا، هتي ڪيتريون ئي جديد هوٽلون قائم ڪيون ويون آهن۔ هي وادي پنهنجي قدرتي نظارن سبب انتهائي خوبصورت ليکي وڃي ٿي۔ هتان کان شاھراھ ريشم گذرڻ سبب هن علائقن ۾ جديد سهولتون پهتيون۔ گلگت جي وادي هنزه ۾ قديم زماني جون ڪيتريون ئي غارون آهن۔ جنهن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته ، هتي 2000 ق۔م انسانن جي رهائش رهي آهي۔ ڪجھ صديون اڳ جڏهن ماڻهن تبتي پليٽو ۾ رهائش اختيار ڪئي ته هتي به تبتي اچي آباد ٿيا جيڪي گلگت جا بلتي سڏجن ٿا۔ هتي جي ماڻهن جا بناوتي حليا ۽ ثقافت لداخ جي ماڻهن سان ملي ٿي۔ ڊارڊس قبيلي جا ماڻهو الهندي طرف رهن ٿا جن جي ٻولي شينا آهي۔ شينا ٻولي وارا اڪثريت ۾ گلگت، چلاس، استور ۽ ديامير ۾ رهن ٿا۔ جڏهن ته هنزه ۽ بروشاسڪي وارا هندڪو ٻولي ڳالهائين ٿا۔
    پهرين صدي ۾ هتي Bon مذهب جا پيروڪار رهيا ٿي، ٻي صدي ۾ هتي ٻڌمت جو بنياد پيو۔ هتي جي جانورن ۾ جهنگلي ياڪ، پکين ۾ عقاب (شاهين) ۽ راندين ۾ پولو مشهور آهي۔ گلگت بلتستان موجودہ وقت پاڪستان جو اتريون علائقو چيو وڃي ٿو۔ گلگت بلتستان جي ڏکڻ ۾ آزاد ڪشمير جو بارڊر آهي، اُڀرندي ۽ اتر کان چائنا (چين) الهندي کان خيبرپختونخواھ ۽ اتر کان افغانستان اٿس۔ گلگت بلتستان جي گادي جو هنڌ گلگت آهي۔گلگت بلتستان جي پکيڙ 72971 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي ۽ آبادي 20 لک اٿس۔هتان جو مکيه ٻوليون بلتي، بروشڪي ۽ شينا آهن۔
    10 ضلعن ۾ 33 اسيمبلي جون سيٽون ۽ 9 ٽائونن تي مشتمل آهي۔ 2300 فوٽن کان مٿي 50 کان وڌيڪ جابلو چوٽيون آهن ۽ اٺ وڏا جبل اچي هڪ ٻئي سان ملن ٿا ، جن مان هڪ ڪي ٽو به آهي۔

    1) ڪي ٽو ، ڊيگهه 28250 فٽ
    2) ناگاپربت ، ڊيگهه 26660 فٽ
    3) گاشربرم، ڊيگهه 26360 فٽ
    4) براڊپيڪ ، ڊيگهه 26550 فٽ
    5) مزتگھه ٽاور ، ڊيگھه 23800 فٽ
    6) گاشربرم (2)،ڊيگھه 26120 فٽ
    7) هڊن پيڪ ، ڊيگھه 26470 فٽ
    8) جينون يانگ ڇش، ڊيگهه : 25761 فٽ
    9) ماشر برم ڊيگھه : 25659 فٽ
    10) سالٽورو ڪانگري ڊيگھه : 25400 فٽ
    11) چونگو ليسا، ڊيگھه : 25148 فٽ

    هتي ٽي وڏا گليشيئر به آهن

    1) بيافو گليشيئر
    2) بالٽورو گليشيئر
    3) باٽورا گليشيئر

    انھن کان علاوه هتي ڪافي وڏيون ڍنڍون پڻ آهن، هتي جشنِ بهاران ۽ پولو فيسٽول ملهايا وڃن ٿا۔ گلگت بلتستان ۾ شيعن جي اڪثريت آهي ۽ 6.1 سيڪڙو نور بخشي رهن ٿا۔ هن علائقي تي 1848ع ۾ ڪشمير جي راجا ڊوگرا سک زوري قبضو ڪيو۔ جڏهن پاڪستان قائم ٿيو 1948ع ۾ هتان جي ماڻهن وڙهي پاڪستان ۾ شموليت ڪئي۔ 2009ع ۾ آصف علي زدراري حڪومت دوران هتي پهرين اليڪشن ٿي جنهن ۾ پ پ پ جو سيد مھدي شاھ پهريون وزيراعليٰ ٿيو۔


    چلاس جتي جون عورتون ٽوپيون پائين ٿيون

    دنيا جي مختلف ملڪن ۾ عورتون مختلف لباس پائين ٿيون ۽ پنهنجي جسم تي مختلف قسم جا زيور سجائين ٿيون۔ ڏٺو وڃي ته يورپ ۾ عورتون پنهنجا مٿا نٿيون ڍڪي هلن، جيڪڏهن اهي ٽوپي جهڙو ڪيپ پائين ٿيون ته اهو به سردي يا گرمي کان بچاءُ لاءِ پائين ٿيون۔ پر برصغير ۾ اڪثر عورتون پنهنجن مٿن تي گندي يا چنري، شال يا اردو ۾ ان کي دوپٽا چون ٿا پائي هلن ٿيون۔ ان جي باوجود ثقافتي بنياد تي مختلف خطن ۾ ڪي خاص ثقافتي لباس ۽ زيور به ان خطي جي جدا ۽ منفرد سڃاڻپ ٿين ٿا۔ ان حساب سان پاڪستان جي اترئين قبائلي علائقن ۾ ڪي اهڙا زيور ۽ لباس آهن۔ جيڪي خاص طور تي اتان جي سڃاڻپ بڻجي ويا آهن ۽ خطي جي ثقافت جو حصو آهن۔ جيڪڏهن سنڌو جي ڪٺار چلاس کي ڏسجي ته اتان جون عورتون لباس ۽ زيور ۾ ٻين علائقن کان منفرد نظر اچن ٿيون۔ سندن لباس ۽ زيور هن خطي جي نرالي سڃاڻپ آهن۔ هتي جون عورتون سون ۽ چاندي جا زيور نه پائينديون آهن پر نقلي موتين جا زيور ٺاهي پھرين ٿيون، قيمتي پٿرن کان به اتي جون عورتون ۽ مرد واقف ناهن، نه لپ اسٽڪ نه عطر ۽ عنبر عورتون استعمال ڪن ٿيون۔
    چلاس ۾ گهڻي ڀاڱي عورتون وڪرو ٿين ٿيون ۔ هتي شاديون به ننڍي ڄمار ۾ نياڻين جون ڪيون وڃن ٿيون ۽ ڏاج به معمولي ڏنو وڃي ٿو۔ مردن کي ٽي يا چار ذالون هجن ٿيون۔
    هتي عورتون ڪمائين به ۽ ڀرت به ڀرين ٿيون۔عورتون گول ٽوپي ٺاهي ان تي نقلي موتين ۽ چاندي جو جڙاءُ ڪن ٿيون۔ جيڪي هتي سريال آهن انهن جي عورتن جي ٽوپين تي چاندي لڳل هوندي آهي۔ هن علائقي جي هينڊي ڪرافٽس ۾ ٽوپين کي خاص اهميت آهي۔ هتي جون عورتون هڪ مهيني جي محنت سان هڪ سٺي ٽوپي ٺاهين ٿيون۔ چلاس ۾ انگريز دور ۾ قائم ڪيل هوائي اڏو به موجود آهي۔
    نانگا پربت جا چاندي جهڙا جبل جتي چمڪندا نظر ايندا آهن، اتي ڪنهن زماني ۾ هندستان ۽ چين کان قافلا به ايندا هئا ، هتي ۽ درياءِ هنزه ۽ درياءِ گلگت سنڌو سان اچي ملن ٿا۔ انهن جي سنگم جو نظارو اکين جي پسڻ جهڙو آهي۔ هتان کان سنڌو پنهنجو رخ ڏکڻ طرف موڙي وهي ٿو ۔ هتان جا ماڻهو قافلن يا مسافرن کي نه ڦريندا آهن نه وري تنگ ڪندا آهن پر پنهنجي قبائلي دشمن کي صدين تائين بخش نه ڪندا آهن۔ اڳي هتي ماڻهو غربت ۾ گهاريندا هئا پر جڏهن پاڪستان ٺهيو ته 1948ع ۾ هتان هندو هليا ويا، اهي هندو واپاري هئا۔ هتي جا ماڻهو واپارين کي هندو سمجهندا هئا، جڏهن ته هونئن انقلاب ڪن ضابطن ۽ نظرين ڪري ايندا آهن پر هتي انقلاب شاهراه ريشم ڪري آيو ۽ هاڻ هتان جا ماڻهو سندن ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهائين پيا، اخبارون اچن ٿيون۔
    هتي ڪشمير ، هزارا ۽ خيبرپختونخواه مان گهڻا ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن ۽ اصلوڪن هندن ۽ ٻڌن جي رڳو عبادتگاهن جا نشان رهجي ويا آهن۔ باقي سڀ ڪجھه بدلجي ويو آهي۔ هتي جا واندا نوجوان سنڌو مان مڇيون مارين ٿا۔
    جڏهن چلاس تي ڊوگرن قبضو ڪيو ته هتي جي ڪاروبار تي هندو ڇانيل هئا ۔ هتي جا قبائلي اڳي جديد تعليم کي گناھ سمجهندا هئا پر هاڻ هتي انگريزي ۽ اردو پڙهائي ٿي وڃي۔ هاڻ ته هتي جا قبائلي سياست تي به گهري نظر رکن ٿا۔
    ڪنهن زماني ۾ هتي جا ماڻهو وادي خاقان ۽ راولپنڊي مان 9 مهينن جو سامان گهوڙن ۽ خچرن تي وڃي خريد ڪري اچي رکندا هئا، ڇا ڪاڻ ته سال جا 9 مهينا هتي جا رستا برف سان ڍڪيل هوندا هئا۔ پراڻي زماني ۽ موجوده وقت ۾ زمين آسمان جيترو فرق اچي ويو آهي۔ اڳي هتي جا ماڻهو چوپائي مال، زراعت ۽ ننڍن دڪانن ۾ ڪاروبار ڪندا هئا، سندن گهر به ننڍا هوندا هئا، ماڻهو ساڳ سان مڪئي جي ماني کائيندا هئا، ڪنهن جي گهر ۾ گاسليٽ جو ڏيئو ٻرندو هو ته ، اهو امير سڏبو هو، اها حالت چلاس جي 1957ع تائين هئي۔
    1957ع کانپوءِ هن علائقي ۾ قميص، شلوار ۽ پينٽ، شرٽ پائڻ جو به رواج شروع ٿيو ته کاڌن، گهرن، دڪانن، هوٽلن ۽ اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ۾ به تبديلي آئي ۔ 1957ع کان اڳ هتي جا ماڻهو ٻٽو نالي لباس پائيندا هئا پر هتي ٻاهران کان آيل ماڻهن لباس کا وٺي هر شيءَ ۾ تبديلي آندي آهي۔ هتي جو عورتون اڳي ڍگها گگها ۽ شلوارون ۽ مٿي تي گول ٽوپيون پائينديون هيون۔
    هتي جا مرد تمام گهڻا شڪي آهن انهي ڪري طلاق جي شرح به تمام گهڻي آهي۔
    هتي جا ماڻهو پاڪستان سان سچا وفادار ۽ پڪا مسلمان آهن، هتي ساليانو مذهبي اجتماع به ٿئي ٿو۔
    هتي جا ماڻهو جهنگن جا مالڪ آهن جن مان کين وڏي آمدني ٿئي ٿي۔ چلاس جي اصلوڪن رهواسين جي ٻولي شينا آهي۔ پاڪستان جي هن علائقي سان پاڙيسري ملڪ چين جي سرحد ملي ٿي ۽ ديامير کي چلاس جو اهم شهر ليکيو وڃي ٿو.


    سنڌو ۽ موسم

    سنڌو ۾ هماليه، قراقرم ۽ اترئين علائقن جي گليشئرن ۾ برف جي ڳرڻ، برساتن ۽ گرمي پد سبب پاڻي ۾ لاٿ، گهڻائي ۽ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي. جڏهن اترئين علائقن ۾ برف گهٽ ڳري ٿي، برساتون وقت سر نٿيون وسن ته سنڌو ۾ پاڻي گهٽجي ويندو آهي. گهٽ وهڪري ڪري سنڌو مان نڪرندڙ واھ تاروتار نٿا وهن. جنهن ڪري پاڻي جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ۽ آبادين فصلن کي نقصان ٿئي ٿو ۽ ماحول تي پڻ برا اثر پون ٿا. معشيت تباھ برباد ٿي وڃي ٿي. برف زياده ڳرڻ ۽ برساتون حد کان وڌيڪ پوڻ سبب ٻوڏون اچن ٿيون جن جي سبب پڻ تباهي ٿئي ٿي. عظيم سنڌو ڪڏهن ڪڏهن هاڃيڪار آبهوائي اثرن سبب تباھ ۽ برباد ٿيندو رهي ٿو. سبط حسين لکي ٿو تهذيب جي شڪل ۾ طبعي حالتن جو وڏو عمل ۽ دخل هجي ٿو . هر تهذيب جو پنهنجي پنهنجي مخصوص جاگرافي هوندي آهي ، ان جا دريا ، جهنگل ، جبل ، ٽڪريون ، ميدان ، گل ، ٻوٽا ، سبزيون ، پکي ، پکڻ، آب ھوا ، ۽ موسم يعني ان جو خارجي ماحول طرز زندگي ، ذريعو معشيت ، رهڻي ڪهڻي، خوراڪ، پوشاڪ، مزاج، عادتون، جذبا مطلب ته علائقي جي ماڻهن تي هر پهلو کان گهرو اثر پوي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته ريگستاني علائقن جي تهذيب قطب شمالي جي برف پوش ميداني علائقن کان مختلف هوندي آهي، سمنڊ ۽ زمين تي رهندڙ ماڻهن جي تهذيب ۾ زمين ۽ آسمان جيترو فرق هوندو آهي، خارجي حالتن سان قومن جي تهذيب نه رڳو مستفي ٿيندي آهي پر شخصيت کي ٺاهڻ ۽ بگاڙڻ ۾ پڻ وڏو عمل دخل هوندو آهي .
    موسم جي تبديلي سبب برساتون وسن ٿيون، زلزلا اچن ٿا، طوفان لڳن ٿا، ماڻهن ۽ مال کي ڪيتريون ئي بيماريون به ٿين ٿيون. سنڌو دريا جنهن کي هتي جا ماڻهو سون ندي پڻ سڏين ٿا ان جو هڪ ڪارڻ هن دريا مان ڌاتو جن ۾ سون پڻ شامل آهي، اهو آڳاٽي زماني ۾ ڪڍيو ويندو هو هڪ اهو آهي ۽ ٻيو هي دريا جتان وهي ٿو ته اتي هن جو پاڻي زمين کي زرخيز ڪري سون جهڙا فصل اڳائي ٿو ، جنهن ڪري سنڌ ، پنجاب ، سرحد جي انهن پٽن مان گذري انهن جي خوشحالي جو ذريعو پڻ آهي ، سنڌو ڪري خوشحال سنڌ جنهن عظيم فاتحن کي پاڻ ڏانهن چقمق جيئن ڇڪيو انهي دريا جي وهڪرن جو سڄو دارومدار موسمن تي رهيو آهي گهڻي برسات وسڻ ڪري سنڌو تار وهي هن سڄي خطي کي سرسبز ڪري ٿو . فصلن سان گڏ سنڌ ۾ خالي پيل ميداني علائقا ۽ ڍنڍن ۾ پاڻي پهچي سڄي علائقي کي سرسبز بڻائي ٿو ، ٻيلن جي فطرتي جنم جو مدار پڻ سنڌو دريا جي پاڻي تي آهي . خالي پٽن، ڍنڍن ۾ وڻن جا ٻيلا ٿيندا آهن، جن ۾ ڪيترائي جانور، پکي، جيت، پنهنجا ٿاڪ جوڙي رهن ٿا، جيڪي سنڌ ۾ سٺي ماحول جي ايڪو سرشتي کي برقرار رکن ٿا. سنڌو جو بهتر ماحول ٿر جي وڻن، ميداني علائقن جي ٻيلن ۽ زمينداري وڻن ۽ سمنڊ جي تمر جي وڻن تي مدار رکي ٿو، ٿر جي ٻيلن کانسواءِ سنڌ جي وڻڪاري جو مدار سنڌو دريا جي پاڻي تي مدار رکي ٿو، جيڪو برسات وسڻ نه وسڻ جو سبب پڻ هن پٽ تي بيٺل وڻن جا ٻيلا آهن. جيڪي آڪسيجن خارج ڪري ماحول ۾ پيدا ٿيل هٿرادو ماحول کي گندو ڪندڙ گئسن کي جذب ڪن ٿا.سنڌ جيئن مون ڏٺي جو ليکڪ ٽي پوسٽن لکي ٿو ته سنڌ ۾ اونهارو ۽ سيارو ٻه موسمون آهن موسمن جي تبديلي ايتري جلد ٿيندي آهي جو بهار ۽ سرءَ جو ڄڻ ته ڪو پتو ئي ڪون پوندو آهي . موسمن جي خرابي جا اثر جهاز راني ، ٻيڙائتن ، جهازن جي اڏامن ، خطن ، ماڻهن ، ۽ چوپائي مال تي پڻ پون ٿا ، خراب موسم ۾ سنڌو ۽ سندس ڇوڙ واري علائقي ۾ ٻيڙا به نٿا هاڪاري سگهجن . ان بابت شاھ عبدالطيف ڀتائي به هيئن گواهي ڏني آهي ته “ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھ سنڀاهيا” وانگر جڏهن سمنڊ ۽ دريا جي ڪٺار جي موسم بهتر هوندي هئي ته ٻيڙائتا اچ ۽ وڃ ڪندا هئا اهي ٻيڙائتا نکٽن ذريعي موسم بابت ڄاڻ حاصل ڪندا ها ته ڪهڙي موسم ۾ سندن دريائي يا سامونڊي سفر مشڪل ٿيندو . پراڻي دور ۾ موسم بابت ڄاڻ ڪون هئي پر جديد دور ۾ پوري دنيا جي سمورن ملڪن ۾ موسميات بابت ادارا قائم آهن، ۽ نشرياتي ادارن سميت اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي روزاني موسم جي بابت ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، جنهن ڪري جديد دور جا ٻيڙائتا پڻ موسم کان باخبر آهن. سنڌو ۾ تهذيب جي اوسر سنڌو ۽ هاڪڙو دريائن سبب ٿي، سنڌو ٻوڏن ۽ زلزلن دوران ڪئي ڀيرا پنهنجا وهڪرا تبديل ڪيا آهن. سنڌو ۾ جيڪا 1990ع کان هٿرادو چئجي يا اڻ ڌُري ورهاست پاڻي جي نه ٿيڻ سبب سنڌ ۾ خاص طور تي گڊو کان ڪوٽڙي بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج کان ڪيٽي بندر تائين سنڌو سڪل ئي رهي پيو. جنهن ڪري ڊيلٽا ۾ جيڪا تباهي ٿي آهي يا ٿي رهي آهي. جئين ماحول جي تباهي، سمنڊ جو مٿي چڙهي اچڻ، لکين ايڪڙ زمين ويران ٿيڻ، مياڻون، تڙ ويران ٿي وڃڻ، آبادي جي لڏپلاڻ سميت اڻڳڻين انساني المين جنم ورتو آهي ۽ ايندڙ سمي ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي.
    فشرمين جو روزگار تباھ ٿي ويو آهي. 1990ع کان 2018ع تائين ڪوٽڙي هيٺ دريا ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب وڏي موسمي، آبهوائي ۽ معاشي تباهي ٿي آهي. ٿيل تباهي بابت پاڪستان جي سينٽ پاران ڪميٽي به قائم ڪئي وئي. جنهن تباهي جا لِگَ ڪانڊاريندڙ تفصيل سامهون آندا آهن. جيڪا ڪهاڻي جڙي آهي ان جا ڪئي پهلو آهن ۽ هي هڪ ڊگهو بحث آهي سال 2018ع دوران پڻ سنڌ ۾ آبڪلياڻي جي سيزن (مند) دوران ريڪارڊ تي پاڻيءَ جي کوٽ 40% کان 60% رهي. جنهن ڪري ڏکڻ ۽ اتر سنڌ ۾ فصلن جي پوکائي نه ٿي ۽ پوکيل فصل سوڪڙي جو شڪار ٿيندا رهيا. سال 2018ع جي سيمپٽبر مهيني تائين پڻ سنڌو ۾ سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي.


    سنڌو تي ڊيم

    1. تربيلا ڊيم
    تربيلا ڊيم ۾ لٽ پوڻ سبب سال 2017 کان ڊيم جي ڪيل سروي مطابق تربيلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت 37.5 سيڪڙو گهٽجي ويئي آهي. ڊيم ۾ پيل لٽ ڪڍڻ 4 سئو فوٽ اوچن جبلن تان وڏو مسئلو آهي. لٽ کي ڪڍڻ لاءَ پئسو ۽ مٽي رکڻ جو معاملو ماهر آبپاشي ادريس راجپوت ڄاڻائي ٿو. سندس لکت موجب تربيلا ڊيم جي پيٽ اندر مٽي جي لٽ جو ڊيلٽا پڻ ٺهي ويو آهي. جيڪو 50 کان 60 ڪلو ميٽر ويڪرو ٿي ويو آهي. هن جو وڌيڪ خيال آهي ته سنڌ ۾ 70 سيڪڙو ماڻهن جو روزگار زراعت تي. سنڌ جي صنعت جو دارومدار پڻ زراعت سان واڳيل آهي. ادريس راجپوت جي پاران ڪٺي ڪيل انگن اکرن موجب سال 2018 دوران ڦٽي جي پوک جي حد بابت ڄاڻائي ٿو ته هن سال آڳاٽي خريف ۾ پاڻي جي کوٽ سبب برو اثر پيو حدف هڪ لک 20 هزار هيڪٽر هو پر پوکائي رڳو 68 سيڪڙو ايراضي تي ٿئي معني 32 سيڪڙو ايراضي تي وونئڻ پوکجي نه سگهيا. اهيا ايراضي هڪ لک 98 هزار 4 هيڪٽر ٿئي ٿي انهي جا ايڪڙ ٿيندا اٽڪل 4 لک 90 هزار جنهن ايراضي تي رڳو هڪ مند دوران هڪ فصل گهٽ ٿيو آهي .زرعي معشيت کي ڪيترو نقصان ٿيو ، گهڻا هزار ماڻهو متاثر ٿيا، اتي سال 2018 دوران سنڌ سرڪار ضلع بدين جي 68 ديهن کي پاڻي کوٽ سبب آفت سٽيل قرار ڏنو آهي تربيلا ڊيم بابت ڪتاب شير درياءَ ۾ رضا علي عابدي لکي ٿو ته : “تربيلا ڊيم ۾ پهچڻ آسان ناهي، اتي سخت پهرو آهي.هر ايندڙ ۽ ويندڙ جي مڪمل شناخت ڪئي وڃي ٿي اوچي ۽ هيٺائين ۽ پهاڙي رستي تان ٿيندي تربيلا ڊيم واري هنڌ تي پهچڻ سان تربيلا جا خوبصورت باغ نظر اچن ٿا جتي گلن جي گلزاري ۽ هوٽلن تي چانھه پيئڻ جو لطف ئي پنهنجو آهي اتي جي ممتاز حسين جو چوڻ هو ته ٽي وي ڊهلسنگهم ڪمپني ۽ ڊيڪو ڪمپني وارن جڏهن پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو ته هتي ميلي وارو منظر هو وڏيون وڏيون مشينون جڏهن واپس پئي ويون ته بجلي جون تارون ڪٽڻيون ٿي پيون هتي وڏا حادثه ٿيا هئا ۽ ڪافي ماڻهو بجلي جي ڊرل مشينن زريعي ڊرل ڪندي مري به ويا هئا ڊيم جو آڏاوتي ڪم ڏينهن رات هلندو هو”

    تربيلا ڊيم ۽ ضلع صوابي
    تربيلا ڊيم ٺهڻ سبب صوابي جي مشتاق احمد جو رضا علي عابدي کي چوڻ هو ته تربيلا ڊيم ٺهڻ سبب صوابي ضلع ۾ سم ۽ ڪلر ٿي ويو آهي صوابي ضلع جي زمين لوڻياٺي ٿي وئي آهي. تربيلا ڊيم جي فل ڀرجڻ جي ليول 1550 فوٽ آهي ٽي آگسٽ 2018 تي منجهس پاڻي ڪل ليول 1519.2 فوٽ هئي.

    2. ڀاشا ڊيم .
    ڀاشا ڊيم ٺهيو ته چلاس سميت ڪيترائي ڳوٺ .ننڍا شهر ، قديم آثارن وارا مجسمه ،تراشيل تاريخي نقش سڀ جا سڀ تباهه ٿي ويندا ۽ قدرتي وڻ ٽڻ تباهه ٿي ويندا شاهراهه ريشم جو ڪافي حصو پاڻي هيٺ اچي ويندو اهڙو احوال رضا علي عابدي پنهنجي ڪتاب شير درياءَ ۾ ڪيو آهي . ۽ پاڻي ماهر ادريس راجپوت ڀاشا ڊيم جي سائٽ بابت 2003 ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران ٺاهل فني ڪاميٽي جي راءَ هيٺين طرح لکي آهي ته “هي هڪ تمام اوچو رول ڪانٽريڪٽ ڊيم هوندو جنهن ڪري تمام گهڻا نقصان ٿي سگهن ٿا انهي جي بانڊ ليول واري ايراضي جي ڪري شاهراه ريشم جو وڏو حصو پاڻي هيٺ اچي ويندو . جنهن ڪري روڊ کي ٻيهر ٺاهڻو پوندو جيڪو مشڪل هوندو ۽ هتان کان بجلي جي لائن وڇائڻ مشڪل هوندي آهي” اعتراض ماهرن جي ست رڪني ڪميٽي ميمبرن طرفان واريل آهن
    هي ڀاشا ڊيم ريپليسمينٽ ڊيم هوندو جيڪو تربيلا ڊيم جي لٽيل صلاحيت کي پورو ڪندو صوبي سنڌ کي انهي جي 6.4 ملين ايڪڙ ڦوٽ پاڻي مان 37 سيڪڙو حصو ملندو جيڪو 2.36 ملين ايڪڙ ٿئي ٿو. جيڪو ربيع ۾ خاص طرح ڪڻڪ جي پوکائي لاءَ ڪم ايندو ڀاشا ڊيم جي ڀرجڻ بابت ادريس راجپوت جو خيال آهي ته اهو ڊيم هر سال پاڻي سان ڀربو ڇاڪاڻ ته تربيلا ڊيم پڻ هر سال ڀرجي ويندو آهي .

    ڀاشا ڊيم ۾ گنجائش
    ڀاشا ڊيم 6.4 ايڪڙ فوٽ پاڻي زخيرو ڪرڻ جي گنجائش آهي . ڀاشا ڊيم مان بجلي جي پيداوار 450 ميگاواٽ رٿي ويئي آهي ڀاشاڊيم ۽ ڪينال ڀاشا ڊيم وٽان سنڌو مان ڪوبه ڪينال نه نڪري سگهندو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس هن ڊيم جي اڏاوت لاءَ 2018 ۾ چندا مهم پڻ شروع ڪئي آهي.


    اٽڪ

    سنڌو تي اٽڪ قلعو پل اهڙي هنڌ تي آهي جتي ڪابل دريا سنڌو سان هميشه لاءِ سنگم ڪري ٿو. جڏهن ٻنهي دريائن جو لهرون ۽ ڇوليون هڪ ٻئي ۾ ضم ٿين ٿيون تڏهن هڪ من کي موهيندڙ منظر پيش ڪن ٿيون ۽ لڳندو آهي ڄڻ ٻه تهذيبون هڪ ٻي ۾ ضم پيون ٿين. ان هنڌ کي رنڊڪ به چيو ٿو وڃي. اٽڪ لفظ جي معني به رنڊڪ آهي. ان ماڳ وٽان سنڌو ۾ ڪيترائي جنگي ۽ مسافر ٻيڙا گذريا. اٽڪ جي هن هنڌ تي راجا رنجيت سنگھ قلعو تعمير ڪرايو هو. هتي اڪبر بادشاھ به هتي ڪابل کان آيل فوج جو لنگهه روڪڻ لاءِ شاهي قلعو تعمير ڪرايو هو. جيڪو هڪ ميل تائين ڊگهو هو. اڪبر بادشاھ هتي خير آباد نالي سان هڪ ڳوٺ جو به بنياد رکيو. اٽڪ قلعي جي ديوارن سان سنڌو جو ڇوليون ٽڪرائينديون رهن ٿيون. ڪاريگرن جي ڪاريگري ته هن قلعي جي هڪ برج کي اهڙو ٺاهيو آهي ڄڻ اک هجي جيڪا سنڌو ۽ قابل دڙي جي سنگم جو مشاهدو ڪري رهي آهي. 7 آگسٽ 1937ع ۾ اليگزينڊر برنس هتي پهتو هو. هن قلعي ۽ دريا جي هتي ماپ ورتي. سنڌو تار هو. 30 ٻيڙين جي مدد سان 537 فٽ ڊگهي پل ٻڌي وئي. جڏهن ته پاڻي جي گهرائي 12 فيڊم يعني 72 فٽ هئي. 23 مارچ 1839ع جڏهن ليفٽينٽ وليم بار پنهنجي ساٿين سان مليو تڏهن هتي هڪ وڏو طوفان آيو هو. جنهن ڪافي تباهي مچائي هئي. ان طوفان ۽ ڳڙي واري برسات پوڻ ڪري پل جو نالو نشان مٽجي ويو. 1831ع ۾ مورڪرافٽ به راجا رنجيت سنگھ جي اجازت سان قلعي جو دورو ڪيو هو. ان به پل جو ذڪر ڪيو آهي. اٽڪ وٽ سنڌو جو پيٽ انگريز دور ۾ 970 فٽ هو. هتان هاٿين کي دريا اُڪارڻ لاءِ تاريو ويندو هو. 1856ع ۾ اٽڪ وٽان هندستان سرڪار سنڌو جي هيٺيان هڪ سرنگ کوٽڻ جو حڪم ڏنو. اها سرنگ 1862ع ۾ مڪمل ٿي پر ڪجهه ئي عرصي ۾ پاڻي سان ڀرجي وڃڻ سبب بيڪار ثابت ٿي. 1880ع ۾ اٽڪ پل جي رٿا شروع ٿي ۽ باقاعدي ڪم 1882ع ۾ شروع ڪيو ويو. مئي 1883ع ۾ پل جڙي مڪمل ٿيو. جنهن کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو. پل جي تعمير جو ڪم ويسٽ وڊ بئلي اينڊ ڪمپني ڪرايو. 1812ع ۾ اٽڪ قلعي تي راجا رنجيت سنگھه جو قبضو ٿيو هو. اٽڪ وٽ اڳي سنڌو جو پاڻي ميرانجهڙو هوندو هو پر ڊيم ٺهڻ سبب هاڻ هتي پاڻي اڇو نظر اچي ٿو. اٽڪ پل صوبي خيبرپختونخواه ۾ آهي پر اٽڪ شهر صوبي پنجاب ۾ اچي ٿو. هي پشاور ۽ راولپنڊي شاهراهه جي هي اهم پل آهي. اٽڪ قلعو پاڪستاني فوج جي حوالي آهي.


    ”سوڪڙيان“ پهاڄ برداش نه ٿي

    سنڌو جابلو لڪن مان جهيڙيندي موڙ ڪٽيندي، اٽڪ کان هيٺ جڏهن سوڪڙيان پتڻ تي پڄي ٿو ته اتي ساڻس هڪڙي جابلو نئي اچي ملي ٿي، ان نئي بابت چيو وڃي ٿو ته سنڌو ڪنهن زلزلي سبب آڳاٽي دور سوابي کان ٿيندو، نوشهري کان ٿيندو گهوڙا تڙپ کان هيٺ سوڪڙيان وٺ ٻيهر پنهنجي اصل وهڪري ۾ شامل ٿيندو هو. جنهن جا نشان اڄ به چٽا ۽ واضح آهن، ان وهڪري کي مقامي ماڻهو سندن ٻولي ۾ ڪال چوندا آهن.ڪوهستان ۾ جابلو ندين يا نيئن جي پاڻي کي ڪارو پاڻي چوندا آهن.سوڪڙيان سان عشق جي انتها جي هڪ اهڙي ڪهاڻي جڙيل آهي جنهن کي بيان نه ڪرڻ سان سوڪڙيان جي ڄاڻ نه پئجي سگهندي. روايت ۾ اچي ٿو ته هتي قديم دور ۾ هڪڙو راجا راڄ ڪندو هو۔ جنهن جون ٻه زالون ھيون۔ جن مان هڪڙي جي رهائش سنڌو جي کاٻي ۽ ٻي جي ساڄي ڪپ تي رهائش هئي۔ راجا ٻنهي زالن سان پيچ پختا ڪرڻ لاءِ درياءُ تي رسن ۽ تختن سان پل ٺهرائي هئي، جنهن تان گذري هو هڪ رات هڪ راڻي وٽ ۽ ٻي رات ٻي راڻي وٽ رهندو هو۔ هڪ راڻي چيڙاڪ هئي، جنهن کان سندس محبت ۾ راجا طرفان ٻي راڻي هجڻ وارو عمل برداشت نه ٿيو، هن راڻي ڇا ڪيو جو جڏهن راجا پل تان گذري ٻي راڻي ڏانهن ويو پئي ته هن پل جا رسا ڪٽي ڇڏيا، پل وڃي درياءُ ۾ ڪري ۽ راجا ٻڏي ويو۔ چيڙاڪ راڻي پنهنجو محبوب راجا ته ماري ڇڏيو پر محبت ۾ ٻي عورت کي شامل نه ڪيو۔ مقامي ٻولي ۾ سوڪڙيان جي معني پهاڄ آهي۔ اڄ به سوڪڙيان سميت سنڌو جي ڪٺار تي ٻين ڪافي لوڪ داستانن جيان هي لوڪ داستان جنهن ۾ پهاڄ کي برداشت نه ڪيو ويو۔ سوڪڙيان جي مشهوري به ان داستان ڪري آهي۔ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هن لوڪ داستان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هڪ عورت ٻي عورت کي برداشت نه ڪيو پر پنهنجي محبوب کي ماري ڇڏيو۔ جنهن ڪري هن داستان جنم ورتو۔ سوڪڙيان ۾ نه ان راجا جا اهي تختا سلامت آهن نه وري وڍيل رسا ٿا ملن پر ان راجا ۽ هوڏي راڻي جي هوڏ جي هڪڙي ياد ملي ٿي۔ درياءُ جون لهرون خاموشي سان عاشقن سان ڳالھائن ٿيون، هوا جا جهونڪا لڳن ٿا ۽........!!!
    هن وقت سوڪڙيان کان هيٺ ڳوٺ شادي پور اچي ٿو جتي ساڄي پاسي واري ڪناري تي ضلعو پشاور ختم ٿئي ٿو ۽ اتان کان ڪوهاٽ ضلعو شروع ٿئي ٿو۔ کاٻي پاسي تي پنجاب صوبي جو اٽڪ ضلعو آهي۔ هوريان هوريان جبلن جي ساخت ۾ فرق نظر اچي ٿو، هي پٿر ڪچو آهي جيڪو ڪالا باغ تائين آهي.


    داسو

    سنڌو داسو ۾ جڏهن داخل ٿئي ٿو ته اها حد صوبي خيبرپختونخواه جي ضلعي ڪوهستان جي آهي۔ جتي چيني انجنيئرن جي مدد سان درياءُ تي جديد پل به ٺاهي وئي آهي۔ سرڪاري عمارتون به ڪافي تعداد ۾ ٺهيل آهن۔ هتي جا مقامي ماڻهو تجارت، نوڪري ۽ مزدوري ڪن ٿا۔ هتي ڪنهن دور ۾ جديد شاھراھ ريشم ٺهڻ کان اڳي ٻه ٽي دڪان هئا۔ ڪا به جديد عمارت ۽ هوٽل نه هئي۔ اڄ هتي جا ماڻهو ٽي وي بند نٿا ڪن ۽ ريڊيو ۽ اخبار به هتي پھچي ويا آهن، تعليم به اچي وئي آهي۔ ڦرون ۽ چوري ناهي پر قبائلي تڪرار عام آهن جنهن تان هو پنهنجي دشمن کي گولي هڻڻ ۾ به دير نٿا ڪن۔ هتي جي رهواسين کي گلگت، راولپنڊي يا ٻين علائقن کان وڌيڪ داس وڻي ٿو ۽ هو پنهنجي علائقي جو مٽ ڪنهن کي نٿا سمجهن، هنن کي پنهنجي علائقي جي مٽي جي خوشبوءِ پسند آهي۔ هي مارئي وانگر پنهنجي علائقي سان ٻي ڪنهن علائقي جي ڀيٽ ئي نٿا ڪن۔ هتي جي عورت مڙس، ٻارن ۽ سهري سس جو خيال رکي ٿي،هتي جون عورتون نماز ۽ روزن جون پابند آهن۔ پردي کي اهميت ڏينديون آهن۔ هتي ڇوڪرين کي پڙهائڻ جو تصور ئي ڪونهي، اهو ان ڪري جو هتي جا اڪثر ماڻهو اڻپڙهيل آهن۔ هتي اڪثر ماڻهن جي سوچ پراڻي جهالت واري آهي۔ هتي جي اڪثر ماڻهن جو خيال آهي ته داسو ۾ دريائي وهڪري جي ڪري نه بلڪه شاھراھ ريشم جي ٺهڻ ڪري ترقي ٿي آهي۔ سنڌو هتان به ور وڪڙ ڪندو کاهين لاهين ۽ جابلو لڪن مان لنگهندي چاندي جي لڪيرن جيان پنهنجي صاف ۽ شفاف پاڻي جو وهڪرو اکين کي پسائيندي صدين ڪنان وهي رهيو آهي۔ دوسو ۾ 1974/75ع ۾ وڏو زلزلو آيو هو، جنهن کان پوءِ گورنمينٽ هتي ڪوهستان ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ٺاهي ترقياتي ڪم ڪرايا، زلزلي واري سال ئي ڪوهستان کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو، ان کان اڳ ڪوهستان جو سنڌو کان اولھه وارو پاسو سوات ۾ شامل هو ۽ اوڀر وارو پاسو قبائلي علائقي ۾ شامل هو۔ 1976ع ۾ ڪوهستان ڊولپمينٽ پراجيڪٽ ڪم شروع ڪيو ۽ 1983ع ۾ ختم ڪيو۔ هاڻ ته هتي صحت مرڪز به قائم ٿيل آهي پر ڪنهن زماني ۾ غذا جي به کوٽ هئي۔


    ڪالاباغ وارو علائقو

    ڪالاباغ واري ٽاڪري لنگھه وٽ سنڌو ۾ پاڻي جو وهڪرو سُست رفتاري ڪري هڪ وڏي ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري ٿو۔ هتي لوڻياٺا جبل آهن ۔ هن هنڌ قديم زماني جو هڪڙو ڪوٽ آهي جنهن کي مقامي ماڻهو ڪافر ڪوٽ چوندا آهن۔ جنهن جي بلڪل ڏکڻ ۾ لوڻ وارا جبل آهن اهو سلسلو اوڀر طرف پوٺوهار تائين وڃي ٿو۔ هي علائقو ضلعي ميانوالي جي يونين ڪائونسل عيسيٰ خيل ۾ اچي ٿو. رياست ڪالا باغ جو ستون نواب ملڪ امير محمد خان پاڪستان جو گورنر جنرل به رهيو آهي. هن علائقي ۾ موجود ڪالا باغ ڍنڍ تي ڪالاباغ ڊيم رٿا جو حڪومت پاڪستان جو منصوبو آهي. جنهن تي صوبي پنجاب کان سواءِ ٽن صوبن سنڌ، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان کي شديد اعتراض آهن. ڪالاباغ وٽ سنڌو جي سطح سمنڊ کان 680 فٽ آهي۔ ڪالا باغ ڊيم جي رٿا 1953ع ۾ جڙي ۽ 1974ع کان هن رٿا جي مخالفت شروع ٿي۔ 1987ع ۾ ڪالاباغ جي مڪمل رپورٽ ٺهي هئي۔ 1974ع ۾ جڏهن تربيلا ڊيم ٺهي راس ٿيو ته، ان بعد ڪالا باغ ڊيم رٿا جي فزيبلٽي تي تيزي سان اڀياسي اسٽڊي شروع ٿي۔ ڪالا باغ تي هڪ ڪالوني به ٺهي ۽ انجنيئرن اڀن جبلن تي ماپ جون لڪيرون به ڏنيون۔ پر ان وقت جي سرحد صوبي ۽ هاڻوڪي خيبرپختونخواه، بلوچستان ۽ سنڌ جي صوبائي اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم رٿا بابت ڊگهين بحثن بعد ٽنهي صوبن جي اسيمبلين ان رٿا جي خلاف قراردادون پاس ڪندي وفاقي سرڪار آڏو پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، ضياء الحق، نوازشريف ۽ پرويز مشرف ڪالاباغ ڊيم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ انهن صوبن ۾ مهم پڻ هلائي، مشرف دور ۾ ان سرڪاري مهم دوران سنڌي ميڊيا ڊيم جي حمايت ۾ اشتهار هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو۔ شهيد بينظير ڀٽو جڏهن اپوزيشن ليڊر هئي ته هنن سنڌي قومپرست ڌرين، مذهبي ڌرين ۽ سنڌ جي ٻين پارٽين سان گڏجي سنڌ ۽ پنجاب صوبي جي سرحدي لڪ ڪمون شھيد تي تاريخي ڌرڻو هنيو هو ، رسول بخش پليجي جي اڳواڻي ۾ عوامي تحريڪ جي طرفان ڪالاباغ ڊئم خلاف پيادل لانگ مارچ ۽ جدوجهد دوران ادي ممتاز نظاماڻي ۽ عبدالحڪيم ھاليپوٽو شهيد ٿي ويا هئا جن کي ڪالاباغ ڊئم جو شهيد قرار ڏنو ويو ، رسول بخش پليجو ۽ شهيد بشير خان قريشي ٻين سنڌ دوست ڌرين جي ڪالاباغ رٿا خلاف جدوجهد رهي آهي، پاڪستان فشر فوڪ جي چئيرمين محمد علي شاھ جي گهر واري ۽ نوري فائونڊيشن جي اڳواڻ طاهره علي شاھ پڻ انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ هن رٿا خلاف جدوجهد دوران شهيد ٿي وئي هئي،ان سڄي عوامي ردِعمل کان پوءِ نواز شريف حڪومت ڪالا باغ ڊيم رٿا تان هٿ کنيو هو. ان کان بعد سنڌ جي آبپاشي ماهر اي اين جي عباسي جي نگراني ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا تي سنڌ جي اعتراضن بابت فني ڪاميٽي ٺهي هئي۔ جنهن بعد ۾ ڪالا باغ ڊيم رٿا جي رد ۾ رپورٽ جاري ڪئي ۔ وقت به وقت پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ڪالاباغ تڪراري ڊيم بابت بحث ٿيندا رهيا آهن ۔ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ هاڻوڪي وزيراعظم عمران خان طرفان به ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب ڊيمن جي اڏاوت بابت پنهنجو رايو ڏيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالا باغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن جي اڏاوت بابت بحث ۽ احتجاج شروع ٿي ويا آهن۔ هن وقت ته ميان نواز شريف جي ن ليگ اپوزيشن ۾ آهي ۽ هو ڪالاباغ ڊيم رٿا کي صوبن جي حمايت ۽ خاص ڪري سنڌ جي حمايت سان مشروط ڪري پئي.جڏهن ته سپريم ڪورٽ طرفان ديامير ۽ ڀاشا ڊيمن جي حمايت بعد ملڪ مان فنڊ پڻ ڪَٺو ٿي رهيو آهي۔ انهن ڊيمن تي اعتراض ناهي ته ڀلي ٺاهيا وڃن پر سنڌ کي خاص طور تي ڪالا باغ ڊيم تي جيڪو اعتراض آهي ته سو هي آهي ته ڪالا باغ مان جيڪي واھ ۽ ڪئنال ڪڍيا ويندا ته انهن ۾ پاڻي سنڌ ۽ بلوچستان جي حصي جو ويندو ۽ خيبرپختونخواه کي اعتراض آهي ته ، ڊيم ٺهڻ سان نوشهره پاڻي هيٺ اچي ويندو ۽ الاهي ماڻهو بي گهر ٿي ويندا ۔ سنڌ جو ڪئنالن بابت اعتراض جائز ان ڪري به آهي ته پنجاب صوبي پاران سنڌو مان ڪڍيل فلڊ ڪئنال جن ۾ ٿل ڪئنال، تونسا پنجند ڪئنال کي ريگولر ٻارنهن مهينا وهايو ٿو وڃي ۽ ارسا 1991ع پاڻي واري ورهاست واري ٺاھ تي به عمل نه ڪرائي سگهي آهي۔ جنهن ڪري سنڌ 2018 تائين پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري چڪي آهي، بدين، سجاول ۽ ٺٺي جا زميندار فصل پوکي نه سگهيا آهن، فش فارمن ۾ مڇي مري وئي آهي، چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ ماحول تباھ ٿي ويو آهي، دريائي ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن، مياڻن ۾ ڇلرڇٽ ناهي، ماهيگير ۽ هاري لڏپلاڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري سموري سنڌ جون سياسي، سماجي، مذهبي، هاري مزدور پارٽيون، سول سوسائٽي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت خلاف متفق آهن۔ سنڌ سمجهي ٿي ته 1960ع ۾ ڀارت سان پاڪستان جي سنڌ طاس معاهدي سبب پاڪستان کان ٽي درياءُ هيمشه لاءِ ڀارت جي هٿ هيٺ اچي ويا۔ جنهن ڪري پاڪستان ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ تنهن کان علاوه چين ۽ ڀارت طرفان پڻ ڪافي دريائن تي ڊيم ٺاهڻ سان پاڻي ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ ان جا اثر سڌي طرح سنڌو تي پوندا ڇو ته انهن مان اڪثر نديون سنڌو ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون۔ ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌو جو ڊيلٽا به تباھ ٿي ويندو ۽ انهي ئي ڪري سنڌ جا ماڻهو ڪالاباغ ڊيم جا مخالف آهن، جنهن کي سياسي اشو چوڻ يا سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي کي زيان چوڻ وارن کي سمنڊ بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، سموري دنيا جا دريا سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪن ٿا ۽ سموري دنيا ۾ ڊيلٽا کي بچائڻ لاءِ قانوني ضابطا جڙيل آهن۔


    سنڌو ڪٺار جي هڪ وڏي شاعر جي وصيت

    سنڌو جي ڪناري تي آباد هڪ ڳوٺ ۾ پٺاڻن جو قومي شاعر ليکيو ويندڙ خوشحال خان خٽڪ اڪبر بادشاھ جي پڙپوٽي اورنگزيب جي حڪومت دوران جيل ويو. خوشحال خان خٽڪ جيڪا اورنگزيب خلاف مزاحمت ڪئي ۽ جيڪا سندس جنسي شاعري هئي ان بابت سمجهڻ لاءِ اورنگزيب جو احوال ضروري آهي. اورنگزيب جذباتي قسم جو مسلمان هو. هن اقتدار سنڀالڻ بعد سندن وڏن جو ڪيتريون رسمون بند ڪرائي ڇڏيون. ۽ هندن جا تهوار شاهي طور تي ملهائڻ به بند ڪرائي ڇڏيا. هن اهو حڪم جاري ڪيو ته شلوار لازمي پائي وڃي ۽ مرد ڏاڙهي رکائين. هن جو مذهبي طرز عمل انتها پسند سوچ وارو هو. هن جي فوج 1664ع تائين پٺاڻن جي علائقي تي ڪاهيندي رهي هئي. اورنگزيب لڳاتار ٻه سال تائين اٽڪ ۾ پٺاڻن خلاف ڪئمپ قائم ڪري ويٺو رهيو. خوشحال خان خٽڪ اورنگزيب جي اهڙي عملن خلاف هو. خوش حال خان خٽڪ شاعر هو ۽ هن پنهنجي شاعري ۾ پختون دريائن،پٽڪن، جوڌن ۽ اتي جي هوا جي ساراھ ڪئي هئي. خوش حال خان خٽڪ ملائيت جي پڻ خلاف هو. هن کي حاڪم ٿيڻ جو شوق ڪونه هو پر هو آزاد فضا ۾ ساھ کڻڻ ۽ اظهار جي آزادي جو وڏو حامي ۽ بندشن جو وڏو باغي هو. جنهن ڪري پنهنجي وقت جو حاڪم اورنگزيب سندس خلاف هو ۽ کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ حڪمران ڪافي هيلا هلايا پر ڪامياب نه ٿيو. نيٺ خوشحال خان خٽڪ جي هڪ پٽ کي رشوت جو لالچ ڏئي خريد ڪري خوشحال خان خٽڪ کي گرفتار ڪري دهلي نيو ويو. جتي هو چار سال تائين قيد هو. آزادي بعد پنهنجي ماڳ ڳوٺ پهچڻ بعد هن مغل حاڪميت خلاف پٺاڻن کي ڀڙڪائڻ يا اڀارڻ شروع ڪيو. خوشحال خان خٽڪ کي پنهنجي پٽ طرفان رشوت وٺي کيس گرفتار ڪرائڻ واري عمل تمام گهڻو ڏک پهچايو. خوشحال خان خٽڪ بابت ڪتاب Empire of the Indus جي ليکڪا ايلائيس البينا پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته "خوشحال خان خٽڪ ڇوڪرين جو شوقين هو ۽ هن جو دعويٰ هئي ته هڪ پٺاڻ هڪ رات ۾ پندرنهن زالن سان همبستري ڪري سگهي ٿو. سندس شاعري جو وڏو حصو عورت جي سونهن ۽ جنسي سَگھ وڌائڻ بابت آهي. هن آتم ڪٿا ۽ سفر نامه به لکيا."
    پشاور يونيورسٽي جي پشتو اڪيڊمي ۾ اڄڪلهه خوشحال خان خٽڪ جي جنس بابت شاعري نٿي پڙهائي وڃي. اها بس وساري وئي آهي. ملائيت جي سخت دٻاءُ ڪارڻ جنس بابت ڳالهائڻ موت کي دعوت ڏيڻ برابر آهي. خوشحال خان خٽڪ پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ وصيت ڪئي هئي ته کيس اهڙي هنڌ دفن ڪيو وڃي جتي مغلن جي گهوڙن جي سنبن جي اڏاريل ڌوڙ به سندس قبر تائين نه پهچي سگهي. دنيا جي تاريخ جي لفظن ۾ جيڪو به ڪرڀ آهي. ان کان وڌيڪ ڪنهن حاڪم ۽ ان جي قبيلي کان نفرت خوشحال خان خٽڪ جي مٿي ڄاڻايل وصيت مان محسوس ٿئي ٿي. اهو وصيت وارو هڪ جملو نه بلڪه هڪ دور کان نفرت جو اظهار آهي. سندس شاعري مان ڪجھه مثال سنڌي ترجمي ۾ ڏجن ٿا :

    (1) جهان ڪي ٿورا آهن ڇا؟
    اي نادان، تون انهن کي ڏسي نه ٿو سگهين؟

    (2) ڏس! ههڙيون ڪئين زمينون آهن،
    ۽ ڪئين آسمان آهن،
    سڀ تنهنجي دل ۾ سمايل آهن،
    اي عرش کان بلند تر انسان!

    (3) سڪندر جو آئينو هجي يا جم بادشاهه جو جام،
    اهي سڀ درويش جي دل جو مٽ نه آهن.


    درياءُ ڏيڻ سان نقصان سنڌ جو ٿيو

    پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ پاڻي بابت جيڪو عالمي بئنڪ جي نمائندي روبرو 1960ع ۾ ٺاھ ٿيو ان ٺاھ ۾ راوي ستلج ۽ بياس ڀارت کي ڏنا ويا. انهن دريائن تان پاڪستان جي مالڪي ختم ٿيڻ سبب جيڪڏهن 1960ع کان پهريان گذريل سو سالن جو ريڪارڊ جانچيو وڃي ته راوي ۽ ستلج تي پاڪستاني سرحد وٽ پاڻي ماپ ڪرڻ جا گز سو سالن کان وٺي لڳل هئا. ستلج دريا تي بارڊر وٽ سليمانڪي بئراج آهي ۽ راوي جي سرحد وٽ جسر پل آهي. آبادي لاءِ پاڻي جي ضرورت ربيع ۽ خريف جي موسم ۾ ٿيندي آهي. مٿين ٻن جاين وٽ پاڻي جي ڊسچارج ڪجهه هن ريت هئي ته سراسري طور تي هر سال ٽي ملين ايڪڙ فٽ پاڻي رهيو آهي. انهن ٽي ايڪڙ ملين فٽ پاڻي ڊسچارج مان 1960ع کان اڳ گذريل سو سالن تائين ٻه ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سنڌو درياءُ ۾ ويندو هو جڏهن ته هڪ ايڪڙ فٽ پاڻي پنجاب جي زرعي زمينن ۾ استعمال ٿيندو هو. ڪتاب پاڻي ۾ پساھ جي ليکڪ شير محمد بلوچ پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ اهڙي نشاندهي ڪئي آهي. جيڪڏهن پاڻي ريڪارڊ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته ستلج، بياس ۽ راوي هندستان کي ڏيڻ سان وڌ ۾ وڌ نقصان سنڌ جو ٿيو آهي ۽ هنن دريائن جو پاڻي نه ملڻ سان سنڌو جي وهڪري ۾ ڃاڻايل پنج ند کان گهٽتائي آئي آهي. جڏهن ته انڊيا طرفان جيڪي 175 ملين ڊالر ۽ ورلڊ بئنڪ طرفان قرض جي مند ۾ مليل رقم جيڪا ڪل ملائي 315 ملين ڊالر ٿئي ٿي. ان مان سنڌ کي ون يونٽ هجڻ سبب هڪ روپيو به نه مليو ۽ جي پاڻي جي حساب سان ڏٺو وڃي ته نقصان سنڌ جو ئي ٿيو. هي دنيا جي معلوم تاريخ جو پهريون مثال آهي جو ڪنهن جنگ کي ٽارڻ لاءِ ڪنهن ملڪ پنهنجا دريا ڏنا هجن. جڏهن ته هن ٺاھ جو وڌ ۾ وڌ نقصان سنڌ ڀوڳي رهي آهي ۽ ان ٺاھ ۾ وري سنڌ جو ڪو به نمائندو موجود نه هو.


    پنج ند : چناب ۽ راوي جو سنگم

    چناب پنجاب جي ڊگهي ۾ ڊگهي ندي آهي. سندس ويڪر کي وڌائي پيش ڪيو ويو آهي. ليکڪ آرين ٻڌائي ٿو ته پنجن دريائن جو پاڻي وهڪري جي صورت ۾ سنڌو سان سنگم ڪري ٿو. سندس ويڪر 130 اسٽاڊيا کان وڌيڪ آهي. جيڪا نيل دريا کان به گهڻي آهي. چناب جي ويڪر 600 گز ۽ اونهائي 20 فٽ آهي. هن جي ڪٿي ڪٿي 1200 گز به آهي. ملتان جي پتڻ وٽ به هي 1000گز ويڪرو آهي. اها جاءِ راوي جي سنگم کان ٽي يا چار ميل پهريان آهي. راوي ۽ چناب جو سنگم فاضل پور کان هيٺ 30 ڊگريون ۽ 40 وهڪرائي ڦاڪ تي ملتان کان 53 ميل مٿي اُچ کان 180 ميل پري دريا جي وڪڙ ۾ ٿئي ٿو. ڪتاب "سنڌو جو سفر" ليکڪ اليگزينڊر برنس (ترجمو عطا محمد ڀنڀرو) پنهنجي ڪتاب ۾ چناب ۽ راوي جو جيڪو سنگم ڏيکاريو آهي. ان حساب سان چناب ۽ راوي جو سنگم پنجند وٽ نٿو ٿئي. پر اهو سنگم مٿي ٿئي ٿو. چناب تي ملتان جي علائقي ۾ کجي، تماڪ، نير، ڪمند، ڪڻڪ جو فصل ڏاڍو ڀلو ٿئي ٿو.

    چناب جو ستلج سان سنگم
    چناب مٺن ڪوٽ وٽ سنڌو سان سنگم ڪري ٿو ان کان پهريائين چناب ندي پنجاب جي سڀني ندين جو پاڻي ساڻ ڪري کڻي ايندڙ آهي. سندس سنڌو سان سنگم بنا ڪي گوڙ شور جي آرام سان گذري ويندو آهي. ڇا ڪاڻ ته ٻنهي طرفن جي دريا جا ڪنارا ويٺل آهن ۽ ويڪر تمام گهڻي آهي. ڪُن اوڀر طرف پيداٿيندا آهن اتي پاڻي عام اونهائي کان گهرو آھي پر ڪڏهن به خطري جو باعث ڪونه بڻيو آهي. چناب جي هن هنڌ يا ٽڪري کي پنجند جو نالو ڏنو ويو آهي. پر اهو نالو ڇو ۽ ڪيئن پيو. ڪنارن تي آباد ماڻهن کي ان باري ۾ ڪا به ڄاڻ ڪونهي. اُچ کان پنج ميل مٿي چناب سان گهاري يا ستلج جو پاڻي ملي ٿو. اهو سنگم به آساني سان ٿي ويندو آهي. ٻنهي دريائن جا ڪنارا سنگم واري جاءِ يا هنڌ بدلائيندا رهيا آهن. هتي دريا پنج سو گز کن ويڪرا آهن. چناب جي پاڻي جي اسپيڊ تيز آهي. سنڌو سان سنگم مهل سندس اونهائي 20 فٽ ۽ مجموعي رفتار ٽي ميل في ڪلاڪ آهي. چناب جا ڪنارا وارياسا آهن سندس ڪنارا پاڻي کان مٿي مس 3 فٽ هوندا. واهن جي ڄار ڪري هي علائقو آباد آهي. ڳوٺ گهڻا ۽ وڻن سان ڇانيل آهن. هن علائقي ۾ ڌنارن ۽ سانگي ماڻهن جو ڪيتريون ئي وانڍيون آهن. جيڪي مال سانگي وتندا آهن جوءَ مٽائيندا. هن جي ڪناري گهڻا پڪا ڳوٺ آباد آهن. هتي جا ماڻهو چناب ۽ سنڌو جي پاڻي کان گهڻو متاثر ڪونه ٿيندا آهن. ڇو ته ٻنهن دريا جا پاڻي ٻه ميل کان مٿي ٻوڏ نه ڪندا آهن. چناب جي گهاري واري جاءِ کان چار ميل هيٺ اُچ جو اهم شهر آهي. هن علائقي ۾ تماڪ، انگور، انجير، صوف، توت، فاروا جام ٿين ٿا. بيد مشڪ جا وڻ جام آهن. گلاب جي گلن ۽ ٻين گلن جي گلزاري به نظر ايندي. هن شهر ۾ ٻوٽي به ٿئي ٿي. هتي انب پورو نٿو پچي سگهي. هتي جي آبهوا انبن لاءِ مناسب ڪونهي. ڪڻڪ ۽ سارين جي پوکي به ڪئي وڃي ٿي.ستلج ۽ بياس دريائن جي گڏيل پاڻي کي گهارو چون ٿا. جنهن جي ڪناري تي بهاولپور شهر آباد آهي. هي درياءُ جهازراني جي قابل آهي. بهاولپور جا هندو واپاري ڏاڍا مهم جو هئا. اهي بلخ کان استر خان تائين واپار لاءِ سفر ڪري ويندا هئا ۽ پشاور، ڪابل، باميان جي رستي آمون دريا ٽپي اڳيان ويندا هئا. چناب جي پاڻي جو رنگ ڳاڙهو هوندو آهي. جنهن ڪري هن جي پاڻي کي ڳاڙهو پاڻي به چوندا آهن. ستلج جو پاڻي ڦڪو نظر ايندو آهي. سنگم کان پوءِ ڪجهه ميلن تائين ٻنهي دريائن جو پاڻي پنهنجا جدا جدا رنگ پسائيندو رهندو آهي.


    سنڌ طاس ٺاھ

    سنڌ طاس جي سڀني دريائن جو گڏيل پاڻي 170 ملين ايڪڙ فٽ آهي . جيڪو نيل درياءُ کان ٻيڻو آهي ۽ دجله ۽ فرات کان ٽيڻو آهي. پاڪستان ۽ هندستان سرڪارن وچ۾ 1960ع ۾ ڪهڙين حالتن ۾ سنڌ طاس معاهدو ٿيو. ان پاڻي ٺاھ موجب هندستان کي نمبر 1 بياس درياءُ نمبر 2 ستلج درياءُ نمبر 3 راوي درياءُ جو 33 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ملي ٿو. باقي پاڪستان وٽ 137 ملين فٽ پاڻي آهي. ان ٺاھ جا برا اثر 1960ع کان وٺي هن وقت 2018ع تائين پاڪستان ۽ خاص طور تي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي معيشت، زراعت، ماحول ۽ جاگرافي تي پئجي رهيا آهن ۽ هاڻي اثر چٽا ۽ ظاهر ٿي سامهون پڻ اچي رهيا آهن. پاڻي جي کوٽ سنڌ ۾ ڳنڀير صورتحال پيدا ڪري ورتي آهي. سنڌ طاس ٺاھ بابت ان وقت پاڪستان جي فوجي صدر محمد ايوب خان پنهنجي ڪتاب "فرينڊ ناٽ ماسٽرز" ۾ لکي ٿو ته "مونکي گهڻي پريشاني پاڪستان جي غير محفوظ هئڻ جي هئي، اسان جي دريائن جا هيڊ ورڪس هندستان ۾ هئا ۽ اهي جايون به جتان درياءُ شروع ٿين ٿا. هندستان دريائن جا رخ بدلائڻ جا انتظام ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڀارتي فوج اسانجي فوجن کان ٽيڻي هئي." ايوب خان وڌيڪ لکي ٿو "مون سوچيو ته جيڪڏهن ڀارت سان ڳالهيون اڌ ۾ رهجي ويون ۽ ڀارتي حڪومت دريائن جو رخ بدلائڻ جو فيصلو ڪري وجهي ته پوءِ اسان کي جنگ آڏو ايندي. هر ڳالھه اسان جي خلاف هئي. ان ڪري ان ۾ ئي مصلحت هئي ته ڀارت سان ٺاھ ڪيو وڃي. پوءِ ڇو نه کڻي ڪجھه نقصان کڻڻو پوي. جيڪڏهن اسان اهي نه ڪنداسين ته سڀ ڪجھه وڃائي وهنداسين"
    سنڌ طاس جي 58 سالن بعد ان ٺاھ سبب پاڻي جي ورهاست سان ٿيل پاڻي جي کوٽ واري ڀيانڪ تصوير سنڌ ۾ ڏسجي رهي آهي. ان ٺاھ جي نقصان وارا اثر سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب چٽا ٿي سامهون آيا آهن. سنڌ طاس معاهدي کي Indus Water Treaty جو نالو ڏنو ويو هو. عالمي بئنڪ جي نمائندي جي سامهون ايوب خان ۽ جواهر لعل نهرو ان معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. ان معاهدي ۾ 12 آرٽيڪل ۽ 8 انڪسيز اضافي دستاويز شامل آهن. جن ۾ پاڻي ورهاست سميت ٻنهي ملڪن ۾ پاڻي بابت تڪرارن جي حل لاءِ ڪميشنون پڻ جڙيل آهن.


    سنڌو ۽ هاڪڙي جي ڪٺار تي لڳل جنگين جو مختصر جائزو

    وچ ايشياءُ ۽ يونان کان وٺي دنيا جا وحشي ۽ لٽ مار ڪندڙ ماڻهو جيڪي جنگي جنون ۾ ورتل هئا، تن ٻين علائقن ۾ رهندڙ ماٺيڻن ماڻهن ۽ ڪمزور قومن جي مختلف خطن علائقن ۽ ملڪن تي قبضا ڪيا۔ هاڪڙو ۽ سنڌو جي ڪٺار تي به ٻاهران آيل حملي آورن قبضا ڪيا ۽ هتي جي ماڻهن کي ڦريو، لٽيو، کين تباھ ۽ برباد ڪري، سندن ڳوٺن، شهرن، علائقن ۽ ملڪن تي قبضو ڪري، پنهنجا قانون، ريتون، رسمون، ٻوليون، ثقافت ۽ تهذيب زوري زبردستي نافذ ڪري اصلوڪن ماڻهن کي انهن ضابطن جو پابند ڪيو ويو۔ انهن حملا آورن سان هاڪڙو ۽ سنڌو جي ڪٺار تي رهندڙ اصلوڪن ماڻهن مهاڏا به اٽڪايا ۽ جنگيون ڪيون۔ آرين هتي قابض ٿي کين اڻ آريو قرار ڏنو ۽ اصلوڪا دراوڙ سندن ظلم ۽ بربريت جي چڪي ۾ پيسجڻ لڳا۔ آرين ذات پات، اوچ نيچ وارو متڀيد شروع ڪري هتي نفرتن جي باھ ڀڙڪائي، اهو متڀيد مختلف گروهي، قبيلائي، لساني، قومي، مذھبي صورت ۾ جاري آهي۔ ان جا روپ ۽ شڪليون تبديل ضرور ٿيون آهن باقي طرز عمل آريائي ئي لڳي پيو۔ حضرت عيسيٰ مسيح کان ٽي صديون اڳي سڪندر مقدوني (اليگزينڊر) حملي آور ٿي سنڌو پار ڪري ، هن ٽيڪسيلا تي قبضو ڪيو هو ۽ هن جا جنگي ٻيڙا سنڌو ذريعي سمنڊ تائين ويا هئا۔ سڪندر مقدوني جي ظلم کانپوءِ دارا اعظم جي فوج سنڌو جي ڪٺار جي ڪافي علائقن کي فارس يا هاڻوڪي ايران سان ملايو ۽ هتي فارس جي فارسي ٻولي، ادب، ڪلچر صدين تائين پنهنجو اثر قائم ڪيو ۽ اڄ به آهي، "فارسي کارسي گهوڙي چاڙهسي" پهاڪو رواج ۾ آيو، سنڌ جو قومي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي بيت ۾ هن طرح عڪاسي ٿو ڪري ٿو ته "جي تون فارسي پڙهيو ته گولو تون غلام" شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ان سٽ جو ڇيد ڪبو ته گولو معني نوڪر ۽ غلام معني پنهنجي آزادي تان هٿ کڻندڙ ماڻهو سان مشابهت ڏيکاريل آهي۔ انهي ڪري شاھ صاحب فرمائي ٿو اها ٻولي ئي نه پڙهو جيڪا اوهان کي نوڪر ۽ غلام بڻائي۔
    هندن جي ڌارمڪ شاستر (مذهبي ڪتاب) گيتا ۾ سنڌ جو ذڪر ملي ٿو ته مهاڀارت ويڙھ جي دور ۾ سنڌ جو راجا جئه رٿ هو، هن راجا پانڊوئن جي زال دروپدي کي سويمبر ۾ ڏٺو ته مٿس عاشق ٿي پيو ۽ هستناپور وڃي هو راڻي دروپدي کي زوري اغوا ڪري آيو۔ پانڊوئن جو ننڍو ڀاءُ نڪل لشڪر وٺي سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ دروپدي موٽائي ويو۔ بعد ۾ جڏهن مهاڀارت لڳي ته جئه رٿ ڪورن جو ساٿ ڏنو ۽ ارجڻ جي تير جو شڪار ٿي جان ڏنائين۔ گيتا ۾ راجا جئه رٿ کي سڄي اتر سنڌ جو زوردار حاڪم ڪري ڄاڻايو ويو آهي۔ان وقت ڏاکڻين سنڌ شايد دراوڙن جي اثر هيٺ هئي، هندن جي هڪ ٻي ڪتاب رامائڻ ۾ سنڌ جو نالو ڪيڪان ڄاڻايو ويو آهي، جنهن جي حد اٽڪ کان شروع ٿئي ٿي۔
    رامائڻ واري دؤر کان پوءِ ايوڌيا جي سورج ونسي راجپوتن مان راجا بليڪا جي پٽن 1100 ق م ۾ اروڙ جيڪو صدين تائين سنڌ جو گادي وارو هنڌ رهندو آيو ان تي راڄ ڪيو، سورج ونسي راجپوت پاڻ کي اروڙ ونسي به سڏيندا آهن، جنهن ڪري سندن راڄڌاني تي نالو ئي اروڙ پئجي ويو۔ تنهن کان پوءِ سنڌ تي چندر ونسي راجپوتن جي يادو ونسي جي وڏي جنهن جو نالو راجا سمايا هو، جنهن جي پٺيان سنڌ کي سنڌ سمه به سڏيو ويندو هو، حڪومت ڪئي۔
    سنڌ ۾ موريا گهراڻي جو راڄ قائم ٿيو جيڪو اشوڪ اعظم جي وفات کان پوءِ ڪمزور ٿي ويو ۽ پهرين صدي جي پوئين اڌ ۾ ڪشن گهراڻي جي راجا ڪنشڪ پارٿين کان اتر اولھه هندستان جو حصو هن جو گادي جو هنڌ پشاور جي ڀرسان پرمشاپور هو، هن ذري گهٽ پوري سنڌ تي راڄ ڪيو۔ هن جي دور ۾ سنڌ ۽ بهاولپور کي هڪ صوبي واري حيثيت حاصل هئي ۽ گادي وارو هنڌ اروڙ هو۔ تنهن کانپوءِ سنڌ تي گپتا گهراڻي جو راڄ قائم ٿيو۔ هن جو پتو دهلي ۾ لوهي ٿنبي تي ٿيل اڪر سان پوي ته هن سپت سنڌو واريون نديون اڪري پنهنجو راڄ وڌايو هو۔ پر هن سنڌ تي نه قبضو ڪيو نه وري پنهنجو ڪو وائسراءِ مقرر ڪيائين۔ هي اروڙ جي حڪمران کان ڏن وٺندو هو۔ چهين صدي عيسوي ۾ سنڌ تي وري ايران جي نوشيروان حملو ڪري قبضو ڪيو۔ ايران کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جو سهرو راءِ گهراڻي جي سر آهي۔ راءِ سهاس جي دور ۾ ايران جو شهنشاهه نيمروز سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ مڪران فتح ڪري ايران ۾ شامل ڪيائين۔راءِ سهارس فوج جو ڪٽڪ وٺي ساڻس لڙائي ڪرڻ ويو، ٻنهن لشڪرن ۾ خوفناڪ جنگ ٿي، جنهن ۾ راءِ سهارس وڙهندي وڙهندي جان ڏني ۽ سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ راءِ سهاسي تخت تي ويٺو۔ هن جي دور جي آخر ۾ سندس سونهن راڻي جي محلاتي سازش ڪري مهاراجا چچ جيڪو هڪ برھمڻ هيو تخت تي ويٺو ۽ ان جي وفات کانپوءِ ان جو پٽ چندر سين تخت نشين ٿيو جنهن اٺ سال حڪومت ڪئي، کائنس پوءِ سندس ڀاءُ مهاراجا ڏاهر حڪومت جون واڳون سنڀاليون۔ کائنس 712ع ۾ عرب سپهه سالار محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪري حاڪم ٿيو۔ عرب دور جي پڄاڻي سومرن ڪئي، جن ساڍا ٽي سو سال حڪومت ڪئي، سندن 26 حاڪمن جو ذڪر ملي ٿو۔ انهن جي ايام ڪاري بعد سمان حڪمران ٿيا۔ جن کان پوءِ ارغون، ترخان ۽ مغل حاڪم ٿيا۔ جن کانپوءِ ڪلهوڙا حاڪم ٿيا۔ جن کان سندن مريدن ۽ سپه سالار ميرن حڪومت ڦري۔ مير دور جي پڄاڻي 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر ڪئي. ڦليلي جي ڦاڪ تي فيبروري ۽ مارچ 1843ع سر چارلس نيپيئر جي اڳواڻي ۾ انگريز فوج مياڻي ۽ دٻي جي ميدان ۾ لڳيل جنگ ۾ ڪامياب ٿي ۽ 23 مارچ 1843ع جرنل هوش محمد شيدي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻندي شهيد ٿي ويو. تڏهن سر چارلس نيپيئر انگريز جي فتح جو اعلان ڪندي آزاد سنڌ جو جهنڊو حيدرآباد واري قلعي تان لاهي انگريز دور جو بنياد رکيو۔ انگريز دور 14 آگسٽ 1947ع تائين هليو ۽ 14 آگسٽ 1947ع کان اڄ تائين ليه کان ڪيٽي بندر تائين سنڌو ۽ هاڪڙي، ڪٺار وارا علائقا رحمڪي بازار تائين، گلگت بلستان، سپت سنڌو جي پنجاب، خيبرپختونخواه، بلوچستان ۽ سنڌ وارا علائقا پاڪستان وطن ۾ شامل آهن۔ جن ۾ سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان کي صوبائي حيثيت حاصل آهي۔ 1948ع، 1965ع ۽ 1971ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ جنگيون لڳيون آهن۔ پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جا اثر به هتي ٿيا ته ٻيو ڪيتريون ننڍيون وڏيون لڙايون هتي لڙيون ويون آهن۔ وڌيڪ جنگين جو احوال شهرن جي تواريخ ۾ ڏنل آهي .


    سنڌوءُ ۾ جنگي ٻيڙا ، غورابن تي وڻج واپار ۽ جهازراني

    موئن جي دڙي واري سنڌ ۾ ٻيڙيون ۽ ٻيڙا ٺاهڻ جي صنعت جو ڏس پتو ملي ٿو ، سنڌ ۾ ٻيڙين ٺاهڻ جو رواج قديم زماني کان هلندو پيو اچي، هن وقت دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ واپار ٻيڙن ذريعي سامونڊي رستن تان ٿئي ٿو ۽ سنڌ سميت پوري دنيا جي دريائن ۽ سمنڊن ۾ مڇي لانچن ٻيڙن ۽ هوڙن ذريعي ماري وڃي ٿي . سڪندر مقدوني ۽ دارا اعظم جي زمانن کان وٺي سنڌو ۽ سندس مختلف ڦاڪن مان مختلف جنگي، واپاري ٻيڙن، ٻيڙين، جهازن ۽ آرماڙن جھاڳيو هو۔ سڪندر مقدوني (اليگزينڊر) جا ٻيڙا جن ۾ جنگي ٻيڙا به هئا، تن سنڌو جي سير يا پيٽ مان ڪيترن ان وقت جي ڦاڪن مان هاڪاريو هو۔ هنن جا ٻيڙا مٿان کان انڊس ڊيلٽا ۽ سمنڊ تائين ويا هئا
    محمد بن قاسم جا ٻيڙا درياءُ ۽ سندس ڪافي ڦاڪن مان گذريا هئا ۽ ٻيڙين جي پل ذريعي سندس فوج ٻئي ڪناري تي پهتي هئي۔ اتي سنڌو جي ملاحن ۽ ميدن کي عربن اميرالبحر ڪري لکيو۔ تن جي آرماڙ ۽ غورابن سميت سنڌو ذريعي ٿيندڙ ٻيڙن، ٻيڙين وڻج ۽ واپار سميت مسافرن جي اچ وڃ ۽ پاتڻين طرفان درياءُ جي ٻي پار اڪارڻ بابت ڪافي ڄاڻ هن طرح سان به ملي ٿي"
    جوزف سلائمبڪي 1609ع ۾ سکر بندر تي کنڀات (گجرات) جا مال سان ڀريل غوراب (ٻيڙا) ڏٺا هئا۔ ان وقت لاهور کان سکر ۽ سکر کان لاهور سنڌو ۽ راوي وسيلي ٻيڙيون ۽ ٻيڙا ايندا ويندا هئا۔ 14 صدي جي وچڌاري ابن بطوطه لاهري بندر تي يمن، عمان ۽ سيلون (سري لنڪا) جا جهاز ڏٺا هئا۔ پورچوگيزن کي لاهري بندر تي سندن ڪوٺي قائم ڪئي هئي۔
    1592ع ۾ عبدالرحيم خان خانان طرفان مرزا جاني بيگ کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ هُن پورچوگيزن کي لاهري بندر مان تڙي ڪڍيو هو۔ سکر ۽ لاهري بندر جي وچ۾ ساليانو چار هزار ٻيڙيون سامان ۽ مسافر کڻڻ لاءِ مقرر ڪيل هيون۔ اڪبر بادشاھ طرفان واپار کي ترقي وٺرائڻ لاءِ لاهور ۾ ٻيڙن ۽ ٻيڙين ٺاهڻ لاءِ ڪارخانو قائم ڪيو ويو۔ پنجاب جي واپارين جو سکر بندر ۽ لاهري بندر ۾ واپاري ڪوٺيون هيون۔ 1593ع ۾ اڪبر بادشاھ طرفان هڪ غوراب جوڙايو ويو ، جنهن ۾ 2936 ساڳ جا تختا ۽ 428 مڻ لوھ جون ميخون لڳيون هيون، ان غوراب جي ٺاهڻ لاءِ 420 مزدور روزاني ڪم ڪندا هئا۔ اهو غوراب ٺهڻ بعد درياءُ ۾ ان کي لاهڻ 1000 مزدورن 10 ڏينهن ڇڪڻ بعد کيس درياءُ ۾ لاٿو هو۔ اهو جهاز سکر ۽ روهڙي تائين مسافر ۽ مال لاھيندو ۽ چاڙهيندو هو۔ سياري جي مند دوران درياءُ ۾ پاڻي گهٽجڻ سبب اهو غوراب گپ ڪچڻ ۾ ڦاسي پوندو هو
    جنهن ڪري اهو جهاز بيڪار ثابت ٿيو هو۔ اڪبر بادشاھ ان جهاز بعد هڪ ٻيو جهاز 16338 روپين جي لاڳت سان 1596ع ۾ ٺهرايو۔ جيڪو پندرنهن هزار مڻ مال کڻندو هو۔ اڪبر بادشاھ طرفان سنڌ ۾ جاني بيگ ارغون سان جنگ ڪرڻ لاءِ عبدالرحيم خان خانان کي لاهور مان 25 جهاز لشڪر توبخاني سامان سان ڀريل لاهور کان ٺٺي روانو ڪيو هو۔ جنگ ٻه سال ڊيگھه ڪئي، سموري عرصي تائين جنگي سامان سميت کاڌي جو سامان عبدالرحيم خان خانان تائين راوي بعد سنڌو ذريعي ايندو رهيو۔ 1615ع ۾ انگلينڊ جي بادشاھ جيمس اول پاران سر ٿامس کي جهانگير دربار ۾ سفير ڪري موڪليو ويو۔ هن کي سورت ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڊائريڪٽرن لاهور کان لاهري بندر واري دريائي رستي جي اهميت کان واقف ڪرايو۔
    1616ع دوران انگريزن ٺٺي ۾ واپار جي ڪوٺي قائم ڪئي۔ سندن ديسي ايجنٽ سنڌ مان ڪپڙو ۽ نير خريد ڪرڻ لڳا۔ لاڙ جا واپاري ڳاڙها چانور، چمڙو ۽ گيھه سکر موڪليندا هئا ۽ اتان کان اڇا چانور ۽ هٿيار خريد ڪندا هئا۔ لاهور کان ٺٺي تائين ٻيڙين 1000 مڻن جو ڀاڙو 250 روپيا هوندو هو۔ سکر کان نڪولس وٿنگسٽن، جهانگير جي دور ٻيڙي وسيلي پندرنهن ڏينهن دوران سفر ڪري پهتو هو۔ ان وقت سکر کان لاهور هڪڙي ٻيڙي تي في عدد سرڪاري محصول چار رپيا هوندو هو۔ ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجي ديسي دلالن لاءِ ٺٺه، سکر، ملتان ۽ لاهور ۾ ڪوٺيون قائم ڪيون هيون۔ ٺٺه، سکر، لاهري بندر ۽ لاهور ۾ شين جا اگھه مقرر ٿيل هئا۔ اورنگزيب جي ايام ڪاري دوران ٺٺه جي مغل نوابن في ٻيڙي تي سرڪاري محصول وڌائي 6 رپيا وصول ڪرڻ شروع ڪيو۔ جنهن ڪري گهڻا پنجابي ٺٺي ۽ سکر مان لڏي ويا۔ تڏهن دکن ۾ مرهٽن سان مسلسل جنگين ڪري جهانگير جي حڪومت مان سستائي موڪلاڻي ڪري چڪي هئي ۽ سرڪاري خزاني ۾ کوٺ پيدا ٿي وئي هئي۔ سندس ئي دور ۾ لاهري بندر لٽ سان ڀرجڻ سبب ان جو منهن بند ٿي ويو، جنهن ڪري اورنگزيب سنڌ جي ڏيلٽا ۾ نئو بندر اورنگا بندر جي نالي سان تعمير ڪرايو۔ 1617ع ۾ اتر سنڌ ۾ دائود پوٽن طرفان مهرن کي شڪست ڏئي لکي تي قبضو ڪيو ۽ شڪار گاھ واري هنڌ تي نئون شهر شڪارپور ٺهرايو، جنهن ڪري خراسان وارا اٺن جا قافلا جيڪي اڳ مال سکر ۾ لاهيندا هئا سي هاڻ شڪارپور ۾ نيڪال ڪرڻ لڳا۔ جنهن ڪري شڪارپور جلدي ترقي ته ڪئي پر کيس سکر واري اهميت نصيب نه ٿي سگهي۔ ڇا ڪاڻ ته سکر سنڌو جي ڪپ تي هو۔ جتي اڪبري اشرفي جي قيمت 9 رپيا هئي، عالمگيري اشرفي جي قيمت سورنهن رپيا هوندي هئي ۽ ايراني سڪا محمد عباسي وارا به هلندا هئا جن جي قيمت فقط چار آنا هئي۔ سکر ۾ گيھه ۽ مکڻ ايترو هوندو هو جيڪو هتان کان مسقط موڪليو ويندو هو۔ رحيم داد خان مولائي شيدائي تاريخ سکر ۾ لکي ٿو ته "سکر ۽ روهڙي وارين ٽڪرين کي سنڌ جو چمن ڪوٺجي ٿو۔ سکر ۾ عمدا قسم جون ترارون ٺهنديون آهن ۽ سکر جا ماڻهو واپار ۾ سڌا، هلت ۾ امن پسند آهن۔ سکر جو حاڪم عزتدار ۽ واپارين جو احترام ڪندڙ آهي۔


    نيرڪوس ۽ ڪروڪولا

    اميرالبحر نيرڪوس بابت چيو وڃي ٿو ته هو پهريون اميرالبحر يعني دريائن جو پهريون بادشاھ هو. جنهن سڪندر مقدوني جي چوڻ تي سنڌو جهڙي وشال دريا جي ورن وڪڙن ۽ لاهين چاڙهين مان پنهنجا جنگي ٻيڙا سڀ کان اڳ هاڪاري ريڪارڊ قائم ڪيو. هو پهريون پرڏيهي هو جنهن سنڌو دريا مان سنڌ ساگر تائين ٻيڙا هاڪاريا هئا. سڪندر مقدوني دنيا فتح ڪرڻ نڪتو ۽ هن جي جنگي ٻيڙن جي سرواڻي نيرڪوس پئي ڪئي. هن مهم کان اڳ اتهاس جي ڪتابن مطابق سنڌو ۾ ڪنهن به ٻيڙا نه هاڪاريا هئا. مقامي ٻيڙا ۽ ٻيڙيون البت موجود هئا پر اهي جنگي بنياد تي نه هئا ۽ نيرڪوس، سڪندر مقدوني جو اميرالبحر هو ۽ هن جي مهم جنگي بنيادن تي پھرين مهم هئي. نيرڪوس جڏهن سنڌو دريا مان ٻيڙا هاڪاريندو سنڌو ساگر وٽ پهتو ته ساڻس جيڪا وارتا وير ڪئي ان بابت ڪتاب سنڌو جو سفر ليکڪ اليگزينڊر برنس ترجمو عطا محمد ڀنڀرو ۾ پيج نمبر 19 تي لکيل آهي ته "سمنڊ پنهنجي روايتي انداز ۾ چاڙھ ڪيو ۽ دريا جي پاڻي کي پٺتي هٽائي ڇڏيو. سنڌو دريا پهرين زور سان سامونڊي پاڻي کي روڪيو پوءِ خطرناڪ حد تائين مٿي مسلسل چاڙھ ڪندو ويو. ٻيڙن ۾ موجود يوناني سپاهي هن اوچتو ۽ خطرناڪ پيدا ٿيل صورتحال کي ڏسي ڪنبي ويا. اک ڇنب ۾ جبل جيڏيون اتاهيون ويرون واري جا دڙا ۽ خشڪ ميدان ٿي ويا جتي سندن ٻيڙا لنگر هنيو بيٺا هئا. سپاهي جهازن مان لهي آيا ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا. وري جي اوچتو ٻي وير آئي ته تنهن ٻيٽن سميت سڄي علائقي کي ٻوڙي ڇڏيو. ۽ جهاز جيڪي ڦاٿل هئا اهي پاڻي جي چاڙھ سبب پاڻ مرادو هلڻ لڳا سڪندر مقدوني سندن جهازن اڳيان ٻه ٻيڙيون روانيون ڪيون هيون ته جيئن سمنڊ اندر موجود ٻيٽ جنهن کي سلوٽس ٿي سڏيائون ڳولهي کين خبر ڏي. هن ٻيٽ تي نيرڪوس پهچي ٻيڙا بهياريا هئا ۽ هن علائقي جو بيان ڏاڍو صحيح ڪيل آهي. سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي کان اٺ ميل پري سمنڊ اندر ڪراچي کان ٻاهران ٻه وارياسا ٻيٽ اڄ به موجود آهن. سنڌو جي اها دوآبي ٺٽي کان جتان وهي ٿي ان کي ڪروڪولا سڏيندا آهن.


    سنڌو ڪناري لاش دفن ڪرڻ جي روايت

    سنڌو سڀيتا جنهن جا آثار موهن جي دڙي مان کوٽي ظاهر ٿيا، جيڪي واضع ڪن ٿا ته ان آڳاٽي دور جي وارث ماڻهن جي جيئڻ جا انداز ڪهڙا هئا. 1922ع ۾ دنيا جي ماڻهن جي قديم آثارن ۾ دلچسپي وٺڻ کان اڳ اها عظيم تهذيب به هڪ دڙي ۾ مدفون هئي. موهن جي دڙي جي شهري وسندي، فن ۽ ڪلا کي ڏسندي هن تهذيب جي قدامت کي دجله ۽ فرات جي ڪنڌين جي تهذيب سان ڀيٽيو ٿو وڃي. هاڻي سوڙهي ٿي ويل سنڌ جا ٿاڪ ۽ حدون آڳاٽي زماني ۾ پراهون هيون. جن جي پروڙ فرينچ جتي مهرڳڙهه جي کوٽائي ڪري واضع ڪئي. پراچند تهذيب جا پيرا کڻي يورپين جڏهن سنڌو درياھ ۽ ان جي مختلف وهڪرن جي ڪنڌين تي دڙن ۾ دفن ٿيل قديم آثارن کي کوٽڻ لاءِ نڪتا ته هنن مهرڳڙهه جي به کوٽائي شروع ڪئي. مهرڳڙهه جو ماڳ جيڪو تمام آڳاٽي زماني ۾ نديءَ جي وهڪري جي ڀرسان موجود هو. جتي وسندڙ ماڻهن جي اچ وڃ جو رستو يقينن اهو وهڪرو هوندو. پر هاڻي ان ماڳ جو سفر ڪندي توهان سان سنهن پٿرن جو لشڪر ساڻ هلندو. جيڪو ريتي جو مينهن وسائيندو هلندو. بولان لڪ جي ويجهو ۽ سبي کان ڪجهه ڪلوميٽر پري مهرڳڙهه جو هي تاريخي ماڳ موجود آهي.
    هن جي کوٽائي مان جتي آڳاٽي زماني ۾ انساني وسندي جي رهڻي ڪهڻي جا ٺڪر، ٿانءَ ۽ ٻيون شيون مليون آهن. اتي قبرستان پڻ دريافت ٿيا آهن. جيڪي پاسڪل سيليئر جي تحقيق مطابق مختلف دؤرن سان تعلق رکن ٿا. زندهه سماج پنهنجي مري ويل مٽن مائٽن سان جيڪو سلوڪ ڪندو آهي، تنهن کي جيئرن جو مري ويلن سان لڳ لاڳاپو چئجي ٿو. برصغير ۾ پنهنجي عزيزن لاءِ ۽ دنيا ۾ عقيدت طور ٺاهيل قبا ته تاج محل ۽ روضن جي صورت ۾ ته موجود آهن پر مهرڳڙهه جي دريافت ڪيل قبرستانن جي مختلف قبرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو لاش سان گڏ سينگار ۽ کاڌي پيتي جو سامان به مڙهه سان گڏ پوريندا هئا. هن ماڳ جي کوٽائي مان ٽي قبرستان دريافت ٿيا. هن تي تحقيق ڪندڙ پاسڪل سيليئر موجب اسان ٻن قبرستانن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو جن مان هڪ ڇهه سهس ق. م ۽ ٻيو ٽامي جي دؤر جو چار سهس ق.م جو سهيوڳي آهي. ڇهه سهس ق.م جنهن کي هي پٿر واري دؤر کان اڳ وارو دؤر سڏي ٿو. هن قبرستان مان مليل هڏاون پڃرن تي کل جو لباس يا کل جي وڏي ڳوٿري چڙهيل ڏسجي ٿي. جيڪا ڳيرڙيءَ سان رڱيل آهي. هن حقيقت مان ڄاڻ ملي ٿي ته ان زماني ۾ ميت کي چمڙي جو ڪفن ڏنو ويندو هو. قبرن جو 2/3 حصو اهڙو آهي جنهن ۾ لاشن جي مٿي سان گڏ مٽي جا ٿانو، پٿر جا ڪوريل برتن ۽ ڏامر جهڙي مصالحي مان ٺهيل ٽوڪريون مليون آهن. اندازو آهي ته انهن ٿانءَ ۾ کاڌ خوراڪ واري ڪا شيءَ رکي وئي هوندي. جيڪا هاڻي گهڻو وقت گذرڻ ڪري نظر نٿي اچي. ڪن قبرن ۾ هڏي ۽ پٿرن جا اوزار، گهڙيل لسا پٿر، چقمقي پٿرن جون مڱريون، ڳيرڙي جون چپڙيون به مليون آهن. ان کان سواءِ هڏاون پڃرن کي ڳهه ڳٽا جهڙوڪ هار، لٽڪڻ وارو ڳهه، ٻندا، جهومڪ، چوڙيون، چيلهه ٻنڌڻ ۽ ڪڙيون پاتل ڏسجن ٿيون. قبرن ۾ لاش اوڀر کان اولهه طرف دفن ٿيل آهن. سڀني دؤرن جي تهن ۾ پوريل مڙهه اهڙي طرح دفن ٿيل آهن. سندن مٿا اوڀر طرف، منهن ڏکڻ طرف ۽ قبرن جي اوساريل ڀت ڏانهن موڙيل آهن. ٽامي واري دؤر جي قبرن ۾ ڌاتو جي اوزارن سان گڏ چڪ جي مدد سان ٺهيل ٺڪر جا ٿانءَ به مليا آهن. ڪنجهي جي هڪ مهر به هڪ قبر مان ملي آهي. ڇهن عورتن جي مڙهه جي مٿن سان ساديون پٽيون ٻڌل نظر آيون آهن. جن ۾ باهه سان تپائي تيار ڪيل پٿر جي مڻين واري لڙهي ۾ ڪٿي ڪٿي سنکن، فيروزي، عقيق، لاجورد ۽ ٺڪر جا ڏنگا ڦِڏا مڻيا پوئيل آهن. اهي شيون صرف بالغ مردن ۽ عورتن جي قبرن مان مليون آهن. جڏهن ته ٻارن جي قبرن مان اهڙيون شيون هٿ ناهن آيون. قبرن جي اوساري ڪچي سرن سان ٿيل آهي. قبرن جو نمونو ڪوٺي نما لڳي ٿو. جنهن ۾ سامان رکڻ لاءِ جاءِ الڳ ڇڏي ويندي هئي. هن ڪفن دفن جي رسمن تي اڃان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. پر ڪجهه سوال ذهن ۾ ضرور اڀرن ٿا ته ڇا انهن رسمن مان ثابت ٿئي ٿو ته مري ويل ماڻهو پاڻ ۾ ملندا يا اهي مري ويل وري جيئرا ٿيندا؟ يا وري اهي رسمون وڏڙن جي رسم طور ادا ڪيون وينديون هيون. يا ان ڪري ادا ڪيون وينديون هيون ته جئين مري ويل ماڻهو جي سماجي مرتبي کي آخرت ۾ برادري طور سڃاڻي سگهجي.


    سنڌو ۽ هاڪڙي تي تارا ڏسي فصل پوکبا هئا ۽ شاديون ڪيون وينديون هيون

    سنڌو هاڪڙي ۽ سندن ڦاڪ هر سال جڏهن ڀريا تريا (تارو تار) وهندا هئا، تڏهن هر سال سانوڻ جي مهيني دوران چاڙھ ٿيندو هو ۽ هنن دريائن جي ڪٺار تي وڏن وسڪارن جي مند ۾ گهڻو ڪري سانوڻي رُت هوندي هئي۔ ٽيڙو تارو اڀرڻ سان وسڪارا شروع ٿي ويندا هئا۔ ان زماني ۾ هتي جا ماڻهو وڻجارا ، واپاري ۽ هاري گهڻي ڀاڱي تارن ۽ نکٽن کي ڏسي کيتي ٻاڙي، وڻج، واپار سميت شاديون مراديون ڪندا هئا۔ طوفان ۽ هوا جو رخ ڏسي اندازو لڳائيندا هئا ته موسم جو رخ ڪيئن آهي۔ ان زماني ۾ ايتريون سائنسي ايجادون ڪونه ٿيون هيون۔ پر اڄ جي دؤر ۾ به ڪافي وڻجارا ۽ ماهيگير طرف نکٽن ذريعي معلوم ڪن ٿا، ماهر ناکئا نکٽ ڏسي درياءُ ۽ سمنڊ ۾ ٻيڙا، هوڙا ۽ جهاز ھاڪارين ٿا پر ڪنهن زماني هتي نکٽن تي ئي هلندا هئا۔ جيئن لڌي تاري اڀرڻ سان ميهن وسندو هو ۽ ليون لس ليٽ ٿي پونديون هيون۔ ايٿ تارو اڀرندو هو ته دريائن جو پاڻي وڃي تر وٺندو هو۔ سنڌو تي ڦٽي جي پوک ووڻن ذريعي ٿيندي هئي جيڪا ڪَتي تاري ڏسڻ سان لاڳاپيل هئي۔ جوئر جو فصل ٽيڙو تاري سان تعلق رکي ٿو، ٻاجهر ۽ گوار جو تعلق لڌي تاري سان هوندو هو، ڪَتي تاري لهڻ کان اڳ ڪڻڪ پوکبي هئي، ايٿ تاري اڀرڻ سان چڻا، مٽر ۽ ٻيا فصل پوکبا هئا۔ هتي شاديون به گهڻو ڪري تارن جي حساب 7, 14, 21 ۽ 25 تاريخن تي ڪيون وينديون هيون، جيئن تاري جي اوڀر رخ ڄڄ جو طرف نه هجي۔ بندرن، دريائن ۽ سمنڊ ۾ طرف قطب تاري ذريعي معلوم ڪيو ويندو هو۔ تڏهن واچن ۽ گهڙيالن جي ايجاد ڪونه ٿئي هئي۔ وقت جو اندازو به ڏينهن جي وقت وڻن ۽ ديوارن جي پاڇولن ۽ رات جو ڪڪڙ جي ٻانگ سان ۽ تارن، چنڊ جي اڀرڻ ۽ لهڻ سان ڪيو ويندو هو۔ جيڪي ناکئا هئا اهي وير چڙهڻ ۽ لهڻ ۽ نکٽن کي ڏسي سمنڊ ۾ هاڪاريندا هئا کين نکٽن مان موسم جي خبر پڻ پوندي هئي

    نوٽ : روزاني سامونڊي وير ٻه ڀيرا لهي ۽ چڙهي ٿي 14 تاريخ چنڊ تي جوار ٿئي ٿئي ، وير به ماهگير چنڊ لهڻ سبب معلوم ڪندا آهن .


    سنڌو هاڪڙي ۽ خشڪي جا ڪجهه اهم رستا

    سنڌو سميت پوري دنيا ۾ جهازن جي اڏامن ذريعي سفر ڪرڻ، ريلوي ۾ سفر ڪرڻ، بسن، ڪارن ۽ جيپن ۾ سفر ڪرڻ کان اڳ خشڪي وارن رستن تي سفر پيادل، اٺن، گهوڙن، گڏهن، خچرن، هاٿين ۽ بيل گاڏين وسيلي ٿيندو هو۔ اٺن، گهوڙن، گڏهن، خچرن، هاٿين ۽ ڍڳا گاڏين ذريعي ٿيندو هو جن جا سالار جت ۽ مهيري سڏبا هئا ۽ آهن۔ سنڌو جي ڪٺار تي جي خشڪي واري رستن نظر ڪبي ته شاهراهه ريشم، خيبر لڪ ۽ بلوچستان کان ايندڙ اولھه ۽ اتر کان ايندڙ انهن خشڪي تي سفر ڪندڙن جا لنگھه بولان لڪ خاص طور تي رهيا آهن۔ گهڻي ڀاڱي جنگجو لشڪر جيڪي وچ ايشياء ، اولھ ايشياء کان آيا سي خيبر لڪ ۽ بولان لڪ کان داخل ٿيا۔ وچ ايشياء ۽ اولھ ايشياء کان ڪافي قومون، قبيلا ۽ ذاتين جا ماڻهو انهن رستن کان داخل ٿيا۔ وچ ايشياء جا واپاري قافلا به انهن رستن تان گذرندا هئا، جن کي ٺڳ ٺڳيندا به هيا ۽ هن کان ڦرون به ٿينديون هيون ۽ جن جا ماڻهو رستي ۾ بيماري وگهي مري به ويندا هئا۔ بولان لڪ يا مولا لڪ بلوچستان وارو رستو يا واٽ موجوده جيڪب آباد کان گذري شڪارپور ۾ ٻن رستن ۾ منتقل ٿيندو هو ، جن مان هڪ رستو اروڙ ويندو هو ۽ ٻيو رستو امروٽ، مديجي، ماهوٽا، لاڙڪاڻو، موئن جو دڙو، باڊھ، ڌامرھ، دادو، خدا آباد، سيوهڻ، آمري، نصير ڪوٽ، جهرڪ سونڊا کان ٿيندو ٺٽي ويندو هو۔ ٽيو رستو مولا لڪ کان لنگهي خيرهي خيرو، دڙو، ليمون جو دڙو کان بلوچستان جي شهرن خضدار ۽ جهڪر تائين ويندو هو۔ هي جھٽ پٽ ۽ ان علائقي جا قديم شهر جيڪي هن وقت کنڊر ٿي ويا آهن کان گذرندو هو، سبي به ان رستي کان وڃبو هو۔ ڀنڀور کان ڪلاچي ۽ سون مياڻي، ناني جي سماڌي کان ڪوئيٽا وارو رستو به اهميت وارو هو۔ ان رستي تي موکي وٽ متارا ايندا هئا ۔ نيرون ڪوٽ (موجوده حيدرآباد) کٿڙ، گنجو ٽڪر گام، ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم، جھوڪ شريف، ميرپور بٺورو، محمد طور، مغلڀين (موجوده جاتي) کان پسبابندر ۽ ڪوٽ لکپت تائين رستو ويندو هو، بدين کان لنواري شريف، ڪڍڻ، علي بندر، رحمڪي بازار، سنڌڙي بندر کان ڪڇ ڏانهن ڪڇ جي 24 ڪوھ واري رڻ کان اٺن گهوڙن جا قافلا ۽ پيادل قافلا ايندا ۽ ويندا هئا۔ ٺري، باغ جو پتڻ، ونگو، ڄار جو پتڻ، ويڙهي جھپ، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڌانو ڌانڌل، ويراھ واھ، ننگر پارڪر کان به قافلا ايندا ۽ ويندا هئا۔ نصرپور کان ڪاهو جو دڙو، امر ڪوٽ کان قافلا لڊاڻو ايندا ۽ ويندا هئا۔ اروڙ ۽ بکر کان ملتان ۽ لاهور به قافلا ايندا ۽ ويندا هئا۔ راولپنڊي کان سرينگر تائين به رستو هو۔ اٽڪ، چلاس تائين اچ وڃ ٿيندي هئي۔ لاهور، ننڪانه کان دهلي تائين به رستو ويندو هو جيڪو جي ٽي روڊ جي نالي سان مشهور آهي۔

    ريلوي
    انگريز دور ۾ انهن ريلوي جي انجڻ ٺاهڻ سميت ريلوي جي تياري لاءِ ڪم 1769ع کان جارج جيمس واٽ جي نگراني ۾ شروع ڪيو۔ 1829ع ۾ ريل جي پهرين متحرڪ انجڻ ٺهي وئي ۔ ان وقت جي هندستان ۾ جتي انگريز راڄ هو اتي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران تجارتي بنياد تي 1850ع ۾ ريلوي لائن وڇائڻ جو ڪم شروع ٿيو۔ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريل جي پٽڙي وڇائڻ ۽ ريل هلائڻ لاءِ 29 اپريل 1858ع ڪم شروع ٿيو۔

    پڪا رستا
    سنڌ ۾ هن موجوده وقت 2018ع تائين جيڪي مک پڪا رستا آهن تن ۾ وڏي اهميت قومي شاهراهه يا نيشنل هاءِ وي جي آهي۔ جيڪو سنڌ ۾ پنجاب صوبي جي ضلعي رحيم يار خان جي پوليس ٿاڻي ڪوٽ سبزل وٽان داخل ٿئي ٿو ۽ پوءِ گهوٽڪي، ڏهرڪي، سکر، خيرپور، نوشهروفيروز، هالا، مٽياري، حيدرآباد کان ٿيندي ڪراچي پهچي ٿو۔ ٻيو ڄام شوري کان انڊس هاءِ وي آهي جيڪو ڄام شورو، سيوهڻ، خدا آباد، دادو، ڪشمور، ڪنڌ ڪوٽ کان ٿيندو ڊيرا بگٽي موڙ وٽان وڃي پنجاب سان ملي ٿو۔ اتي ڪراچي کان ڌاٻيجي، ڀنڀور، گنجو، ٺٽه، سجاول، بدين مٺي هاءِ وي پڻ ٿرڪول پراجيڪٽ ڪري خاص اهميت حاصل ڪئي آهي۔ حيدرآباد کان ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ڇور ڪينٽ روڊ کي به وڏي اهميت حاصل آهي۔ حيدرآباد کان کٿڙ، سيري، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، تلهار، بدين، لنواري شريف، ڪڍڻ، ڏيپلو ۽ مٺي روڊ به وڏي اهميت جو حامل آهي۔ ميرپورخاص کان مير واھ گورچاڻي، ڊگهڙي، ٽنڊو محمد خان، جهڏو، نئون ڪوٽ، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڀالوا، ڏانو ڌانڌل، ويراءُ واھ ۽ ننگر پارڪر روڊ به اهم آهي۔ خيبرن کان اڏيرو لعل، ٽنڊو آدم، سانگهڙ ۽ کپرو روڊ، تلهار کان ٽنڊو باگو، پنگريو ۽ جهڏو روڊ به اهميت جا حامل آهن۔ هن وقت هر ضلعي ۾ مک ۽ لنڪ روڊن جو وڏو ڄار وڇايل آهي۔ ٽنڊو محمد خان کان بلڙي شاھ ڪريم، مير پور بٺورو، سجاول تائين به روڊ آهي ته ماتلي کان ٽنڊو غلام علي، ڊگهڙي ۽ ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص تائين روڊ نڪرن ٿا۔ ڪراچي کان ننگر پارڪر تائين ڪوسٽل هاءِ وي جي رٿا به غور هيٺ آهي۔ عمر ڪوٽ کان ڇاڇرو ۽ اسلام ڪوٽ به رستو پڪو آهي ته عمر ڪوٽ کان ڪنري، نهٽو ۽ نئون ڪوٽ قلعي تائين به پڪو رستو آهي۔ ڪنري کان جهڏو پڪو رستو آهي۔ سنڌ جي هر تعلقي هيڊڪوارٽر کان هن وقت ڪافي مک ۽ لنڪ روڊ نڪرن ٿا۔ انهن رستن تي ٽريفڪ حادثه معمول بڻيل آهن ۽ ڦرون، ڌاڙا ۽ ماڻهو اغوا به ٿين ٿا انهن رستن تي ڪافي هنڌن تي ٽريفڪ پوليس ۽ عام پوليس جي چيڪ پوسٽن جي باوجود اهو سڀ ڪجھ ٿئي ٿو جيڪو قانون ۾ ڏوھ آهي۔ سنڌ ۾ اهي پڪا رستا گهڻي ڀاڱي 1947ع کانپوءِ پاڪستان جي قيام دوران ٺهيا آهن پر ڪجھ رستا انگريز دور ۾ به هئا۔


    سنڌو جي ڪٺار تي گهرن، مقبرن، قلعن، غارن ۽ ويهارن جون اڏاوتون

    سنڌو جي ڪٺار تي صدين کان وٺي تهذيب کي پروان چاڙهڻ جون منزلون مقرر ڪيون ويون آهن۔ تمام اوائلي دور کي ق.م جو نالو ڏنو ويو آهي۔ ان کانپوءِ دور کي ماهرن "نئون عيسوي زمانو" جو نالو ڏنو آهي۔ ان کانپوءِ ٽامون ڪتب اچڻ لڳو انهي کي ٽامي وارو زمانو (Copper Age) سڏيائون۔ ان کانپوءِ انسان ذات ٽامي ۽ قلمي کي ملائي هڪ گاڏڙ ڌاتو جوڙيو جنهن کي برانز وارو زمانو (Bronze Age) جو نالو ڏنائون۔ جنهن کانپوءِ لوھ وارا اوزار ۽ ٿانو ٺاهڻ جو رواج پيو جنهن ڪري ان زماني کي آئرن ايج (Iron Age) جو نالو ڏنو ويو۔ آثار قديمه جي ماهر سر جان مارشل سندس ڪتاب "موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا" ۾ لکيو آهي ته "نئي پٿر واري زماني جا نشان سنڌ جي لڪي واري جبلن جي قطارن ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ اڪيچار آهن، ان زماني جا رهاڪو دراوڙ هئا۔ جن جي تهذيب ۽ تمدن جو ساکي موئن جو دڙو آهي۔ موئن جي دڙي جي گهرن جي ڊزائن، استعمال ٿيل سرن، تلاءُ، شهري نظام، ڊرئنيج سسٽم مان انهن جي اڏاوتي بصيرت نمايان نظر اچي ٿي۔ ڪنگ پروهت جو مجسمو هجي يا ڍڳا گاڏي اهي سڀ موئن جي دڙي جي صديون اڳ عروج جو ڏس ڏين ٿا"۔ لڪي ڀرسان قبرون ۽ جهانگارن ڀرسان نئن کي ڏنل بند دراوڙ تهذيب يا نئي پٿر جي زماني جي يادگار آهن۔ سنڌو جي ڪٺار تي اسان کي ويهارون، غارون، چرون، گنب، لانڍيون، چئونرا، ڪوٽ، قلعا، پڪا مقبرا نظر ايندا۔ سنڌ جي لاڙ ۽ ساحلي پٽي خاص طور تي ٺٽي ۾ ٽيڪي وارا گهر نظر ايندا۔ هن وقت سامونڊي پٽي جي ٺٽي، سجاول ۽ بدين واري علائقي ۾ گهڻي ڀاڱي ڪاٺ جا گهر ٺهيل نظر اچن ٿا ته محل، بنگلا، ماڙيون به هتي انگريز دور کان ٺهڻ شروع ٿيون ۽ هن وقت ته هر ڳوٺ ۾ اڌ کان وڌيڪ گهر پڪا يا بنگلا ۽ ماڙيون جڙيل آهن۔ هن وقت سِر، بلاڪ، پٿر، ڪاٺ، گنب، لاڪڻ جي گهرن ٺهڻ سميت جديد طرز جو ماڙيون، بنگلا ٺهيل آهن۔ البت قبرن ۽ مقبرن تي مصوري واري فن جي اڳوڻي اهميت نه رهي آهي باقي مسجدون تمام سٺيون تعمير ٿينديون آهن ۔ قلعن جي اڳوڻي اهميت نه هجڻ ڪري اهي يادگارون کنڊر ٿينديون وڃن۔ جين ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جا يادگار به موجود آهن جيڪي پنهنجي قدامت جا عڪس پسائيندي نظر اچن ٿا، مغل تعمير جو به پنهنجو حسن هو، انگريز دور ۾ جديد بنگلا ۽ عمارتون تعمير ٿيون۔ هن وقت 2018ع دوران انگريز طرز وارا محل، بنگلا، عمارتون ۽ گهر پيا ٺهن، ته ڪن ڪن گهرن جي طرز چيني به آهي۔ ڪافي مقبرا هن دور ۾ جديد جڙيا آهن ۽ مندر به ڪافي سٺا ٺهيل آهن۔ قلعا اڪثر ڪري پٿر، ڪچي ۽ پڪي سرن مان ٺهيل آهن ۔ اڳي هن علائقي ۾ ايراني ۽ گجراتي مصوري عروج تي هئي پر هاڻي دور بدلجي ويو آهي ۽ پراڻن طريقن بجاءِ نوان نمونا متعارف ٿي رهيا آهن۔ پراڻي ۽ هن دور جي سرن جي ڪارب ۾ به نمايان فرق نظر اچي ٿو۔ گهڻي ڀاڱي اڏاوتون مغربي، ايراني ۽ گجراتي طرز تي ٺهيل آهن۔ ڪيترن مقبرن، مندرن ۽ گهرن تي اهڙا نقش ٺهيل آهن جن مان تصويري طور تي زندگي گھارڻ، درياءُ ترڻ، جنگي منظرن سميت مختلف تصويري عڪس پيش ڪيل نظر اچن ٿا، گھڻين قبرن تي پڳ ٺهيل نظر اچي ٿي ته ڪٿي جنگي منظرن جي تصوير ڪشي ٿيل هوندي آهي۔ شاھ طريل جي مقبري، گوڙي جي مندر تي ان قسم جون تصويرون نظر اچن ٿيون جيڪي نفاست ۽ ڪاريگري جو نمونو اڄ جي دور ۾ پڻ پيش ڪن ٿيون۔ ڪن بنگلن ۽ محلن ۾ وري ڦوٽو ۽ نقشا ٺهيل آهن، پکين، ٻوٽن، مڇي، گهوڙي، هاٿين، دريائن ۽ پاڻي جا عڪس انهن تصويرن ۾ چٽن جي صورت چٽيل آهن۔ جن کي ڏسڻ سان اڄ به ماڻهو حيران ٿيو وڃي ٿو ۽ انهن قديم دورن جي سمجھ ۾ نه ايندڙ ڪهاڻين جي ڏسڻ سان انهن ماضي جي ماڻهن جي ريتن، رسمن، اٿڻي وهڻي سميت سندن فن ڪاريگري کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي۔ اهڙا نقش غارن ۾ به موجود آهن.


    سنڌو ۽ پکين جو فلاءِ زون

    سنڌو نه رڳو انساني تهذيب کي پروان چاڙهيو آهي پر جهنگلي ۽ آبي جيوت سميت سنڌو دنيا جي پکين جي يارنهن اهم واٽن مان چار نمبر تي شمار ٿيندڙ واٽ آهي، پکين جا اهي لنگھه عالمي واٽون سڏجن ٿا۔ سياري جي موسم دوران هر سال صدين کان هن سال تائين ۽ ايندڙ سمورن زمانن تائين پکي اتر قطب کان ڏکڻ طرف گرم پاڻين ڏانهن پنهنجي اڏام ڪريو اچن ٿا۔ اتر قطب جا پکي خنجراب لڪ، کوجڪ لڪ ۽ بولان واري علائقن کان ٿيندا سنڌو ماٿري ۾ داخل ٿين ٿا ۽ درياءُ جي ڪٺار يا ڪنارن مٿان اڏامندا مختلف ڍنڍن، ڍورن، دٻن ۽ هٿرادو ٺاهيل فش فارم تلائن تي اچي لهن ٿا۔ سندن مک ٺڪاڻا منڇر، ڪينجهر، هاليجي، مکي، ڏيئي، ڦوسڻان، ڪانگن کاڌي، چور هڏي، رپ، جاڙي، چروو، سونهر، ڪاجهر، ڪلان ڪوٽ، دوش آب، مهرانڊ ۽ پٽيجي ڍنڍ آهي. سنڌ ۾ هاليجي ڍنڍ ۾ پکين کي مارڻ تي پابندي پيل آهي۔ هاليجي ڍنڍ تي مقرر ڪيل عملي ڏيهي ۽ پرڏيهي پکين جي ٻه سو سالن جي فهرست جوڙي آهي۔ سنڌ ساحلي پرڏيهي ۽ ديسي پکين جا ڪيترائي قسم موجود آهن۔ پرديسي پکين جن جا ڪيترائي قسم آهن اهي سنڌ جي فلاءِ زون تان اڏام ڪري خاص طور تي ٿر، اڇڙي ٿر، لاڙ، ڪوهستان، وچولي جي ڍنڍن تي اچي پنهنجا آکيرا اڏيندا آهن۔ جن جي شڪار ڪرڻ لاءِ اڳي ماري شڪاري ڍٻ، ڍٻيون، رڇ اڏي انهن جو شڪار ڪندا هئا ۽ جديد دور ۾ بندوق ذريعي شڪار ڪن ٿا۔ سنڌ ۾ اهڙيون ڪافي مشهور ڍنڍون آهن، جن ۾ پکين کي مارڻ جي رک ڪري، پيرن، حاڪمن، فوجي جرنلن کان شڪار ڪرايو وڃي ٿو۔ عرب شهزادن کان وٺي وڏن ماڻهن کي حڪومت ۽ پکين جي حياتيون بچائڻ لاءِ قائم ڪيل کاتو خصوصي طور تي پرمٽون جاري ڪري ٿو، جنهن ڪري شڪار گاهن ۾ هر سال هزارين پرڏيھه جي ٿڌن علائقن مان هتي ايندڙ پرديسي پکي ماريا وڃن ٿا۔


    سنڌو جي ڪٺار تي رهندڙ ماڻهو

    سنڌو جي ڪٺار تي رهندڙ ماڻهن کي تاريخ ڌار ڌار رنگن، ڍنگن ۽ نالن سان گھاريندي ڏٺو آهي. هن ندي جي برف پوش پهاڙن جا رهواسي قد جا بندرا ۽ هڙٻاٺيون نڪتل اٿن. انهن کان پوءِ پٺاڻ شروع ٿين ٿا. جن جا مهانڊا يونانين جهڙا آهن. پوٺن جا رهندڙ ماڻهو سانورا، قد جا بندرا ۽ سنهڙا آهن. سنڌو جي پٽن به فرات ۽ نيل درياءُ جيان پنهنجي ڪنارن تي تهذيب کي پروان چاڙهيو. وچ ايشيا ۽ يونان کان وٺي دنيا جي وحشي ۽ لٽ مار ڪرڻ سميت جنگي جنون ۾ ٻين علائقن تي قابض ٿيندڙ ماڻهن سنڌو جي ڪٺار تي رهندڙ ماٺيڻن دراوڙ ماڻهن کي ڦريو، لٽيو ۽ کين تباھ ۽ برباد ڪيو. سندن ويڙهن ۽ شهرن تي سندن ڪنڌ ڪپي قبضا ڪيا. انهن سان سنڌو ڪٺار جي ماڻهن مهاڏا اٽڪايا پر آرين هتي جي اصلوڪن رهاڪن تي قابض ٿي کين اڻ آريو قرار ڏنو. هتي جين، ٻڌ، دراوڙ قبيلا ظلم بربريت جي چڪي ۾ پسجندا رهيا آهن. اسٽوپائن، مڙهين، وهارن، سنياسين، نانگن، جوڳين جي مڙهين واري پٽ تي ذات پات، اونچ نيچ وارو مٿيبيد شروع ٿيو. شاھ لطيف جي بيت جي هن سٽ وانگر واٽون ويهه ٿيون، ڪوھ ڄاڻان ڪيھي ويا. چيني ٻڌ هتي جي ٻڌ ياتري ۽ ڀڪشوئن جي قائم ڪيل وهارن ۽ اسٽوپائن کي ڳولهيندا رهيا ۽ حضرت عيسيٰ يسوع مسيح ٽي صديون اڳ سڪندر مقدوني (اليگزينڊر) حملي آور ٿي سنڌو پار ڪئي هئي. سنڌو ندي جو لداخ وٽان رخ يا وهڪرو اتر ۽ اولھ طرف آهي. اتان هي ندي قراقرم جي ڏکڻ طرف کان وهي ٿي. گلگت ندي، شيوڪ ندي ۽ ٻيون ننڍيون نيئون به اتان کان وهن ٿيون. جيڪي اڳتي هلي سنڌو ۾ سنگم ڪن ٿيون. هي سنڌو ندي آهستي آهستي ڏکڻ طرف مڙي جبلن مان ور ۽ وڪڙ کائيندي نانگ ور وانگر جڏهن پشاور کان اوڀر ۽ راولپنڊي کان اولھه طرف هزارا مان گذري ٿي ته اتان کان سندس وهڪري ۾ تيزي اچي ٿي. اتي ئي سوات ندي جو سنڌو سان سنگم ٿئي ٿو. هزارا وٽ مٿس تربيلا ڊيم ٺاهيو ويو آهي. ۽ ڪابل ندي سنڌو ۾ اٽڪ وٽان سمائجي ٿي. اهو اٽڪ جتان حملي آور هن خطي ۾ وارد ٿيندا رهيا. اٽڪ کان هيٺ سنڌو دريا ميداني علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو. جتان کان سندس وهڪرو ڍِرو يا سِلو ٿي وڃي ٿو. هتان کان سنڌو دريا کي ٽن حصن ۾ هن سان تقسيم ڪيو وڃي ٿو.
    نمبر 1 : سنڌو دريا جو ميداني پٽ
    نمبر 2 : سنڌو دريا جو هيٺيائون ميداني پٽ
    نمبر 3 : سنڌو دريا جو ڇوڙ وارو علائقو
    سنڌو دريا ۾ پنجاب جي مٺڻ ڪوٽ وٽان اوڀر طرف واريون سندس مددگار نديون (دريا) ستلج، راوي، چناب ۽ جهلم شامل ٿين ٿيون. ان سنگم واري پٽ کي پنجند به سڏجي ٿو. پنجند کان هيٺ سنڌو دريا اڪيلي دريا طور سمنڊ ۾ سمائجڻ تائين سفر ڪري، ڇوڙ واري علائقي ۾ مختلف شاخن ۾ تقسيم وڃي سنگم ڪري ٿو. هتي مٺي ۽ کاري پاڻي جي ميلاپ ڪري تمر جا تمام گهڻا ٻيلا آڳاٽي وقت کان وٺي هن وقت تائين موجود آهن. سنڌو جي 2700 ڪلوميٽر ڊيگھه چئي وڃي ٿي. هن دريا جي ويڪر ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ آهي. گومل ندي، حرم ندي، زاسڪر ندي، سنگهي ندي، شينگهار ندي، ڪابل ندي، گلگت ندي، شياڪ ندي سميت ڪيترا ئي برساتي نالا هن ۾ ڇوڙ ڪن ٿا. سندس ڇيڙي يا پڇاڙ کي انڊس ڊيلٽا چيو وڃي ٿو. ٽي صديون قبل مسيح کان وٺي هي دريا تهذيب جو اهڃاڻ رهندو آيو آهي.


    سنڌو تي بئراج

    (1)سکر بئراج
    سنڌو تي انگريز دور ۾ 1932ع ۾ پهريون سکر بئراج ٺاهيو ويو. لائيڊ بئراج به سکر بئراج جو نالو آهي اٽڪل 85 لک ايڪڙ ايراضي زراعت لاءِ پاڻي فراهم ڪري ٿو. هن مان 7 وڏا واھ نڪرن ٿا. جن مان 4 درياءُ جي کاٻي پاسي وارن ضلعن سکر، خيرپور، نوابشاھ، نوشهرو فيروز، مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار بدين سانگهڙ عمر ڪوٽ ۽ ميرپورخاص کي سيراب ڪن ٿا ۽ 3 درياءُ جي ساڄي پاسي وارن ضلعن لاڙڪاڻو، شڪارپور، دادو ۽ صوبي بلوچستان کي سيراب ڪن ٿا. سکر بئراج مان نڪرندڙ واھن يا شاخن جي مجموعي ڊيگھ 9923 ڪلوميٽر ٿئي ٿي. سکر بئراج آبپاشي جو وڏو نظام ۽ هي بئراج پنهنجي وقت دوران دنيا جو وڏي ۾ وڏو بئراج هو۔ انگريز جنهن سنڌ تي 1843ع ۾ سر چارلس نيپئر جي اڳواڻي ۾ قبضو ڪيو هو تن هتي آبپاشي جي جديد نظام کي متعارف ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪئنال ڊيپارٽمينٽ قائم ڪئي، جنهن کي 1849ع ۾ ختم ڪيو ويو ۽ ٻيهر ان کاتي کي فعال ڪري سڀ کان پهرين بيگاري ڊيزٽ ۽ نارا ڪئنال کي وڌائڻ، انهن جي ٻيهر مرمت ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو يا منصوبو جوڙي ان رٿا تي ڪم ڪيو۔ سکر بئراج مان ست ڪئنال ڪڍيا ويا۔ جن مان درياءُ جي ساڄي طرف چار واھ ۽ کاٻي طرف يا پاسي ٽي واھ ڪڍيا ويا۔ جن مان کاٻي طرف نڪرندڙ (1) هڪ نارا ڪئنال جي ڊيگھ 226 ميل، (2) روهڙي ڪئنال جي ڊيگھ 208 ميل، (3) خيرپور فيڊر ويسٽ 4.9 ميل ڊگهو جوڙيو ويو.
    ساڄي پاسي نڪتل ڪئنالن يا واهن ۾ (1) رائيس ڪئنال : جنهن جي ڊيگھه 82 ميل رکي وئي (2) اين ڊيليو ڪئنال جي ڊيگھ 36.1 ميل (3) دادو ڪئنال جي ڊيگھه 131.5 ميل ۽ NLYC مان اڳتي هلي کيرٿر ڪئنال نڪري ٿو، جيڪو بلوچستان کي پاڻي پهچائي ٿو ۔ ان جي آڙ ڊي 102 وٽان وري سيف الله مگسي واھ ڪڍيو ويو آهي ، جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جي حصي جو پاڻي الڳ ڪري وهائي ٿو۔ سکر بئراج مان نو لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي گنجائش رکي وئي آهي۔

    (2) ڪوٽڙي بئراج
    هي بئراج حيدرآباد ۽ ڄام شورو ڀرسان ڪوٽڙي جي مقام تي ٺاهيو ويو آهي ۔ هن بئراج جو هڪ نالو غلام محمد بئراج به آهي پر هي مشهور ڪوٽڙي بئراج جي نالي سان آهي۔ هي بئراج 1955ع ۾ جڙيو۔ هن بئراج مان چار ڪئنال ڪڍيا ويا آهن۔ جن مان اولھه يا ساڄي پاسي، ڪلري بگهاڙ فيڊر جنهن جي ڊيگھه 38 ميل آهي ۽ کاٻي طرف کان اڪرم واھ ڪئنال، ڦليلي واھ ڪئنال، پڃاري يا نيو ڦليلي واھ ڪئنال ڪڍيا ويا آهن۔ ڪوٽڙي بئراج مان پاڻي جي گذرڻ جي گنجائش 8.75 لک ڪيوسڪ آهي. ڪوٽڙي بئراج تي 28 لک ايڪڙ زمين رکيل آهي۔

    (3) گڊو بئراج
    گڊو بئراج 1962ع ۾ ٺهيو. هن بئراج جي ڪمانڊ ايريا تي 29 لک ايڪڙ زمين رکيل آهي۔ گڊو بئراج مان ٽي مک ڪئنال ڪڊيا ويا آهن، جن مان ساڄي پاسي گهوٽڪي فيڊر جنهن جي ڊيگھه 78.6 ميل آهي ۽ کاٻي پاسي بيگاري سنڌ فيڊر ۽ ڊيزٽ فيڊر ست ميل ڊگھا آهن۔ انهن ٽنهي ڪئنالن مان نڪرندڙ شاخن ۽ ننڍيڱن واهن جي مجموعي طور ڊيگھ 260 ميل ٿئي ٿي۔ ڊيزٽ فيڊر مان وري پٽ فيڊر نڪري ٿو جيڪو بلوچستان ۾ پاڻي پهچائي ٿو ۽ ان تي اٽڪل 10.7 لک ايڪڙ زمين آبادي لاءِ رکيل آهي ۔ جنهن مان 7.51 لک ايڪڙ زمين بلوچستان جي آهي ۽ باقي سنڌ جي آهي۔
    سنڌو جي ڊيگھه 3610 ڪلوميٽر چئي وڃي ٿي، هي درياءُ اڳي سمنڊ ۾ ڇوڙ 6.600 ڪيوبڪ ميٽر پر سيڪنڊ هوندو ۔ جيڪو وڌ ۾ وڌ 5800ڪيوبڪ ميٽر پر سيڪنڊ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 1200 ڪيوبڪ ميٽر پر سيڪنڊ هوندو هو پر هاڻ اهو ماضي جو قصو يا ريڪارڊ بڻجي ويو آهي۔ سنڌو تي بئراج ٺهڻ سبب سندس لهرن ۾ اها اڳوڻي مستي نه رهي آهي، نه وري ڇوڙ واري علائقي ۾ ان مقدار ۾ لٽ پهچي ٿي، هاڻ ته هي درياءُ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سمورو سال ڊيڊ ليول تي هوندو آهي۔ 1991ع ملڪي ليول تي پاڪستان جي صوبن وچ۾ ٿيل پاڻي ٺاھ تي عمل ڪرائڻ لاءِ جوڙيل وفاقي ڪاميٽي ارسا (انڊس ريور اٿارٽي) پنهنجي قيام کان 2018ع ٿيل ٺاھ تي عمل ناهي ڪرائي سگهي۔ جنهن ڪري سنڌ جي نصيبن ۾ رڳو پاڻي جي کوٽ ئي آئي آهي ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هٺ المين واري صورتحال پيدا ٿي پئي آهي۔

    (4) اڪرم واھ ڪئنال
    ڪوٽڙي بئراج مان پاڪستان جي فوجي حڪمران ايوب خان جي ايام ڪاري ۾ اڪرم واھ ڪئنال کوٺرايو ويو. هن کي اڪرم واھ ۽ لائينڊ ڪئنال به چوندا آهن. ڪوٽڙي بئراج مان نڪرڻ بعد هن مان نورائي ۽ سيري ڀرسا گاجا واھ ڪڍيو ويو آهي. ٽنڊوباگو کان چار ميل اولھه طرف هن مان شادي لارج واھ کوٽيو ويو آهي. ۽ 70 ريگيوليٽر، ستر موري وٽ ٺاهيو ويو آهي. وهڻائي شريف وٽان هن مان هڏاڇڙ واھ، سنهي گوني، وهڻائي مائينر ۽ ڪارو واھ ڪڍيا ويا آهن. وهڻائي شريف کان هيٺ هن کي ڦليلي جي پراڻي وهڪري مان وهايو ويو آهي. زيرو پوائنٽ وٽ هن واھ جو ڇوڙ شڪور ڍنڍ ۾ ٿئي ٿو. اڪرم واھ ڪئنال مان نڪرندر سنهي گوني جي ڪمانڊ جو ايريا هن وقت ڪڇ جي رڻ جي شروع واري دنگ کان شيخاڻي گهاڙي وٽ زيرو پوائنٽ آهي. لائينڊ واھ يا اڪرم واھ مان ڪافي شاخون پڻ ڪڍيل آهن. جيڪي ضلعي بدين جي تعلقي بدين ۽ ٽنڊي باگي جي زمينن کي سيراب ڪن ٿيون. ۽ ٿر ضلعي جي تعلقي مٺي، تعلقي ڏيپلي، تعلقي ڪلوئي جي گس مهراڻي تائين اڪرم واھ جي شاخن جو پاڻي پهچي ٿو. هي واھ ريگيولر آهي. جيڪو سال جا ٻارهن مهينا وهي ٿو. رڳو سال ۾ ڏھ ڏينهن صفائي لاءِ هن واھ جي بندي ٿئي ٿي. هن واھ جو پاڻي حيدرآباد ۾ ڪجهه آبادي، ٽنڊو محمد خان، سجاول ۽ ضلعي بدين جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو. هن واھ جي ڪمانڊ ايريا جون زمينون گهڻي ڀاڱي قيام پاڪستان کان بعد سيٽلر آبادگارن کي ڏنل چيون وڃن ٿيون.

    (5) جناح بئراج
    جناح بئراج 1947ع ۾ ٺهيو، ڪالا باغ کان پوءِ هي سنڌو تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي سرحدي حد تي پهريون بئراج آهي۔ هن بئراج کان هيٺ سنڌو سڪل ٻيلاٽين وارو ڪڏهن ڪڏهن ڏيک ڏئي ٿو۔ هن بئراج جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي پنجاب جو ضلعو ميانوالي آهي۔ ٻي طرف ڪروڙ پڪا (ضلع ليه پنجاب) تائين سنڌو جو وهڪرو پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي سرحد آهي۔ ڪروڙپڪا کان پوءِ سنڌو جي اولھه ۾ ڊيرا غازي خان ۽ اوڀر ۾ ليه آهي جيڪي ٻئي پنجاب جو حصو آهن۔
    جناح بئراج مان چار ڪئنال نڪرن ٿا۔ انهن ڪئنال تي ڪو نالو نه رکيل آهي، هي ڪئنال نمبر 1، ڪئنال نمبر 2، ڪئنال نمبر 3، ڪئنال نمبر 4 سڏبا آهن۔

    گريٽر ٿل اسڪيم
    جناح ڪئنال کان اڳيان گريٽر ٿل اسڪيم آهي جنهن مان پڻ بئراج نڪرن ٿا ۽ هي ساڳئي اسڪيم جو حصو آهي۔

    (6) چشما بئراج
    هي بئراج پڻ گريٽر ٿل اسڪيم جو حصو آهي ۽ هن مان به ڪئنال نڪرن ٿا۔ چشما بئراج ميانوالي کان ڏکڻ اولھ طرف 25 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي۔ چشما بئراج سليمان جبل جي ڪڇ ۾ ٺهيل آهي۔ بئراج جي کاٻي ڪناري تي چشما جهلم لنڪ ڪئنال آهي جيڪو سنڌ ۽ پنجاب ۾ پهرين ڏينهن رٿا ٺهڻ کان اڄ تائين تڪراري رهيو آهي۔ درياءُ جي ساڄي ڪناري کان پهاڙ پور نهر نڪري ٿي، جيڪا خيبرپختونخواه جي علائقي کي آباد ڪري ٿي۔ چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي هڪ رپورٽ مطابق پنجاب جي 27 لک ايڪڙ زمين جو دارومدار آهي۔ اهي زمينون ميانوالي، ڀکر، ڊيرا غازي خان، مظفر ڳڙھ، بهاولپور، رحيم يار خان، ملتان، وهاڙي ۽ چولستان جي حد اندر اچي ٿي۔ اهو حصو پنجاب جي پوکي جي لائق ٽيو حصو چئجي ٿو۔ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي ڊيگھه 67 ميل، گهرائي 14 فٽ ۽ ويڪر 400 فٽ آهي۔ هن ۾ 21700 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي گنجائش رکي وئي آهي۔ شير ڳڙھ وٽ هن نهر جو پاڻي جهلم ندي ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ جتان چشما جهلم لنڪ ڪئنال جو پاڻي تريمون هيڊ ورڪس جي ذريعي چناب ۾ وڌو وڃي ٿو ۽ جنهن تي پنجاب جون زمينون آباد ٿين ٿيون.


    اروڙ، روهڙي، بکر ۽ سکر

    اروڙ، روهڙي، بکر ۽ سکر وارو ماڳ سنڌ جو اهڙو ماڳ آهي جتي سنڌ جي تاريخ دفن ٿيل آهي. هي سياسي، سماجي، فوجي، اقتصادي، تهذيبي، مطلب هر لحاظ کان وڏي اهميت وارو رهيو آهي. هتي تخت گاهه به رهيا ته تاجدار به رهيا. راءِ گهراڻي کان وٺي اڄ تائين هي پٽ اهميت وارو رهندو اچي. محلاتي سازشن ڪري راءِ سهاسي دور جي پڄاڻي به هتي ٿي. واٽون ويھ به هتان کان ٿيون. اڄ به سنڌي قوم جون واٽون ويهه آهن. موئن جي دڙي کانپوءِ سنڌ جي ڪنهن ماڳ کي جي وڏي اهميت ملي آهي ته اهو هي ماڳ آهي. نئي پٿر واري دور جي زماني جا غارن وارا آثار هتي جابجا ملن ٿا. سرجان مارشل لکي ٿو ته نئي پٿر واري دور جي انسان جا اهجاڻ سنڌ ۾ لڪي، کير ٿر جبلن ۽ روهڙي واري جي سلسلي ۾ جابجا ملن ٿا. هن وقت به انهن وسندين جا نشان ڏسي سگهجن ٿا. ڪوٽ ڏيجي جي کوٽائي ٻڌائي ٿي ته موئن جي دڙي واري تهذيب کان به اڳ ڪا قوم اولھه کان اچي دريا ٽپي روهڙي واري ٽڪرين تي آباد ٿئي هئي. اهي تڪڙيون ڪالڪان جي ٽڪري کان شروع ٿي شادي شهيد ۽ ڪوٽ ڏيجي کان ٿينديون وڃي راجپوتانا ۾ ختم ٿين ٿيون. انهن ٽڪرين ۾ اروڙ مامڙي، ٿرڙي ۽ هاڪڙي دريا جو علائقو به اچي ٿو. ايوڌيا جي سورج ونشي راجپوتن مان راجا بليڪا جي پٽن 1100 ق م ۾ اروڙ جيڪو صدين تائين سنڌ جو گادي وارو هنڌ رهندو پي آيو تي راج ڪيو، سورج ونشي راجپوت پاڻ کي اروڙ ونشي به سڏيندا آهن، جنهن ڪري سندن راڄڌاني تي نالو ئي اروڙ پئجي ويو۔ تنهن کان پوءِ سنڌ تي چندر ونشي راجپوتن جي يادو ونشي جي وڏي جنهن جو نالو راجا سمايا هو، جنهن جي پٺيان سنڌ کي سنڌ سمه به سڏيو ويندو هو، حڪومت ڪئي۔ راءِ گهراڻي ۽ چچ گهراڻي جي دورن ۾ به اروڙ سنڌ جو گادي جو گادي وارو هنڌ هو. عربن به هتي شروع ۾ سندن گاڌي وارو هنڌ رکيو. يونانين، ايرانين، ڪش ڪنشڪ ۽ ٻين دورن ۾ به اروڙ کي اهميت هئي. هتي قسمين قسمين گلن، محلن، حوضن، نهرن، دريائي لهرن، سخاوت، آبهوا، دلڪش نظارن جي ڏيهي توڙي پرڏيهي ۾ هاڪ هوندي هئي. هتي جا سنڌي راڳ وسيلي نانگن جو زهر ڪڍندا هئا. جيڪو عمل اڄ به جاري آهي. هتي جا ماڻهو بهادر، بي ڊپا ۽ ڪاريگر هئا. موسيقي جي ايتري هاڪ هئي جو يونانين هن علائقي جو نالو ئي موسيقاس رکي ڇڏيو. سنڌ تي جڏهن موريا گهراڻي جي حڪومت هئي تڏهن به اروڙ گادي وارو هنڌ هو. هن شهر جي بخت جو سج محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد ڄڻ لهي ويو. عربن جي فتح کان پوءِ اروڙ جي واڌ ۽ ويجھ رڪجي وئي. اروڙ جا ڪاريگر، هاري، هنرمند غلام ٿي ويا. جيڪي وچ اوڀر جي بازارن ۾ نيلام ڪيا ويا. سنڌ جي فتح کان ڪجھه عرصو بعد جڏهن عمرو بن محمد بن قاسم سنڌ جو گورنر ٿي آيو ته اروڙ بدران نئون شهر منصوره جي نالي سان قائم ڪري ان کي گادي وارو هنڌ مقرر ڪيو ويو ، تاريخ کان رڙ نڪري وئي ۽ اروڙ جو شهر اجڙي ويو. جتي ڪنهن زماني ۾ محل هئا، باغ هئا اتي رڳو خاموشي جو راڄ قائم هو ۽ 1946/47ع ۾ دريا به پنهنجو رخ مٽائي ويو.
    روهڙي قديم زماني کان وٺي انساني آبادي جو مسڪن رهيو آهي. هن شهر کي لوهر ڪوٽ يا سندس هندي نالي رورا پورا، ۽ رورا نگر به چوندا هئا. آبڪلاڻي جي مند دوران دريا پنجاھ ڦٽن جي ديوارن جي بلندي سان گڏ وهندو آهي. هن شهر اسلامي دور ۾ علميت، صنعت ۾ وڏو نالو ڪڍيو. هتي آگري کان واپاري قافلا ايندا هئا. هتي مال جي مٽا سٽا ٿيندي هئي. روهڙي جو ڪپڙو مشهور هو، هتي جي ڪپڙي کي تسر چوندا هئا. هتي جا واپاري نير ۽ سوٽي ڪپڙي جو واپار ڪندا هئا. هتي جا هاري محنتي ۽ ڪاريگر هوشيار هئا. هلت ۾ امن پسند ۽ وهنوار ۾ سڌا هوندا هئا. هي علائقو باغن ڪري به تمام خوبصورت لڳندو هو. روهڙي مسجدن ۽ مقبرن ڪري به مشهور آهي. هتي وار مبارڪ جي نسبت سان هڪ روايت به آهي ته عدالباقي صديقي عرب عورت سان شادي ڪئي کيس نبي ڪريم ﷺ جو وار مبارڪ سندس سهري نظام الدين ڏنو هو. هر سال ذوالحج جي نائين تاريخ تي ان وار جي زيارت. ڪرائي ويندي آهي. ان وار مبارڪ کي مسجد وارو وار مبارڪ به چوندا آهن. هتي جامع مسجد اڪبري نواب فتح خان 992ھ ۾ جوڙائي هئي.

    قاسم خاني
    روهڙي جي ويجهو دريا جي کارتري شاخ مان تري ڪپ تي امير ابوالقاسم چانڊوڪي راتين ۾ اچي وهندو هو. هن پنهنجي وصيت ڪئي هئي ته کيس مرڻ کانپوءِ ان مقام تي ئي دفن ڪيو وڃي. اهو قبرستان امير ابوالقاسم جي خاندان جو آهي پر ڪي ماڻهو اڻڄاڻائي ۾ هن کي ستين جو قبرستان ڄاڻائين ٿا. 1590/91ع ۾ اڪبر بادشاھ طرفان مير معصوم بکري کي روهڙي جاگير طور ملي. هن روهڙي کي اڏڻ ۽ سينگارڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪونه ڇڏي. روهڙي ۾ سيمنٽ فيڪٽري به قائم آهي. روهڙي ۾ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ريلوي جنڪشن به آهي. انگريز، دور ۾ روهڙي جي آدمشماري 8000 هئي. روهڙي کجين جي باغن ۽ ڇُهارن ڪري به ملڪان ملڪ مشهور آهي. سنڌ ۾ عرب دور کان کجين جي پوک شروع ٿي. هن وقت سنڌو توڙي هاڪڙي جي پراڻن ماڳن ۽ ڪنارن کان وٺي ملتان ۾ کجي جا باغ آهن. هتان ڏيساور کجي ۽ ڇوهارا موڪلي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. هتي ٻه سئو کان وڌيڪ کجين جا قسم پوکيا وڃن ٿا. کجين جي تيار ڦل کي برساتن ڪري نقصان پهچندو آهي. هتي پٻڻ لوڙهه مڇي ۽ ٻي هرقسم جي مڇي جام ماري وڃي ٿي. هتي جو چمڪيلو پٿر به ملڪان ملڪ مشهور آهي. هتي ملڪ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي عزاداري ٿئي ٿي جنهن کي ڏسڻ لاءِ لکين ماڻهو اچن ٿا. روهڙي شهر جو بنياد 996ھ / 1297ع ۾ سيد رڪن الدين شاهه رکيو. جنهن جو ذڪر اي ڊبليو هيوز سنڌ گزيٽئر ۾ ڪيو آهي. اي ڊبليو هيوز هن شهر جو نالو لوهري ۽ لوهرڪوٽ ڄاڻايو آهي. روهڙي ٻولي جي حساب مان روڙي مان ورتل ٿي سگهي ٿو جنهن جي معني ننڍو پٿر يا ٽڪري ٿيندي.

    بکر
    التمش جي دور ۾ نظام الدين جنيدي، قباچ کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ التمش بکر کي سنڌ جو تخت گاهه مقرر ڪيو. بکر جي فوجي قلعي جي اهميت تاريخ جي هر دور۾ رهي آهي. اهو واحد قلعو آهي جيڪو اڄ به محفوظ ۽ فوجي استعمال ۾ آهي. بکر قلعي سنڌ جا عروج ۽ زوال ڏٺا آهن ۽ فوجي مورچو رهيو آهي. نورالدين محمود التمش جي دور۾ به بکر سندس صدر مقام هو ۽ بکر جو گورنر لاڙ تائين نگراني ڪندو هو. جلال الدين خلجي جي قبضي بعد سندس پاران مقرر ڪيل گورنر نصرت خان بکر ۾ رهندو هو. بکر واري قلعي مان بولان لڪ ۽ موله لڪ جي نگراني به ٿيندي هئي. ڄام نندي جي دور ۾ قاضي قادن بکر جو نائب مقرر هو. قاضي قادن سنڌ جو وڏو برک شاعر ٿي گذريو آهي. شاھ بيگ ارغون بکر واري قلعي جي مرمت لاءِ اروڙ جي قلعي ۽ عمارتن مان سِرون ڪڍي استعمال ڪيون. ۽ نوان دروازا هڻايا. هڪ دروازو ڏکڻ طرف ۽ ٻيو اتر طرف هو. اوڀر ۽ ڏکڻ برج تعمير ڪرايائين. جنهن تان ڏوهارين کي هيٺ ڪرايو ويندو هو. ان برج کي جوٽي برج چيو ويندو هو قلعي اندر باغ به هئا. همايون شير شاهه سوري کان شڪست کائي بکر قلعي کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيو. مغل دور ۾ سنڌ بکر ۽ ٺٽه سرڪار ۾ ورهايل هئي. داراشڪوھ شاھ جھان جي ڊپ کان بکر اچي رهيو هو. مغلن جي دور ۾ بکر کي وڏي اهميت حاصل هئي. انگريزن جي دور ۾ به سکر بجاءِ بکر هو. هتي جا ماڻهو پاڻ کي بکري چورائڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪندا هئا. اڪبر جي زماني ۾ بکر ۾ ضرب خانو هو جنهن ۾ ٽامي جا دام ۽ چاندي جا چئو ڪنڊا ٺهندا هئا. اهي پئسن طور هلندا هئا. اورنگزيب جي ڏينهن تائين دام سڪو رائج هو. انهن سڪن تي اڪبري الاهي سال ۽ مهينا ڏنل هئا. اورنگزيب جي زماني ۾ ٽامي جا سڪا تيار ٿيڻ شروع ٿيا.

    سکر
    سکر شهر سنڌو جي ساڄي ڪپ تي مشهور شهر آهي. ويدن مطابق سنڌ چئن حصن ۾ ورهايل آهي.
    1) اڌيجا (اتر) (2) رمڌيا ديش (وچولو) (3) نيچيا (لاڙ) 4) پراچيا (ٿر)
    سکر سري (اتر) ۾ مهراڻ جي ڪپ تي مکيه بندر آهي. موجوده وقت ۾ ڪراچي، حيدرآباد کانپوءِ سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر سکر آهي. سکر جابلو ۽ ميداني حصي تي ورهايل آهي. ٽڪرين واري پاسي سرڪاري آفيسون قائم ٿيل آهن. ۽ شهر آهي. سکر جي نانءُ بابت به ٽي رايا آهن.
    1) جڏهن محمد بن قاسم هت پهتو ته هتي جي گرم آبهوا ڪري سقر چيائين ، اهو عربي ٻولي جو اکر آھي ۽ سقر دوزخ جي درجن مان هڪ درجو آهي. سکر ۾ گرمي انتها درجي جي ٿئي ٿي. جولاءِ ۽ آگسٽ جي گرمي ته برداشت کان مٿي هوندي آهي. ۽ اهو سقر لفظ بدلجي سکر ٿي ويو
    2) محمد بن قاسم لفظ شڪر چيو جيڪو بعد ۾ سکر ٿي ويو. هن راءِ مطابق ته هتي ڪمند گهڻو ٿيندو آهي. ڪمند مان اڳي چيچڙن وسيلي ڳاڙهي کنڊ ٺهندي هئي جنهن کي شڪر چون ٿا. سکر لفظ ان شڪر جي بگڙيل شڪل آهي.

    3) "سکر سي ئي ڏينهن جي مون گھاريا بند ۾"
    هن شعر ۾ سکر سٺو، چڱو، ۽ ڀلو جي معني ۾ استعمال ٿيو آهي. هن حساب سان سکر نج سنڌي لفظ آهي. سکر محمد بن قاسم فتح ڪيو. جڏهن عمران برمڪي سنڌ جو والي ٿيو تڏهن هن سنڌو تي سکر وٽ سڪ المير نالي سان بند ٻڌرايو. محمود غزنوي به هن ماڳ تي قابض ٿيو. اروڙ جي ويراني بعد جيڪي هندستاني مال بردار قافلا اروڙ ايندا هئا اهي سکر ۾ اچڻ لڳا. سکر جا وچ ايشياء جي ملڪن سان واپاري لاڳاپا هئا. 1747ع ۾ نادر شاه قزلباش هتي قتل ٿيو ۽ افغانستان خراسان ۽ مهراڻ جي اولهندي وارا پرڳڻا احمد شاھ دراني جي هٿ چڙهي ويا، جنهن ميان نور محمد خان ڪلهوڙي کي شاھ نواز جو خطاب ڏنو. ميان قنڌار ۾ ڍل پهچائڻ ۾ دير ڪئي، جنهن ڪري احمد شاھ دراني سکر پهتو ۽ ٻيڙين جي پل ٺاهي دريا پار ڪري روهڙي ۾ داخل ٿيو. ميان سندس خوف کان روهڙي ڀڃي ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. کيس موري تعلقي جي احمد ڳوٺ ۾ دفنايو ويو. احمد شاھ دراني سندس وڏي پٽ مراد ياب ڪلهوڙي سربلند جو خطاب ڏنو پر ان ۾ وري حڪومت هلائڻ جي اهليت ڪونه هئي. جنهنڪري اميرن گڏيل فيصلو ڪري ميان غلام شاھ ڪلهوڙي کي تخت تي ويهاريو. سکر جي جامع مسجدن ۾ شاگردن کي عربي ۽ قرآن جي تعليم ڏني ويندي هئي. هندو مسلمان گڏ پڙهندا هئا. هندو ۽ مسلمان سادگي سان زندگي گذاريندا هئا عيدون ۽ هوليون گڏجي ملهائيندا هئا. هي شهر باغن ڪري مشهور هو. هتي جا ڇوهارا مسقط تائين مشهور هئا. ميوات جام ٿيندي هئي. ڪڪڙ جي قيمت 6 پايون ۽ رد جي قيمت هڪ شلنگ هئي. انگريزن جي سنڌ تي قبضو ڪرڻ بعد نئين سکر جو بنياد پيو. ٽڪري تي مسلمانن جون قبرون مسمار ڪري سرڪاري عمارتون ۽ آفيسون ٺاهيون ويون. سکر ۾ انگريزن فوجي ڇانوڻي به ٺاهي. انگريز دور ۾ سکر ۾ سنڌو تي ايشيا جي اهم پل، انجينئرنگ جو شاهڪار لئنس ڊائون پل ٺاهي وئي. لئنس ڊائون پل 1888ع ۾ ٺهي ۽ 27 مارچ 1889ع ۾ ٽريفڪ لاءِ کولي وئي. 1923ع ۾ سنڌو تي سکر بئراج جي اڏاوت شروع ڪئي وئي. 1932ع ۾ سنڌو تي پهرين بئراج سکر بئراج جو افتتاح ڪيو ويو. بئراج جي ڊزائين ۽ رٿابندي انجنيئر آرنلڊ مسٽو جي هئي. ۽ حڪومت کي رٿا ڊوئلس ڏني هئي. سکر پتڻ، مسجد منزل گاهه، ساڌ ٻيلو، معصوم شاھ جو منارو، آدم شاه جو مقبرو خواجه خضر جو آستانو، شکر جا مشهور ماڳ آهن. هتي ڪپڙي جا ڪارخانا به آهن ۽ هتي جي ڇوهارا منڊي مشهور ۽ اڄ به هن شهر جي سونهن آهي. دريا جي ٻنهي ڪنارن تي شهر آباد آهي. هن وقت روهڙي، اروڙ، بکر ۽ سکر کي ساڳئي ماڳ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. پر تاريخ ۾ هنن کي ڌار ڌار شهر ۽ ماڳ لکيو ويو آهي. هن وقت روهڙي، اروڙ، بکر ۽ سکر شهرن جي آبادي پاڻ ۾ گڏيل آهي. سندن اوڀر طرف وارو حصو ڄڻ کنڊر بڻيل آهي .


    پاڻي جي پوڄا

    سنڌوءُ جي پٽن تي گنڌارا، سويرا يا ساورا ۽ موئن جي دڙي جي تهذيب پروان چڙهي. سنڌو ۾ ايندڙ لٽ سبب جتي پٽن جو وجود عمل ۾ آيو. اتي هن دريا جي ڪنارن تي ڪچي جي ٻيلي سبب جهنگلي جيوت ۽ پاڻي جي جيوت ٻهلڻ مڇي کان وٺي پلي ۽ ٻين مڇين، پکين، جيتن ۽ جانورن جي نسل پروان چڙهي. سنڌو جي پوتر پاڻي جي پوڄا ٿيندي هئي ۽ ٿئي ٿي. نه رڳو اهو پر هن دريا ۾ جهاز راني به ٿيندي هئي. ڪش گهراڻي کان وٺي ميرن تائين هن دريا تي ڪو به ڊيم، بئراج ۽ بند نه هو. دريا بادشاھ جتان آر ڪندو هو اتان (پار ڪندو هو) پيو رخ تبديل ڪندو هو. انهن رخن ڪري هڪ ته ٻيٽ ٽهڻ ۽ ٻيو ٻوڏن ۽ زلزلن جا معاملا ٿيا. جنهن ڪري انگريزن جي ايام ڪاري ۾ ماهر انگريز انجينئرن اچي سنڌو تي جديد آبپاشي نظام جوڙيو ۽ دريا کي بند ڏياريو ويو. آبڪلاڻي جي مند ۾ اڳوڻن زمانن ۾ پاڻي هنڌان هنڌان ڇرون ٺاهي کڏون ۽ ڍنڍون ٺاهيندو هو پر بندن بعد دريا قابو ٿي ويو. بند باوجود 2010ع دوران آيل مها ٻوڏ ۾ سنڌو ۾ ٻن هنڌان گهارا هڻي اڌ سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو هو ۽ وڏي اقتصادي تباهي آئي هئي. سوين شهر، هزارين ڳوٺ ۽ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچي لڙهي تباھ برباد ٿي ويا هئا. سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور تائين آبادي لاءِ واهن ۽ شاخن جو نظام موجود نه هو. ميرن سندن دور ۾ سنڌو تي ننڍا ننڍا بند ڏيڻ ۽ واھ کوٽرائڻ وارو عمل شروع ڪيو. پر سموري سنڌ ۾ ميرن جي دور دوران واھ کوٽجي ڪونه سگهيا. سنڌ تي 1843ع ۾ انگريز قابض ٿيا. جن سنڌ ۾ ڪئنال ڊپارٽمينٽ قائم ڪئي. جنهن کي 1849ع ۾ ختم ڪيو ويو ۽ 1851ع ۾ ٻيهر هن کاتي کي فعال ڪيو ويو.


    باڊھ

    لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ڏوڪريءَ جو مشهور شهر باڊھ سنڌ جو هڪ قديم شهر آهي. هي شهر سنڌ ۾ خاص ڪري چانورن جي خريداريءَ جو مشهور مرڪز آهي. هتي هر سال شعبان جي مهيني ۾ پير تقي شاهه جيلانيءَ جو ميلو لڳندو آهي، جنهن ڪري شهر جي ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيندو آهي. ڪلهوڙن جي حاڪميت ۾ باڊھ کي سرڪاري منزل گاهه جي حيثيت حاصل هئي. مقامي ماڻهن کان مليل ڄاڻ موجب ميان گاجيءَ جو مرڪز پڻ باڊھ جو شهر هو. اُن وقت باڊھ شهر ماڻهن جي نقل وحرڪت ۽ اچ وڃ جو خاص ذريعو هو. هي سنڌ جو قديم شهر آهي جنهن جي قدامت جو شاهد آڍاٽ جو دڙو آهي. هي ماڳ 270.190 اتر ويڪرائي ڦاڪ 100.68 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ، باڊھ شھر کان ڏکڻ اولهه ھڪ ڪلوميٽر ضلعي لاڙڪاڻي، ميھڙ- باڊهه رستي تي آهي. ھڙاپا دور جو هي ماڳ دڙي جي صورت ۾ آھي. مسٽر ڊڪشٽ 1925ع ۽ مسٽر مجمدار 1927/28ع ۾ کوٽائي ڪئي. ھتان اڏاوتن جا نشان ڪونه مليا آھن. ڪي وٿون مليون آھن، جئين عقيق جا مڻڪا، ٺڪراٺو، ٺڪر تي ڪتي جي تصوير . ھي ماڳ ھڙاپا دور جو ليکجي ٿو. ھي دڙو 200 فوٽ اوچو آھي. ٺڪر چٽيل مليو آھي. ٽامي جي تار ۽ آر، ٺڪر جون چوڙيون ۽ ٺڪر جون مورتيون ملن ٿيون. ليکڪ انور فگار هڪڙو سندس ڪتاب "سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ" ۾ لکي ٿو ته "هي راجا ڪنشڪ جي دور جو شهر آهي. ۽ اڳيان هلي انور فگار هڪڙو لکي ٿو ته مشهور مسلمان مورخ ۽ سياح البيروني ۽ ابن بطوطه به هن شھر جا حوالا سندن لکتن ۾ ڏنا آهن. 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ به هتي انگريز اچي چڪا هئا. مشهور انگريز ليکڪ ايسٽوڪ سندس ڪتاب" ڊراءِ ليوز فرام ينگ ايجپٽ" ۾ لکي ٿو اسين 2 جولاءِ تي باڊھ کان ٿرڙي پهتاسين. باڊھ ۾ انگريز دور ۾ هڪ منزل گاہ به قائم ڪئي وئي. هتي انگريزن جي ڇانوڻي به هئي. اها منزل گاھ قديمي قبرستان کان الهندي مسجد ڪئنال جي ڪپ تي هئي. 1881ع ۾ هتي انگريز سرڪار طرفان ريلوي اسٽيشن قائم ڪيو ويو. هتي انگريز دور ۾ ئي 1885ع ۾ پهريون سرڪاري پرائمري اسڪول کوليو ويو. 1915ع ۾ هتي پوليس ٿاڻو قائم ٿيو. 1920ع ڌاري باڊھ ۾ ڪئي هندو ڪٽنب اَڏي جاگير تعلقي وارھ کان اچي آباد ٿيا.
    باڊھ جي ڀرپاسي خاص ڪري اڀرندي طرف ڳوٺ دڙا، ننڍي وهڻي، وڏي وهڻي، ڀيڄا ۽ گابر مسڻ صدين کان آباد آهن انهن جي نالن مان ئي لڳي ٿو ته انهن ڳوٺن دريائي وهڪرن ڪري جنم ورتو. آڳاٽي زماني ۾ ڌامراھ واھ جيڪو سنڌو جو هڪ چاڙهي واري ڇوڙ وٽان وهندو هو.


    ناچڻي خاموش ٿي وئي

    هڪڙو دڙو جتي قبل مسيح ۾ پنج هزار سال اڳ سنڌو جي ڪناري هڪڙو شاندار شهر اڏيو ويو هو، جنهن جي پلاننگ کي ڏسي اڄ جا ماهرين به دنگ رهجي ٿا وڃن۔ جتي سِرون ٺاهڻ جو ڪاروبار صنعت جو درجو حاصل ڪري چڪو هو ۽ جنهن جي سِر جي ماپ ۽ ڪارب ساڳيو آهي۔ جڏهن 1922ع ۾ هن شهر جي مٿاڇري جي کوٽائي ٿي ته هي شهر سنڌو تهذيب جو اهڙو شاهڪار بڻجي سامهون آيو جنهن تي ان وقت سارو هندستان فخر ڪرڻ لڳو هو۔ هي شهر اڄ جي شهرن کان وڌيڪ صاف سٿرو هو ۔ جڏهن اڃان رگويد به نه لکي وئي هئي تڏهن هتي هڪ سلطنت قائم هئي جنهن ۾ ڪشادا گهر، هر گهر ۾ غسل خانو، خراب پاڻي جي نيڪالي جو بندوبست ٿيل هو۔ هتي سماجي گڏجاڻي لاءِ هڪ وڏو هال به هو۔ آرين کان اڳ واري دور جي وضاحت ڪندي چيف آرڪيالاجسٽ سر جان مارشل 1931ع ۾ لکيو “ان وقت جڏهن اڃان آرين جو ڪنهن به نالو نه ٻڌو هو تنهن وقت سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ اهڙي تهذيب پنهنجي عروج تي هئي۔ جيڪا نج سندن پنهنجي هئي۔ سنڌو جي تهذيب ڪٿان ٻاهر کان نه آئي هئي”سنڌو جا شهر نيم صنعتي هئا ۽ اتي جا ماڻهو مٽي مان برتن ٺاهي وڪرو ڪرڻ ڄاڻندا هئا۔ پٿر جا تورا ۽ ٽامي جا موتي به ٺاهي سگهندا هئا۔ سندن ميسوپوٽيما سان واپار هلندو هو۔ درياءُ جو پاڻي زراعت لاءِ استعمال ڪري اناج، ڪپھه ، ۽ ٻيا فصل اپائيندا هئا، افغانستان مان پٿر آڻي گهڙي وڪڻندا هئا، سمنڊ مان ڪوڏي، ڪشمير مان صندل جو ڪاٺ ايندو هو ۽ مڇي به جام ٿيندي هئي۔ هنن مصرين وانگر احرام نه جوڙيا ۽ نه وري عبادتگاهون ٺاهيون۔ هنن جي اڏاوت شهري معاشري جي تصوير هئي۔ پنڊت جواهر لعل نهرو پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي “موئن جي دڙي جي پنج هزار سال پراڻي تهذيب مونکي نئين روشني ڏني آهي” اهو جملو جواهر لعل نهرو موئن جو دڙو ڏسڻ بعد انگريز جي قيد دوران لکيو هو۔ موئن جي دڙي جي کوٽائي مان اهڙيون مهرون به هٿ آيون آهن جن تي ٻيڙيون ۽ ٻيون شيون اڪريل آهن۔ هڪ ناچڻي جو مجسمو به مليو آهي۔ هتي اناج لاءِ ٺهيل گودام ته مليا آهن پر ڪو هٿيار يا زيور نه مليو آهي۔ آئون ڪيترا ئي ڀيرا موئن جي دڙي ويو آهيان، دڙو خاموش، گھر ۽ گهٽيون خاموش، ناچڻي جو مجسمو خاموش، قضا خاموش ۔ آئون ڏينهن جو به موئن جي دڙي ويس ته رات جو به ڪئي ڀيرا ويس، اها ناچڻي پنج هزار سالن کان خاموش آهي ۔ رات جا نيڻ به هتي اداس هوندا آهن۔ پاڇولا خاموش۔ مونکي هڪ ڀيري هتي آرڪيالاجي کاتي طرفان مقرر ٿيل چوڪيدار ٻڌايو ته سائين مون پنهنجي عمر ۽ نوڪري دوران هتي ڪا ناچڻي نچندي نه ڏٺي آهي۔ ڏسندڙ اکين سان موئن جي دڙي جون خاموش ديوارون ڳالهائين ٿيون۔ دنيا جا سمورا ماهر لسانيات موئن جي دڙي واري سنڌ جي ٻولي جي صورتخطي پڙهي نه سگهيا آهن۔ هتي پاڻي جي پوڄا به ٿيندي هئي ۽ دنيا جا واپاري اچي واپار ڪندا هئا، هتي رنگ رنگ جا واپاري ايندا هئا۔ ٻيڙيائتا ۽ سندن ونيون خوشي جا گيت پتڻ تي ڳائينديون هيون۔ هي تهذيب جو ماڳ ڪيئن تباھ ٿيو؟ ان بابت اڃان تائين ماهر ڪا به حتمي راءِ جوڙي نه سگهيا آهن۔ هٿان لاش به تمام ٿورا هٿ آيا آهن۔


    سيوهڻ ۽ اڙل واھ

    اليگزينڊر برنس لکي ٿو ته "اسين جڏهن سيوهڻ پهتاسين ته سنڌي ٻيڙائتن ڳيت ڳايا. سنڌ جا ٻيڙائتا موسيقي سان چاھ رکندا آهن." سيوهڻ جو شهر سنڌو کان ٻه ميل پريان هڪ ڍنڍ جي ڪناري تي آهي. سنڌو جي ڇاڙھ اڙل جيڪا لاڙڪاڻي مان نڪري ٿي اها سيوهڻ ڀرسان وهي ٿي. هن کي سيوستان پڻ سڏيو ويندو آهي. هي تمام قديم شهر آهي. هتي پراڻيون مسجدون ۽ مزار آهن. مغل دور ۾ هن شهر ۾ گورنر جي رهائش هئي. هي شهر لڪي جبل ڀرسان آهي. هي شهر راجا سامبس جي نالي سان به تاريخ ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سيوهڻ کي خراسان مان اچي هتي پڪو آباد ٿي ويل بزرگ حضرت عثمان مروندي جي ڪري وڏي مڃتا مليل آهي. سندس جي ڪرامتن جو ڪو انت ڪونهي. ٻيڙائتا هتي باسون باسي ڳيت ڳائي، دهل جي آواز تي ڌمالون هڻي سندس سلامي ڀرين ٿا. هتي نغارا وڄائي سندس عظمتن جا ڳيت ڳايا وڃن ٿا. اهي نغارا دهلي جي بادشاھ علاء الدين خلجي هتي ڏنا. افغانستان ۽ هندستان جا بادشاھ هن درگاھ سان وڏي عقيدت رکندا هئا. سيوهڻ جو قلعو 60 فٽ اوچي دڙي تي ٺهيل آهي. مغل حاڪم همايون وڏي جاکوڙ باوجود هي قلعو فتح ڪونه ڪري سگهيو. سندس پٽ اڪبر جي زماني ۾ به سيوهڻ تي حملو ڪيو ويو اڪبر جي فوج ست مهينا قلعي جو معاصرو ڪيو ۽ فتح حاصل ٿيڻ کان بعد قلعي کي ڊاهي پٽ ڪيو. سيوهڻ کي اهميت ان ڪري به حاصل آهي ته هي اتر ۽ لاڙ جي بلڪل وچ۾ واقع آهي. ان ڪري هر حملي آور جي نظر سيوهڻ تي هوندي هئي. تاريخ فرشته مان معلوم ٿئي ٿو ته تاتارين جڏهن 697ھ ۾ دهلي جي غياث الدين جي دؤر ۾ سنڌ تي ڪاھ ڪئي هئي تن به پهريان سيوهڻ تي حملو ڪيو هو. شاھ بيگ ارغون ۽ ڄام فيروز جي وچ۾ به پهرين ۽ آخري جنگ سيوهڻ ۾ وڙهي وئي. ڪلهوڙن خدا آباد کي تخت گاھ بڻايو ۽ ان کانپوءِ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جنهن کي ميرن قائم رکيو.
    انگريزن کان اڳ ئي ڪراچي کي اهميت ملڻ لڳي جنهن ڪري سيوهڻ جي ماضي واري اهميت نه رهي. هنن جون تقاضائون ۽ ترجيحون تبديل ٿي ويون. سيوهڻ سنڌ جي اهڙن قديم شهرن مان هڪ آهي جن ۾ ماڻهو قديم دور کان رهندا پيا اچن. چچ نامي ۾ به سيوهڻ جو ذڪر سيوستان جي نالي سان آهي. اوائلي سنڌ ۾ رڳو الهندو جابلو ڀاڱو وسيل هو. ان وقت جي ماڻهن جي سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ کان لاڙڪاڻي وارو علائقو هو. پٿر جي زماني ۾ به سيوهڻ آباد هو. قديم آثارن جي محقق سر جان مارشل پنهنجي ڪتاب "موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا" ۾ لکي ٿو ته "حجري زماني جا رهاڪو دراوڙ هئا جن جي تهذيب جو مرڪز موهن جو دڙو، سيوهڻ وارا لڪي جبل ۽ روهڙي وارا جبل هئا. لڪي جون چشمن واريون قبرون ۽ جهانگارا ڀرسان نئين کي ڏنل بند دراوڙ تهذيب يا نئين حجري زماني جا يادگار آهن. قديم زماني ۾ الهندي ناري جي هن ڀاڱي جا ماڻهو غارن ۾ رهندا هئا. سيوهڻ، لڪي ۽ آسپاس قديم دور جون قبرون اڄ به موجود آهن ۽ اهي قبرون اسلامي دور کان به اڳ جون آهن. تڏهن هندو ماڻهو پنهنجا مڙدا ساڙيندا ڪونه هئا. سيوهڻ واري تڪ مان ٻيو ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊيو ويو آهي، هن وقت سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جو پيءَ سيد عبدالله شاهه هن تڪ مان پهريون وڏو وزير چونڊيو ويو هو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ ڪيترا ڏاها ۽ اديب سيوهڻ جي ڌرتي تي پيدا ٿيا. سيوهڻ مان مي رقصم جي صدا به گونجندڙ آهي. هتي قلندري ڌمال ۾ ڪو متڀيد نٿو رهي. ڌمال دوران ڀڳوان شو جا پوڄاري ۽ قلندر جا پرستار هڪ لڙي ۾ پوئجو وڃن ٿا. قلندر جي مزار تي دهشتگردن آپگهاتي ڌماڪو به ڪيو جنهن ۾ قلندر جا ڪئي پانڌيئڙا شهيد ٿي ويا پر دهشتگرد مي رقصم جي صدا کي روڪي نه سگهيا ۽ قلندر تي وري ٻي سال انهي تاريخ وڏي ڌمال لڳي.
    عثمان مروندي لعل شهباز قلندر جي درگاھ جي احاطي ۾ جڏهن ڌمال دوران علي علي جا نعرا گونجن ٿا ته انسانيت تي ويساھ پختو ٿيو وڃي. سوچ جو دائرو کٽيو وڃي پر قلندري ڌمال جو دائرو نٿو کٽي. هتي ميڪاولي طرز عمل مات کائيندو نظر اچي ٿو.


    آمري

    آمري ضلعي دادو ۾ سنڌو جي ساڄي ڪپ تي موهن جي دڙي کان اٽڪل سو ميل مٿي ساڳئي ڪپ تي آهي. آمري جي کوٽائي سڀ کان پهريون آرڪيالاجي ماهر مجمدار 1929ع ۾ ڪرائي. ان ئي کوٽائي دوران مجمدار مليريا جو شڪار ٿيو ۽ کوٽائي اڌ ۾ ڇڏي هن جهان مان هميشه لاءِ هليو ويو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ فرانس جي آرڪيالاجي ماهرن پاڪستاني آثار قديمه کاتي جي تعاون سان 1959ع کان 1962ع تائين کوٽايون ڪيون. اوڀر واري دڙي مان ٽي رھائشي تهه کوٽيا. مٿئين تهه مان اسلامي خاص طور تي مغل دور جا آثار مليا آھن. ھن دور جون اڏاوتون گھڻو ڪري ڪچين سرن جون آھن، پر پڪيون سرون به مليون آھن. ٻئي تھ مان ٽئين سھيسر ق- م جا آثار ملن ٿا. مٿان مليل ٺڪراٺي کي جھڪر ۽ چانھون جي ٺڪراٺي سان ڀيٽي سگھجي ٿو. ٽئين تهه مان ساماڻل سنڌو سڀيتا جي وٿن جھڙيون وٿون مليون آھن. ھنن آثارن سان گڏ پڪين سرن جو ھڪ خانو مليو آھي. جيڪو کوري طور ڪم آندل ٿي ڏٺو. ھن کان ھيٺ جيڪي شيون مليون آھن، تن کي آمري ثقافت سان لاڳاپيل سمجھجي ٿو. آمري دور جو ٺڪراٺو گھڻو ڪري چڪ تي لٿل آھي. پر ڪجهه ھٿ سان ٺھيل ڪڍنگو ٺڪراٺو به ملي ٿو. ڪوري زمين جي مٿان موجود ثقافتي ڪٽي کي ڇڏي، باقي مڙني تهن ۾ اڏاوت جا آثار ملن ٿا. ھتي اھڙيون اڏاوتون به مليون آھن، جيڪي چوڌاري بند آھن. نه در نه دري. ھي شڪل ۾ چورس آھن. ھنن ڪوٺين ۾ ھڪ ٿلھي ۽ کھري نادي رکيل ھئي، جنھن جي تري ۾ رک، جيڪا ڄمي سيمنٽ ٿي وئي هئي سا پيل ھئي. ناديون گھڻو ڪري ڀڳل ھيون. ان مان سمجھجي ٿو ته شايد ڪي ساميون ھيون جن جي نادين ۾ رکيل ھاٺي ھوندي. ٻئي تهه مان ملندڙ ٺڪراٺو ڳاڙھي رنگ جو آهي جنھن تي ڪاري تي ڳاڙھا پٽا آھن. اھو مشھور سنڌوءَ وارو ٺڪر آھي. ان کان سواءِ سنھي ڀت سان، ننڍي ڳچيءَ واري ٿانون جو ٺڪر، ڳاڙھسري ناسي پٽن سان، اندران چاڪليٽي ليڪون نڪتل ٿانون وارو ٺڪر ملي ٿو. دنيا ۾ “آمري ٺڪر” کي الڳ سڃاڻپ آھي. ھن قسم جو ٺڪر بلوچستان جي به ڪيترن ماڳن تي مليو آھي. ميٽوڙي رنگ (pale) جو ٺڪر جنھن تي مختلف نموني جا چٽ نڪتل ھجن سو آمري ٺڪر طور سڃاپجي ٿو. ھي ٺڪر چڪ تي لٿل آھي. (ھي ڄاڻ انسڪالوپيڊيا سنڌيانا ۽ سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ تان کنئي وئي آهي)


    سنڌو ۾ مڇيون ۽ واڳون

    هڪڙا جانور خشڪي وارا سڏجن ٿا ٻيا پاڻي وارا، پاڻي واري جانورن جو رشتو پاڻي سان جڙيل آهي. اهي پيدا به پاڻي ۾ ٿين، رهن به پاڻي ۾، کائن به اتي، ته مرن به اتي، جئين به اتي ٿا. سندن ڪل ڪائنات پاڻي سان آهي. پاڻي واري جانورن ۾ هڪڙا کاري پاڻي ۾ پيدا ٿين ٻيا مٺي پاڻي ۾. سنڌو ۾ مڇين جا انيڪ قسم جنم وٺي پلجن ٿا. جن جا گهڻا ئي قسم ۽ نالا آهن. جن مان ڪجهه مشهور نالا هي آهن (1) ڪرڙو (2) موراکو (3) ٿيري (4)سينگاري (5) ڄرڪو (6) ڏاهي (7) پوپري (8)ديو (9) منڍي (10) بوهڻ (11) رڙو (12) کڳو (13) ڦاٻڻو (14) ڪنگ (15) لوڙھ (16) گندڻ (17) پلو (18) ٻلهڻ
    اسان جي لوڪ گيتن ۾ "گندڻ گندي مان ڪتو کڻي ويو" يا وري جديد گيت "حسينا پوپري آ، دمادم ڇوڪري آ" مشهور آهن. مڇي سنڌ جي لوڪ ورثي جو حصو آهي، پلو ۽ ٻلهڻ به وڏي اهميت رکن ٿا هن جي به الاهي ساراهه ڪئي وئي آهي. سنڌو ۾ هزارين سالن کان انڌي ٻلهڻ مڇي رهي ٿي ۽ پيدا ٿئي ٿي. جنهن جو نالو ئي" انڊس ڊولفنIndus Dolfin" پئجي ويو آهي. جنهن سڄي دنيا ۾ شهرت ماڻي آهي. کيس اکيون ته آهن پر انڌي ٿي چڪي آهي ڇو ته لڙاٽيل پاڻي ۾ اکين جو استعمال بيڪار آهي. هي مڇي ماري ۽ کاڌي ڪونه تي وڃي. پلو مڇي کاري جي ساحل تي جنم وٺي مٺي پاڻي ۾ اچي ٿي. سنڌ ۾ هڪڙي ڪهاڻي خواجه خضر ۽ اڏيرو لعل بابت مسلم ۽ هندو فڪرن ذريعي جدا جدا ملي ٿي. ان بابت جيڪي ٻئي رايا آهن تن مان(1) خواجه خضر جو آستانو ، سکر وٽان اوڀر کان اولھه وهندڙ سنڌو جي پيٽ ۾ پهريون ننڍڙو ٻيٽ هو، جيڪو هڪ ايڪڙ جي ايراضي تي مشتمل هو. مسلمان هن کي خواجه خضر سان منسوب ڪن ٿا جيڪو اسلامي ڏندڪٿا ۾ پاڻي سان لاڳاپيل هڪ مقدس هستي آهي. خواجه خضر مسافرن کي دڳ لاهي ٿو ۽ ٻُڏندڙن جي مدد ڪري ٿو. هندو ان کي جندا پير (زنده پير) جهنڊو پير، درياءُ شاھ ۽ اڏيرو لعل ڪري سڏين ٿا. جيڪو درياءُ پنٿين جو مکيه ديوتا آهي. اڏيرو لعل جي درياءُ پنٿي اڄ به گهوڙا ٻاري لڳ اڏيرو لعل، ور غلام الله، ٺٽه، اڏيرو لعل اسٽيشن، ۽ سکر ۾ عقيدت سان پوڄا ڪن ٿا. انهن وٽ مڇي جي وڏي اهميت آهي.
    سنڌ ۾ پلي بابت چيو وڃي ٿو ته پلو خواجه خضر جي آستان کان مٿي درياءَ ۾ نه ويندو ۽ واپس اُبتو اچي ويندو. خواجه خضر کي پٺ نٿو ڏي ۽ اڏيرو لعل جي سواري بابت چيو وڃي ٿو ته درياءُ پنٿين جي ديوتا جي سواري پلو آهي. پلو ذائقي ۾ ڏاڍو لذيذ آهي. جنهن ڪري ڪئي ماڻهو پلو مڇي شوق سان کائيندا آهن. مڇين جا ٻيا به ڪئي قسم سنڌو ۾ پيدا ٿين ٿا. هاڻي ته گراس، گلفام، چٽي منڍي، فارمن ۾ هٿرادو طريقي سان به پيدا ڪئي پئي وڃي.

    واڳون
    سڪندر اعظم جڏهن سندس اکين سان سنڌو ۾ واڳون ڏٺو ته کيس پڪ ٿي وئي ته سنڌو جو نيل درياءُ سان ڪو نه ڪو لاڳاپو آهي. واڳون سنڌو ۾ قديم زماني کان اڄ تائين موجود رهيو آهي. هندو ڏند ڪٿائن ۾ واڳون کي مقدس سمجهي سندس پوڄا ڪئي وڃي ٿي.


    سنڌو ڪپھه ۽ آڏاڻا

    موئن جو دڙو جهڙا شهر اڏيندڙ سنڌي ڦٽي جي پوک جا به ماهر هئا.سنڌو جي ڪٺار تي موئن جو دڙو واري تهذيبي اڏاوت جهڙا شهر اڏيندڙ ان وقت جا سنڌي ماڻهو شهرن سميت زراعت ۾ ڦٽي جي پوک جا به ماهر هئا ته انهن ٻيڙا ٺاهڻ ۾ به مهارت حاصل ڪري ورتي هئي. قبل مسيح ۾ جڏهن هتي سڪندر مقدوني حملو ڪيو ، تڏهن هتي چاندي وانگر جهرنڪندڙ ڦٽي جي پوک ڏٺي هئي. موئن جي دڙي جي اجرڪ ۽ ململ جهڙو ڪپڙو هتي سنڌ ۾ آڏاڻن تي ٺهندو هو. سنڌ ۾ هي چوڻي به مشهور آهي "نار نصر پور نرت نورائي ۽ ڦٽي جوڻ جي" سموري سنڌ ۾ ڦٽي ووڻن ۾ ٿيندي هئي ۽ ان جو ڪپڙو ملڪان ملڪ مشهور هو. ڏيهي واپاري هتان جو ڪپڙو وڪڻين ناڻو ڪمائيندا هئا. ٺٽو، نصر پور، سيوهڻ، اروڙ، اگهاماڻو، ڪاهو، برھمڻ آباد ۾ موئن جي دڙي جي ويران ٿيڻ بعد ڪوري آڏاڻن تي ڪپڙو ٺاهيندا هئا. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آڏاڻن تي ناريون به پورهيو ڪنديون هيون. جيڪڏهن ڪا عورت ڪپڙو نه ٺاهيندي هئي يا وڏي عمر جي ٿي ويندي هئي ۽ ڪپڙو ٺاهڻ جي ويجهو ڪونه ويندي هئي ته اها پنهنجي سرتين ۾ مانائتي ڪونه ليکبي هئي. اهڙين عورتن تي هڪ جيڏيون ٺٺول ڪنديون هيون. اهڙي حالتن جي نشاندهي سنڌ ۽ سڄي دنيا جي وڏي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي هڪ بيت ۾ هئين ڪئي آهي

    سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن
    ارٽ اوڏي نه ٿئين، ڀوري! ڀوري سيئن
    ڪنڌ کڻنديين ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.

    اڳي جي تور ٿيندي هئي جنهن بابت به شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي بيت ۾ هئين گواهي ڏئي ٿو

    تاڃي توريائون ته عيب نڪري آيا،
    ڪوٺي ڪاپائيتن کي پر ۾ پڇيائون،
    اگلڙي آئون مون ڀڙا ڀڳا نه ٿيا.

    جيڪڏهن ڪپڙي ۾ ڪو عيب سامهون ايندو هو ته ڪوري معني ڪپڙو اڻندڙن کي گڏ ويهاري انهن سان ميٽنگ ڪري کائن پڇا ڪئي ويندي هئي. ته عيب ڪئين ٿيو آهي. سنڌ جي سمورن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪپڙو ٺاهڻ لاءِ آڏاڻا هوندا هئا. جتي ڪتيندڙ کي ڪاتيار، ڪاتاريون ۽ ڪلتار به چيو ويندو هو. ۽ ڪپڙو ٺاهيندڙ کي ڪوري چيو ويندو هو. سنڌ ۾ ڪافي ذاتيون ڌنڌن جي حساب سان پڻ وجود ۾ آيون. جئين موچي، واڍا، ڪوري، سونارا، وغيره. اڳي سنڌ ۾ ڦٽي جا ووئنڻ ھوندا ھئا. ھن وقت به ووئنڻ جي پوکائي جو زون آهي. آڏاڻن جي جاءِ ٽيڪسٽائيل ملن ورتي آهي ۽ ڦٽي جو ڪاروبار ڪاٽن فيڪٽرين ۽ ننڍن شهرن ۾ پيڊين ذريعي ٿئي پيو. ڦٽي سبب جهڏو کي جهڏو گودام به چئبو آهي. هن وقت واپار جديد ٽرانسپورٽ ذريعي ٿئي ٿو. قديم سنڌ ۾ ڪپڙو ٺاهڻ، تور ڪرڻ، ۽ واپار ڪرڻ جا جيڪي طريقا هئا. سي سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور دوران زوال پذير ٿي ويا. جنهن ڪري ڪلهوڙا دور ۾ پيدا ٿيندڙ سنڌ جي قومي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري جي سُر ڪاپائتي جي هيٺين بيت ۾ هن طرح نشاندهي ڪئي آهي.

    نه سي ووئنڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
    پسيو بازاريون، هئينڙو مون لوڻ ٿئي.

    واقعي اڄ اهو ننگر، ٺٺو، نصر پور، ڀنڀور، بدين، اگهاماڻو، ڪاهو جو دڙو، برھمڻ آباد، سيوهڻ، اروڙ جي ابتر حالت ۽ ڪافي ماضي جي عظيم شهرن جي کنڊرن کي ڏسجي ٿو ته ماضي جي شاندار سنڌ موئن جي دڙي وانگر لڳي ٿي. هن وقت ڦٽي جي شڪل ۾ ڪچو مال ته سنڌ پيدا ڪري ٿي پر ٽيڪسٽائيل ۽ ايڪسپورٽ وارو واپار پنهنجي هٿ ۾ نه رهيو آهي. جديد زراعت تحت سنڌ ۾ ڦٽي جي في ايڪڙ پوک تي ستر کان اسي هزار خرچ اچي ٿو ۽ في ايڪڙ آمدني ايتري نٿي ٿئي. ڪپھه، ڪمند ۽ ساريال سنڌ جي مک فصلن ۾ هن وقت شامل آهن.


    سنڌو جا دريائي ٻيلا

    سنڌو درياءُ جي ڪٺار سان ٻيلن ۽ جهنگلن جو ذڪر سڪندر مقدوني جي دور جي مورخن سميت مختلف انگريز محققن به ڪيو آهي. سنڌو دريا جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ دريا جي اوڀر طرف جيڪي خاص طور تي ميرن جي دؤر جا مشهور ٻيلا آهن. تن ۾ (1) سهڻي ٻيلو (2) مولچند (3) ڪاتيار ٻيلو (4) کڏي ٻيلو (5) هديراڻي (6) ٻڌڪا (7) پنها (8) کير تسر (9) جوراڙ (10) سورجاڻي (11) گنج (12) هزاري (13) کوکر (14) پنوهر (15) علي بحر (16) مبارڪي (17) ڇڇ (18) ڇڇ ڪيٽي.

    دريا جي اولھه طرف وارا ٻيلا
    (19) سونڊ (20) ويران (21) للهنگ (22) هيلايا (23) ڳاڙهڪو (24) شاہ لونڪو (25) علي گنج (26) ٻائو پورن داس (27) سنڌ ناڻي (28) ٻجورا (29) ڪٽ مبارڪي (30) گليل (31) حيات ڳاڙهو (32) ڪاٺوڙ (33) مڙهو ڪوٽڙي (34) خاناڻي (35) مليرڙي (36) خاصو (37) ٻن (38) ڄاماڻي (39) ساڌ ٻيلو (40) مياڻي
    سنڌو جي ٻيلن ۾ هڪ لک ستر هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي تي بااثرن جا قبضا ٿيل آهن ۽ گورنمينٽ طرفان ليز تي به ڪافي ايراضي بااثرن کي ڏني وئي آهي. ٻيلا 228812 هيڪٽرن تي پکڙيل هئا. جيڪي هاڻ 73100 هيڪٽر تائين وڃي بچيا آهن. "ڊيمن جي اڏاوت ۽ ڊيلٽا جي مرندڙ زندگي" آرٽيڪل زاهد اسحاق سومرو ڪاوش 10 نومبر 2010ع مان اهي ٻيلن بابت انگ اکر ورتا ويا آهن. ميرن جي دور ۾ خاص طور تي سنڌو تي چراگاهه ۽ ٻيلا پوکرايا ويا. انگريز دور ۾ باقاعدا ٻيلي کاتي جو بنياد رکيو ويو. جيڪو قيام پاڪستان کانپوءِ به اڄ تائين قائم آهي. ٻيلن ۾ گاھ، ڪاٺ، لاک، کونئر وافر مقدار ۾ ٿئي ٿو. ان کان علاوه ٻيلا جھنگلي جيوت جي پناه گاھ آهن ٻيلن ۾ وڻن جي ڪري آبهوا صاف رهي ٿي ۽ ماحولياتي آلودگي تي ضابطو اچي ٿو، جديد سائنس اهو ثابت ڪيو آهي ته ٻيلن ڪري برساتون پون ٿيون. سنڌو جي ساحلي پٽي تي تمر جا ٻيلا ٿين ٿا. جيڪي سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏن کان قدرتي بچاءَ بند آهن. تمر جو وڻ اٺن جي چاري جي ڪم به اچي ٿو ۽ تمر جي وڻ جون ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم اچن ٿيون. سنڌ ۾ ڪئي اهڙا شهر آهن جن جي سڃاڻپ ئي ٻيلن سان آهي. شڪارپور ڪنهن دور ۾ شڪار گاھ هو. سنڌ جو ٻيلو شهر جيڪو ضلعي سجاول ۾ آهي ان تي نالو ئي ٻيلو رکيل آهي. قديم ڦاٽ ساڱرو يا اولھ پراڻ تي عثمان شاھ جي هڙي به مشهور آهي. کٿڙ، ڪاٺڙي، مٽياري، ڀٽو ماڙي، محراب پور، ماڙي، منگي ٻيلو ۽ ٻيا ڪيترا شهر ٻيلن سان نسبت رکن ٿا. سنڌ جي ڊيلٽا ۾ تمر جي وڻ جون اٺ جنسون ٿين ٿيون. سنڌو ڊيلٽا جا تمر وارا ٻيلا ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي 1991ع کان هن وقت 2018ع تائين نه ڇڏڻ ڪري خطري ۾ اچي ويا آهن. سنڌو جي ڊيلٽا ۾ جيڪا سنڌو جي ذريعي لٽ ايندي هئي اها پاڻي جي نه اچڻ ڪري رڪجي وئي آهي ۽ تمر جا وڻ سڪي ويا آهن، جنهن ڪري ڊيلٽا ۾ آڪسيجن جا مسئلا به ٿين پيا. سمنڊ جو پاڻي ڊيلٽا جي زمين کي ڳڙڪائيندو وڃي. جيڪڏهن سنڌو جي ڊيلٽا جا اهي تمر وارا ٻيلا ختم ٿي ويا ته سامونڊي مخلوق ڪناري کان پري هلي ويندي ۽ ماهيگيري جي پيشي کي وڏو نقصان رسندو. ان ڪري حڪومت کي کپي ته ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل مقدار ۾ پاڻي کي ڇڏي جئين سنڌو جي ڊيلٽا کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي.


    سنڌو جو ڪچو

    سنڌو جو پاڻي آبڪلاڻي جي موسم ۾ جڏهن چاڙھ ڪندو هو ته سنڌو جي ٻنهي ڪنڌين جي پاسي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ميلن تائين زمينن کي ٻوڙي پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيندو هو. اهڙن قسم جي زمينن کي جڏهن دريا کي بند ڏنل نه هئا تڏهن ڪچو يا ڪچي جي زمين چيو ويندو هو. انهن زمينن تي دريا جو پاڻي لهڻ کان پوءِ آباديون پوکيون وينديون هيون. سنڌو تي انگريز دور ۾ سنڌ جي حد ۾ بند ڏئي دريا جي وهڪري کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ جديد آبپاشي نظام جوڙيو ويو. دريا جي ٻنهي ڪنڌين کان ڏنل بند جي وچ واري ايراضي کي ڪچي جي زمين تصور ڪري ان جي سنڀال ۽ دريا جي ڪنڌين تي هٿرادو ٻيلي جي سنڀال لاءِ ٻيلو کاتو قائم ڪيو ويو. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي قيام سبب هتي انگريز راج 13 آگسٽ تي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. 1947ع کان پاڪستان جي 69 سال ڄمار دوران سنڌو جي ڪچي ۾ بااثرن جو ڪيٽيون قائم ٿيون. ٻيلا وڍرايا ويا ۽ زمينون ليز تي ڏنيون ويون. ڪچي ۾ ڪمند ڪيلا، ناريل، انبن، کجين جا باغ، ڪڻڪ توريو، مٽر، مرچ دال ۽ ٻين جنسن جا ٻج پوکي آبادي ڪرڻ سميت ڪورين مان مڇي جو ٻيجارو جهلي وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار ٿئي ٿو. ڪچي ۾ پڪا رستا، بجلي جي سهولت، اسڪول ٺاهي ڳوٺ آباد ڪيا ويا آهن. ۽ ڌاڙيلن جو ٺڪاڻو به ڪچي ۾ بااثرن جي طفيل ڪرايو ويو آهي. ٿاڻي جي حد بندي جيان ڪيٽين ۽ بااثر قبضا مافيا جي قانون کان مٿاهين حڪومت ڪچي جي انهن ڌاڙيلن ذريعي هلندي رهي آهي ۽ هلي پئي. ٻيلو کاتو ۽ آبپاشي کاتو مڪمل طور تي خاموش ۽ ان سموري کيل کان لاتعلق ۽ اڻواقف بڻيل آهن. ٽالپر حاڪمن سنڌ جي ڪچي ۾ شڪار گاھ قائم ڪيا. جڏهن ته انگريز دور ۾ سندن حمايتي مقامي ماڻهن کي ڇوٽ ڏئي جاگيرون عطا ڪيو ويون. سنڌ جو ڪچي وارو ٻيلو جتي جهنگلي جيوت جي پناھگاھ رهيو آهي اتي ڌاڙيلن جو به مسڪن رهيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن جاگيردارن جو ڪيٽيون هتي موجود آهن جن ڪيٽين سنڌو جي پيٽ کي سوڙهو ڪري وڌو آهي. انهن ڪيٽين ۾ ڏوهاري ماڻهن جون پناھ گاهن کان وٺي شڪار گاهون اڄ به موجود آهن. ڪچي ۾ مقامي ماڻهن طرفان به قبضه ٿيل آهن. سنڌ ۾ آيل 2010ع واري مها ٻوڏ جو سبب به سنڌو جي ڪچي تي ٿيل قبضا هو. هاڻ سنڌو دريا جو موجوده پيٽ ايترو سوڙهو ٿي ويو آهي جو هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي گذارڻ به ممڪن نه رهيو آهي. ڪچي جو ٻيلو پڻ زمينون آباد ڪري ختم ڪيو ويو آهي. ڪچي ۾ گهڻو ڪري سيلابي پاڻي تي پوک ٿيندي هئي. پر ڪجهه عرصي کان بااثرن جون ڊگڊگي مشينون سنڌو مان پاڻي کڻي ڪچي جو زمينون انهي تي آباد ڪري رهيا آهن.
    هي سنڌو جي ٻنهي ڪپرن تي ڇڏيل زمين جي ايراضي جيڪا سنڌو دريا جي ڇاڻي جي وڏي وهڪري کي گذارڻ لاءِ هئي،انهي زمين ۾ سنڌو جي لٽ تمام گهڻي پوندي هئي مقدار ۾ موجود آهي ، پراڻي زماني کان وٺي هتي جون زمينون ڍڳن تي کيڙيون وينديون هيون ، ڍڳن تي ھر هلائڻ دوران ڪچي کانسواءِ کيڙي دوران وڏا کڙا ۽ ڀتر پيدا ڪندي هئي ، پر هي ڪچي واري زمين کيڙي دوران ريٽ هئڻ ڪري وڏا کڙا پيدا نه ڪندي هئي تنهن ڪري نرم زمين هئڻ ڪري هتي جي قديم رهاڪن هن زمين کي ڪچي زمين سڏيو ، جنهن ڪري اڄ ڏينهن تائين ڪچو سڏجي ٿو ، هي ڪچو سنڌ ۾ چيٽ واري مند ۾ تمام ڀلا فصل پيدا ڪري ٿو ، قديم دور کان وٺي هي ڪچو پاڻي لهڻ کانپوءِ آباد ٿيندو رهي ٿو .
    ڪتاب سجاول جي سماجي ، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ ۾ عزيز جعفراڻي لکي ٿو ته درياءُ ڇڏي ويل زمين کي ڪس چئجي ٿو ، جڏهن ته درياءُ جي بند اندر زمين کي ڪچو چئجي ٿو ، ڪچي وارو علائقو دريا جي پاڻي تي آباد ٿئي ٿو ، هاڪڙو جي ٺاهيل ۽ ڇڏيل زمين ٿر جي ڪس طور سڃاتي وڃي ٿي ۽ ٿر جي ڀاڱن ۾ ڪس به هڪ ڀاڱو آهي .


    هالا

    هالا شهر نئون ۽ پراڻو طور مشهور رهيو آهي. پراڻو هالا موجوده هالا کان ٻه ميل جي مفاصلي تي هڪ قديم ڍنڍ جي ڪپ تي اڏيل آهي. موجوده هالا سنڌو جي ڪپ تي اڏيل آهي. شهر وٽان درياءُ کي مضبوط بند ٻڌل آهي، جنهن ڪري شهر کي ٻڏڻ جو ڊپ نه آهي. باقي چاڙھ مهل لهرون بند سان لڳي شهر سان سرگوشيون ڪنديون آهن. سنڌو جي ڪورين ۾ هتي مڇي جو تازو ٻيجو پڻ جام نڪري ٿو. درياءُ ۾ پاڻي لهڻ بعد هتي درياءُ جي ڪچي ۾ دال، چڻا، مٽر، ڪيلو ۽ ٻيا فصل پڻ پوکيا وڃن ٿا. مالوند ماڻهو پنهنجو چوپايو مال پڻ ڪچي ۾ چاريندا رهندا آهن. سنڌو ۾ 1800ع ۾ آيل ٻوڏ دوران هالا جو شهر خالي ڪرايو ويو هو. اتي رهندڙ “هالا ”قبيلو قديم قبيلو آهي. ان قبيلي پويان هن شهر تي هالا نالو پيو. جڏهن ته ميمڻ، گرهاڻا ۽ پير به هتي رهندا آهن. تاريخ فرشته ۾ آهي ته "هالار ڪرشن مهاراج جي پٽ جو نالو هو جنهن کي سنڌ ۽ گجرات جو علائقو ڏنو ويو هو." ان حساب تحت هالا قبيلو پاڻ کي راجپوت تصور ڪندو آهي. هندي زبان ۾ هالا جي معني يا مطلب ٿيندو پراڻو يا جهونو. پراڻا هالا بعد 18 صدي ۾ مخدوم مير محمد جي ڪوشش سان نئون شهر قائم ڪيو ويو ۽ ان جو نالو مرتضي آباد رکيو ويو. پر مرتضي آباد نالي کي ڪا پذيرائي نه ملي ۽ شهر هالا جي ئي نالي سان لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ شمار ڪيو ويو. هالا قومي شاهراهه تي حيدرآباد کان 36 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هالا جي بيهڪ 25 ۽ 49 اتر ويڪراڻي ڦاڪ ۽ 68 ۽ 28 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي آهي. هالا کي تعلقي جو درجو حاصل آهي. مختيارڪار آفيس، سول جج، ميونسپالٽي ۽ ڊگري ڪاليج به قائم ٿيل آهي. 1961ع واري آدمشماري ۾ هتي 11956 ماڻهو رهيا ٿي. هالا جي شهر جنڊي، ڪاشي، کٽن، ۽ اجرڪ ٺاهڻ ۾ ملڪان ملڪ مشهوري ماڻي آهي. هالا جي جنڊي ۽ ڪاشي جي ٿيل ڪم آمريڪا تائين شهرت ماڻي آهي. ڪاشي جو سِرون هتان جون مشهور آهن. ان کان سواءِ ڪاشي مان ٺهيل ڪونڊا، گلاس، ڪٽورا، سُلفيون به تمام گهڻيون مقبول آهن. هالا ۾ اجرڪون، بوسڪي جو ڪپڙو، ذري ۽ سَتارن جي جڙاءُ سان ٽوپيون به ڏاڍيون خوبصورت ٺهن ٿيون. سونا زيور به هتي جا مقبول آهن. هالا جو هئنڊي ڪرافٽس جو سامان 1869ع دوران ڪراچي ۾ ٿيل نمائش ۾ رکيو ويو. جتي هتان جي سامان تي ڪيترائي انعام مليا هئا. هالن جي پراڻي شهر بابت چيو وڃي ٿو ته هي 1422ع ڌاري سمان دور ۾ وجود ۾ آيو. سلطان فيروز شاهه تغلق جڏهن سنڌ آيو هو ته هتي کيس سوهڻ جي وفد اچي سوکڙيون پاکڙيون خدمت ۾ پيش ڪيون. همايون بادشاھ جڏهن شير شاھ سوري کان شڪست کاڌي تڏهن سنڌ جي ارغون حاڪم ميرزا شاھ حسين مهماني طور کيس هالا ۽ بٺوري واري ايراضي جي اپت سندس خاندان ۽ ساڻس آيل فوج جي خرچ لاءِ ڏيڻ جي آڇ ڪئي. جيڪا همايون قبول ڪونه ڪئي هئي ۽ ٺٺي تي حملو ڪيائين جيڪو پلئه ڪونه پيس. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ هالا بابت لکيو آهي ته "جڏهن اڪبر بادشاھ، مرزا جاني بيگ ترخان جي خلاف خان خانان عبدالرحيم خان بن بيرم خان کي سنڌ موڪليو هو تڏهن صادق خان جي ناڪام موٽڻ تي هو ڳڻتي ۾ پئجي ويو هو. هر ڪنهن خدا جي بزرگ کي دعا لاءِ عرض ڪندو هو. ڪنهن بزرگ ٻڌايس جي تون مخدوم نوح جي درڳاھ جي زيارت ميرزا جاني بيگ کان اڳ ڪندي ته تنهنجي فتح ٿيندي. خان خانان هڪدم هالا روانو ٿيو ۽ مخدوم نوح جي درگاھ جي زيارت ڪري دعا گهريائين نتيجو اهو نڪتو جو مرزا جاني بيگ شڪست کاڌي ۽ ملڪ اڪبر بادشاھ جي قبضي ۾ اچي ويو. هالا ۾ مخدوم نوح جي درگاھ آهي سندس ڪئي مريد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان درگاھ جي زيارت لاءِ ايندا آهن. پاڻ 1505ع ۾ پيدا ٿيا ۽ ستاسي سالن جي ڄمار ۾ 1590ع ۾ وفات ڪيائون. سندن قٻي جو گنبذ شيرِ سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر ٺهرايو هو. انگريز دور ۾ چار هزار روپين جي لاڳت سان قٻي جي مرمت ڪرائي وئي. ان خرچ مان اڌ خرچ انگريز سرڪار عطيو ڏنو هو. مخدوم نوح جو حسب صديقي آهي. سندن شجرو وڃي حضرت ابوبڪر صديق رضه جي وڏي پٽ عبدالرحمان رضه سان ملي ٿو. پاڻ سهروردي سلسلي جا بزرگ آهن. هن خاندان سان ڪافي درويش، شاعر، سياستدان وابسته رهيا آهن. درگاھ جو سترهون سجاده نشين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پيپلزپارٽي جو مرڪزي سينيئر نائب صدر رهيو آهي. هو قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ ڀلوڙ شاعر به هو. ڪافي ڪتاب لکيائين، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين پڻ رهيو. ارڙهون سجاده نشين مخدوم محمد امين فهيم پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر، ايم آر ڊي جو سربراهه، وفاقي وزير ۽ سٺو شاعر به هو. اوڻيهون سجاده نشين مخدوم جميل الزمان صوبائي وزير، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين سان گڏ ڀلوڙ شاعر آهي. آخوند گل محمد گل، ۽ ٻيا به هتي جا مشهور شاعر رهيا آهن. هالا ۾ دنيا جا سفر ڪري سفرنامه لکندڙ سفرنامن جو بادشاھ ليکيو ويندڙ ليکڪ الطاف شيخ جو به جنم ٿيو. هن ئي شهر ۾ جنم وٺندڙ محمد سليمان شيخ جون سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنياد کان وٺي سنڌ ۾ تمام گهڻيون سماجي تبديلي ۽ سوشل سيڪٽر ۾ خدمتون ڪيل آهن. جنهن ۾ سگا پاران اسڪول قائم ڪرڻ، بي نور ماڻهن سميت مختلف بيمارين ۾ ورتل مريضن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ هڻڻ، سماجي سفر ۾ سندس سچائي واري سفر جا ساکي آهن.


    سنڌو، هاڪڙو ۽ مالدار سانگي

    سنڌ جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ماڻهو قديم قبائلي زندگي گذارين ٿا ۽ سنڌو ۾ ٻوڏن يا ڏڪارن دوران پنهنجي ڌَڻن سان گڏ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي وانڍريائون ٺاهي پيا رهندا آهن. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ جڏهن برساتون نٿيون وسن ته ڏڪار ۾ انهن علائقن جا ماڻهو بئراجي علائقن ۾ سندن مال جا ڌڻ ڪاھي اچي رهندا آهن. پوکي ۽ زراعت جي جديد اپت کان اڳي سنڌو جي ڪٺار تي مالوند ماڻهو ۽ سندن ڌَڻ تاريخ جي ورقن ۾ نظر اچن ٿا. مهرڳڙهه کان وٺي لوٿل تائين ۽ اچ شريف کان وٺي مڪران تائين ڪالھ ۽ اڄ به آهي ئي مال جا ڌڻ انهن جا ڌنار ۽ اهو ئي مخصوص ڪلچر نظر ايندو. چوپائي مال جي سينگار لاءِ چڙا، ٽليون، ڀاڳين جا وٿاڻ، وٿاڻن تي ٿيندڙ ڪچهريون، لوڪ گيت، نڙ بيت، بانسري ۽ چنگ جا آلاپ، ٻيجل جا ورلاپ جن روح کي راحت به ڏني ٿي ته راءِ ڏياج جو سر به لاٿو ٿي. تڏهن ته شاه عبداللطيف ڀٽائي سر سورٺ تخليق ڪيو

    گل ڇنو گرنار جو، دٻڪي ويا دوار،
    ڪوڙئين سندو ڪارڻي سندو اڙين آڌار،
    اهڙو راءِ کنگھار ڪوڪو ٿيندو ڪڏهين.
    ***
    مينهون هن ميهار جو الا سڀ بچن
    ڪاريون ڪڪيون، ڪنڊيون، وارا ڪيو ويئن،
    مونکي ماڻڪين تاڻي هنيو تار ۾.

    سهڻي ۽ ميهار جو داستان پڻ سنڌو جي ڪٺار جي مالوند سماج جي نشاندهي ڪري ٿو. زمانن کان وٺي سنڌ ۾ مينهَن، اٺن، گهوڙن ڍڳن رڍن، ٻڪرين، هاٿين سميت چوپايو مال هن سماج جي تهذيب ۽ ارتقاء ۾ اهم جڳھ ولاري آهي. هتي جي نج مذهب سناتن ڌرم ۾ ته ڳئون جي پوڄا به ٿئي ٿي. هتي قرباني سٺي ۽سهڻي جانورن کي پالي ان جي قرباني ڪئي ويندي هئي. سر مارئي ۾ به شاھ عبداللطيف ڀٽائي چئي ٿو ته "موڪل ڏي ته وڃي ٻڪر ٻاٻاڻن جا چاريان"
    سنڌ ۾ مالوند ماڻهن کي اوٺار ، پنهوار ۽ سانگي به چيو وڃي ٿو. ٽنڊي باگي ۾ هڪ ننڍو شهر سانگي ڦرهو جي نالي سان قائم آهي. سارو سنگھار، بڊام، راڻو مينڌرو، به مالدار ماڻهو هئا. سومرا دور کان هتي حڪمران به مالدار ماڻهو رهيا آهن. موجوده سنڌو جي ڪٺار دروپڪا قبيلي کان وٺي ڪوهستان، ڪاڇو، ٿر، ٿل، چولستان، مهرڳڙهه ڪوھ سليمان ۽ اٽڪ چلاس گلگت اسڪردو جي ماڻهن وٽ به چوپائي مال جا ڌڻ نظر اچن ٿا. ٿر، ڪوهستان، ڪاڇو ۽ ساحلي پٽي ۾ ته هر وقت مال جا ڌڻ نظر اچن ٿا. سنڌو ۽ هاڪڙي جي ڪٺار جا مالوند ماڻهو چوپائي مال جي پالنا پنهنجي اولاد جيان ڪندا رهيا آهن ۽ پنهنجي چوپائي مال لاءِ گهڻو ڪري سندن گهرن اڳيان منها ٺاهيندا آهن. شادين دوران مالوند ماڻهو عورتن کي ڏاج ۽ مهر ۾ به مال ڏيندا آهن. زمانن کان گهوڙن لاءِ سنج، اٺن لاءِ پاکڙا، مينهن ۽ ڍڳن لاءِ چڙا چڙيون، ڳانيون، ٺهرائي انهن کي پارائڻ جو رواج آهي. چوپايو مال اڌ حصي ۽ چاراڻي تي به چاريو ۽ چارايو ويندو آهي. جڏهن برساتون نٿيون وسن ته ڏڪار ۾ ٿر ۽ ڪوهستان جا مالوند ماڻهو چوپائي مال سان بئراجي علائقن جو رخ ڪندا آهن ۽ جڏهن ٿر ۽ ڪوهستان ۾ برسات وسي ٿي ۽ سائي گاھ جي چادر ڍڪجي ٿي تڏهن بئراجي علائقن جا مالوند ماڻهو وري اوڏانهن رخ ڪن ٿا. اهي سلسلا صدين کان هلندا اچن. چوپائي مال جي سارسنڀال لاءِ لائيو اسٽاڪ جي وزارت قائم ڪئي آهي. جنهن مال جي جديد پالنا لاءِ ڪجهه ڪيٽل ڪالونيون به قائم ڪيون آهن. اڳ سنڌ ۾ مال جو واپار ميلن ۾ ٿيندو هو پر هاڻ سنڌ جي هر شهر ۾ هفتي جي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن تي مال پڙي لڳندي آهي. ننڍن وڏن شهرن ۾ ان مال پڙي ڪري ڪاروبار ۾ تيزي به اچي ٿي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جو روزگار ان مال پڙين سان لاڳاپيل آهي. لاکي ڦلاڻي ۽ مهر راڻي واري لوڪ داستان جو تعلق به مارو ماڻهن سان شاھ سائين ڏيکاريو آهي. شاھ جي بيت جي سٽ آهي
    "وانڍين ۾ واڄو، ريٻاري رات رهي ويا" مالوند ماڻهن جو چوپايو مال ڏڪار، ٻوڏن ۽ سوڪڙن جي مند ۾ کير ڏڌ، مکڻ، گوشت جون ضرورتون پوريون ڪندو آهي ۽ ڏکئي وقت ۾ ان کي وڪڻي گهر جون ٻيون ضرورتون به پوريون ڪري سگهجن پيون. مال کين هر وقت ڪم ايندو آهي.


    نيرون ڪوٽ /حيدرآباد

    موجوده حيدرآباد شهر جيڪو سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر ليکجي ٿو. ان ڪيئي انڊلٺي رنگ پنهنجي پٽ تي ڏٺا آهن. هن شهر جو بنياد رکندڙ نيرون هو. جنهن جي نالي سان نيرون جابلو ٽڪري تي قلعو يا ڪوٽ اڏيو ويو. جتي محمد بن قاسم جي عرب فوج لاءِ قلعي جا در سنڌ جي وارثن مزاحمت ڪرڻ سواءِ کولي ڇڏيا. محمد بن قاسم ديبل فتح ڪري نيرون ڪوٽ پهتو هو. نيرون ڪوٽ يا قلعو راءِ گهراڻي جي حڪومت دوران ٽڪر تي اڏيو ويو هو. راءِ گهراڻي جي حڪومت دوران نيرون ڪوٽ جو ڪنٽرول برھمڻ آباد جي گورنر وٽ هو. راء گهراڻي کانپوءِ راجا ڏاهر ۽ سندس پٽ جئه سينا هن قلعي جي اهميت ڪري وقت به وقت هتي اچي رهندا هئا. راجا ڏاهر جي دور ۾ هن قلعي جو حڪمران ٻڌ مت جو پيروڪار شمني ڀڪشو هو. محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ جي قلعي ٻاهران بروري جي هڪ چراگاھ تي اچي منزل ڪئي. ان چراگاھ کي ٻلهار به چيو ويندو هو. چراگاھ جا پاڻي وارا تلاء خالي پيل هئا. جنهن ڪري محمد بن قاسم جي لشڪر کي پاڻي لاءِ مشڪل پيش اچي رهي هئي. چيو وڃي ٿو ته ميهن وٺا ۽ تلاء برساتي پاڻي سان ڀرجي ويا. آبادي قلعي اندر هئي ۽ قلعي جا در بند هئا. چچ نامي مطابق ته قلعي جو ڪنٽرول بهندرڪو وٽ هو جنهن جو محمد بن قاسم سان ڳالهين بعد ٺاھ ٿي ويو ۽ قلعي جا در کوليا ويا. محمد بن قاسم اندر داخل ٿيو ۽ قلعي ۾ مسجد تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنائين ۽ شڪراني جا نفل ادا ڪيائين. ان ڏينهن کان نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ اسلام جي آمد ٿي جيڪا اڄ تائين جاري آهي. ان فتح بعد محمد بن قاسم طرفان برھمڻ آباد ڀرسان منصوره جو بنياد رکيو ويو. منصوره جي وڌڻ ڪري نيرون ڪوٽ جي پهرين واري اهميت نه رهي. ايران کان قافلا مڪران کان ديبل بندر واري رستي نيرون ڪوٽ، برھمڻ آباد، منصورہ، اروڙ ۽ ملتان تائين ايندا ويندا هئا. هي مک رستو هجڻ ڪري نيرون ڪوٽ ۾ ابن حوقل ۽ مقدسي جهڙا سياح ۽ ليکڪ آيا. ۽ تن پنهنجي تحريرن ۾ نيرون ڪوٽ جو ذڪر پڻ ڪيو. هتي عالمن، فاضلن، درويشن، محققن ۽ جاگرافيائي ماهرن جي اچ وڃ هميشه رهي. ٻارهين صدي جي پوئين حصي ۾ هتي درويش مڪي شاھ آيو. جنهن جو اصل نالو حمزه هو. سندس درگاھ شاھ مڪائي يا جئي شاھ جي نالي سان مشهور آهي. پاڻ مڪي شريف ۾ ڄائو ۽ اتان هجرت ڪري لاهور لڌيانه، ملتان کان ٿيندو نيرون ڪوٽ آيو. ۽ هتي سڪونت اختيار ڪئي. پاڻ وڏي عمر ۾ 8 ذوالحج 658ھ ۾ وفات ڪئي. سندس هڪ پٽ مخدوم صدرالدين خطيب جي نالي سان مشهور ٿيو. کيس چار پٽ مخدوم بدرالدين، مخدوم علاؤ الدين، مخدوم تاج الدين ۽ مخدوم علي نالي سان هئا. جن جو اولاد روهڙي، اُچ، ملتان، لاهور، لڌيانه، دهلي احمد آباد گجرات تائين پکڙيو. ٻارهين صدي کان نيرون ڪوٽ م مڪي شاھ جي درگاھ مشھور رهي آهي. ان بعد شاھ بخاري جي درگاھ قائم ٿي. تنهن کان پوءِ سيد عبدالوهاب شاھ جي درگاھ قدم گاھ ڀرسان قائم ٿي. هن شهر کي ارغونن، ترخانن، مغلن جي دور ۾ اهميت حاصل رهي. مرزا محمد باقي بيگ نيرون ڪوٽ وارو علائقو مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي سليمان ساربان جي حوالي ڪيو. مرزا غازي بيگ جي زماني ۾ ٺٽي جي نواب خسرو خان جو ڏوهٽو نيرون ڪوٽ جو حاڪم هو. خواجه ڪمال الدين جيڪو ارغونن سان گڏ اچي ٺٽي ۾ رهيو هو. ان جو پوٽو خواجه مير ابوتراب بن خواجه مير شهاب الدين نيرون ڪوٽ جي جاگير ۾ رهندو هو. ان جي نيرون ڪوٽ ۾ ئي وفات ٿي ۽ اتي ئي دفن ٿيو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي حيثيت ضلعي هيڊ ڪوارٽر جهڙي هئي ۽ نيرون ڪوٽ ٺٽي ۾ شامل هو. جهانگير جي دور ۾ شهزادي خرم اچي ٺٽي ۾ پناهه ورتي ۽ جڏهن هو شاهجهان جي نالي سان حاڪم ٿيو ته سنڌ کي ڪونه وساريائين. هن ٺٽي ۾ جامع مسجد جوڙائڻ سان گڏ سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز، ڇٽو امراڻي جا مقبرا ۽ شاھ مڪي جي درگاھ ڏانھن به توجهه ڏني. ۽ فرمان جاري ڪري مخدومن جا جيڪي پاڻ ۾ اختلاف هئا سي حل ڪيائين. هن دور ۾ نيرون ڪوٽ بجاءِ چاڪر هالا پرڳڻو ڄاڻايل آهي. ارڙهين صدي ۾ جڏهن مغل تسلط ختم ٿيو ۽ ڪلهوڙا دور جي شروعات ٿي ۽ ڪلهوڙا فقيري کان امير ٿيا. ڪلهوڙن جي مستقل رهائش ڪنهن شهر ۾ ڪونه هئي انهي ڪري کين گادي واري هنڌ طور ڪنهن شهر جي تلاش هئي. ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهورن جي علائقي تي قبضو ڪري شڪارپور کي خدا آباد جو نالو ڏئي اتي پنهنجي حڪومت جو تخت گاھ رکيو. جنهن جا کنڊر اڄ به موجود آهن. سندس وفات بعد سندس پٽ مراد ياب پنهنجي تخت گاه لاءِ نصرپور ڀرسان مراد آباد نالي شهر جوڙيو. جنهن کي سنڌو ٻوڙي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ هن سڪرنڊ ۾ احمد آباد نالي شهر جو بنياد رکيو. مراد ياب جي قيدي ٿيڻ بعد ميان غلام شاھ ڪلهوڙو حاڪم ٿيو. کيس طاقت ۾ ايندي مهينو مس گذريو هو. جو احمد آباد به سنڌو ۾ لڙهي ويو. تنهن کانپوءِ هن موري ڀرسان پنهنجي پي جي قائم ڪيل شهر محمد آباد وٽ الله آباد نالي شهر جوڙايو ۽ اتي رهائش اختيار ڪئي. اتان هو پنهنجي عيال سميت اورنگا بندر ويو جنهن جو نالو هن شاھ ڳڙھ رکيو ۽ پوءِ ان جي سامهون بند ڏياري شاھ بندر جو قيام عمل ۾ آندائين. جنهن کان پوءِ نصرپور جي ڀرسان نئون شهر شاھ پور ٺهرائين جنهن کي سنڌو ٻوڙي ڇڏيو. ان وقت سنڌو پنهنجو رخ تبديل ڪرڻ لاءِ پئي واهڙ ٺاهيا. تنهن کان پوءِ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي وري ٻيو شهر جوڙيو جنهن جو نالو خاڻوٺ رکيو ويو. دريا هميشه لاءِ پنهنجو رخ مٽائي ڇڏيو ۽ سندس موجوده وهڪري تان وهڻ لڳو. دريا هالن ۽ نصرپور کان اٽڪل 100 ميل پنهنجو وهڪرو تبديل ڪيو ۽ هالا کان سڌو وھڻ لڳو. نيرون ڪوٽ کان 17 ميل پريان دريا مان ڦليلي ڦاڪ نڪرندو هو. ريڻ وارو ڦاڪ سڪي ويو. نصرپور ڀرسان شاھ پور شهر جي ٻڏڻ بعد ميان غلام شاھ ڪلهوڙي نيرون ڪوٽ تي اک رکي ۽ اتي قلعو تعمير ڪرائي ان کي پنهنجو گادي وارو هنڌ مقرر ڪيو. ڇا ڪاڻ ته کيس نيرون ڪوٽ وارو هنڌ ئي موزون ڏسڻ ۾ آيو هو. هن نئون قلعو پراڻي ڊٺل قلعي واري هنڌ تي ٺهرايو ۽ پوء جيڪو نئون شهر وجود ۾ آيو ان جو نالو حيدرآباد رکيو ويو. ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي دور ۾ هتي ناهيان اچي ويٺا جيڪي فوجي ۽ توپن جا گولي باز هئا. ۽ ڪاسبي، ڪاريگر، دڪاندار، واپاري به آڻي هتي راهيا ويا. ديوان گدومل به خدا آباد مان ٻيڙين تي چڙهي هتي پهتو ۽ هتي رهائش اختيار ڪيائين. سندس نالي سان گدو بندر ۽ گدو جي ٽنڊي جو بنياد پيو. هن وقت گدو بندر ته ويران ٿي ويو آهي پر سنڌ ۾ چرين جي اسپتال گدو بندر جي نالي سان مشهور آهي. ميان غلام شاھ ڪلهوڙي طرفان شاھ مڪي جي درگاھ ويجهو ڪچي قلعي جي تعمير به ڪرائي وئي. 1182ھ ۾ قلعو ٺهي راس ٿيو ۽ 1186ھ ۾ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي وفات ٿي. کيس سندس جي تعمير ڪرايل ڪچي قلعي ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس پٽ ميان سرفراز ڪلهوڙي سندس مٿان مقبرو تعمير ڪرايو. ميان سرفراز ڪلهوڙي سندس گادي جو هنڌ خدا آباد کي مقرر ڪيو. جيڪو ميرن طرفان سنڌ فتح ڪرڻ تائين اتي رهيو. مير فتح علي خان جي شروعاتي ڏينهن دوران ساڳيو تخت گاھ هو بعد ۾ 1789ع ۾ ميرن خداآباد کي هميشه لاءِ ڇڏي جڏهن حيدرآباد کي پنهنجي طاقت جو مرڪز ٺاهيو ۽ تخت گاھ جي حيثيت ڏني. حيدرآباد قلعي جي سامهون بازار ٺاهي وئي. ڪمي، ڪاسبي، واڍا، رازا، خدا آباد مان هتي آندا ويا. نويتون ۽ نغارا ٺاهيندڙ بزرگ به آڻي هتي آباد ڪيا ويا. بندوقون ۽ هٿيار ٺاهيندڙ مستري ۽ لوهار ۽ هٿيارن جي ڳنن کي جڙائو ڪندڙن کي به هتي آباد ڪرايو ويو. ڀائي خان جنهن جي نالي سان حيدرآباد جي مشهور چاڙهي آهي سو ترارون ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر هو. مير فتح علي خان هتي چوڙيگر، رنگريز، ڪاسبي، کٽي، سونارا، ڪوري، گهنباٽي، پاٽولي، وينجهر، ڦڻي گر، سراز، ڪمانگر، نقاش، ٺاٺارا، ڪاسائي به آڻي آباد ڪيا. اتي جاگيردارن، طبيبن آخوندن ۽ خدمتگارن کي به آباد ڪيو ويو. مير نصير خان جو پڙ، مير محمد خان جو پڙ، ڀائي خان جو پاڙو ۽ پڙ، ٺاٺارن جو پڙ، جمن شاھ جو پڙ، پرور شاھ جو پڙ، مرزا لطف علي جو پڙ، ڪاڪا سائين جو پڙ نهال شاھ جو پڙ، فقير جو پڙ، گنج بخش جو پڙ، ناهين جو پڙ، سانول جو پڙ، امير شاھ بخاري جو پڙ، دينو جو پڙ، ڪورين جو پڙ، واڍن جو پڙ، خير شاھ جو پڙ، سخي جو پڙ ۽ ميرن جي دور ۾ ڪافي ٻيا پاڙا ۽ ٽنڊا هتي قائم ٿيا. انهن پاڙن مان ڪجهه هي هئا، ڀائي خان لوهار جو پاڙو، ٺاٺارن جو پاڙو، کٽين جو پاڙو، چوڙيگرن جو پاڙو، وينجهرن جو پاڙو،. ڇوٽڪي گهٽي کان سري گھاٽ تائين خدا آباد مان آيل هندو ڀائي بند رهندا هئا. هتي لونگ ڀڳت جي گهٽي درزين جو پاڙو، کنباٽين جو پاڙو، رتناڻين جو پاڙو هو. ان کان علاوه ساداتن (سيدن) جو پاڙو، قاضين جو پاڙو، گل اندازن جو پاڙو، سرازن جو پاڙو، گدو جو ٽنڊو، ٽنڊو جهانيان، ماهي ماهڻ جو ٽنڊو، ٽنڊو نواب ولي محمد، ٽنڊو غلام حسين، ٽنڊو مير محمود، ٽنڊو آغا، ٽنڊو يوسف، ٽنڊو طيب، ٽنڊو ٺوڙهو ۽ ٻيا پاڙا هئا. جيڪي ميرن جي دور ۾ هتي قائم ٿيا. جڏهن ڦليلي جي ڦاڪ تي فيبروري ۽ مارچ 1843ع سر چارلس نيپيئر جي اڳواڻي ۾ انگريز فوج مياڻي ۽ دٻي جي ميدان ۾ لڳيل جنگ ۾ ڪامياب ٿي، اتي انگريز فوج مياڻي ٻيلي کي ساڙائي رک ڪري ڇڏيو هو ۽ 23 مارچ 1843ع جرنل هوش محمد شيدي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻندي شهيد ٿي ويو. تڏهن سر چارلس نيپيئر انگريزن جي فتح جو اعلان ڪندي آزاد سنڌ جو جهنڊو حيدرآباد واري قلعي تان لاهي انگريز دور جو بنياد رکيو. حيدرآباد جي زمين ۽ آسمان اوپرن ماڻهن جي هٿ چڙهي ويا جن جي رهڻي ڪهڻي، کائڻ پيئڻ، اٿڻ وھڻ ۽ مفاد سڀ اسان کان جدا هو. انگريز هت واپاري بڻجي آيا هئا ۽ حاڪم ٿي ويهي رهيا. عيسيٰ مسيح جا پوئلڳ جيڪي نه هندو هئا نه مسلمان هنن جو طرز عمل هن علائقي جي ماڻهن کان بلڪل جدا هو. حيدرآباد کي هنن تخت گاھ واري حيثيت نه ڏني ۽ حيدرآباد جي جاءِ تي ڪراچي کي اوليت ڏئي سنڌ جو مرڪز ڪراچي کي بڻايائون. حيدرآباد جا پراڻا قدر مٽجي ويا ۽ نوان قانون، نوان قاعدا، نوان پاڙا وڌيا. اصلوڪن رهاڪن مان انگريز دور ۾ ڀائي بند هندن ۾ واڌارو آيو ۽ خوب ترقي ڪيائون. پراڻي قلعي جي هڪ پاسي کي ٽوڙي نيون جڳهيون جوڙيون ويون. الهندو ڪچو ۽ صدر آباد ٿيا. حيدرآباد کي سکر، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان ريلوي ذريعي ڳنڍيو ويو. سرڪاري آفيسون، اسڪول ڪاليج، اسپتالون ٺھيون. جيڪي نئين دور جون نشانيون آهن. انگريزن جي سو سالن دوران گهڻو ڪجهه بدلجي ويو. 14 آگسٽ 1947ع بعد هندو آبادي هندستان لڏپلاڻ ڪري وئي. ۽ هندستان مان مهاجر بڻجي آيل مسلمانن جا لشڪر پهتا. اڄ اردو ڳالهائيندڙ انهن مهاجر مسلمانن جي آبادي هتي ايتري وڌي وئي آهي جن جو تاريخ ۾ ٻيو ڪٿي مثال نٿو ملي. لطيف آباد جو وجود عمل ۾ آيو. حيدرآباد ۾ ڪارخانا قائم ٿيا. ڪوٽڙي بئراج ٺهيو. ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي. سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ڪمشنر آفيس ٺهي، نوان پڪا رستا ٺهيا. نيرون ڪوٽ جي قلعي سميت سموري ايراضي ۾ مسلمان اچي آباد ٿيا. جن جي آڌر ڀاءُ ۾ اصلوڪن مسلمان رهاڪن پنهنجا گهر، گهاٽ، زمينون، شهر پنهنجي سڄي ڌرتي انهن حوالي ڪري ڇڏي. نئين ٺهيل ملڪ جي قانون به انهن کي تحفظ ڏنو. ملڪ پاڪستان جو پهريون وزير اعظم انهن مهاجرن مان لياقت علي خان ٿيو. جنهن هنن لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو. امي ۽ باجي جو دور شروع ٿيو. سنڌي هندن جون ڇڏيل جائيدادون اسپيشل طور تي انهن آيل مهاجرن کي ڏنيون ويون. مڪي مهاجرن وانگر مدني انصارن ۾ ضم ٿيڻ بدران هي مهاجر ، مهاجر ئي رهيا. هنن پنهنجي شناخت جدا قائم ڪئي 1980ع کان هنن سنڌين سان باقاعدگي سان وڙهڻ شروع ڪيو. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نواب شاہ، ٽنڊو ڄام، ٽنڊوالهيار، سکر جتي جتي هنن جي اڪثريت هئي هنن سنڌين جو جئيڻ جنجال ڪري وڌو. حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سنڌي پنهنجو ثقافتي لباس اجرڪ ۽ ٽوپي پھري وڃي نه سگهندا هئا. مهاجرن جي طرفان نوگوايريا قائم ڪيا ويا. سنڌ کي ٻوري بند لاش تحفي ۾ ڏنا ويا. نياڻين جون عصمتون لٽيون ويون. مهاجر قومي مومينٽ جي نالي سان مهاجرن جي دهشت گرد تنظيم قائم ڪئي وئي. هنن آيل مهاجرن جيڪي سنڌ جي انصارن سان ڪلور ڪيا تن تاريخ جو سر شرم سان جهڪائي ڇڏيو. حيدرآباد ويجهو قاسم آباد نالي سان نئون شهر آباد ڪري سنڌين ثابت ڪيو هو ته اهي نااهل ناهن. ۽ هنن جي لساني يلغار کي منهن ڏنو ۽ ان کي ناڪام بنايو ، 2018ع واري اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي جعلي ميڊيٽ جو ڀانڊو پڻ ڦاٽي پيو. مهاجرن سنڌي پهاڪي "آئي هئي ٽانڊو کڻڻ، ٿي وئي بورچياڻي" جي موجب ڪردار ادا ڪيو. هن وقت حيدرآباد سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي، اقتصادي، تعليمي، صحافتي، سرگرمين جو مرڪز آهي. سنڌ يونيورسٽي کي حيدرآباد مان ڄام شورو منتقل ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۽ ڄام شورو وچ۾ هاڻ رڳو سنڌو وهي ٿو. هن وقت ڄام شوري ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ حيدرآباد ۾ اسريٰ يونيورسٽي، لاء ڪاليج، سميت ڪيترائي سرڪاري ۽ پرائيويٽ ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول قائم آهن. حيدرآباد ۾ ڪپڙن جو ملون، سيمنٽ فيڪٽري، چوڙين جي صنعت، سرن جا بٺا، آهن. نغارا به اڄ تائين هتي جا ڪاريگر سٺا ٺاهين ٿا. حيدرآباد جي چئو طرف گلاب جي گلن ۽انبن جا باغ آهن. ڦليلي ڪئنال، اڪرم واھ ڪئنال ۽ پڃاري ڪئنال هن شهر جي وچ مان وهن ٿا. افسوس جو شهر جو گندو گٽر وارو پاڻي به هنن ڪئنالن ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي.


    ڪوٽڙي جا پاتڻي حيران ٿيندا هئا

    ڪوٽڙي جو شهر سنڌو جي ڪناري 22 - 25 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 22 - 68 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۾ اٽڪل چار چورس ميلن ۾ آباد آهي. هن ڪوٽڙي شهر جي سڃاڻپ "دنگي منجھه دريا" ۽ "موهن جو دڙو" ناول لکندڙ علي بابا رند به رهيو آهي. استاد يوسف فنڪار، جيجي زرينه بلوچ جي آواز ۾ “اسين ماڻهو لاڙ جا ، درياءُ جي پاڇاڙ جا، اترڙو ٿو لڳي” جهڙا گيت به هتان گونجيا هئا. ماڻهن کي ٽهڪ ڏياريندڙ فنڪار قادر بخش مٺو به هتي جنم ورتو. جن جي ڪلا جا پنهنجا نرالا رنگ آهن. ڪوٽڙي جا هليلا سنڌ جي مشهور کجور آهي. جن بابت چيو ويندو آهي ته "ڪوٽڙي جا هليلا ڙي" ڪوٽڙي جو شهر اڳي حيدرآباد کان چار ڪلوميٽر پري هو پر هاڻ هنن شهرن جي وچ ۾ فاصلو رڳو سنڌو دريا آهي. ڪوٽڙي شهر ۽ شروعاتي ڳوٺ بابت 15 صدي ۾ مغل دؤر کان هيئن معلومات ملي ٿي "راجپوتانا رياست جو هڪ سردار ملڪ عيسب خان ڪنهن سبب ڪري پنهنجو راڄ ۽ ڳوٺ ڇڏي، پنهنجن اٺن ڀائرن سان گڏجي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن مان ٿيندو، سنڌ پار ڪري يا اُڪري موجوده ڪوٽڙي کان اولھ طرف 32 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي کيرٿر جبل جي قطار ۾ اچي ترسيو. هي سردار پاڻ ۾ نو ڀائر هئا. تنهن ڪري مٿن نومردي يا نومڙيا يعني نو ڄڻا نالو پئجي ويو. انهن جي پوئين جو ڳوٺ اڄ به ٿاڻي بولا خان کان چار ميل جي مفاصلي تي ٿاڻو احمد خان ۾ آباد آهي. هن قبيلي مان ملڪ اسد سڪندر خان قبيلي جو سردار ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي. هن وقت ملڪ اسد سڪندر خان ڪوٽڙي سميت ڪوهستان واري کيرٿر واري علائقي جي سوين ذاتين جو گڏيل سردار آهي. ڪوٽڙي شهر جي سياست تي سندس ڇاپ آهي. هن وقت ضلعي ڄام شورو جي هيڊڪوارٽر جون آفيسون ڪوٽڙي شهر ۾ قائم ٿيل آهن. سن 1828ع کان اڳ ڪوٽڙي ۾ سنڌو جي ڪپ تي ننڍڙو پتڻ هو. جتي ٻيڙيون سامان لاهينديون ۽ چاڙهينديون هيون. مَلڪ جا ٻه ماڻهو انهن کان ناڪو وصول ڪندا هئا. انگريزن جڏهن هندستان تي پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪيو ته انگريز پنهنجي حڪمت عملي تحت ڪاروباري سلسلو شروع ڪيو ته انهن سنڌو وسيلي سفر ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ انڊس فلوٽيلا نالي ڪمپني قائم ڪئي. جنهن جو هيڊڪواٽر بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) ۾ هو ۽ سنڌ ۾ ان جو مرڪز ڪوٽڙي ۾ هو. جتي انگريزن هڪ ننڍو قلعو قائم ڪيو. جنهن جي ايراضي 21×338×338 هئي. جنهن جي تعمير ۾ ان وقت 20103 روپيا خرچ آيو. هتي انڊس فلوٽيلا ڪمپني جي جهازن جي مرمت لاءِ ورڪشاب به قائم ڪيو ويو. هتي انڊس فلوٽيلا جي آفيس ۽ ملازمن جي رهائش جو بندوبست به ٿيل هو. ان وقت ڪوٽڙي ۾ شيدين ۽ خاصخيلين جي ڪجهه گهرن سميت ملاحن جا راڄ رهندا هئا. هڪ ڪچو دڪان هوندو هو ۽ پتڻ تي مسافرن جي سهولت لاءِ ڪو بندوبست نه هو. ڪجهه ڪپڙي جون ڪوٺيون هونديون هيون جن ۾ چڱا ڀلا واپاري اچي رهندا هئا. بندر تي انگريزن جا 20 کان 25 بنگلا هئا. هتي ڪڏهن ڪاٺ جون ترڪڙيون ٻيڙيون هلنديون هيون. پر ڪوٽڙي جو نصيب ته اتي جديد جهاز اچي بندرگاھ تي لنگرانداز ٿيا. جن کي پراڻا پاتڻي ڏسي پيا حيران ٿيندا هئا. شهر ۾ انگريزن سهڻا رستا ۽ بنگلن اڳيان اهڙا باغ ۽ گل پوکيا جو انهن کي ڏسي دل باغ بهار پئي ٿيندي هئي. شهر جو مک رستو وڌائي لاس واھ واري رستي سان ملايو ويو. ۽ ٻئي پاسي خانپور ۽ مياڻي واري رستن سان به ملايو يا ڳنڍيو ويو.
    1883ع ڌاري ڪوٽڙي ۾ پڪي مارڪيٽ، مختيارڪار جي آفيس ۽ مسافرن لاءِ ڊاڪ بنگلو تعمير ٿي چڪو هو. جنهن ۾ گوا کان آيل مسافر ۽ ملازم رهندا هئا. انگريز دور ۾ هتي پبلڪ لائبريري ۽ گورنمينٽ اسڪول قائم ٿيا. مڪينڪس انسٽيٽيوٽ هوندي هئي. اسپتال به قائم ڪئي وئي هئي. ان اسپتال ۾ علاج لاءِ ممبئي کان ڊاڪٽر ايندا هئا. ڪچو جيل، ڍڪ، ميونسپل آفيس، پوسٽ آفيس ۽ ٽيلي گراف آفيس به انگريزن هتي قائم ڪئي. 1897ع ۾ سنڌ ۾ پکڙيل پليگ جي بيماري ۾ ڪوٽڙي ۾ پڻ ڪيترا ماڻهو مري ويا ۽ ڪافي انگريز هتان لڏي ويا جنهن ڪري آدمشماري گهٽجي وئي. 1896ع کان 1904ع جي دوران سنڌو تي ڪوٽڙي وٽان پل تعمير ٿي. هن شهر جي 1872ع جي آدمشماري موجب آبادي 7617 هئي. جن ۾ 259 ڪرسچن هئا. 1911ع واري آدم شماري ۾ آبادي 7256 هئي. ڪوٽڙي کان ڏکڻ طرف نئين ٻارڻ سنڌو ۾ اچي سمائجي ٿي. 1944ع ۾ پيدا ٿيل بيماري وگهي به هتي تمام گهڻا ماڻهو مئا. 2010ع واري ٻوڏ دوران ڪوٽڙي شهر ٻڏي ويو ۽ شهر اندر ٻيڙيون پئي ھليون. هن وقت شهر جي چئو طرف تمام گهڻا ڪارخانا اڏيل آهن ۽ ڪوٽڙي انڊسٽريل ايريا پڻ سڏجي ٿي. هن وقت حيدرآباد ۽ ڄام شورو جون مادر علم يونيورسٽين جون عمارتون ۽ هن شهر جا ڪارخانا، عمارتون ۽ گهر گڏ گڏ نظر ايندا آهن. هتي ريلوي لائن به انگريز دور ۾ وڇائي وئي. جنهن ڪري هن شهر جي رونقن ۾ اضافو ٿيو. اُنهن ڏينهن ۽ هاڻوڪن ڏينهن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. ڪوٽڙي ۾ ٽي بي جي مريضن لاءِ ٽي بي سينٽر قائم ٿيل آهي جيڪو پوري سنڌ ۾ مشهور آهي.


    جهرڪ شهر اجڙي ويو

    جهرڪ شهر تاريخ ۾ ڪئي لاڙها ۽ چاڙها ڏٺا آهن ۽ هن وقت سنڌو جي خاموش واري جي درد ڪٿا جو منظر، جهرڪ جو ويران بندر، کنڊر بڻجي ويل ملاحن جا ڊٺل گهر، خاموشي سان ملاحن جي لڏپلاڻ، اهڙو نوحو آهن ، جهڙو ملڪ پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي والد جناح ڀائي پونجا جو ڀلجي ويل ذڪر يا پونجا جو جهرڪ جي نقشي تان مٽجي ويل گهر آهي. جهرڪ سان ڪئي انوکيون ڪهاڻيون وابسته آهن. ڪيترن دورن جي خاموش تاريخ بابت هاڻ رڳو لوڪ روايتون ئي ملن ٿيون. چارلس نيپيئر هن شهر کي وڏي اهميت ڏني. هتي جهازن جو بندر به قائم ڪيو. چارلس نيپيئر جهرڪ جي خوبصورت فضا ڪري هتي برطانوي فوج جو هيڊڪوارٽر قائم ڪيو. هتي هڪ بندرگاھ به هئي. انگريز جي هتي ڇانوڻي قائم ٿيڻ سان جهرڪ جي اهميت ۾ اضافو ٿيو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ لکيو ويو آهي ته ”1859ع ۾ برطانيه گورنمينٽ جي ڪمپني انڊس فلوٽيلا سنڌو ۾ سنڌ اندر سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ آمدرفت شروع ڪئي، مقامي طور تي ٻيڙيون ته هتي اڳئي هلنديون هيون پر هي جديد جهاز راني جي ابتدا هئي. انگريز پنهنجي زماني ۾ 1835ع ۾ انڊس نالي وارو هڪ وڏو جهاز هتي هلايو هو. ڊپٽي ڪليڪٽر آفيس، جديد پوسٽ آفس ۽ ٿاڻو به قائم ٿيو. هتان کان ڪوٽڙي ۽ ڪراچي تائين 1852ع ۾ جهاز هلايو ويو. جيڪو ٽپال کڻي ايندو هو. انڊس فلوٽيلا پنهنجي جهازن لاءِ هتي بندرگاه تعمير ڪرايو. ان ڪري به جهرڪ وڏي ترقي ڪئي. هتان کان ڪاٺين جي باھ تي هلڻ وارا جهاز ملتان، اٽڪ، ڪالا باغ تائين ايندا ويندا هئا. حسن علي آفندي (1830ع کان 1895ع تائين) جهرڪ واري مرڪزي آفس ۾ ملازم هو. هتي جهازن کي ڪاٺ به فراهم ڪيو ويندو هو. ان ئي حسن علي آفندي ڪراچي ۾ 1885ع ۾ سنڌ مدرسا الاسلام جو بنياد رکيو. جهرڪ کي اهو به اعزاز آهي ته حسن علي آفندي به هتي رهيو. ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين ريل هلڻ سبب سامان ريلوي تي وڃڻ لڳو جنهنڪري پاڻي واري اسٽيمر جهاز تي برو اثر پيو. 1862ع ان ڪمپني جي اٽڪ سروس جاري رهي ۽ 1883ع ۾ هن ڪمپني کي بند ڪيو ويو. پر ان جي باوجود 1907ع تائين انڊس فلوٽيلا جو هڪ جهاز سنڌو ۾ هلندو رهيو. جهاز کي ٿڌو رکڻ لاءِ مٿس ڪينچي نما ڇت وڌي وئي. هتي ڪراچي کان سستو سامان وڪرو ٿيندو هو. هن ئي شهر ۾ اسماعيلي بزرگن پنهنجيون سرگرميون ارغونن ۽ مغلن جي دور ۾ شروع ڪيون. هي سندن مرڪز رهيو هو. ميرن جي دور ۾ هتي اسماعيلي خواجن جا 983 جي ويجهو خاندان رهندا هئا. 1838ع ۾ آغا خان اول آغا شاھ حسن علي هتي اچي آباد ٿيو. انهي وقت نصير خان حاڪم هو. جنهن ايران جي حاڪم محمد علي شاھ قاچار جي چوڻ تي آغا خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مقامي جوکين جي سردار کي حڪم ڪيو. جنهن ڪري جهرڪ جي ويجهو جوکين ۽ آغا خان جي مريدن ۾ جنگ ٿي جنهن۾ ٻاهتر جي قريب ماڻهو مارجي ويا. ان جنگ بعد آغا خان ميرن خلاف مزاحمت تي لهي آيو ۽ هن پنهنجي پوئلڳن سان گڏجي سر چارلس نيپيئر جي وڏي مدد ڪئي جنهن ڪري انگريز سرڪار کيس هزهائينس جو خطاب ڏنو. آغا خان سندس رهائش لاءِ جهرڪ ۾ محل ٺهرايو جيڪو اڄ به سلامت آهي ۽ ڏسڻ جهڙو محل آهي. سندس تعمير پنهنجي دور جي نمائندگي ڪري ٿي. آغا خان حسن علي هزهائينس جي محل جي سامهون ڏکڻ طرف محل جي ڀِت ڀرسان هڪڙو گهر، اسڪول ۽ خالي پيل پلاٽ مون کي اصل جهرڪ شهر جي رهواسي ۽ هاڻ ٽنڊوباگو ۾ ويٺل مهدي محمد خواجه جي پٽ عرفان مهدي خواجه ڏيکاريندي ٻُڌايو هتي هن کنڊر وارو پلاٽ تي محمد علي جناح جي والد جناح ڀائي پونجا جو گهر هو ۽ هاڻ........!!! عرفان مهدي اڌ ۾ جملو روڪي ڇڏيو. مون خاموشي سان چئني طرف ڏٺو، نه باغ سلامت هئا، نه بازار ۾ رونق هئي سنڌو وارو پتڻ ۽ بندرگاھ کنڊر بڻجي ويا هئا، سنڌو ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رهي هئي، نه ملاح، نه مڪڙي، نه ڇلر، نه ڇٽ هئي. جهرڪ شهر جا زمين آسمان ٻئي بدلجي ويا آهن. قائداعظم محمد علي جناح جي گهر جا نشان ته هٿ سان ڊاهيا ويا آهن. جهرڪ جي جنهن اسڪول ۾ محمد علي جناح پڙهيو هو ان جو جنرل رجسٽر به تبديل ٿي چڪو آهي. پر جهرڪ جون گهٽيون ۽ هتي رهندڙ جهونا شاهد آهن ته قائد اعظم محمد علي جناح جهرڪ ۾ پيدا ٿيو هو. مون آغا خان جي محل جي ڇت تي چڙهي ڏٺو بندرگاهه خاموش هو جتي ڪپر تي ڪن ولوڙ ڪندا هئا اتي ڪا به ڇولي ڪونه هئي. ٻي ٽڪر تي ماجيرا جي ماڙي ويران نظر آئي. هتي پٿر جي دور ۾ اوزار ٺهندا هئا پر هاڻي ته ريتي ۽ بجري وارا هنن جا نشان به ميٽي رهيا آهن. ويران ٻيلي جا وڻ پاڻي جي نه هئڻ ڪري سڪي رهيا آهن. ڪنهن سمي قديم سنڌو جهرڪ وٽان ٻڌڪا ٽڪر تائين اوسي پاسي کان ڪلري ۽ بگهاڙ ڦاٽن ۾ تقسيم ٿيندو هو. ڪلري ڦاٽ کي ساڪره يا سانڪره به چيو ويندو هو. جنهن بعد نصر پور وٽان گذرندڙ مک وهڪرو اهوئي سانڪره وارو هو. جيڪو ڀنڀور ۽ ديبل وٽان سمنڊ ۾ سمائبو هو. اهڙو ذڪر مئڪمڊو پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ڪيو آهي. جهرڪ جي راجا ماجي راءِ جي نالي سان کنڊر بڻيل ماڙي سان لوڪ داستان به وابسته آهي. عاشق صادق کپريو کاٽڙيو جي مزار به هتي موجود آهي. ان جي ڪهاڻي به ڏاڍي عجيب آهي. لوڪ روايت آهي ته “کپريو وٽ هڪ کنو هوندو هو، جيڪو ڪرامت وارو هو. جنهن جي مدد سان کپريو راجا ماجي راءِ جي ڪوٽ کي کاٽ هنيا پر هو ناڪام ٿيو ۽ ڇهين ڀيري ڪامياب ٿي ويو ۽ پنهنجي هٿيار جي مدد سان راجا جي وڏي ڪنواري لاڏلي ڌيءِ کي اغوا ڪري وڃي پنهنجي جهوپڙي ۾ رهايائين. راجا پنهنجي نياڻي جي غائب ٿيڻ بعد سندس ڳولا ۽ واپسي لاءِ وڏا وس ڪيا پر ناڪام ٿيو. روايت ۾ اچي ٿو ته راجا کي جڏهن ڌي ڄائي هئي ته پنڊتن سندس جنم پتري ڏسي راجا کي ٻڌايو هو ته نياڻي سڄي عمر مسڪيني ۾ گذاريندي پر سندس شادي راجا ماجيراءِ سان ٿيندي اهڙا پنڊتن جا رايا ٻڌي راجا جا ٺپ ئي ٺري ويا هئا اداس ٿي ويو هو. پر جڏهن اها نينگري وڏي ٿي ته کپريو کي خبر هئي تنهن سندس کني سان کاٽ هڻي نينگري کي اغوا ڪري ورتو. راوي روايت ٿا ڪن ته کپريو وڏو پهتل شخص هو هن پنڊتن جي ڳالھ ٻڌندي ئي فيصلو ڪري ورتو هو ته هو ڇوڪري کي سندس پي راجا جي زال ٿيڻ نه ڏيندو. جنهن ڪري هن ڇوڪري کي اغوا ڪيو. کپريو راڻي جي ٺهيل ٽڪور لاءِ راجا جي ماڙي مان رات جو راڻي جي خاص ٻانهي جو اکيون ٻڌي کڻي ايندو هو ۽ کيس تاڪيد ڪئي هيائين ته جي هو راز فاش ڪندي ته هن کي ماري ڇڏيندو. راجا ڳولها ڪري بي حال ٿي پيو. تڏهن ٻانهي راز فاش ڪري ڇڏيو. راجا ۽ سندس ماڻهن اچي کپريو جي گهر جو گهيراءُ ڪيو. کپريو عبادت ڪري رهيو هو. سندس ڪرامتي هٿيار کي به اها ڪرامت هئي ته هو پاڻهي جنگ ڪندو هو پر جيڪڏهن هن کي ڪا عورت هٿ لاهيندي ته هن هٿيار جي ڪرامت ختم ٿيو ويندي هئي. گهيري مهل کنو پاڻ مرادو مياڻ مان ٻاهر نڪتو جنهن کي راڻي هٿ لاهي ڇُهي ورتو ۽ سندس ڪرامت ختم ٿي وئي. کپريو ۽ شهزادي وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويا. کين جدا جدا قبرون ٺاهي ان ۾ دفن ڪيو ويو پر قبرون هڪٻئي سان گڏجي ويون. ڪيترا ڀيرا قبرن کي جدا ڪيو ويو پر هو وري پاڻ ۾ گڏجو وڃن. حاڪم ۽ سندس ماڻهو کين جدا نه ڪري سگهيا. هو جتي ماريا ويا اتي ئي سندن مزار آهي ۽ اڄ به عاشق سندن سلامي ڀرين ٿا. سندن داستان جھرڪن ۾ زبان زد عام آهي. هن شهر تي جهرڪ نالو پوڻ جو سبب خواجه عبدالحسين پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ” ۾ هڪ روايت هن طرح بيان ڪئي آهي ته سنڌو جي ڏکڻ طرف شاھ پور ۾ ڀٽي ذات جا غريب ماڻهو رهندا هئا، سندن اولاد ۽ مال ۾ برڪت ڪون ٿئي پئي، هڪ لڱا هالا جي مخدوم جو خليفو اتان اچي لنگهيو ۽ ڀٽين وٽ ترسيو، ڀٽين اولاد ۽ مال ۾ برڪت پوڻ جي دعا مخدوم جي خليفي کان طلب ڪئي، خليفي کين موٽ ۾ چيو ته خليفي صاحب جا مريد ٿيو ته توهان کي دعا ڪريان ۽ اهڙو پڊ ٿو ڏسيان جتي مال ۽ اولاد ۾ برڪت سميت اوهان جي ذات جو پيو ورجاءُ ٿيندو ، ڀٽين مخدوم صاحب جي مريدي قبول ڪئي ۽ خليفي کين هاڻوڪي شهر وارو پڊ ڏسيو جتي ڳوٺ ٻڌي اچي ويٺا ، اٽڪل ڇهن يا ستن سالن کانپوءِ خليفو اتان اچي گذريو تڏهن ڀٽي مالامال ۽ منجهن اضافو نظر آيو ، هڪ هڪڙي ماڻهو جا اٺ نو ٻار اچي خليفي اڳيان بيٺا ، پڇا ڪرڻ تي ماڻهن اشارا ڪري ٻڌايو ته هي ٻار فلاڻي جا آهن ، ۽ هي فلاڻي جا . تنهن تي خليفي مرڪي چيو ته اوهين ته ڪي جهرڪ آهيو ، انهن لفظن کانپوءِ اهي جهرڪ ڀٽي سڏجڻ لڳا ۽ پوءِ شهر جو بنياد پيو جنهن تي جهرڪ نالو پئجي ويو ، جهرڪ قبيلو هن وقت به موجود آهي ، جهرڪ شهر ڀرسان سنڌو جي ڪناري تي عمدا باغ هوندا هئا جن ۾ انبن ، زيتونن ، کجين ، ڦارون ، جا وڻ هوندا هئا ، هتي ڪمند به جام ٿيندو هو”


    سونڊا جو نالو ۽ سنڌو جو پلو کائي مرندڙ حاڪم

    سونڊا شهر جيڪو سنڌ جي سمون حڪمران ڄام تماچي سنڌو جي ڪناري آباد ڪرايو سو هن وقت کنڊر بڻيل آهي. هن کنڊر بڻيل ماڳ جي تاريخ تي الاهي دز چڙهيل آهي. پر سونڊا سان جيڪا سنگتراشي واڳيل آهي سا سونڊا جي هزارين قبرن تي ٿيل آهي. تن قبرن ۾ ڪهڙا ڪهڙا نامور جوڌا، جنگي جوان، حسين عورتون دفن ٿيل آهن تن جي نالن ۽ ذاتين کان تاريخ جا پنا هن وقت اڻواقف آهن. پر جي سنڌو جي ڪٺار سان موئن جو دڙو سميت سوين تهذيبي شهرن جي کنڊرن ۽ هن قبرستان کي ڏٺو وڃي ته سونڊا جو قبرستان فن سنگتراشي جو شاھڪار نظر ايندو. جيڪڏهن اسان تاريخ تي نظر وجهنداسين ته تيرنهن سو قبل مسيح کان پنج سو قبل مسيح تائين مٽي ۽ ڪاٺ مان ٺهيل گهرن جي اڏاوت نظر ايندي. اشوڪ اعظم جي دور ۾ هن فن کي نئين جدت ملي. اشوڪِ اعظم جي دؤر کان اڳ عمارت سازي سادي نموني سان ڪئي ويندي هئي پر هن جي دور ۾ گلن جي گلڪاري فن سنگتراشي ۾ شامل ٿي. ڊاڪٽر احمد حسن داني لکي ٿو ته “سنڌ وارو خطو هندستان جو اهڙو حصو رهيو آهي جتي انساني تهذيب سڀ کان اڳ اک کولي، سنڌ ۾ هندو مت، ٻڌ مت ۽ جين مت جو اثر موجود هو. جنهن ڪري ان فن جو اثر اسلامي فن تي پڻ پيو. سنڌ ۾ مسجدن جي تعمير تي ترڪي، ايران، مصر ۽ هند جي تعمير جو اثر نظر اچي ٿو”
    سونڊا جي قبرن بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته “سونڊا قبرستان ۾ ڪافي قبرن تي گهوڙي سوارن جون تصويرون ٺهيل آهن جن جي هڪڙي هٿ ۾ نيزو ۽ ٻي هٿ ۾ ڍال آهي. ڪن قبرن تي پٽڪا يا پڳ تراشيل آهي. ائين قبرن جي سڃاڻپ مختلف نشان سان ڪئي وئي آهي.”
    سونڊا واري قبرستان جي فن سنگتراشي بابت ڪافي محقق متفق آهن ته سونڊا واري قبرن جو فن سمان دور ۾ گجرات کان هت پهتو. گجرات ۾ عمارت سازي تي هن قسم جي سنگتراشي ٿيل آهي. چيو وڃي ٿو ته سلطان محمود تغلق کي ملاحن پلو کارايو ۽ پلي جو ڪنڊو نڙي ۾ ڦاسڻ ڪري سلطان محمود تغلق سونڊا ۾ وفات ڪري ويو. هن وقت 2018ع ۾ سونڊا پتڻ ويران ان ڪري آهي ته سنڌو ۾ ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي جو ڦڙو نٿو اچي. انهي ڪري پتڻ ۽ سونڊا مياڻ ويران بڻجي ويا. هن وقت سونڊا قبرستان سنڌو جي اولھ پاسي، هاءِ وي جي اوڀر پاسي هڪ ٽڪري تي موجود آهي. سونڊا جي ان شهر خاموشان ۾ هڪڙي تاريخ دفن آهي.


    سنڌو ڪناري آباد ٺٽي شهر جو اجڙڻ ۽ ٺهڻ

    ٺٽو جيڪو ترقي جي آسمان تي پهتو. جتي سڄي دنيا جا واپاري ايندا هئا. جنهن جي پتڻ تي هزارين ٻيڙيون بيٺل هونديون هيون. چنڊ سان عاشق ڳالهيون ڪندا هئا. سنگ تراش جي ڇيڻي بي جان پٿر ۾ تصورن جا خاڪا ٺاهيندي هئي. چرخو چرندو. شهر جي باغن ۾ ڪوئل جي ڪوڪ تي سرمد ڇرڪ ڀري اٿندو هو ۽ اڀيچند جي ڳلين ۾ عاشق جون آنهون پڙاڏا بڻجي گونجنديون هيون. اهڙي شهر ٺٽي کي امير خسرو (وفات آڪٽوبر 1325ع) پنهنجي محبوب سان تشبيهه ڏني هئي. تاريخ طاهري جي مصنف لکيو آهي ته “ٺٽي ۾ 4000 کان مٿي ڪپڙو اُڙندڙ ڪورين جا خاندان رهندا هئا” آئينِ اڪبري موجب ٺٽو هڪ شاندار بندر آهي جتي هزارين ٻيڙيون بيٺل هونديون آهن. ٺٽي جي عروج واري ڏينهَن ۾ هتي واپاري، رازا، مزدور، هاري، موچي، ڪوري، موسيقار، اڪابر، شاعر، عالم، شاگرد ۽ حاڪم رهندا هئا. رات جو جڏهن ڏيئا ٻرندا ۽ فانوس روشن ٿيندا هئا ته ندي ۾ لهرون انهن جي روشني جهٽينديون هيون. گهنڊ وڄندو هو ۽ پوڄاري پوڄا لاءِ ويندا هئا. اکيون سرگوشيون ڪنديون هيون. ڪنهن نما شام جو هڪڙي واپاري سرمد جا نيڻ ٺٽي جي اڀيچند جي نيڻن جا قيدي بڻيا ۽ پوءِ سرمد اڀيچند جي عشق ۾ اهڙو ته مبتلا ٿيو جو هن پنهنجي زندگي ئي اڀيچند جي نانءُ ڪري ڇڏي، گهٽين ۾ عاشق کي پٿر لڳندا هئا پر هر پٿر لڳڻ سان سرمد اڀيچند جي نالي جو ورد ڪندو هو. هن جي عشق جو پڙاڏو ٺٽي جي گهٽين ۾ گونجندو هو. سرمد ٺٽي ۾ اڀيچند جي اکين جو سودو ڪري وهي رهيو پر سندس قسمت ۾ اڃان ڪجھ ٻيو لکيل هو. جنهن ڪري هو محبوب جون گهٽيون ڇڏي وڃي دهلي کان نڪتو. جتي داراشڪوه سان دوستي ٿيس. ابوالڪلام آزاد سندس ڪتاب حياتِ سرمد ۾ لکي ٿو
    “ان زماني ۾ ايراني سياح عمومن سنڌ کان ٿيندا هندستان ويندا هئا. سنڌ جي شهرن ۾ ٺٽو مشهور شهر هو. ٺٽي شهر ۾ سرمد پنهنجي دل اڀيچند جي حوالي ڪئي هئي. پوءِ هو دهلي پهتو جتي عالمگيري دور ۾ سرمد کي شهيد ڪيو ويو. پر سرمد جي شهادت کانپوءِ هر دور ۾ اڄ تائين عشق جو اکيون سرمد ۽ اڀيچند کي وساري نه سگهيون آهن. هنن جي عشق جي ڪهاڻي لوڪ داستان بڻجي وئي. جتي عشق جو اهو نرالو باب آهي اتي ڄام تماچي ۽ نوري جي عشق جي لوڪ ڪهاڻي به پنهنجي نوعيت جي انوکي ڪهاڻي آهي. ان ڪهاڻي جو تعلق ٺٽي جي حاڪم ڄام تماچي ۽ اڳي ڪلري ۽ هاڻ ڪينجهر ڍنڍ جي رهواسڻ نوري سان آهي هن ڪهاڻي بابت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو هي بيت گواهي ڏي ٿو.

    هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه
    اچي وڃي وچ۾ تماچي جي ساءُ
    لڳي اتر واءُ ته ڪينجهر هندورو ٿئي.

    تماچي جيڪو حاڪم هو. سو هڪ ماهيگير ملاح جي گهر پليل نوري جي نينهن ۾ اهڙو ته مبتلا ٿيو جو حاڪم ڄام تماچي ڪينجهر ملاحن جي حوالي ڪري مٿن مڙئي محصول معاف ڪيا ۽ پاڻ ڄارو ڄام ڪلهي تي مڇيون پيو ماري، سندن پڄاڻا اڄ به سونهن يارن واري ڪينجهر تي ميلو متل هوندو آهي. ٺٽي شهر نه رڳو عاشقن جا پير ڏٺا پر ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جهڙو سنڌ جو حاڪم پڻ پيدا ٿيو. جنهن ڪڏهن به سندس ڀر واري راڄ تي ڪاھ نه ڪئي. سندس دور سنڌ ۾ امن ۽ سڪون وارو دؤر رهيو. کيس تاريخ اڄ به چڱن اکرن ۾ ياد ڪري ٿي. کائنس پوءِ جڏهن ٺٽي تي شاھ بيگ ارغون سن 927ھ 11 محرم کان 20 محرم تائين 1520ع ۾ حملو ڪري ٺٽو فتح ڪيو ته مبارڪ خان عرف دولھه دريا خان سميت سنڌ جا ڪئي ڪونڌر ٺٽي جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويا. ۽ شاھ بيگ ارغون جي فوجن قتلام ڪرڻ بعد ان نڀاڳي شام ٺٽي شهر کي باهي ڏئي ڇڏي. اها بدقسمت گهڙي هئي جنهن ۾ دولھه دريا خان جو وڍيل سر به اڃان دفن ڪونه ٿيو هو ۽ شام سج لٿي کان اڳ ڌارين جي آيل لشڪر ٺٽي کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.
    تاريخ لکي ٿي ته ”دولھه دريا خان جي سپهه سالاري ۾ سنڌ جو لشڪر 1490ع ۾ سبي ۾ ارغونن سان مدمقابل ٿيو ۽ شاھ بيگ ارغون جو ڀاءُ سلطان محمد ارغون مارجي ويو ۽ فتح دولھ دريا خان جي ٿي.
    تاريخ معصومي جو مصنف مير معصوم بکري لکي ٿو ته “ڄام نندي جي ايام ڪاري دوران دولھ دريا خان جي سپهه سالاري هيٺ ملتان کان ڪڇ تائين جو خطو سنڌ ۾ شامل هو. 1508ع ۾ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي وفات ڪئي ۽ تخت تي سندس پٽ ڄام فيروز کي ويهاري حاڪم بڻايو ويو.”
    مير معصوم وڌيڪ لکي ٿو ته “ڄام فيروز گهڻو وقت سندس حرم ۾ گذاريندو هو. کيس سٺي ۽ خراب جي تميز نه هئي. سندس مجلس ۾ مسخرن جي عزت هوندي هئي ۽ جيڪڏهن کيس دولھه دريا خان روڪيندو هو ته ان جي به عزت ڪونه ڪندو هو. سندس ماءُ مدينه دولھه دريا خان سان دلي طور نفرت ڪندي هئي. جنهن ڪري دولھه دريا خان سندس منصب ڇڏي وڃي سيوهڻ لڳ پنهنجي جاڳير ڳاهان ۾ وڃي رهيو هو. ڄام فيروز جي حرڪتن ۽ بيوقوفين سبب ڄام صلاح الدين، سلطان مظفر گجراتي جي مدد سان مارچ 1512ع ۾ ٺٽي تي حملو ڪيو. جنهن ۾ اميرن ۽ جاگيردارن جي مدد سان سنڌ تي قبضو ڪيو ويو. جنهن بعد ڄام فيروز ۽ سندس ماءُ کي دولھه دريا خان جو احساس ٿيو. هي مجبوري واري حالت ۾ سندس وٽ پهتا. دريا خان هنن سان انڪار نه ڪيو ۽ سيوهڻ ۽ بکر مان لشڪر وٺي اچي حملو ڪيائين ۽ 12 آڪٽوبر 1512ع تي ٻيهر ٺٽو فتح ڪري ڄام فيروز کي حاڪم بڻايو ويو. ان کانپوءِ ڄام فيروز ۽ سندس ماءُ جو دريا خان سان ساڳيو پراڻو سلوڪ رهيو. 1520ع ۾ شاھ بيگ ارغون ۽ دولھه دريا خان وچ ۾ ساموڻي ويجهو جنگ لڳي جنهن ۾ هي جوڌو جوان شهيد ٿي ويو. دولھه دريا خان ۽ همون جي عشق جو قصو به انتهائي اهميت رکي ٿو. پراڻ جي ڪناري جهڏي شهر يا ان وقت گدام ۽ پتڻ کان اولھه طرف شاعر نياز پتافي جي ڳوٺ ۾ شاھ قنبر جي درگاھ ۽ هندن جي مندر ويجهو همون جو تلاءُ اڄ به موجود آهي. مقامي طور تي چيو وڃي ٿو ته همون راٺوڙ هئي ۽ چون ٿا ته دولھه دريا خان جو اصل ڳوٺ به اهو آهي. همون ۽ دولھه دريا خان جي عشق جي واٽ اڄ به سلامت آهي. سندن عشق جا پير زمانن جي لٽ لٽي ڪونه سگهي آهي. اتهاس جي اڱڻ تي هنن جي عشق جي ڪٿا اڄ به تازي گلاب جي گل جي خوشبو جيان لڳي ٿي. سنڌ ۾ سمان دور ڏاڍو زبردست هو. سمان دور سنڌ جي نج مقامي سمان قبيلي جي حاڪميت هو. 1351ع ۾ ڄام انڙ سمون سومرن کان تخت حاصل ڪري سمان دور جو بنياد رکيو. 1519ع تائين سمان سنڌ جا حاڪم رهيا. شاھ بيگ ارغون جي فتح کان پوءِ جڏهن 1555ع ۾ شاھ بيگ ارغون مئو ته سلطان محمود ۽ عيسيٰ خان ترخان جي پاڻ ۾ دشمني ٿي. عيسيٰ خان پورچوگيزن کي گهرايو يا طلب ڪيو. جن ٺٽي کي لٽيو ۽ باھ ڏئي ساڙيو. پورچوگيزن تمام گهڻي ڦرلٽ ڪئي ۽ انهن جي سپاهين 8000 هزار ماڻهو قتل ڪيا ۽ سمنڊ تائين پوري علائقي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو. ان ڪوس ۽ ڦرلٽ بابت تاريخ طاهري ۽ بيگلارنامه ۾ تفصيل ڏنل آهن. شاھ عنايت کي دوکي سان ٺٽي ۾ شهيد ڪيو ويو. ٺٽي ۾ رنگ ۽ رتول به هيا ته شام جو اڏيرو لعل جا پوڄاري درياءُ جي ڪناري تي ٺهيل تلاءُ وٽ پاڻي جي پوڄا ڪندا هئا ۽ درياءُ پنٿي جڏهن پاڻي جي پوڄا ڪندي گلاب جون پنکڙيون درياءَ کي ارپن ڪندا هئا وايو منڊل مهڪي پوندو هو. دٻگير مسجد مان ٺٽي جي قاضي القضاء مولوي محمد هاشم ٺٽوي جو آواز گونجندو هو ته ايندڙ ويندڙ به کيس بيهي ٻڌندا هئا. طالب علم ٽولا ڪري هلندا هئا. چون ٿا ته ٺٽي ۾ سوين مدرسا هئا. جتي علم جا اڃارا اچي علم جي اڃ اجهائيندا هئا. مرزا جاني بيگ شاعري ۽ موسيقي جو شوقين هو. سترنهين صدي جي ٻي اڌ دوران ٺٽي جو زوال ٿيڻ شروع ٿيو. جنهن جا ٻه مک ڪارڻ هئا. (1) مغل گورنرن ٺٽي ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني هئي. (2) ٻيو اهم ڪارڻ اهو ته سنڌو پنهنجو رخ بدلائي هن شهر جي اوڀر طرف کان وھڻ لڳو هو.
    هتي مغل حڪومت طرفان ضرب خانو به قائم ٿيل هو. تاريخ طاهري جو مصنف لکي ٿو ته “ڪنهن به ماڻهو هن شهر جي ماڻهن کي ڪڏهن ملول ۽ پريشان نه ڏٺو آهي. ٿوري گهڻي تي راضي رهڻ وارا، پنهنجي ساري زندگي کلندي ۽ خوش رهندي گذارين ٿا. هنن جي کلڻ ۽ خوش رهڻ جو طريقو ٻي ڪنهن جاءِ تي نه آهي”
    ٺٽو باغن جي ڪري به مشهور هو. ٺٽي کي ڪلهوڙا دؤر ۾ نظر انداز ڪيو ويو. ان کان کان بعد ميرن به حيدرآباد کي ترجيح ڏني. 1843ع انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد پوسٽن ٺٽي بابت لکي ٿو “ٺٽو مڪمل طور تي تباھ ٿي چڪو آهي. سندس آدمشماري جيڪا جڏهن اسي هزار هئي هينئر ان جي ڏهي حصي جيتري به ناهي.”
    قيام پاڪستان بعد هن وقت ٺٽو پاڪستان جي صوبي سنڌ جو ضلعي جي حيثيت رکندڙ شهر آهي. هاڻ نه هتي باغ رهيا آهن. نه باغباني آهي. پراڻيون عمارتون ۽ قديم مسجدون کنڊرن وارو ڏيک پيون ڏين. حاڪمن جو شهر اجڙيل اجڙيل نظر اچي ٿو. جنهن شهر جي سونهن لاءِ شاعرن تشبيهون ٿي ڏنيون سو شهر هينئر تشبيهه بڻجي ويو آهي.


    سنڌو جا ڦاڪ

    سنڌو سنڌ ۾ آڳاٽي زماني کان وٺي 1932ع تائين پئي رخ بدلايا. ڪافي هنڌن تان ٻن حصن ۾ پوءِ ننڍن ننڍن ڦاڪن ۽ واهڙن ۾ پور وڇوٽ وهندي وهندي پاڻ کي جڏهن سمنڊ ۾ سمائي ٿو ته اتي پاڻ سان گڏ کڻي ايندڙ لٽ کي ڇاڻي ٻيٽ ٺاهي ٿو. ۽ ڪپر تي پئي ڪن به ڪيائين. سنڌو بابت 1800ع کان اڳي جو اتهاس ۾ ڪو مستند مواد نٿو ملي. انگريز دور ۾ مور ڪرافٽس کان وٺي ايچ ٽي لمبرڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن تحقيقي مواد سامهون آندو آهي. پر اڄ تائين تحقيقي اڀياس مڪمل ان ڪري نه ٿيو آهي جو ڪافي پراڻن ڍورن ۽ ڦاڪن جا نالا هر ٻه ٽي ڪلو ميٽرن کانپوءِ مقامي ماڻهن تبديل ڪري مقامي طور تي انهن تي پنهنجا نالا رکي ڇڏيا آهن. تنهن ڪري ڏيهي توڙي پرڏيهي محقق ۽ ليکڪ ان منجهيل سٽ کي سلجهائي نه سگهيا آهن. سنڌو صدين کان مٿيان کان هيٺ آهستي آهستي سرڪندي سرڪندي پنهنجو رخ تبديل ڪندو رهيو آهي. ڪيترائي پراڻا ڦاڪ ۽ وهڪرا هن وقت دڙن، ڍنڍن، ۽ ڪلراٺن پوٺن جي شڪل ۾ موجود آهن. 1932ع بعد آيل زرعي انقلاب دوران سکر بئراج قائم ٿيڻ بعد ڪافي ڍورن، دڙن، ڍنڍن ۽ پوٺن کي مقامي زميندارن هموار ڪري زرعي استعمال ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ڪيترن قديم وهڪرن جي پيٽ مان جمڙائو ڪئنال، روهڙي ڪئنال به کوٽيا ويا آهن ته ايل بي او ڊي سم نالو گهڻي ڀاڱي پراڻ جي قديم وهڪري مان ٺاهيو ويو آهي. ڪيترن ئي ٻين ڪئنالن ۾ پراڻن ڍورن کي استعمال ڪري انهن کي نوان نالا ڏنا ويا آهن. ڊيلٽا جي مسلسل تبديل ٿيندڙ صورتحال سبب به ڪافي قديم ڦاڪن ۽ وهڪرن جا ھاڻي نشان ئي چٽا نه رهيا آهن. جتي ڪالھه دريا هو اتي اڄ سمنڊ ڇوليون پيو هڻي. جتي سبز کيت هئا اتي ڪڇ جو رڻ ئي رڻ آهي. ارڙهين صدي کان سنڌو تي تحقيقي ڪم ٿيڻ شروع ٿيو آهي. ان حساب سان اتهاس موجب ڍورن ۽ ڦاڪن بابت جيتري معلومات ملي سگهي آهي ان موجب هن ريت آهي

    نمبر 1 ڪلري ڦاڪ
    هي سنڌو جو قديم ڦاڪ جيڪو موجوده ضلع ٺٽي جي هيلايان ٽڪري وٽان جڏهن سنڌو ٻن ڦاڪن ۾ تقسيم ٿيندو هو. جنهن ۾ ڪلري ڦاڪ جيڪو مڪلي جي اتر طرف کان نڪري ماموئي، گجو، شيخ تراب، گهارو، ڀنڀور، ساڪرو مان ٿيندو وڃي سمنڊ جي ڇولين سان ٽڪرجندي ٽڪرجندي پاڻ کي سمنڊ حوالي ڪندو هو. هاليجي ۽ ڪينجهر جنهن جو اڳي نالو ڪلري هو اهي ڍنڍون به ان وهڪري تي آهن. ٿرڙي، ٻاٻڙا، محمد هاشم ڪاتيار، ۽ ٻهارا به ان وهڪري واري ڦاڪ تي آهن. ڪتاب "سنڌ عرب دور" ۾ مشهور ليکڪ المسعودي جيڪو 300ھ ۾ سنڌ آيو. اهو لکي ٿو ته "مهراڻ دريا ساڪري واري علائقي مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو."هن ڦاڪ کي شروعاتي 60 ڪلوميٽرن تائين ڪلري ۽ آخر ۾ کيس ناري ڇڇ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. تاريخ طاهري (1031ھ/1621ع) ۾ ڄاڻايل آهي ته" ساموئي ڀرسان ٺٽي جو بنياد 866ھ / 1462-62ع دوران ڄام نظام الدين سمون حاڪم رکيو.
    ڪلري ڦاڪ گهاري ۽ گجي جي ويجهو لنگهندي ٻن شاخن يا حصن ۾ ورهائبو هو. ٻئي شاخون سڌيون اولھ طرف وڃي ڪورنگي وٽ جھور کاري ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. انهن ٻنهي شاخن مان وري ٻه ننڍيون شاخون يا برانچون جدا ٿينديون هيون. جيڪي کڏي کاري ۽ کانٽو کاري تعلقه مير پور ساڪرو کان ٿيندي وڃي سمنڊ ۾ ڪرنديون هيون.

    بگهاڙ يا بگهياڙ ڦاڪ
    هي دريائي ڦاڪ هيلائين ( ٻڌڪا ) وٽان سنڌو مان نڪرندڙ ٻيو وڏو ڦاڪ هو. جيڪو درگاھ پير پٺو واري ٽڪري جي اوڀر طرف وٽان ڦرندي ميرپور ساڪرو ڏانهن اولھ طرف ور وڪڙ ڪندو وڃي لاهري يا لاڙي بندر وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. بگهاڙ مان پير پٺو وٽان ٻه شاخون به نڪرنديون هيون. جن مان هڪ کي حجامڙو يا ٽيٽو ۽ ٻئي کي ڦٽو سڏبو هو.

    حجامڙو
    حجامڙو تعلقي گهوڙا ٻاري کان اڳتي وڌي جڏهن ديهه اڏيرو لعل وٽ پهچي ٿو ته هن مان اوچتو ڦاٽ نڪري ٿو.

    اوچتو
    اوچتو ڦاٽ اڏيرو لعل کان ال آصف شگر مل ڳاڙهو، ٻگهاڻ، ترڇاڻ کان ڪيٽي بندر وٽان سمنڊ ۾ سمائبو آهي. هن ڦاٽ مان بيشمار ڇاڙون نڪرنديون هيون جيڪي وڃي قلندري ڦاٽ ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون.

    قلندري
    قلندري ڇاڙ کاروڇاڻ جي اولهه طرف وهندڙ ڌتري ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. جنهن مان 1949ع کانپوءِ نئون ڦاٽ نڪرڻ سبب ڦاٽ چيو وڃي ٿو. اهو ڦاٽ وري ٻن حصن ۾ ورهائجي وهي ٿو. جنهن جي هڪ شاخ ڏکڻ طرف وڃي جاتي وٽان سمنڊ ۾ سمائجي ٿي. ٻي شاخ اوڀر کان اولھ وڃي سڌو ڪيٽي بندر پهچي ٿي. اهو ڦاٽ ديهه ڇڇ ولي محمد ۽ ديهه دارسي جي دنگ تان ٿيندو مٽڻي دريا ۾ پوندو هو. دريا جي هيرين ڦيرين سبب هڪ نئو وهڪرو جاري ٿي ويو. جنهن کي مقامي ماڻهو وَٺو چون ٿا. اهو به پنهنجي سمورين شاخن سميت وڃي ڪيٽي بندر وٽان سمنڊ ۾ سمائبو هو.

    مٽڻي
    مٽڻي وارو ڦاڪ اولھه کان اوڀر طرف وهي ٿو. ان جي اتر ڪپر تي ڳوٺ سڄڻ واري آهي ۽ ڏکڻ ڪپ تي کاروڇاڻ شهر آهي. مٽڻي کاروڇاڻ جي اوڀر طرف کان ڦري ٿو اچي.

    سٽهڙي
    سٽهڙي وارو ڦاڪ مٽڻي مان نڪري ٿو. هن ڦاڪ تي ڪنهن دور ۾ سنڌ جو قديم بندر سوکي بندر قائم هو. سوکي بندر قيام پاڪستان کانپوءِ مقامي آبادي جي لڏپلاڻ سبب ويران ٿي ويو. هي ڦاڪ وري واهڻ ڍوري ۾ سمائجي ٿو.

    پکيئڙو يا ڪانير
    اهو ڦاٽ به مٽڻي واري ڦاٽ مان سوکي وٽان جدا ٿئي ٿو. هتي ڦڻي جي ڏندن وانگر ننڍين ننڍين ڇاڙن جو ڄار تڏهن ڏسڻ ۾ ايندو آهي جڏهن سنڌو ۾ تار پاڻي اچي ٿو. 1960ع کانپوءِ اوچتو وارو ڦاڪ آهستي آهستي سڪي ويو. هن وقت سندس ڍورا ۽ ڇاڙون موجود آهن. 1758ع واري دريائي تبديلي بعد ڪلري ۽ بگهاڙ وارا ڦاڪ به سڪي ويا.

    پراڻ
    پراڻ واري وهڪري بابت اتهاس جي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته 341ھ ۾ سنڌو ۾آيل وڏي تبديلي سبب سنڌ جي اڀرندي حصي وارا سکيا ستابا علائقا ويران بڻجي ويا ۽ سنڌو جو وچون وهڪرو به آهستي آهستي 1398ع تائين ختم ٿي ويو. دريا برھمڻ آباد کان مٿي هليو ويو ته پراڻ وارو وهڪرو به سڪي ويو. ۽ 1958ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ آيل تبديلي بعد نصرپور وارو وهڪرو به رڪجي ويو ۽ دريا موجوده وهڪري وٽان وھڻ لڳو. پر انهن تبديلين سبب ڪاهو جو دڙو، برھمڻ آباد، ميرواهه گورچاڻي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏو، روشن آباد، مير جو ڪوٽ، ۽ ٻنگار جتي نئون ڪوٽ کان اولھ طرف هاڪڙو جو قديم وهڪرو اچي پراڻ سان ملندو هو. ۽ پراڻ ٻنگار کان اڳتي پير بودلو، شادي لارج، ونگو پتڻ، ڄار جو پتڻ، نوتيار ٻيلو، علي بندر، رحمڪي بازار، سنڌڙي بندر، وٽان وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.

    نيرو نڌو، اولھه پراڻ يا ساڱرو
    هي وهڪرو جنهن کي لوهاڻه، ساڱرو، نڌو، نيرو، اولھه پراڻ ۽ ڪوٽ لکپت دريا به چئجي ٿو. هن جو وهڪرو ٽنڊوالهيار، مسڻ وڏي، چمبڙ، وڏيري حاجي عبدالله جو ڳوٺ، پهوڙن جو ڳوٺ، ٽنڊو غلام علي، ٺري، راڄو خاناڻي، مراد ٽالپر، سعيد پور، ٽنڊو باگو، وهڻائي شريف، نندو شهر، مٺي ٿري، ڪڍڻ، بڙ جو ڍورو، ڪونج سر ڪانٽو، ڪوٽ لکپت، ڪوري نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. هن وهڪري کي ٽنڊو الهيار وٽان ساڱرو ۽ لوهاڻه جو وهڪرو چيو وڃي ٿو. ٽنڊو غلام علي کان هيٺ ٺري، راڄو خاناڻي، ٽنڊو باگو، وهڻائي، ويندي ڪونج سر ڪانٽو تائين نيرو، نڌو يا اولھ پراڻ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن وهڪري مان دٻهڙو ڀرسان هڪڙو ڦاڪ نار نالي نڪري ٿو. جيڪو خليفو قاسم کوسڪي ۽ مٺي ٿري جي درگاھ هيبت فقير کان ٻيهر پنهنجي اصل وهڪري سان ملي ٿو. ٽنڊي باگي جي موجوده ڳوٺ حاجي احمد زنئور کان ٻن ڦاڪن ۾ تقسيم ٿيندو هو. هڪڙو ڦاڪ وهڻائي شريف، لنواري شريف کان ٿيندو ڪڍڻ ڀرسان پنهنجي اصل وهڪري سان ملي وڃي ٿو.

    نصرپور
    نصر پور کان اولھه طرف وارو وهڪرو بڪيرا شريف، شيخ ڀرڪيو، ڍورا هنڱورا، نورائي، گنجو ٽڪر وٽان ٿيندو وري ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيندو هو.

    ڪارو گونگڙو
    ڪارو گونگڙو وارو ڦاٽ لاکاٽ کان ٿيندو آباد شوگر مل ميران پور جھوڪ، بٺورو، محمد طور يا مهاتم طور، رڙي، تڙ خواجا، مغلڀين (جاتي) سنڊو بندر کان وڃي ڇوڙ ڪندو هو.

    پٽيهل
    پٽيھل وارو ڦاٽ لاکاٽ کان ٿيندو هيٺ وري ٻن ڦاڪن ۾ تقسيم ٿيندو هو. پٽيهل آڳڙي، راهوڪي، ترائي، آسيلي، ماڙي وسايو، کان وڃي پٽيجي ۾ پوندو هو.

    جهول ڦاڪ
    جهول ڦاڪ گولاڙچي کان انڙڪوٽ، رڙي وارو پاسو وٺي سندس اصل وهڪري پٽيهل سان ملندو هو.

    ريڻ
    هي ريڻ وارو ڦاڪ وري فتح باغ، جوڻ، تلهار کان اڳتي غلام حسين جمالي ڳوٺ وٽان ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيندو هو.

    ڳٺو ڍورو
    هي ڳوٺ غلام حسين جمالي کان رِپ ۽ مورجهر کان ٿيندو وڃي شاھ طريل، شاھ گريو، شيخ عمر، بدين، سيراڻي وٺي وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو.

    ڦليلي ڦاڪ
    سنڌو ۾ 1758ع واري آيل وڏي تبديلي بعد نصرپور وارو وهڪرو بيهي ويو ۽ سنڌو جڏهن موجوده ورڇ ۾ وهڻ لڳو ته نوان ڦاڪ به جوڙيائين. جن ۾ انڙپور سامهون ڦليلي وارو وهڪرو جاري ٿيو. جنهن جي ڊيگهه رچرڊ ايف برٽن پنهنجي ڪتاب“سنڌ منهنجي نظر ۾” ۾ 40 ميل ۽ ويڪر 35 فٽ ڏيکاري آهي. چئي ٿو ته گوني سدا اوني جي ڪنارن تي سنڌ جي حاڪمن ٽالپرن جي فوج کي هارائي ۽ حيدرآباد (نيرون ڪوٽ) تان آزاد سنڌ جو جهنڊو سر چارلس نيپيئر فاتح جي حيثيت سان لاٿو ۽ سنڌ تي انگريز راڄ قائم ٿيو. سر چارلس نيپيئر سان آخري ويڙهه دٻي جي ميدان ۾ مير پور خاص جي ماڻڪاڻي مير شير محمد ٽالپر ۽ سپهه سالار هوش محمد عرف هوشو شيدي جي اڳواڻي ۾ وڙهي وئي. سنڌي لشڪر هار کاڌي ۽ هوشو مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻندي شهيد ٿي ويو. انگريزن جنگ ۾ مارجي ويل سندن سپاهين جي قبرن تي يادگار اڏي، پر سنڌ جي شهيدن جي ڪا يادگار اڄ تائين تعمير نه ٿئي. ڦليلي گوني حيدرآباد جي اوڀر کان کٿڙ، هوسڙي، سيري، نورائي، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، علي پور، ڏندو، تلهار، سائيفن پل ۽ 62 ريگيوليٽر وٽان وهندي هئي.
    اصل ڦليلي وهڪري کي ختم ڪري ميرواهه، نصير واھ، ماڻڪ واھ، چانري مائينر، ۽ جمالي مائينر قائم ڪيون ويون. ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ بعد هيٺ ڦليلي وهڪري تي قائم جمالي ڦڙدو بندر شاھ طريل، وهڻائي شريف، ۽ بدين نندو روڊ فاروقين جي ڳوٺ اسڪيپ پل ٺاهي وئي. وهڻائي موري کان اسڪيپ پل تائين پراڻي ڦليلي مان اڪرم واھ ڪئنال جو نئون وهڪرو جاري ڪيو ويو. ۽ اسڪيپ کان علي بندر تائين پراڻي ڦليلي کي اسڪيپ جو نالو ڏنو ويو. آبادگار اسڪيپ کي سم نالي طور تي استعمال ڪندا آهن ۽ واڌُو پاڻي هن ۾ ڇڏين ٿا. تلهار کان علي بندر تائين ڦليلي جي پراڻي وهڪري کي اڪرم واھ قائم ٿيڻ سبب ختم ڪيو ويو. انڙپور کي ڇڏي موجوده ڦليلي جو منهن يا هيڊورڪس ڄام شورو سامهون ڪوٽڙي بئراج جي پل وٽان ٺاهيو ويو آهي. ان مان پڃاري ڪئنال به حيدرآباد وٽان ڌار ڪيو ويو آهي. موجود ڦليلي حيدرآباد وچ مان، کٿڙ جي اوڀر طرف، هوسڙي جي وچ مان، سيري جي اولھ طرف، نورائي شريف جي اولھ طرف کان ٽنڊو محمد خان، ماتلي ۽ ڏندو شهرن جي وچ مان تلهار شهر جي ميرواهه ريگيوليٽر وٽ پنهنجو وهڪرو ختم ڪندي آهي. سائيفن پل ۽ 62 ريگيوليٽر تائين نئون مير واھ به ڦليلي مان ڪڍيو ويو آهي. هن وقت نئين ڦليلي مان ٽنڊو محمد خان ڀرسان نيو ڦليلي واھ جدا ڪيو ويو آهي. ان بعد مراد واھ، امام واھ، امام واھ جنوبي، شاھ واھ، پير واھ، ڊوڪيا واھ.، ڏندو مائينر، سلطاني واھ، مير واھ نصير واھ، ماڻڪ واھ چانري مائينر ۽ جمالي مائينر به ڪڍيا ويا آهن. امام واھ، مير واھ، نصير واھ، ماڻڪ واھ، سلطاني واھ، مان پڇڙن تي وري ٻه ٻه ٻيون مائينرون به ڪڍيون ويو آهن. ڦليلي ڪئنال ڪوٽڙي بئراج جي مهڙ کان پوڇڙ تائين 150 ڪلوميٽرن جي ڪمانڊ يا ايريا ۾ ڪل زرعي زمين کي آباد ڪري ٿو. ڦليلي يا گوني جي ٻنهي ڪنارن تي مياڻي ٻيلي کان وٺي بوهڙڪي ٻيلي تائين انبن، ٽالهين، سريلن، ٻٻرن، ٻيرن، نمن، بڙن، جي وڻن جو خوبصورت قطارون حسين منظر پيش ڪنديون هيون. انهن خوبصورت دلين کي موهيندڙ منظرن، جن ۾ ڦليلي ۾ ترندڙ ٻيڙيون، قطارون زنانن گهيڙن ۽ وڻن جو عڪس جيڪو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي چٽيو آهي سو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. ڦليلي جي ڪنارن تي وڻن جي حسناڪين، چَتن جي چيهه چيهه، ڪبوترن ۽ ڳيرن جي گٽر گهو، الهڏنو نونائي، استاد مٺو ڪڇي جي آواز ۾ ڪلامن ۽ ٻيڙين ۾ مدهوش پوءِ ماحول ڪيئن نه معطر ٿئي.. جتي ڪيئي ڪتاب ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ڦليلي جي خوبصورتين جو ذڪر ڪيو آهي اتي محمد صديق مسافر سندس ڪليات ۾ تلهار کان حيدرآباد تائين ٻيڙين جي اچ وڃ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڦليلي تي شاعري به ڪئي اٿس. شيخ اياز به ڦليلي جو ذڪر ڪيو آهي. تلهار جي تاريخ ڪتاب جو ليکڪ عبدالشڪور کتري لکي ٿو ته حيدرآباد کان تلهار ۽ علي بندر تائين جهاز، ٻيڙا، ٻيڙيون هلنديون هيون،۽ وقت جون ناريون جڏهن ٻيڙين تي لهرن ۾ لڙندڙ ڳيت ڳائينديون هيون.
    “اسين ماڻهو لاڙ جا، درياهه جي پاڇاڙ جا”
    “يا دهري لاڏل جي، لاڙئون جڙايان”
    جهڙا ورلاپ آلاپينديون هيون سون واري دهري جا عڪس گهوٽ جي موڙ سميت پوتر پاڻي جي لهرن ۾ وسبا هئا. ۽ جڏهن آبڪلاڻي جي مند دوران وهڪري ۾ تِک هوندي هئي ۽ ڪو اڻ تارُو دريا يا ڦاڪ اُڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو ته ان جي ڪيفيت هيٺين بيت وانگر ھوندي ھئي
    وهه تِک وهڪرا لنگرجت لهرن، وڏنديون وھ سامهيون
    ججهي زور جنين، ناتاريون مينڍيون ۾ وڻجهارا وجهن
    اتي اڻ تارن ساهڙ سير لنگهائين
    هن ڦاڪ ۾ تک به هئي، ته جنبش به هئي، لهرون ڪنارن سان خاموش گفتگو ڪنديون هيون. موجوده تلهار جو نالو تلهار مندر ۽ گوتم ٻڌ جي پيروڪارن جي ٺاهيل ويهارڻ سبب تلهار پيو. هتي انگريز دور ۾ گهوڙن جو فيسٽيول به ٿيندو هو. جمالي ڦڙدو بندر تي ڪاٺ جو ڦڙدو ٺهيل هو. هن بندر جي عروج واري زماني ۾ دريا پنٿي هندو ناريون جڏهن سج لٿي مهل ٻيڙين تي چڙهي آکا ڏينديون هيون ته ماحول مهڪي اٿندو هو. جمالي بندر تي ٻيڙن جي اچ وڃ هوندي هئي شاھ طريل جا پانڌي آغا خاني خواجه ايندا هئا ۽ شاھ طريل جا گنان گونجندا هئا. ڪلهوڙا دور ۾ قائم ڪيل مدرسي جي کٿابين ڄاڻ رکي اٺ چاڙهيو هو. راڄ سين سومراڻي جا سنڌ ۽ ڪڇ جا مريد خاص ڪري ريٻاري لاڏا ڳائي جئي لاڙائي جا نعرا بلند ڪندا هئا. ۽ نندي شهر کي مدد خان پٺاڻ ڊهرائي ڇڏيو هو. صالو کوسي ۽ بچي سامڻ جي پريم جو لوڪ قصو مشهور هو. بڙ جي ڍوري تي گنگا پتڻ تي ويهي شاھ عبداللطيف ڀٽائي جا ڪئي سر سرجيا هئا.
    اسڪيپ وٽان هن قديم وهڪري کي ٻوڏ دوران واڌو پاڻي ڇڏي وهايو ٿي ويو. گوني جو وهڪرو علي بندر ڀرسان ڪوري کاري ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. علي بندر ڀرسان جتي هاڻ رينجرس جي چيڪ پوسٽ آهي بوهڙڪي ٻيلو ٻه قائم ڪيل هو. علي پور ماتلي لڳ ڦليلي مٿان سکر واري لينس ڊائون پل جهڙي انجنيئرنگ جي نادر نموني واري طرز تي پل به ٺاهيو ويو. هتي اڪرم واھ ڪئنال کي ڦليلي جي مٿان گذاريو ويو. ۽ ڦليلي مان سلطاني واھ، امام واھ جنوبي، ڏندو مائينر، ڊوڪيا واھ، مير واھ ڪڍڻ سميت پنج ڪٽ ڦليلي مان اڪرم واھ کي ڏنا ويا. ڦليلي جي پاڻي تي هتي ڌاڙو هنيو ويو. ڇا ڪاڻ ته اڪرم واھ جي ڪيپيسٽي گهٽ آهي. آبپاشي جي قانون موجب ڦليلي 6 ماهو ڪئنال آهي، هن ڪئنال کي آبپاشي کاتو قانون جي حساب سان 6 مهينا پاڻي ڏيڻ جو پابند آهي.
    ڪوٽڙي بئراج مان ڄام شورو سامهون حيدرآباد وٽان نڪري ٿو. هن جي پهرين ڪلوميٽر تي هن مان پڃاري ڪئنال کي جدا ڪيو وڃي ٿو. 1956ع ۾ غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج) جي قائم ٿيڻ بعد هن جو وهڪرو تلهار ۾ ختم ڪيو ويو. ۽ تلهار ۾ هن مٿان باواني شوگر مل سامهون سائيفن پل ٺاهي وئي. جتي اڪرم واھ کي نصير واھ ۽ ماڻڪ واھ مٿان گذاريو ويو. اتي ريگيوليٽر قائم ڪري ۽ سائيفن پل کان ٻه ڪلوميٽر اڳيان62 ريگيوليٽر قائم ڪري ڦليلي جي وهڪري کي ختم ڪيو ويو. ڦليلي يا گوني ۾ حيدرآباد، هوسڙي، سيري، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، ڏندو ۽ تلهار شهرن جي گٽر نالن ۽ ڊرئنيج جو ڇوڙ به غيرقانوني طور تي ڪيو وڃي ٿو. جنهن ڪري ماحول تي برو اثر پئجي رهيو آهي.


    سنڌو ۽ سندس ڦاڪن تي پتڻ

    سنڌو تي سندس قديم وهڪرن ۽ ڦاڪن تي قديم زماني کان وٺي موجوده دور تائين ڪافي هنڌن تي پتڻ هئا ۽ آهن۔ انهن پتڻن تان ماڻهن، مال ۽ سامان کي درياءُ پار ڪرايو ويندو هو۔ سنڌو ۽ سندس ڦاڪن تي جڏهن جديد ٽرانسپورٽ نه هئي تڏهن سموري اچ وڃ لاءِ درياءُ ۽ سندس ڦاڪن تي اڏيل شهرن، ڪوٽن، قلعن جو ذريعو خشڪي ۽ پاڻي وارا رستا هئا۔ تڏهن درياءُ ۽ سندس ڦاڪن تي ماڻهن جي سهولت لاءِ پتڻ قائم ڪيا ويا، پتڻ پار ڪرائڻ واري کي پاتڻي سڏبو هو۔ اهي پتڻ گهڻي ڀاڱي ميربحرن، ملاحن ۽ ميدن جا هئا۔ جديد دور ۾ پڻ پاتڻي گھڻي ڀاڱي ميربحر ئي آهن، اتهاس جي پنن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ميربحر ۽ جت درياءُ ۽ خشڪي جي رستن جا سالار رهيا آهن۔ وڏي جاکوڙ بعد جن پتڻن جا نالا ملي سگهيا آهن سي هيٺ ڏجن ٿا
    جھرڪن وارو پتڻ، کڏي وارو پتڻ، ڏاڏوري پتڻ، قريشي پتڻ، جهاز وارو پتڻ، موسيٰ جو پتڻ، ڪوٽڙي الھ رکيو پتڻ، شاھ وارو پتڻ، جنگي سر پتڻ، اڏيرو پتڻ، ڄام پور پتڻ، پاتال پتڻ، اروڙ پتڻ، ونگو پتڻ، پراڻ جي قديمي وهڪري تي باغ جو پتڻ، جهڏو پتڻ، ڄار جو پتڻ، هاڪڙي ۽ پراڻ جي سنگم تي ونگي پتڻ، ڊگهڙي پتڻ، ٽنڊوباگو پتڻ ۔
    ساڱري ۽ قديمي پراڻ تي سنڌو جي قديمي وهڪرن، ڦاڪن ۽ واهڙن تي جيڪي قديم زماني ۾ پتڻ قائم ٿيل هئا تن بابت لکيل تاريخ جي ڪتابن ۾ تمام گهٽ مواد ملي ٿو، پر اهو ضرور آهي ته جتي جتي شهر، ڪوٽ يا قلعا آباد ڪيا ويا هئا اتي گذرگاھ لاءِ پتڻ ۽ خشڪي وارا رستا موجود هئا۔ ٺٺي جو جهنڊو پاتڻي پنهنجي دور ۾ مشهور رهيو هو ۽ ابن شاھ جي ٽڪرن وٽان سنڌو پاتڻي جو به مشهور پتڻ هو۔ اڳي پتڻ جتي به هوندو هو مقامي ماڻهو سال بعد اناج جي صورت ۾ پتڻ جو آهت ادا ڪندا هئا، شاھ جي بيت جي هڪ سٽ آهي "پتڻ ٿو پور ڪري" يا شيخ اياز جي وائي جا بند آهن
    هي ٻيڙي ٻيڙائتا،
    آڌي مانجھي،
    جنهن جي اون،
    پتڻ لڳي ڇو نه.


    سنڌو ،هاڪڙو ۽ ڍنڍون

    سنڌو جي ڪنارن، ڦاڪن ۽ ڊيلٽا واري هنڌن تي جيڪي ڍنڍون هزارن جي تعداد ۾ آهن اهي ڪي هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهي ويون آهن. بلڪه انهن کي وجود ۾ اچڻ لاءِ صديون لڳيون هونديون. ڍنڍن ۽ کڏن جي ٺهڻ پويان جيڪي مک سبب آهن تن مان هڪ شيام ندي ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ به آهي. جنگ. ڪري پاڻي جو وهڪرو رڪجي ويو ۽ هڪ وشال ڍنڍ ٺهي وئي. سنڌو ۾ نانگا پربت جو هڪ حصو ڪري پيو ۽ اتي به هڪ وڏي ڍنڍ ٺهي وئي جيڪا وڃي گلگت سان لڳي. ان کان علاوه سنڌو تي بند ٻڌجڻ کان اڳ دريا سانوڻي سميت جڏهن جبلن تي برف گهڻي پوندي هئي. ته پنهنجا رخ مٽائيندو هو ۽ ٻيهر آتا رخ مٽائڻ ڪري جتي وڌيڪ گهرائي هوندي هئي اتي ڪا ڍنڍ وجود ۾ اچي ويندي هئي. سنڌو جي انهن قديم متروڪ وهڪرن تي اهي ڍنڍون اڃان تائين موجود آهن جيئن سنڌ جي مشهور ڍنڍ ڪينجهر يا منڇر وجود ۾ آيون يا انهن ٻنهن کان علاوه ڪلان ڪوٽ ڍنڍ، دوش آب ڍنڍ، ڦوسڻان ڍنڍ، سونهر ڍنڍ، جاڙي ڍنڍ، ڏيئي ڍنڍ، رڀ ڍنڍ، گونو ڍنڍ، دفري ڍنڍ مکي ڍنڍ ڪاجهر ڍنڍ ، مهرانڊ ڍنڍ، پٽيجي ڍنڍ ۽ ٻيو ڪئي ڍنڍون آهن جن جو ذڪر اڳيان ايندو.
    ڍنڍون سنڌو جي ڊيلٽا واريون هجن يا سنڌو جي ميداني يا پهاڙي علائقن جون انهن ۾ ڪئي حياتيون پلجن ٿيون. نه رڳو جهنگلي جيوت پر سنڌو ۽ هاڪڙو تي رهندڙ انساني آبادي جو گهڻو دارومدار ڍنڍن تي آهي. ڍنڍن جي ڪنارن تي مهاڻن جو ڪلچر پروان چڙهيو. هزارن سالن کان ايندڙ ٿدن علائقن جي پکين جي ولرن جي اهي ڍنڍون منزل رهيون آهن. اهي هتي لٿا ۽ پنهنجين مٺڙين ٻولين ۾ هنن تي سلامي پيش ڪيائون. ڍنڍن ۾ ٿيندڙ پن، ليون، لاڻا، ٽوپ، ٻوراني جهنگلي جيوت لاءِ گهر آهن. ملاحن لاءِ روزگار ۽ انهن جي حياتي جي اميد آهن.
    شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو.

    گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ
    تنين جي اوطاق، راجا ريجھي آئيو.

    سنڌو جي ٺاهيل ڪينجهر يا ڪلري ڍنڍ سان جتي نوري ڄام تماچي جو عشقيه لوڪ داستان منسوب آهي اتي هاڪڙي جي ڪنڌي تي مکي ڍنڍ حر مجاهدين جي ڪري مشهور آهي. ڪاجهر
    ڍنڍ ڪناري گهوڙن جا ناياب نسل هوندا هئا. هاليجي ڍنڍ ۾ پکين ۽ واڳن لاءِ پروٽيڪشن ايريا اڄ به قائم آهي. سنڌ ۾ هٿرادو ڪيل پاڻي جي کوٽ يا ڍنڍن ۾ سم جو زهريلو پاڻي ڇڏڻ ڪري ڪافي ڍنڍون سڪي ويون ته ڪيتريون ئي اجڙن پيون، ڪيترين ئي ماضي جي عظيم ڍنڍن جا ڪنارا هاڻ درد جا نوحا پڙهندي محسوس ٿين ٿا.

    منڇر ڍنڍ
    منڇر ڍنڍ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي. هي قدرتي حسين ڍنڍ جيڪا ڄام شورو ضلعي ۾ آهي ۽ 365 چورس ميلن تي ڦهليل آهي. هن جي اوڀر ۾ سنڌو، اولھ ۾ کيرٿر جابلو سلسلي جون چوٽيون، ڏکڻ ۾ لڪي جبل ۽ اتر ۾ ڪاڇي جو ميداني پٽ اٿس. آڳاٽي زماني ۾ هي ڍنڍ سائبيريا کان ايندڙ ڪونج پکين جي پناھ گاھ رهي آهي. ڍنڍ جي ڪڌين تي ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن جيڪي سمورا ملاحن مير بحرن جا آهن. ڍنڍ ۾ مڇي، پکي ۽ ٻي آبي جيوت وڏي تعداد ۾ موجود آهي. هتي رهندڙ ملاحن جو گذر سفر ڍنڍ مان مڇي ۽ پکي مارڻ تي آهي. هن ڍنڍ ۾ مردن سان گڏ عورتون به ٻيڙي هلائي مڇي مارين ٿيون. مهاڻا ڄمڻ کان مرڻ گهڙي تائين هن ڍنڍ جي اندر ۽ ڪنڌي تي رهن ٿا. هتي مڇي مارڻ لاءِ اڄ به صديون پراڻا طريقا رائج آهن. هتي جا سادڙا ملاح اڄ به علاج لاءِ سڳا ڦيڻا ڪرائين ٿا ۽ درگاهن تي نذرانا ڏين ٿا. هتي جون ريتون رسمون قديم آهن. ڍنڍ اندر ٻيٽن تي به ملاحن جا ڳوٺ آهن. هي ڍنڍ سياحن جي نظرن جو مرڪز آهي. ڪيترن ليکڪن هن ڍنڍ جي سونهن ۽ مهاڻڪي ڪلچر جو ذڪر سندن لکتن ۾ ڪيو آهي.. هيروڊٽس، ابن بطوطه، البيروني، رچرڊ برٽن، والٽر اسٽاڪ، اليگزينڊر برنس، هيري پاٽيچز، ٽي ايس پوسٽن، سميت ٻين ڪيترن سياحن ۽ ليکڪن هن جي حسناڪين جو ذڪر ڪيو آهي. هن ڍنڍ جي ڪنارن ۽ ٻيٽن تي هڪ لک جي لڳ ڀڳ آبادي آهي. هي مٺي پاڻي جي ڍنڍ آهي هتي ڪڏهن به پاڻي جو مسئلو ڪونه رهيو هو پر ڪجهه عرصي کان هن ڍنڍ ۾ سم نالن جو زهريلو پاڻي حڪومتي ماتحتي ۾ ڇڏيو پيو وڃي. جنهن ڪري هي ڍنڍ سندس حسن وڃائڻ لڳي آهي ۽ هتي جا خوشحال مهاڻا بدحال ٿي ويا آهن. زهريلي پاڻي جي ڪري هن ڍنڍ جي مڇي جيڪا 1944ع ۾ 7600 ميٽرڪ ٽن هئي هن وقت گهٽجي 100 ميٽرڪ ٽن تائين پهچي چڪي آهي. ان صورتحال هتي جي ملاحن کي معاشي طور تي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ڪري هتي وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي.

    منڇر ۾ ڇوڙ ڪندڙ نَيُون
    منڇر ۾ کير ٿر جي لوڻياٺي سلسلي جو ڪيتريون ئي نيون ڇوڙ ڪنديون آهن. جن ۾ سڀني کان وڏي گاج آهي ان کان علاوه هليلي نئه، نئه نلي، نئه انگئي، نئه سول، نئه ڪڪڙائي، نيئنگ نئه، نئه تڪي، نئه لوڻي، نئه مهڻ، نئه ڪارو جبل، نئه سوري، کنڌاڻي، نئه بشام.

    ڪينجهر ۽ سونهري ڍنڍ
    ڪينجھر ڍنڍ ضلعي ٺٽي ۾ آهي. ڪينجهر ڍنڍ سنڌ جي ٻي نمبر تي وڏي ڍنڍ آهي. هي ڍنڍ ٺٽي شھر کان اوڀر اتر حيدرآباد طرف 16 ميلن جي مفاصلي تي پراڻي نيشنل ھاءِ وي تي واقع آھي. ڪينجھر ۽ سونھري ھڪ ٻئي جي ڀر ۾ ٻه ڍنڍون ھيون. انھن ڍنڍن جي نالن بابت ھڪ روايت آھي ته ڪينجھر ھڪ مھاڻو ھو ۽ سونل سندس زال ھئي، ٻنھي ڍنڍن تي اھي نالا به انھن تان پيا آھن. اھا به ھڪ مقامي روايت آھي ته ميربحرن جو گندرا قبيلو به ڪينجھر ۽ سونل جو اولاد آھي. ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ کان پوءِ ڪلري بگھاڙ واھ وھي اچي ڪينجھر ڍنڍ ۾ پوندو آھي. جنھن ڪري اھا ڍنڍ وڌي ۽ ڪينجهر ۽ سونل ملاح هيمشه لاءِ هڪ ٿي ويا ۽ هاڻ انهن ٻنهن گڏيل ڍنڍن کي ڪينجهر ڍنڍ چيو ويندو آهي. ايريگيشن کاتي 1976ع ۾ جيڪو RD 189 وارو ريگيوليٽر سڌو ڪينجهر کي پاڻي ڏيندو هو کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. RD2.4 کان ٻه ريگيوليٽر ٺاهي سڌو رخ پاڻي جو لنڪ ڪئنال کي ڏنو ويو ۽ ڪينجهر کي ڪراس ۾ ريگيوليشن ڏني ويئي جنهن سبب دريائن مان ڪروڙن جي تعداد ۾ ڍنڍ ۾ پوندڙ مڇي ۽ مڇي جو ٻچو 10 فيصد ڍنڍ ۾ پوي ٿو 90 فيصد بئراجن نالن سم نالن وسيلي سمنڊ ۽ گندن نالن ۾ ضائع ٿيو وڃي. ڪينجھر ھڪ بھترين تفريح گاھ آھي. تفريح خاطر ايندڙن لاءِ ٻيڙين ۽ لانچن جو بندوبست ڪيل آھي. سياحن جي رھائش لاءِ پڪا گھر به ٺھرايا ويا آھن، جيڪي مناسب مسواڙ تي ڏنا ويندا آھن. ترڻ، ٻيڙين جي سير ڪرڻ، مڇين جي شڪار جي وندر ھت گھڻي آھي. ڪينجھر ڍنڍ مان ساليانو لکين رپين جي مڇي ماري ويندي آهي. ڪرڙي، موراکي، ٿيري، سينڱاري، ڄرڪو ڏاهي، منڍي، پوپري، گندڻ، کڳو، لوڙھ ديو، ڇلوري، ڦاٻڻو گندڻي سِريو سرهيڙو مُرَي پلئي گوبري ڍڱڻو پاپليٽ حجم ڪنڦاڙ، بوهڻ، گانگٽ، مور مڇي جام ٿين ٿيون. ان کان سواءِ ھتي ٻوراني، بھ، پٻڻ، ڪُم ۽ لوڙھ وغيره به جام ٿين ٿا. ان کان سواءِ ھي ڍنڍ سياري جي مند ۾ وڏي تعداد ۾ پرڏيھي خاص طور سائبيريائي خوبصورت پکين جي مھماني ڪندي آھي. روزانو سون جي تعداد ۾ ماڻھو پنھنجي ٻارن ٻچن سميت ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين علائقن کان ھتي گھمڻ ايندا آھن. ڪينجھر جي ويجھو جھمپير ۽ امير پير جون درگاھون آھن. نوري جي مرشد ھوندڙي شاھ جي قبر ڪينجھر ڍنڍ جي وچ ۾ ھڪ ٽڪري تي آھي، ھن بزرگ جي پيراندي ۾ سنڌ جي راڻيءَ نوريءَ جي قبر آھي. ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻھو ھوندڙي شاھ ۽ نوريءَ جي قبر تي حاضري ضرور ڀريندا آھن. مرزا قليچ بيگ سندس ڪتاب "قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو" ۾ لکيو آهي ته، "سونڊن جي ويجهو ۽ سونهري ڍنڍ جي اتر واري ڇيڙي تي هڪڙي ٽڪريءَ تي ڄام تماچي سمي جي محلات يا ماڙي آهي. هو نور ڀينءَ مهاڻيءَ تي عاشق ٿيو هو، جا گندري ذات جي مهاڻي هئي يا گندره مهاڻي جي ڌيءَ هئي، جو ڪينجهر ۾ مڇيون ماريندو هو. انهن ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي قٻي جي ويجهو آهن، انهيءَ ڪينجهر جي ڪناري سان ڪيترن ئي بزرگن جون قبرون آهن." مشهور لوڪ داستان نوري ڄام تماچي هن ئي ڍنڍ سان لاڳاپيل آهي.
    شاھ عبداللطيف ڀٽائي فرمايو.
    هِيٺ جَر مَٿي مَڃَرَ ،پاسي ۾ وَڻ راءُ
    اَچي وَڃي وِچَ ۾ تَماچِي جِي ساءُ
    لَڳي اُتر واءُ ته ڪِينجهَر هندورو ٿئي.

    اڇ ڍنڍ
    هي ڍنڍ ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي شاھ ڪريم بلڙي ۽ ملان ڪاتيار کان جمارو ويندڙ روڊ جي کاٻي هٿ تي آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇيون ۽ پکي جام ٿين ٿا. ڍنڍ کي پڃاري ڪئنال جي نڪرندڙ شاخ مان پاڻي ملي ٿو.

    امير پير جي ڍنڍ
    هي ڍنڍ دادو ضلعي جي ڳوٺ امير پير ڀرسان آهي. هي ڍنڍ سنڌو جي ساڄي ڪپ تي آهي. هن وقت هي ڍنڍ، سڪي وئي آهي. سندس عروج واري دور ۾ هن ۾ مڇي ۽ پکي جام هئا.

    بقار ڍنڍ
    بقار ڍنڍ ضلعي سانگهڙ ۾ آهي. چوٽياريون ڊيم سبب هي ڍنڍ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. هي ڍنڍ چوٽياريون ۾ آهي. هتي بقار جو قديم ڳوٺ آهي. جنهن ڪري هن ڍنڍ تي اهو نالو پيو. بقار ڍنڍ کي مکي جي ڍنڍن جو دل به چيو ويندو آهي. بقار جي لفظي معني ٿيندي پرھ يا ڦٽي. هي ڍنڍ ناري جي کاٻي ڪناري تي سانگهڙ کان 25 ڪلوميٽر اوڀر طرف سنڌ جي نقشي جي سونهن چئجي ته واڌارو نه ٿيندو. هن جي ڪنڌي تي بزرگ ذڪريو فقير جي درگاھ به آهي. جيڪو بقار جو رکوالو چيو ويندو آهي. هن جي حياتي ۾ بقار ۾ ڪنهن به جهنگلي جانور مارڻ جي اجازت ڪونه هوندي هئي. هتي جي مائي آمنا ملاح مڇي رڌي راهگيرن ۾ ورهائيندي هئي. هتي هڪ چوڻي مشهور آهي ته اوهين دشمن کي ته وساري سگهو ٿا پر بقار جي ملاحن جي رڌل مڇي نٿا وساري سگهو. سرسارنگ جي سائينم سدائين واري تاريخي دعا ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي بقار جو ذڪر ڪيو آهي.

    ڊرگھه ڍنڍ
    ڊرگھه ڍنڍ سابق لاڙڪاڻي ضلعي ۽ موجوده قمبر ضلعي ۾ آهي. هن ڍنڍ جي به پنهنجي هڪ تاريخ آهي. هن ڍنڍ تي ڪيترائي سياستدان آيا ۽ ملڪي توڙي عالمي سياسي فيصلا هن ڍنڍ تي ٿيا ته ڪئي منصوبا بنديون هتي ڪيون ويون. جيڪي صدر ايوب ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ايام ڪاري دوران منظر عام تي پڻ آيون. ذوالفقار ڀٽو جي ايام ڪاري دوران هتي ڪئي عالمي اڳواڻ آيا ۽ ذوالفقار ڀٽو هتي ريسٽ هائوس، ريسٽورنٽ ۽ پبلڪ پارڪ به جوڙايا. هتي رضا شاھ پهلوي، ياسر عرفات، ڪرنل قذافي به آيا.

    بڊام ڍنڍ
    هي ڍنڍ قمبر ضلعي جي غيبي ديري تعلقي وارهه ۾ ايف پي بند وٽ حمل ڍنڍ جي ويجهو آهي. هن ڍنڍ کي بڊام پنري جي ڍنڍ به چيو ويندو آهي. جيڪو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اڏول ڪردار هو. جنهن کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن شاعرن سندن شاعري ۾ ساراهيو آهي. هي ڍنڍ حمل ڍنڍ، ساروح ڍنڍ ۽ ڪاڇڙي ڍنڍ جي سلسلي سان جڙيل آهي. هي ڍنڍ به ڪاڇي جي ٻين ڍنڍن جيان سم نالي جي زهريلي پاڻي جي ڇوڙ ڪري ماحولياتي آلودگي جي نظر ٿي وئي آهي. هي ڍنڍ سنڌ جي سمان دور جي حاڪم ڄام نظام الدين سمون کان وٺي چانڊين جي ملڪيت ۾ شمار ٿئي ٿي. ماضي ۾ هي ڍنڍ وسيع ۽ کير ٿر جبل تائين ڦهليل هئي. نواب غيبي خان جي حياتي ۾ هي ڍنڍ 6 ميلن تي ڦهليل هئي. هن ڍنڍ ۾ ڪرڙو مڇي جام ٿيندي هئي. ماضي ۾ هن ڍنڍ ۾ واڳون به هوندا هئا. ڪليڪٽر جي ايم مارٽن شڪار ڪندي هتي هڪ واڳون ماريو هو. هي ڍنڍ هن وقت سرڪاري تحويل ۾ آهي پر چانڊيا سردار بااثر هجڻ ڪري هتي اڃان به هنن جو اثر آهي.

    ڪراڙ ڍنڍ
    سنڌ جي شاعرن جي سرواڻ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي سان هي ماڳ، پيچرا، سندس ڳوٺ ۽ هي ڍنڍ وڏي اهميت رکن ٿا. شاھ چيو :
    سارنگ سائي سٽ، جهڙي لالي لاک جي
    ائين سي اٻن انگيا جئن سي چنيء چٽ
    برسيو پاسي ڀٽ ڀريائين ڪن ڪراڙ جا.
    تحفۃ الڪرام ۾ بيان آهي ته "ڪراڙ ڀٽائي جي درگاھ هيٺان وهي ٿي. جنهن ۾ پاڻي سنڌو جي علي واھ مان پهچي ٿو. ڪنهن زماني ۾ سنڌو هالا کان ٿيندو ڀٽ شاھ کان اڏيرو لعل، نصرپور وٽان ٿيندو ٿر ۾ ڇوڙ ڪندو هو." ڀٽ شاھ وٽ ڪراڙ جو پتڻ مشهور هو. جنهن ڪيترا ٻيڙا ٻوڙي ڇڏيا هئا. دريا جي رخ مٽائڻ بعد ڀٽائي جي مريد ڪلهوڙا حاڪمن واھ کوٽرايا. جن مان هڪ ساڱرو ۽ سارنگ واھ جن جا ڪجهه حصا اڄ به موجود آهن.

    الا کائي ڍنڍ
    هي ڍنڍ تعلقي سيوهڻ ۾ آهي. هن ۾ مڇي جام ٿئي ٿي ۽ هي فشريز کاتي جي ڪنٽرول ۾ آهي.

    ابڙائو ڍنڍ
    هي ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي چوٽياريون ۾ آهي. مڇي جام اٿس. واڳون ۽ ڪڇون (ڪميون) به اٿس.

    اميناڻي ڍنڍ
    هي ڍنڍ ضلعي دادو ۾ آهي. هن وقت فشريز کاتي جي تحويل ۾ آهي. هن ۾ مڇي جام ٿئي ٿي ۽ پکي به جام لهندا اٿس.

    انيتي ڍنڍ
    هي ڍنڍ دادو ضلعي جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي حد ۾ خانپور شهر جي ويجهو آهي. فشريز کاتي وارا هر سال هن جي نيلامي ڪندا آهن ۽ مڇي به جام اٿس.

    الهه اوڀايو ڍنڍ
    هي ڍنڍ دادو تعلقي ۾ آهي. هن ڍنڍ ۾ مڇي ۽ پکي جو شڪار ٿئي ٿو. الھ اوڀايو ملاح جي نالي جي نسبت سان هن ڍنڍ تي هي نالو پيو.

    آرڙ ڍنڍ
    هي ڍنڍ دادو ضلعي جي در ٻيلائي ۾ ميهڙ شهر جي اتر طرف ۾ ڌامراهه واھ جي ويجهو آهي.

    ڪلاچ ڍنڍ
    ڪلاچ ڍنڍ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي ناري ۾ بقار ڍنڍ جي اتر ۾ آهي. هن ڍنڍ جي وچ۾ وڏو ڪن آهي. جنهن ڪري هن ڍنڍ تي ڪلاچ نالو پئجي ويو. حر تحريڪ جا مجاهد سندن شهيدن کي ڪلاچ جي ڪن حوالي ڪري ويندا هئا.

    صدوري ڍنڍ
    هن ڍنڍ جو اصل نالو چنڊي جي ڍنڍ هو. هڪ دفعي شهيد سورهيه بادشاهه هن ڍنڍ تي آيو ۽ پڇا ڪيائين ته هن ڍنڍ جو نالو ڇا آهي. کيس ٻڌايو ويو ته چنڊي جي ڍنڍ. پاڻ فرمايو هن خوبصورت ڍنڍ جو نالو اڄ کانپوءِ صدوري ڍنڍ آهي. انهي ڏينهن کان هن ڍنڍ کي صدوري ڍنڍ سڏيو وڃي ٿو. هي چوٽياريون جي ڀرسان آهي.

    ڪاڪاهو ڍنڍ
    ڪاڪاهو ڍنڍ سانگهڙ جي خوبصورت ڍنڍن مان هڪ آهي. هن ڍنڍ جا دل کي وڻندڙ خوبصورت منظر لکين ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا. ماکي جي ڪثرت ڪري هن ڍنڍ کي مکي ڍنڍ به چيو ويندو آهي. هي ڍنڍ کپرو شهر کان 25 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. هتي پکي سج اڀرڻ ۽ لٿي مهل سفر ڪري پهچندا آهن.

    شڪر ڍنڍ
    هي ڍنڍ سڪرنڊ شهر ويجهو آهي. هي ماضي جي خوبصورت ڍنڍ چئي وڃي ٿي. مير فتح علي خان ٽالپر جو جوڙايل شهر هن ڍنڍ ڀرسان هو. مير فتح علي خان ٽالپر کي هن ڍنڍ جا نظارا موهيندا هئا جنهن ڪري مير فتح علي خان ٽالپر ڍنڍ جي ٻيٽاري ۾ هڪ خوبصورت عمارت پڻ جوڙائي هئي. سندس دور ۾ هتي پري پري کان اچي مهمان ٽڪندا هئا ۽ شڪار ڪندا هئا. انگريز دور ۾ سنڌو تي بچاء بند ٻَڌڻ بعد هن ڍنڍ جو عروج ختم ٿي ويو.

    ٽٻوهين ڍنڍ
    هي ڍنڍ ساماري تعلقي ۾ آهي هتي ٽٻوهي شهر آباد آهي. هاڻوڪو شهر سامارو به ٽٻوهي جي کنڊرن تي قائم ٿيل آهي.

    ٽيڀري ڍنڍ
    هي ڍنڍ عمر ڪوٽ ۾ هئي جيڪا هاڻ پنهنجو وجود وڃائي چڪي آهي
    ڍنڍن ۾ ٿيندڙ ٻوٽا ۽ ٻوٽيون ۽ ڍنڍن ۾ رهندڙ پکي جانور ۽ پکي ڍنڍن ۾ پن، ٻوراڻي، بيهه، ڪنول (پوڻي)، قم پاٻوڙا ٿين ٿا. جهنگلي جيوت مان جهنگلي ٻلو پڻ ڍنڍن ۾ رهندو آهي. ان علاوه لڌڙو، سهو، گدڙ، لومڙ، سيهڙ ۽ ٻيا ڪئي جانور جيڪي پن ۾ رهندا هئا تن جي زندگي گھارڻ هاڻ تمام مشڪل ٿيندي وڃي ۽ پاڪستان خاص ڪري سنڌ ۾ انهن جي نسل ختم ٿيڻ جو خطرو آهي.
    ڍنڍن ۾ ڪونج پکي، ٿرانڊو، ڊگوش، نيرڳي، کيڻاٺي، ڪهنگ، آڙي، چيکلو، پيڻ، باز، ٻگهه، تتر پکي ٿين ٿا.انهن ڪجهه مشهور ڍنڍن کان علاوه سنڌو ۽ هاڪڙي جي پراڻن وهڪرن جون ٺاهيل ڪجهه ڍنڍون هي به آهن :
    آڍاڻي ڍنڍ، آمري ڍنڍ، آتڻ ڍنڍ، بازار ڍنڍ، بوبڪ ڍنڍ، بلاول پور ڍنڍ، بگري ڍنڍ، ٻورڙي ڍنڍ، ٻپيرا ڍنڍ، ٻاڙي ڍنڍ، مکي ڍنڍ، ڀوتڙا ڍنڍ، تلو ڍنڍ ٿيٻاٽ ڍنڍ، ٽلٽي ڍنڍ، لڳوهين جي ڍنڍ، ٽڀري ڍنڍ، واري ڍنڍ، ڀاٽ ڍنڍ، ڀولو واري ڍنڍ، سچاري ڍنڍ، سرجاري ڍنڍ، سڌواه ڍنڍ، سپنا ڍنڍ، سوني ڍنڍ، سرائي شوڪت خان واري ڍنڍ، سومري ڍنڍ ساوڙي ڍنڍ، سن ڍنڍ، جهتيال ڍنڍ، شورن واري ڍنڍ، شاھ مراد واري ڍنڍ، جهان خان ڍنڍ، حاجي اسماعيل پير جي ڍنڍ، دڦري ڍنڍ، دري ديرو ڍنڍ، ڏاوج ڍنڍ، ڏيپارچ ڍنڍ رحماني ڍنڍ، راوت لغاري واري ڍنڍ، راڄڙي ڍنڍ، ڦٽو يا ڪاري ڍنڍ، ڪلاچ ڍنڍ، ڪنڊي چکي ڍنڍ، ڪري ڍنڍ، ڪنڊياري ڍنڍ، ڪڪڙ ڍنڍ، کير واھ ڍنڍ، کاڻوٽ ڍنڍ، کوکرن واري ڍنڍ، کرل ڍنڍ، گنجا ٺوڙها ڍنڍ، گوپانگ ڍنڍ گائينچا ڍنڍ، گموري ڍنڍ، گهڙو ڍنڍ، گنهرو ڍنڍ، گهارو ڍنڍ، گهاگهري ڍنڍ، لنگھه ڍنڍ، لاکن جي ڍنڍ، لهور جي ڍنڍ، ماڙين واري ڍنڍ، ميان موٽڻ ڍنڍ، موندر ڍنڍ، ملڪاڻي ڍنڍ.


    سنڌو ۽ هاڪڙي تي سنڌ جي ساحلي پٽي تي قائم ٿيل بندر

    سنڌو ۽ ساحلي پٽي واري سندس ڇوڙ واري پٽي ۾ قديم زماني کان وٺي جديد دؤر تائين جيڪي سنڌو جي ڪنارن ۽ ڦاٽن يا پراڻن وهڪرن تي بندر هئا، تن ۾ هيٺيان بندر رهيا آهن۔ سامونڊي ۽ دريائي واپار ڪرڻ ٻيڙن ۽ غورابن جي اچ وڃ ۽ دفاعي طور پنهنجي علائقي يا خطي جي دفاع لاءِ جوڙيل بندرن جي اهميت، عروج ۽ زوال، جون پنهنجيون جدا جدا ۽ انوکيون ڪهاڻيون آهن۔
    بندرن تي ڏيئا ٻريا ۽ اجهاڻا به هئا ته رات جي ٺريل نيڻن ۾ ڪن اداس دلين گيت جدائي جا ڳاتا به هئا ته جنگين جا طبل به انهن تي وڳا هئا۔ پر ذڪر هيٺ ايندڙ گهڻن بندرن مان ڪي اهڙا بندر به آهن جيڪي هن وقت کنڊر بڻيل آهن

    محمد بن قاسم بندرگاھ
    سمنڊ تي ڪراچي کان 35 ڪلوميٽر اوڀر جي طرف واقع آھي۔ ڪراچي کان بعد ھي پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاھ آھي۔ ھتان کان ساليانو 1.7 ڪروڙ ٽنن جي سامان جي تجارت ٿيندي آھي جيڪا پاڪستان جي ڪل تجارتي حجم جو تقريباً 35% آھي.ان کي 1970ع جي ڏھاڪي ۾ ڪراچي جي بندرگاھ تي رش کي گھٽائڻ جي غرض سان تعمير ڪيو ويو۔ بندرگاھ جو نالو اٺين صدي عيسوي جي مسلم فاتح محمد بن قاسم جي نالي تي رکيو ويو آھي جنھن ھي علائقو 712ع ۾ فتح ڪري مسلم مملڪت شامل ڪيو ھو۔ بندرگاھ سنڌو درياھ جي ڊيلٽا تي پاڪستان اسٽيل ملز جي ويجھو تعمير ڪئي وئي۔ مقامي ماڻھو انکي عمومن ھن جي مختصر نالي پورٽ قاسم سان سڃاڻن ٿا۔ (محمد بن قاسم بندرگاھ جي ڄاڻ سنڌي وڪيپيڊيا تان کنيل آهي)

    لاڙي بندر
    هن کي لاهري بندر ڪري به لکيو ويو آهي ۔ هن بندر تي لاڙ سبب اهو نالو پيو ۔ ابن بطوطه پنهنجي سفر نامي ۾ لاڙي يا لاهري بندر جي جاھ جلال جو ذڪر ڪيو آهي ۔ ابن بطوطه لکي ٿو ته لاهري وڏو بندر آهي، جتي يمن ۽ فارس (ايران) سميت ٻين ماڳن جا ماڻهو اچي واپار ڪندا آهن۔ هي مشهور بندر سورهين صدي ۾ هندستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مکيه بندر ۽ پرڏيهي ۽ سنڌ جي واپار جو مکيه بندر هو۔ هن بندر انگريزن ۽ پورچوگيزن (پرتگالين) کي ڇڪي هتي آندو. هن بندر تي 200 کان 300 ٽنن جا جهاز جيڪي ان وقت وڏا جهاز ليکيا ويندا هئا، سي اچي مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ لنگر هڻندا هئا۔ لاهري بندر تي ساليانو 4000 ٻيڙيون اينديون هيون۔ 1652ع ۾ لاڙي بندر جو عروج هو پر آهستي آهستي هن بندر ۾ واري ڀرجڻ سبب ويران ٿي ويو.

    اورنگا بندر
    هي بندر مغل بادشاھ اورنگزيب جي دؤر ۾ شاهبندر ۾ ان وقت ٺهرايو ويو جڏهن لاهري بندر ويران ٿي ويو ۔ اورنگا بندر به واپاري بندر هو ۔ هتي انگريزن ڪپڙي جي فيڪٽري پڻ قائم ڪئي هئي ۔ اورنگا بندر ۾ ٻيڙاڻتن، ماهيگيرن واپارين سميت هزارين ماڻهو آباد هئا۔ هن بندر مان ماڻهو ميان غلام شاھ ڪلهوڙي لڏرايا ۽ انگريزن جي قائم ڪيل فيڪٽري به هتان منتقل ڪرائي۔

    شاهبندر
    شاهبندر نالي بندر ميان غلام شاھ ڪلهوڙي تعمير ڪرايو۔ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي اورنگا بندر مان ماڻهن کي لڏرائي شاھبندر ۾ آڻي آباد ڪيو ۽ انگريزن جي قائم ڪيل ڪپڙي جي فيڪٽري به شاھبندر ۾ کڻائي آيو۔ جنهن ڪري اورنگا بندر جو عروج ختم ٿي ويو.شاھبندر تي ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جا پندرنهن جهاز بيٺا هوندا هئا۔ اهميت وارو بندر هجڻ ڪري هتان ڪڇ علائقي ۽ ڀاٽيا ذات جا ماڻهو مسقط ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن سان واپار ڪندا هئا۔ شاھبندر 1819ع واري زلزلي ۾ تباھ ٿيو ۽ ٻيهر ٺهيل شاھبندر هن وقت به قائم آهي ۔

    جاکي بندر
    هي بندر ڌاراجا جي ويجھو هو ۽ هي لاڙ جي قديم بندرن ۾ ليکيو وڃي ٿو۔ هن بندر تي وڃڻ لاءِ ڪوري کاري کان ٻيڙين ۾ وڃبو هو

    وڪر بندر
    سنڌو جي ڊيلٽا وٽ سمنڊ کان 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي وڪر بندر ۽ وڪر نالي قلعو به هو۔ 1837ع ۾ جڏهن ڪمانڊر ڪارليس سنڌو جي ڊيلٽا جي ماپ ٿي ڪرائي ته تعلقه گهوڙاٻاري ۾ هن وڪر بندر ڏٺو هو۔ هي بندر حجامڙو ڦاڪ ۾ پاڻي جو وهڪرو بيهي وڃڻ سبب ويران ٿي ويو۔

    ڌاراجا بندر
    لاهري بندر کان ٻه ميل اوڀر طرف ڌاراجا جي ڦٽل شهر ۾ قائم ٿيل هو۔ هتي راجا ارجن جنهن جو لقب راڻو هو، اهو راڄ ڪندو هو۔ ان کي ميان غلام شاھ ڪلهوڙي قتل ڪرايو هو۔

    ڪيٽي بندر
    هي بندر الائي ته ڪيترا ڀيرا اجڙيو ۽ وري آباد ٿيو۔ هن بندر جو عروج انگريز دور ۾ هو۔ هن وقت به ڪيٽي بندر قائم آهي پر سندس اهو عروج نه آهي۔ هن وقت ڪيٽي بندر ۾ ماهيگير مڇي ماري اچي وڪرو ڪن ٿا۔

    سنڊو بندر
    هي بندر جاتي جي موجوده شهر کان چار ڪلوميٽر ڏکڻ طرف سيرکاري ۽ سنڌو جي قديم ڦاڪ گونگڙو تي ٺهيل هو۔ هتي ٻيڙيون سيرکاري کان اينديون هيون۔ هن بندر کي سير ڳنڍو به چون ٿا۔

    سنڌڙي بندر
    سنڌڙي بندر رحمڪي بازار کان نو ڪوھ ڏکڻ طرف هو۔ 1819ع واري زلزلي ۾ هتي تباهي آئي، جنهن ڪري سنڌڙي قلعي يا ڪوٽ کي به وڏو نقصان پهتو۔ جهاز، دنگيون، ٻيڙا ۽ ٻيڙيون ڪوٽ لکپت ۽ ٻين هنڌن کان هتي ايندا هئا۔ تڏهن سنڌو جو ڦاڪ يا قديم پراڻ سنڌڙي بندر کان وهندو هو۔ اهو وهڪرو بيهڻ ڪري سنڌڙي بندر جو عروج ته ختم ٿي ويو پر ڪوري کاري مان هتي ٻيڙائتا ٻيڙين سميت ايندا هئا۔ پراڻ وارو وهڪرو 1758/59ع ۾ درياءُ جي رخ مٽائڻ ڪري آهستي آهستي سڪي ويو

    رحمڪي بازار بندر
    هي بندر رحمڪي بازار جي نالي سان مشهور هو۔ هي بندر به پراڻ تي قائم ٿيل هو۔جي 1758/59ع واري دريائي وهڪري جي تبديلي ڪري ويران ٿي ويو ۽ هن وقت رحمڪي بازار کنڊر بڻيل آهي۔ رحمڪي بازار ۾ اڄ به ڪجھ آبادي رهي ٿي۔

    علي بندر
    علي بندر به پراڻ تي قائم ٿيل هو۔ هتي وڏي آبادي رهندي هئي، ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي ايام ڪاري دوران هي بندر به وسندڙ بندر هو ۽ هتي نوتيار ماڙي قائم ٿيل هئي۔ پر 1758/59ع واري دريائي تبديلي ڪري ويران ٿي ويو ۽ هن وقت کنڊرن ڀرسان ننڍڙو شهر قائم ٿيل آهي۔ بدين ۽ مٺي ضلعن جي دنگ واري پوليس چونڪي به علي بندر جي کنڊرن وٽ آهي۔ مشهور مارو به هتي ٿيو هو.

    ونگو بندر
    ونگو بندر پراڻ تي ونگي پتڻ واري قديمي ماڳ تي ميان غلام شاھ ڪلهوڙي قائم ڪيو۔ هي بندر به 1758/59ع واري دريائي تبديلي ڪري اجڙي ويو۔ هتي ميرن جي دور ۾ مير ٺاري خان ڪيٽي ٺاهي پنهنجو تخت گاھ قائم ڪيو هو، جيڪو به هن وقت کنڊر ٿي ويو آهي۔

    گدو بندر
    گدو بندر حيدرآباد ڀرسان سنڌو تي ڪوٽڙي شهر ۾ ديوان گدو مل ٺاهيو هو ۔ هن وقت ويران ٿي ويو آهي پر حيدرآباد شهر جي آبادي وڌندي گدو بندر تائين پهچي وئي آهي۔ هن وقت پراڻي گدو بندر بجاءِ چرين جي اسپتال جيڪا به گدو جي نالي سان قائم ڪيل آهي سان مشهور آهي۔

    سکر بندر
    سکر بندر به دريائي بندر هو۔ هن بندر جي به ڪنهن وقت ۾ وڏي اهميت هئي۔

    ٺٽو بندر
    ٺٽو بندر جي تاريخ سنڌ ۾ وڏي اهميت رهي آهي۔ هي ٺٽي شهر جي ويجهو هئي.

    ديبل بندر (ديول بندر)
    ديبل بندر يا ديول بندر جيڪو ضلعي ٺٽي جي شهر گهارو ڀرسان ڀنڀور ۾ کنڊر جي صورت موجود آهي، اهو بندر تاريخ سنڌ ۾ انهي ڪري به اهميت رکي ٿو جو محمد بن قاسم هي بندر فتح ڪري سنڌ فتح ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ سنڌ ۾ باب اسلام يعني اسلام جو دروازو کوليو هو۔
    هي ديبل يا ديول بندر سنڌو جي قديم ڦاڪ ڪلري تي قائم ٿيل هو۔ هن بندر بابت محققن جا جدا جدا رايا آهن، ڪن جو خيال آهي ته ديبل بندر يا ديول بندر ڀنڀور ۾ هو، ڪن جو خيال آهي ته پيرپٺو وٽ هو۔ سنڌ جي آرڪيالاجي کاتي طرفان ڀنڀور کي ئي ديبل بندر ڪوٺيو ويو آهي۔ اتي ڪئي ڀيرا کوٽائي پڻ ڪئي وئي آهي۔ ديبل کي تباھ شاھ خوارزم جي لشڪر ڪيو هو۔

    پير پٺو بندر
    هي موجوده پيرپٺو جي درگاھ کان اوڀر طرف سنڌو جي قديمي ڦاڪ ٻگهاڻ تي هو ۔ جنهن جا کنڊر اڄ به موجود آهن ۽ هتي لائيٽ هائوس به هو۔ جنهن لائيٽ هائوس جي ڪجھه سال اڳ مرمت به ڪرائي وئي آهي۔

    سوکي بندر
    هي بندر کاري ڇاڻ ڀرسان هو۔ هن بندر جو 1947ع تائين عروج هو، ورهاڱي ڪري هنڌو آبادي لڏپلاڻ ڪري وئي جنهن ڪري هن بندر تي زوال آيو۔ هن وقت سنڌو جو مٺو پاڻي نه وڃڻ سبب سامونڊي پٽي کاري ٿي وئي آهي ۽ بندر کنڊر بڻجي ويو آهي۔

    گزري بندر
    ڪراچي بندر کان چار ڪلوميٽر پري هو. ڪراچي بندر: 1750ع کانپوءِ هي بندر سنڌ جو اهم بندر بڻجي ويو. ڪراچي بندر موجوده سنڌ ۾ 2017ع سال کان ته دنيا جي اهم بندرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. هن بندر تي هن وقت پوري جهان مان ٻيڙا جن کي انگريزي ۾ شِپ چون ٿا اچي لنگر انداز ٿيندا آهن. هن بندر تان ڏيساور ڏانهن وڻج ۽ واپار ٿئي ٿو ۽ ملاح هوڙن، لانچن ۽ ٻيڙين ذريعي مڇي مارين ٿا. ڪراچي بندر کي قاسم پورٽ به چيو وڃي ٿو. هن بندر تان حاجي حج لاءِ به ويندا هئا. هن بندر تان چانور، کنڊ، ڪپڙو، مڇي ۽ ٻيو سامان ايڪسپورٽ ڪيو ويندو آهي.

    پاري ننگر
    پاري ننگر بندرگاھ سنڌ جو قديم بندرگاھ هو. هتي اوسواڙ واپاري رهندا هئا. جيڪي جين ڌرم جا پيروڪار هئا. سڏونت سارنگا جو لوڪ داستان پاري ننگر سان وابسته آهي. هن بندر کي محمود غزنوي اجاڙي ڇڏيو.


    سنڌو ۽ بند

    سنڌو تي ايامن کان وٺي ڪو بند نه ڏنل هو۔ جنهن ڪري درياءُ آبڪلياڻي يا ٻوڏن دوران جتان آر ڪندو هو اتان واهڙ يا ڦاڪ ٺاهي ڪري پنهنجو وهڪرو ڪري پيو وهندو هو۔ ڪش گهراڻي جي دور حڪومت کان وٺي ٽالپر مير دور تائين درياءُ بي قابو ٿي وهندو هو ۔ آبپاشي جو ڪو به جديد نظام نه هو۔ آبپاشي کاتي جي رپورٽ موجب 1869ع کان اڳ سنڌو تي جتي ڪو بند قائم ٿيل هو ته هو زمينداري بند سڏبو هو ۽ ان جي حفاظت سار سنڀال پاڻ زميندار يا ان جا هاري ڪندا هئا۔ 1869ع ۾ انگريز سرڪار طرفان سکر واھ وٽ پهريون سرڪاري بچاءَ بند ڏنو ويو۔ ان کان اڳي ٻوڏن دوران جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ ڪشمور جا مٿيان حصا به ٻڏي ويندا هئا۔ 1874ع ۾ ڪشمور بند جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1978ع ۾ درياءُ تي جڙيل سمورا بند سرڪار پنهنجي تحويل ۾ ورتا۔ ائين آهستي آهستي 1932ع تائين سنڌو موجوده وهڪري جي ٻنهي پاسن کان سمنڊ تائين بچاءُ بند ٻڌرايا ويا، جيڪي پنجاب ۽ سنڌ جي دنگ واري بارڊر (حد) کان شروع ڪيا ويا هئا۔


    سنڌو ۽ آبپاشي جا طريقا

    سنڌو تي جڏهن بند ۽ بئراج قائم ٿيل ڪونه هئا، ان قديم دور ۾ سنڌو مان آبادين ۽ شهرن لاءِ پاڻي نار، چرخي ڍنڍن، کڏن ۽ قدرتي وهندڙ ڦاڪن مان حاصل ڪبو هو۔ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ ڪافي واھ کوٽرايا ويا هئا۔ انگريزن جي دور ۾ جديد آبپاشي نظام تحت بئراج قائم ڪيا ويا ۽ واھ ۽ ڪئنال کوٽرايا ويا۔ چرخي جي جڳھ تي بجلي سان هلندڙ ٽيوب ويل، ڊگڊگي مشينون ۽ هينڊ پمپ لڳا۔ 2018ع تائين سنڌ ۾ هزارين واٽر ڪورس، ڪافي واھ ۽ شاخون پڪيون ڪري پاڻي جي ذيان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ هن وقت 2018ع ۾ پاڪستان جي صوبن وچ۾ سنڌو ۽ ٻين دريائن جي پاڻي جي ورهاست لاءِ ارسا قائم ٿيل آهي ۽ سنڌ ۾ وري ايريگيشن، سيڊا ۽ وسپ جڙيل آهن۔ ارسا جي ملڪي سطح تي پاڻي جي ورهاست ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواه کي اعتراض به رهيا آهن۔ سنڌ جو خاص اعتراض چشما جهلم لنڪ ڪئنال، هل ۽ غازي بروٿا لنڪ ڪئنال جيڪي فلڊ ڪئنال آهن۔ تن کي ريگيولر بنياد پاڻي ڏيڻ سميت ڊيمن جي پاڻي جي ورهاست به رهيو آهي۔ سنڌ کي 1991ع کان وٺي 2018ع تائين پورو پاڻي نه پيو ملي۔ جنهن ڪري سنڌ ۾ 2018ع ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب سنڌ جي زراعت جيڪا سنڌ جي معشيت لاءِ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿي سا پاڻي جي کوٽ ڪري پوکيل فصل سڪي ويا يا ڪيترين ئي جڳهين تي وقت سر پوکجي نه سگهيا۔ هن جديد دور ۾ سنڌو جي ڪٺار سنڌ جي زراعت ۾ جديد مشينري استعمال ڪئي پئي وڃي ۽ هائبرڊ ٻج پوکيا پيا وڃن۔ هاڻ ڍڳن، اٺن ۽ گڏهن تي چوخا نٿا هلن، بلڪه هن وقت ٽريڪٽرن وسيلي کيڙي ٿئي ٿي ۽ ڪيڻ لڳي ٿي۔ ساريال جي رنبي ۽ گاھ لاءِ به جديد مشين ۽ ٿريشر استعمال ٿين پيا۔ وٿاڻ جي ڀاڻ جي بدران اينگرو يوريا جو استعمال ٿئي ٿو ۽ جيت مارڻ يا ناس ڪرڻ لاءِ زرعي دوائن جا اسپري فصلن تي ڪيا وڃن ٿا۔


    سنڌو جا ڦاٽ يا ڇوڙ

    سنڌو جا جيڪي قدرتي ڦاڪ يا ڊيلٽا ۾ آڳاٽي وقت کان هن وقت تائين ڇوڙ آهن. تن بابت به انگريز دور ۾ ئي تحقيق ٿي يا انگريزي ڪتابن ۾ مواد وڌيڪ ملي ٿو. سنڌو آڳاٽي وقت کان وٺي 1758ع واري تبديلي بعد به 1970ع تائين پنهنجي ڦاٽن ۾ تبديلي آڻيندو رهيو آهي. سنڌ ۾ خاص طور تي مقامي ماڻهن ۾ هر ڏهن ميلن کانپوءِ درياءُ ۽ ان جي ڦاٽن جا نالا جدا جدا رکيل آهن. جئين مثال طور اولھ نارو ۽ اوڀر نارو، اولھه پراڻ ۽ اوڀر پراڻ، ڦليلي ۽ گوني، ريڻي ۽ ريڻ ان ڪري به تحقيق ۽ لکتن ۾ ابهام پيدا ٿيو آهي. سنڌو پنهنجي صدين جي سفر ۾ خاص طور تي سنڌ ۾ پنهنجو سفر اوڀر کان اولهه طرف پي ڪيو آهي. سندس اوڀارين شاخ يا ڦاڪ پراڻ آهي ۽ اولھ وارو ڦاڪ ڍورو يا نارو آهي. هن درياءُ جا ڪيترا پراڻا وهڪرا، ڦاٽ يا ڦاڪ هن وقت ڍورن، دڙن، پوٺن، ڍنڍن جي شڪل يا صورت ۾ موجود آهن. 1932ع کان اڳ هي درياءُ ٻوڏ يا زلزلن سبب پنهنجا رخ ۽ ڦاڪ گڊو کان ڪيٽي بندر ۽ سيرکاري تائين تبديل ڪندو پي رهيو، 1932ع بعد به ڊيلٽا ۾ تبديلي ڪئي اٿس. هتي ڪوشش ڪري سندس ڦاڪن بات مليل مواد ڏجي ٿو. جڏهن ته اڀياس جو در هن مواد تي نه بند ٿيندو ۽ نه ٿيڻ کپي. مشهور محقق ماڻڪ جي پٿاوالا ڪوري کاري يا سير ڪوري کي سنڌو جو اڀرندو ڇوڙ ڏيکاري ٿو. هن جيڪي سنڌو جي ڇوڙ واري ڦاڪن جا نالا ڏنا آهن تن ۾ (1) ڀاکر (2) ڪاجهر (3) کرڪ (4) ڪهر (5) ڪلندري (6) ترشين (7) حجامڙو (8) سيا (9) دٻو (10) پٽياڻي (11) کڏي (12) ڀٽائي (13) سير کاري يا ڪوري کاري.
    جيمس برنس پنهنجي 1939ع نقشي ۾ هيٺيان سنڌو جا ڇوڙ يا ڦاڪ ڏيکاريا آهن. جن ۾ (1) پٽي (2) پٽياڻي (3) جونا (4) ريچل (5) گوراءِ (6) سير ڪوري. سير وارو ڇوڙ مغلڀين (جاتي) کان ڏکڻ طرف چار کان ڇهه ڪلوميٽرن جي وچ۾ سيرڳنڍو يا سنڊوبندر وٽان ٿيندو هو. هتي گونگڙو ۽ بعد ۾ پڃاري ڦاٽ اچي ملندا هئا. ڪڇ ۾ ڪڇي ماڻهو ان سيرڳنڍي يا سيرڪوري کي ڪڇڪي لهجي ۾ مغلڀين وارو نائو جي سان لکن ۽ سڏين ٿا. شاھ عبداللطيف ڀٽائي سر سريراڳ جي هيٺين بيت ۾ هن طرح لکيو آهي ته
    وٺيو تُن تُنينس ، مک ڏيهاڻي مڪڙي،
    سنباهي سيد چئي مٿي نائو نينس.


    ڊيلٽا ۽ ٻيٽ

    دنيا ۾ جتي به دريا آهن اهي اوچائي کان هيٺ وهندي پنهنجي سفر جي ايامن کان پنهنجي پاڻي ۾ آڻيندڙ لٽ کي پنهنجي ڪچي ۽ ڊيلٽا ۾ ان هنڌ تي سمائين ٿا جتي هو پنهنجي تمام حسناڪين پنهنجي رنگ برنگي لهرن کي سمنڊ حوالي ڪن ٿا. جڏهن هو پاڻ کي سمنڊ حوالي ڪن ٿا تڏهن پاڻ سان گڏ آندل لٽ کي ڇاڻي نئين ڌرتي، دڙا ۽ ٻيٽ به ٺاهين ٿا. سنڌو ۽ هاڪڙو صدين کان سمنڊ کي پويان ڌڪيندا ڌرتي ٺاهيندا رهيا آهن. محقق لکن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ سنڌو ۽ هاڪڙي جو ڊيلٽا ملتان وٽ هوندو هو. پر پوءِ آهستي آهستي سمنڊ جنهن کي مهاساگر چيو ويو پوئتي هٽندي هٽندي موجود ڊيلٽا واري جاءِ تي پهتو. سنڌو جي ساحلي پٽي جا ماڻهو سمنڊ کي به دريا چوندا آهن. سنڌو جي ساحلي پٽي تي هاڪڙي ۽ سنڌو ٻنهي ٻيٽ ٺاهيا. انڊس ڊيلٽا جي موجوده زمين 41 هزار 440 چورس ڪلوميٽر ايراضي تي مشتمل آهي. ان جي 200 چورس ڪلوميٽر زمين سمنڊ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺي آهي. سمنڊ جون لهرون اچي ان سان ٽڪرائجي واپس هليون وينديون آهن. ان زمين جو سمنڊ سان رشتو اڻ ٽٽ آهي. سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ 300 کان وڌيڪ ٻيٽ آهن. جن مان ڪيترن ئي ٻيٽن تي ماهيگيرن ۽ جتن جا ڳوٺ آباد آهن. ٻيٽن تي رهندڙ انهن ماڻهن جون اکيون اٿندي وهندي سمنڊ جو لهرون ڏسن ٿيون ۽ انهن جي زندگي هوڙن ۽ ننڍين ٻيڙين ۾ سفر ڪندي گذري ٿي. ٻيٽن جي زندگي سُکي به آهي ته ڏُکي به. انهن ٻيٽن تي بجلي جو ڪو تصور ئي ڪونهي پر هاڻ هنن ٻيٽن تي ڪٿي ڪٿي گهرن تي سولر سسٽم لڳل نظر اچن ٿا. هنن ٻيٽن تي آباد سنڌي وسندين ۾ ڪجھ پرائمري اسڪول به آهن. هتي روڊ رستن جي سهولت بلڪل نه آهي. شهر وڃڻ لاءِ هي ماڻهو ٻيڙين ۾ سفر ڪندا آهن. مٺي پاڻي جي به ڪا سهولت ڪونهي. هتي جا ماڻهو رڌ پچاءُ، پيئڻ سميت غسل ڪرڻ ۽ وضو ڪرڻ لاءِ مٺو پاڻي شهرن مان خريد ڪندا آهن. صحت جي به ڪا سهولت ناهي. ٻيٽن تي ڪاٺ جا گهر ٺهيل آهن. وير چڙهڻ ڪري هتي اڪثر گپ چِڪ رهي ٿي. ٻيٽن تي مڇي سستي ۽ پاڻي مهانگو آهي. هتي جا مهاڻا ماڻهو اڪثر رڇ، هوڙن، نيون، ٻيڙن جي مرمت ڪندي يا نوان ٺاهيندي نظر ايندا. انهن جي من اندر جو اظهار شاه عبداللطيف ڀٽائي هئين ڪيو.

    هينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏَتَڙِ پئــي ڏينهن ٿِيا!
    پُڇِيو تان نه پِرِيان، ڪَرَلاهُو ٿِي ڪَڏِهِين.

    انھن ٻيٽن جي تڙن تان جڏهن ماهيگير ملاح هوڙا، لانچون ۽ ٻيڙيون ڪاهي مڇي مارڻ ويندا آهن تڏهن سندن عورتن جي جيڪا نفسياتي ڪيفيت هوندي آهي. سا شاھ عبداللطيف ڀٽائي هن طرح بيان ڪئي.

    نه سي تَڙِ هوڙاڪَ ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون،
    سَرَتِيُون! سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ،
    مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيُون، پِرِيَنِ جا.

    جڏهن ملاح روانا ٿين ٿا ته کين موڙ ٻڌي، گهوٽ بڻائي، ڳيت ڳائي رخصت ڪيو وڃي ٿو. پوءِ سندن لڄون انتظار جي بتيلن ۾، سندن اوسيئڙو ڪن ٿيون. انهن ٻيٽن تي اٺ، مينهون، ڳئون، ٻڪريون، رڍون به پاليون وڃن ٿيون ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڪتا پالڻ جو به رواج آهي. کاروڇاڻ جي ٻيٽ واري شهر ۾ ته اڄ به ڍڳا گاڏيون هلن ٿيون. اهي ڍڳا گاڏين وارا تڙ تان سامان کڻي شهر ۾ دڪاندارن ۽ گهرن تائين پهچائين ٿا. ڪئي ٻيٽ محمد بن قاسم جي اچڻ کانپوءِ آباد ٿيا، اهيي اهي سنڌي هئا جن محمد بن قاسم اڳيان آڻ نه مڃي ۽ ٻيٽن تي وڃي آباد ٿيا اهي پاڻ کي دٻلا يا ديٻلا سڏائين ٿا. مختلف ٻيٽن تي سندن ڳوٺ آباد آهن. آئون صديق ۽ اسحاق دٻلو ڳوٺ ۾ رهي مهماني ٻه کائي آيو آهيان. ٻيٽن تي مٺي پاڻي جي اڻهوند ڪري ماڻهن ۽ چوپائي مال جو رهڻ ڏکيو ٿيندو وڃي. ماحولياتي تبديلين ڪري به سمنڊ چڙهندو پيو وڃي ۽ ٻيٽن جي ڌرتي سڪڙجندي وڃي. انهن سمورن مسئلن ڪري ڪيترائي ئي ماڻهو ٻيٽن تان لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. جيڪڏهن ڪوٽڙي کان هيٺ گهربل ضرورت مطابق گهٽ ۾ گهٽ 25 ايم آءِ ايف پاڻي نه ڇڏيو ويو ته ٻيٽن تي زندگي جون بهارون خزائن جي نذر ٿي وينديون پاڻين جي ديس جا هي رهواسي جن هميش پاڻين سان عشق ڪيو انهن جون وسنديون اجڙي وينديون.

    اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻِجارَن جون،
    آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُونڊَ کي.

    سنڌو جي ڊيلٽا ۽ ٻيٽن ۾ دنهين ، ڏڀر، ڀرٽ ، مانڌاڻو ، ڏير ، ٽوپ ، ڪلرو ، منڍيرو ، منگرال ، مکڻي ، ڪنڊڙي ، پڇڙ گاھ ۽ پواڙي گاھ پڻ ٿين ٿا ، سونهڻ گاھ سمنڊ ۽ ڊيلٽا ۾ ٿئي ٿو جيڪڏهن سونهڻ گاھ چوپايو مال کائي وجهي ته ان جو کير ماکي ۽ کنڊ کان به مٺو لڳندو ان بابت شاھ لطيف چئي ٿو ته

    کاري وير ورن ، ونگ سڀوئي وھ ڪيا،
    سونهڻ جيئن سيڻن ، مٺو سائو نه مٽيو .

    ساحلي پٽي جي ڪجهه مشهور ٻيٽن جا نالا
    حاجي محمد جت ٻيٽ، مصري جت ٻيٽ، محمد جت ٻيٽ، هاشم راڄائي ٻيٽ، صديق ملاح ٻيٽ، موسيٰ ٻٽابي ٻيٽ، عثمان شاھ ٻيٽ، سيٺ نور جت ٻيٽ، رمضان جت ٻيٽ، عثمان جت ٻيٽ، اڀان ملاح ٻيٽ، غلام حسين شيرو ٻيٽ، حاجي هاشم جت ٻيٽ، موسيٰ جت ٻيٽ، سليمان ٿامبو ٻيٽ، طالب دٻلو ٻيٽ، مهراڻ دٻلو ٻيٽ، ٽانڊو ٻيٽ، اسحاق دٻلو ٻيٽ، سن دٻلو ٻيٽ، امير ملاح ٻيٽ، زو دٻلو ٻيٽ، ڪانٽلي دٻلو ٻيٽ، مٺو راڄو ٻيٽ، عثمان گلاڻي ٻيٽ، بلاول دٻلو ٻيٽ.


    سنڌو جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي تي موجود ڪجهه شهر

    سنڌو درياءُ جي موجوده دور ۾ وهندڙ ڪٺار جي ٻنهي ڪنارن تي جيڪي اهم شهر قائم ٿيل آهن، تن مان ڪجهه هن طرح آهن

    سنڌو جو کاٻو ڪنارو
    چلاس، اٽڪ، ميانوالي، گڊو، گهوٽڪي ، ريڻي ، ڏهرڪي، روهڙي، خيرپور، راڻي پور، نوشهرو فيروز، مورو ، قاضي احمد، سڪرنڊ، سعيد آباد، هالا، ڀٽ شاھ،، مٽياري، حيدرآباد، هوسڙي، کٿڙ، ٽنڊو محمد خان، بلڙي شاھ ڪريم، ٻيلو، ٻنون، سعيدپور، سجاول، چوهڙ جمالي، شاهبندر، کارو ڇاڻ

    سنڌو جو ساڄو ڪنارو
    خير آباد، ڪوهاٽ، ڊيرا اسماعيل خان، مزاري پل، ڊيرا غازي خان، راجن پور، ڪشمور، سکر، نئون ديرو، رتو ديرو، ڳڙهي خدا بخش، لاڙڪاڻو، موهن جو دڙو، دادو، خدا آباد، منڇر بوبڪ، سيوهڻ،لڪي شاھ صدر، سن، مانجهند، لاکڙا، ڄام شورو، ڪوٽڙي، ملا ڪاتيار، جهرڪ، راڄو ڳوٺ، سونڊا،، ڪينجهر، ڇتو چنڊ، اڏيرو لال ٺٽو، پير پٺو ،گهوڙاٻاري، جنگي سر پتڻ، ڳاڙهو، ٻگهاڻ، ڪيٽي بندر


    سنڌو ۾ ٻوڏون

    سنڌو ۾ صدين کان وٺي جيڪي ٻوڏون آيون تن جو ذڪر ڪنهن تاريخي ڪتاب ۾ نٿو ملي پر جڏهن کان انگريز دور ۾ سنڌو تي بند ٻڌي جديد آبپاشي سسٽم يا طريقي موجب بئراج قائم ڪيا ويا، انهن آبپاشي بئراجن سبب سنڌو ۾ ٻوڏ جي ڊيٽا جا انگ ۽ اکر سنڌو ۾ جڙيل پهرين بئراج گڊو تي پاڻي جي ماپ سان معلوم ڪيو وڃي ٿو ته درياءُ ۾ ڪيترو پاڻي آهي ۽ ٻوڏ واري صورتحال ڪيتري پاڻي تي ٿئي ٿي۔ گڊو بئراج وٽ سنڌو ۾ ٻه لک ڪيوسڪ تائين پاڻي جي ريڪارڊ ٿيندڙ وهڪري کي ٻوڏ ۾ شمار نٿو ڪيو وڃي پر جيڪڏهن گڊو بئراج تي ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو ريڪارڊ ٿئي ٿو ته ان پاڻي کي نمبر 1 ننڍي ٻوڏ (Low Flood) جو آبپاشي ماهرن نالو ڏنو آهي۔
    نمبر 2 : جيڪڏهن پاڻي جو وهڪرو 3 لک کان 5 لک ڪيوسڪ ٿئي ٿو ته ان کي وچولي ٻوڏ جو نالو ڏنو وڃي ٿو۔
    نمبر 3 : جيڪڏهن پاڻي جو وهڪرو 6 لک کان 9 لک جي وچ۾ هوندو آهي ته ان کي (Very High Flood) چئجي ٿو
    نمبر 4 : جيڪڏهن 9 لک ڪيوسڪ کان پاڻي جو وهڪرو وڌي ٿو ته ان قسم جي ٻوڏ واري پاڻي کي سپر فلڊ جو نالو ڏنو ويو آهي۔
    سنڌو تي ريڪارڊ ۾ آيل ويجهي ماضي ۾ آيل 1992ع ۽ 2010ع جي مها ٻوڏ يعني سپر ليول جي ٻوڏن ۾ درياءُ کي کنڊ يا گهارا پيا ۽ دريائي بند مختلف هنڌن (ماڳن) وٽان ٽٽا۔ انهن ٻوڏن ڪري وڏي تباهي ٿي، معشيت تباھ ٿي، ماڻهن جا گهر، ڳوٺ، شهر، فصل، تاريخي ماڳ ٻڏي ويا، ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا۔ نجي ۽ سرڪاري انفرا اسٽرڪچر ٻوڏ جي زد ۾ آيل علائقي جو مڪمل طور تباھ ۽ برباد ٿي ويو۔
    سنڌو ۽ سندس ڦاڪن، واهن کي قديم دور کان وٺي گهارا پوڻ ۽ پاڻي پلٽڻ يا رخ مٽائڻ وارا مرحلا ٿيندا رهيا آهن۔ سنڌو ۽ سندس ڦاڪن کي جيڪي گهارا پيا آهن، تن مان هڪ گهارو ته اهڙو مشهور ٿي ويو جو ان شهر تي نالو ئي گهارو پئجي ويو، اهو گهارو سنڌو جي قديم ڦاڪ ڪلري ۾ ديبل بندر کان ڀنڀور ڀرسان صديون اڳي لڳو هو۔ ان گهاري سبب جڙيل شهر جو نالو گهارو رکيو ويو۔ هن وقت به گهاري شهر ۾ سنڌو جو اهو قديم ڦاڪ موجود آهي۔ گهارو شهر هن وقت ٺٽي ضلعي ۾ شامل آهي۔ ٻيو گھلو وارو گهارو مشهور آهي۔ انهن کان سواءِ 1932ع کان موجوده درياءُ کي ڏنل بندن بعد جيڪي گهارا لڳا آهن تن جو ريڪارڊ هن طرح ملي ٿو : 1955ع ۾ PR بند ميل 1/3 سومرن جي ڳوٺ وٽ، 1956ع 13/3 اگهاماڻي وٽ، جن ڪري ٺٽي جو شهر پاڻي هيٺ اچي ويو۔ 1990ع ٻيهر ساڳئي بند کي گهارو پيو، جيڪو حڪومتي ڪوششن سببن تاريخ ۾ پهريون دفعو ٻڌو ويو ورنه درياءُ کي لڳل گهارا درياءُ ۾ پاڻي جو چاڙھ لهڻ کان بعد ئي ٻڌا ويندا هئا۔ 2010ع ۾ ڪوٽ عالمو ۽ غوثپور وٽان سنڌو کي گهارا پيا، جن جي سبب اتر سنڌ جو جيڪب آباد ضلعو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ دادو ٻڏي ويا ۽ ان وقت جي ٺٽي ضلعي ۽ هاڻوڪي سجاول ضلعي جا تعلقه سجاول ۽ جاتي به ٻڏي ويا۔ هن ٻوڏ ۾ وڏي تباهي ٿي هئي، گهر انفرااسٽرڪچر تباھ ٿي ويا، معيشت کي وڏو ڌچڪو لڳو ۽ ماڻهن جا مال ۽ فضل تباھ ۽ برباد ٿي ويا هئا۔
    سنڌو ۾ 1914ع کان وٺي 2010ع تائين آيل وڏي ٻوڏن جو ريڪارڊ هن طرح آهي۔

    1914ع .......... 771.000 ڪيوسڪ
    1924ع .......... 706.000 ڪيوسڪ
    1929ع .......... 702.000 ڪيوسڪ
    1943ع .......... 728.000 ڪيوسڪ
    1950ع .......... 776.000 ڪيوسڪ
    1955ع .......... 805.000 ڪيوسڪ
    1957ع .......... 707.000 ڪيوسڪ
    1958ع .......... 1058.000 ڪيوسڪ
    1959ع .......... 972.000 ڪيوسڪ
    1960ع .......... 979.000 ڪيوسڪ
    1961ع .......... 828.000 ڪيوسڪ
    1973ع .......... 1083.000 ڪيوسڪ
    1975ع ..........1002.000 ڪيوسڪ

    ان حساب سان 1914ع کان 2018ع تائين سنڌو ۾ 14 وڏيون ٻوڏون ريڪارڊ ڪيون ويون آهن، جن جو باقاعدگي سان ريڪارڊ به رکيو ويو آهي۔ درياءُ ۾ جبلن تي برف پوڻ ۽ وڌيڪ برساتون وسڻ سبب ٻوڏ ايندي آهي۔ 1960ع درياءُ راوي، ستلج ۽ بياس هندستان جي حصي ۾ وڃڻ سبب سنڌو تي ڊيم ٺهيو، جنهن ڪري صورتحال تبديل ٿي آهي۔ ڊيم کان اڳي سنڌو جي پاڻي ۾ لٽ تمام گهڻي وڃي ساحلي ڪنارن تي ٻيٽ ۽ دڙا ٺاهيندي هئي۔ سنڌو ۽ ٻين دريائن ۾ ڪن رنڊڪن ڪري ٻوڏون آيون آهن، جن جا ڪجهه هي مثال ريڪارڊ تي موجود آهن۔ 1830ع ۾ شياڪ ندي ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ سبب شياڪ ندي جو وهڪرو رڪجي ويو ۽ پاڻي جي دٻاءُ ڪري جڏهن اها رنڊڪ بڻيل ڇپ ٽٽي ته شياڪ ندي ۾ ٻوڏ اچي وئي ۽ ان جو اثر اهو ٿيو جو سنڌو ۾ سمائيندڙ ڪابل ندي ابتي وھڻ لڳي ۽ سنڌو جو پاڻي پشاور تائين ويو هو۔ سنڌو ۾ 1841ع ۾ نانگاپربت جي هڪ حصي جي ڪرڻ سبب پاڻي جو گذرڻ بند ٿي ويو ۽ پاڻي پوئتي چاڙھ ڪندي هڪ وڏي ڍنڍ ٺاهيندي وڃي گلگت سان لڳو ۽ 6 مهينن دوران وڏي ڍنڍ ٺهي وئي، اها ڇپ ٽٽڻ سان درياءُ ۾ وڏي ٻوڏ اچي وئي هئي۔ اهڙي صورتحال 1885ع ۾ درياءِ هنزه تي پڻ ٿي هئي۔ سنڌو ۾ ٻوڏون جبلن تي برسات گهڻي وسڻ، برف پگهرجڻ، زلزلن يا ڇپن واري رڪاوٽن سبب ٿيون آهن۔
    شاھ عبداللطيف ڀٽائي سر سهڻي ۾ چون ٿا.

    سهي ڪين سمونڊ جا، ماندي دل دڙڪا،
    ساهڙ ڄام سُڻ ڪا، فرياد هن فقير جي.

    دهشت دم درياهه ۾، جتي جايون جانارن،
    نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،
    درندا درياهه ۾، واڪا ڪيو ورن،
    سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن
    پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تِن،
    ڪو جو قهر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن،
    اُتي اڻ تارُن ساهڙ سير لنگهاءِ تون.


    سنڌو تي ٺاهيل جديد پلون

    سنڌو درياءُ تي ٻيڙين جي پلن جو ذڪر اتهاس جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ملي ٿو۔ محمد بن قاسم جي فوج به ٻيڙين جي پل ٺاهي سنڌو تان گذري هئي۔ سنڌو ۽ سندس ڦاٽن تي ٻيڙين جون پلون ۽ ٻيڙين ذريعي جتي ماڻهو سفر ڪندا هئا ۽ پتڻن تي اچ وڃ ٿيندي هئي۔ سنڌو جي ٿاڪ ڦليلي تي موجوده تلهار ۽ ٽنڊي باگي جي وچ تي ڪاٺ جي ڦڙ اچ وڃ لاءِ ٺاهي وئي، جنهن ڪري ڦليلي تي اڏيل ان شهر جو نالو جمالي ڦڙدو پئجي ويو، جيڪو اڄ به ننڍڙو شهر آهي۔ انگريز دور ۾ سنڌو تي سکر شهر وٽان تاريخي پل ٺاهي وئي۔ جيڪا پنهنجي دور جي اهم پل هئي ۽ اڄ به ان جي وڏي اهميت آهي۔ ان کان بعد سنڌو تي تمام گهڻيون ٽرانسپورٽ ۽ ريلوي کي گذارڻ لاءِ پلون قائم ڪيون ويون۔ جن مان ڪي اهم پل هي آهن
    ليه پل، ڇهي شوٽ پل، داسو پل اٽڪ پل، خوشحال ڳڙھ پل، ڊيرا غازي خان پل، گڊو پل، راڻي پور پل، دولھه دريا خان پل ٺٽو، ڪوٽڙي پل، ڄام شورو پل ۽ سڪرنڊ پل، لئنسڊائون پل سکر، ايوب پل سکر، لئنسڊائون پل جي باري ۾ ڪجھه ڄاڻ

    لئنسڊائون پل (Lansdowne Bridge)
    سکر ۽ روهڙي جي وچ۾ ٺهيل آهي جيڪا مارچ 1889ع ۾ ٺهي راس ٿي۔ هي پل انجينئرنگ جو شاهڪار نمونو آهي۔ لئنسڊائون پل نه رڳو انجنيئرنگ جو شاهڪار نمونو آهي پر ننڍي کنڊ جا ماڻهو هن جي سحر ۾ ورتل آهن۔ سنڌ ۾ ته شاعرن هن جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ڪيو ۽ سنڌ جون ڪئي لوڪ داستانون هن سان منسوب ٿيون. جڳ مشهور سنڌي گيت هو جمالو به هن پل سان منسوب آهي.
    رحيم داد مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب تاريخ سکر ۾ لکي ٿو ته "لئنسڊائون پل کي ٺهي 130 سال ٿي ويا آهن."
    لئنسڊائون پل سنڌو تي 900 فٽ بلند تي بنا ڪنهن سهاري جي رکيو ويو آهي. هن تان هڪ ئي وقت ۾ ٻه گاڏيون گڏوگڏ هليو سگهن ٿيون. جڏهن ته پل جي ٻنهي پاسن کان پيادل هلڻ وارن لاءِ فٽ پاٿ به ٺهيل آهي. لئنسڊائون پل ٻن سالن ۾ ٺهي راس ٿي. لئنسڊائون پل جو نقشو انگريز انجنيئر سر اليگزينڊر ميڊوس رينڊل تيار ڪيو. جڏهن ته هن جي تعمير ايف اي رابرٽسن ۽ هيڪوئٽ نالي انجنيئرن جي اڳواڻي ۾ ٿي. ۽ 25 مارچ 1889ع تي هن جو افتتاح ڪيو ويو. افتتاحي تقريب جي اڳواڻي بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) جي گورنر لارڊ ريئي ڪئي ۽ تقريب ۾ سنڌ جو ڪمشنر چارلس رچرڊ ۽ راڻي پور رياست جي والي مير مراد علي سميت سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي ڪامورن شرڪت ڪئي. پل جي تعمير تي 40 لک روپيا خرچ ٿيا ۽ 3300 ٽن لوھ استعمال ٿيو جيڪو برطانيا کان آندو ويو هو.
    هن پل جو نالو وائسرائي هند "هينري چارلس ڪيٿ پيٽي لئنسڊائون" جي نالي تي لئنسڊائون رکيو ويو. هي پل انگريز دور ۾ ريلوي جي تحويل ۾ هو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ايوب خان جي ايام ڪاري تائين هي ريلوي جي تحويل ۾ رهيو. پر ايوب خان جي دور ۾ ايوب پل ٺهڻ بعد هي عام ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو ۽ ايوب پل ريلوي کاتي جي حوالي ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو جڏهن هي پل ٺهي راس ٿيو ته ڪو به ڊرائيور هن تان ريل گاڏي گذارڻ لاءِ تيار نه هو. تڏهن انگريز گورنمينٽ سزاءِ موت جي هڪ قيدي جنهن نالو جمالو هو ۽ هو ذات جو شيدي هو تنهن سان واعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو ان پل تان گاڏي گذاري ويو ته هن جي سزاء معاف ٿي ويندي. جمالو شيدي هن پل تان ريل گذاري ويو ۽ هن جي سزا معاف ٿي وئي. جڏهن جمالو پل تان پار ٿي هن پاسي پهتو تڏهن هن جي زال نعرو هنيو ته

    منهنجو کٽي آيو خير سان هو جمالو
    جيڪو سکر واري پل تان هو جمالو
    جنهن جا وار گهنڊي ڌار هو جمالو
    پوءِ اهو جمالي جو قصو ايترو مشهور ٿيو جو هر خوشي جي موقعي تي اهو ڳائيجڻ لڳو. پر جمالو جي باري ۾ ڪجھه ٻيون ريتون به اچن ٿيون.
    جمالو ڪير هو ؟
    جمالو ڪير هو ان بابت ڪيتريون ئي روايتون مشهور آهن. سائين ولي محمد طاهرزادو سندن ڪتاب ”سنڌ جو لوڪ ثقافتي ورثو“ ۾ جمالو جي باري ۾ پنج روايتون لکيون آهن۔

    (1) در بخش چانڊئي ٻڌايو:
    “جمالو جو اصل نالو جمال خان هو، جو لاڙ جي طرف جو ويٺل هو، ڪي شاهينگ سندس مال کڻي ويا. ان ڪري ڀائر هڪٻئي کي طعنو هڻڻ لڳا. جمال طعنو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ هڪدم پيرو کڻڻ شروع ڪيائين پيرو کڻندي ڪوهستان طرف وڃي نڪتو. آخر اها جوءِ ڳولي لڌائين جتان مال موٽي مليس.
    جڏهن خير سان موٽي آيو، تڏهن هرهنڌ واهه واهه ٿي ويئي ته هڪ ڄڻي ڪئين مال موٽائي آندو! اها ڳالهه هلندي ويئي آخر ايترو ته مشهور ٿي جو جمال جي شان ۾ گيت چوڻ لڳا، جي ڦريل گهريل صورت ۾ اڄ به ملن ٿا.”

    (2) خدا بخش حجام ٻڌايو:
    “جمالو پنهنجي جوءِ ۾ مڃيل پهلوان هو مجال جو سندس پير ڪو اورانگهي! ڪچي جي طرف جو ويٺل هو. زور آزمائي جي مقابلي ۾ لاڙ طرف ويو، جتي وڃي نالو ڪڍيائين لاڙين جي محبت کيس موهي وڌو جنهن ڪري ڪيترو ئي وقت اتي رهي پيو. انهيءَ ڪري سندس پهلوانيءَ جي هاڪ هنڌين ماڳين هلي ويئي.”

    (3) الکاڻيءَ ٻڌايو:
    “جمالو هڪ ٺاهوڪو خوش پوشاڪ ۽ ڪوپو قداور هو. سندس شرافت ۽ شير مردي ڪري ڳوٺ وارا توڙي اوري پري جا کيس پيار ڀري نظر سان ڏسندا هئا. هڪ دفعي ڀائرن سان ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي بر منهن ڪيائين. اهڙو اشارو جمالو گيت ۾ به ملي ٿو.”
    “جنهن سان ڀائن ڪيو ڊوهه هو ـــــ هو جمالو”
    ڪٿي وڃي دنگ ڪيائين سو پتو نه پيو پر دادو طرف کان آيو هو، جو جمالي ۾ به آهي.
    “دادو ته دٻائي ويو ـــــ هو جمالو”
    پوءِ گهڻي وقت بعد پنهنجي ڳوٺ ويو جتي خوب خوشيون ڪيائون ۽ سندس خوشيءَ ۾ گيت ڳايائون.

    (4) محمد رمضان دادو واري ٻڌايو:
    وڏڙن کان ٻڌندا ايندا آهيون ته جمال، ڀائرن کان ڪنهن سبب ڪاوڙجي ڪوهستان طرف ويو پئي، اتي مان ۽ مرتبو پئي لڌائين. ڪاڇيلن وڏي قربداري ڏيکاريس ۽ کيس سواريءَ لاءِ هڪ ڪاڇيلو اُٺ به ڏنائون. اهڙو ذڪر جمالو گيت ۾ به آهي جنهن کي ڪاڇي اُٺ سواري ۾ ـــــ هو جمالو “جنهن جو ڪاڇي اُٺ ٽئونر سان ـــــ هو جمالو”

    (5) چون ٿا ته “جمالو” نالي هڪڙو شخص هو، جو پنهنجي ساٿين کان وڇڙيو، ۽ ڪي سال وڃي هيٺ لاڙ ۾ جتن سان گڏ گذاريائين. ڪجهه عرصي بعد جڏهن وري موٽي آيو، تڏهن سندس ساٿين توڙي سڪ وارن خوشيون ڪيون. ناچ ڪيائون ۽ پڻ سندس نالي گيت ڳايائون۔

    جمالو گيت

    منهنجو جمالو جتن سان، هو جمالو
    جنهن جا پير پنج سير، هو جمالو
    جنهن جي سوني منڊي چيچ ۾ هو جمالو
    جنهن سان ڀائن ڪيو ڊوهه هو جمالو
    لڙي ايندو لاڙ ڏانهن، هو جمالو
    جنهن کي ڪاڇي اُٺ سواري ۾، هو جمالو
    جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾ هو جمالو
    جنهن جون اکيون رب رکيون هو جمالو
    منهنجو کٽي ايندو خير سان هو جمالو.
    منهنجو جمالو جتن سان هو جمالو
    منهنجو کٽي آيو خير سان هو جمالو
    جنهن جا ڏند دلبند هو جمالو
    جنهن جو ڪاڇي اُٺ ٽونر سان هو جمالو
    جنهنجي پڳ آهي پيچ سان هو جمالو
    جنهن جي ڀنڀي ڏاڙهي شان سان هو جمالو
    جنهن جي جتي جيسلمير جي هو جمالو
    جاڏي پير تاڏي خير لا هو جمالو.

    ايوب پل
    ايوب پل پاڪستان ريلوي جي ملڪيت آهي ۽ هي پل لئنسڊائون پل جي متبادل طور ايوب خان جي ايام ڪاري دوران ٺاهيو ويو. ان پل جي منظوري ايوب خان ڏني انهي ڪري هن پل تي نالو ئي ايوب پل پئجي ويو. هن پل جي تعمير 9 ڊسمبر 1969ع تي شروع ٿي ۽ 6 مئي 1962ع تي هي پل ٺهي راس ٿي. هن پل کي لئنسڊائون پل جي طرز تي ٺاهيو ويو آهي. هن جي تعمير کان اڳ ريلوي لئنسڊائون پل استعمال ڪندي هئي پر هن جي تعمير کان پوءِ هي پل ريلوي جي حوالي ڪيو ويو ۽ لئنسڊائون عام ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.


    ھاڪڙو ڪس ۽ مُھر راڻي

    موجوده ٿر جتي مھڙ واري علائقي کي ڪس چئجي ٿو سو ڪس وارو علائقو سوين ڪلوميٽرن ۾ اتر کان ڏکڻ طرف ڦھليل آهي ڪس واري ئي علائقي ۾ ھاڪڙو درياء جي قديم وھڪري جا نشان اروڙ کان چونڊڪو جمڙائو کان ھيڊ مکيه ڍنڍ کاهي کپرو ڍورو نارو غلام نبي شاھ سامارو ڪنري ٿر نبي سر نھٽو نبي سر روڊ نئون ڪوٽ ڪلوئي ڄار جو پتڻ علي بندر رحمڪي بازار وڳھ ڪوٽ سنڌڙي بندر ۽ ڪوري نار تائين ھاڪڙو درياء کي اروڙ کان ڍوري ناري تائين اوڀر نارو سڏجي ٿو ۽ غلام نبي شاھ کان ھيٺ ڪوري نار تائين ھاڪڙو سڏجي ٿو ـ ھرانڊ ڍنڍ ڀاڳار ڍنڍ ڪاجھر ڍنڍ پنھوار ڍنڍ ونگو پتڻ ڄار جو پتڻ وانڪل جو گھيڙ مشھور رھيا آهن ـ
    سر اولڌام پنهنجي هڪ تحقيقي مضمون ۾ لکي ٿو ته “هن وقت غائب ٿيل هاڪڙو کي ، جا اڀرندي نارا جي ڌارا هئي ، جنهن ۾ گهگهر (سوام ديال) ۽ سرهند نديون هيون ، ۽ اوڀر نارا ۾ ٽي شاخون نٽوال نالي هيون ، اڳئين زماني ۾ ستلج هاڪڙو جي پيٽ مان وهي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي پر جڏهن ستلج وهڪرو بدلائي بياس سان گڏجي وڃي سنڌو ۾ شامل ٿي ته سرسوتي ، جيڪا منجهس (هاڪڙو) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي ، سا اڪيلي ٿي پئي ۽ وارياسن هنڌن ۾ غائب ٿي وئي، هاڪڙي جو سڪڻ برسات جي ڪري نه پر ستلج جي وهڪري بدلائڻ ڪري ٿيو آهي، ٻئي هنڌ ساڳيو مصنف لکي ٿو ته “هاڪڙو دريا ستلج دريا جي پراڻي گذرگاھ آهي” ڪرنل منچن لکي ٿو ته ‘‘چولستان ۾ هاڪڙي دريا جي وهڪ دراصل جمنا ندي جي قديم ويهڪ آهي‘‘ ، ٻيو ليکڪ بيل چوٽ لکي ٿو ته ‘‘اصل ندي درشدوتي هئي، جنهن کي اڄڪلھه گهگهر چيو ٿو وڃي ، ان جي هڪڙي شاخ هاڪڙو هئي ، جنهن کي ستلج ندي مان پاڻي ملندو هو ، جيڪا پنجاب مان هلي بيڪانير ۽ جوڌپور علائقن مان وهندي سنڌ ۾ وڃي ننگرپارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي اڀرندو نارو ان جي نشاني آهي، پوءِ جڏهن ستلج وهڪرو بدلايو ته هاڪڙي ۾ پاڻي گهٽجي ويو، ۽ ندي سڪي وئي ، بعد ۾ هاڪڙي کي گهگهر به چيو ويو آهي” . مسٽر آر جي بئنرجي بهاولپور رياست کان وٺي (جتان هاڪڙو ندي جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو) کير ٿر جبلن جي قطار تائين 18 جاين تي سنڌو ندي جي پراڻي وهڪري جا نسان معلوم ڪيا آهن هو لکي ٿو ته ‘‘ ندي جو پاڻي رڻ مان وهي لکپت جي ساريال جي پوک جو مدار به انهي پاڻي تي هو، راءِ بهادر گوري شنڪر اوجها ٽاڊ جي ڪتاب جي تشريح ڪندي لکي ٿو ته “گهگهر ندي جي هڪ شاخ جو نالو ساڪرا يا هاڪڙا هو، جيڪا پهريائين پنجاب کان هلي بيڪانير ۽ جوڌپور راڄن مان وهندي، سنڌ ۾ وڃي سنڌو ۾ ملندي هئي، پر گهڻي وقت کانپوءِ ان جو وهڪرو بند ٿي ويو، جنهن جو ڪارڻ طبعي حالتن سبب راجستان جو ڪنارو مٿانهون ٿي وڃڻ ڪري پاڻي گهٽ اچڻ لڳو ۽ ايئن ٿيندي ٿيندي هو بلڪل بند ٿي وئي، سر آرل اسٽائن جو خيال هو ته هاڪڙو دريا پاڻي ۽ مقدار جي لحاظ کان هڪ ننڍو ۽ محدود دريا آهي ، پنهنجي هيٺيين علائقي ۽ چولستان ۾ هڪ وڏي دريا جي گذرگاھ ڪئين حاصل ڪري سگهي ٿو ، ليڪن اڳتي هلي هو خود لکي ٿو ته بجنور ۽ ولهار جي درميان ستلج درياءِ جي هڪ شاخ هاڪڙي ۾ شامل ٿي ويندي هئي ، انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته انهي وهڪري هاڪڙي دريا جي وهڪري کي وڌيڪ هٿي ڏني ، ايڇ ٽي لئمبرڪ هاڪڙو دريا جي باري ۾ لکي ٿو ته ،‘‘ انهي زماني ۾ سنڌو ندي جو وهڪرو ڪهڙو هو ۽ نه وري اها خبر آهي ته اها شاخ جي صورت ۾ ڇڙندي هئي يا موهن جي دڙي کان ڪجھ مٿڀرو اها ٻن شاخن ۾ ورهائجي ڇور ڪندي هئي . ان کانسواءِ اهو ممڪن آهي ته سنڌو لوڪن جي دور ۾ ستلج ندي هاڪڙا نارا ۾ وڃي پوندي هئي ، هاڪڙو جي پيٽ جا اهڃاڻ پٺتي بهاولپور ۽ بيڪانير رياستن منجهان لاڳيتا لنگهندا ملن ٿا ، ۽ ڏسڻ ۾ ايئن ٿو اچي ته اهو آخرڪار ڪيترين ننڍين ننڍين خاص ڪري گهاگهڙ سرکنڊا، سرسوتي ۽ چيتانگ جي ميلاپ مان نڪري ٿو ، اولھ ۾ ستلج ۽ اوڀر ۾ جمنا جي ڇوڙن جي وچ ۾ سواليڪ ٽڪرين مان اسري ٿو ، ....پهاولپور ۽ بيڪانير جي علائقي ۾ هاڪڙي جو پيٽ ايترو ويڪرو! ڏيڍ سئو ميلن جي مفاصلي تائين ٻن ميلن کان به سرس آهي . چيتانگ جي هڪ پراڻي پيٽ جي معرفت هاڪڙي کي پاڻي ڏيندي هئي ، سنڌو هاڪڙي ۽ گنگا جي تراين جي وچ وارو هيٺائون سنڌو ، اڄڪلھ چيتانگ ۽ جمنا جي وچ ۾ آهي ، لئمبرڪ وڌيڪ لکي ٿو ته ستلج جو هڪ پراڻو انگڙ ونگڙ پيٽ هاڪڙي سان بهاولپور جي بنھه اندر ولهار وٽ اچي ملي ٿو ، لڳي ٿو اهو ستلج جي هڪ پراڻي وهڪري مان ڦٽندو هو ۽ ان جو رخ ٿلهي ليکي هاڪڙي جي شاخ وارو هو ، انهن ڳنڍيندڙ ڦاٽن سان ٽيو بهاولپور شهر کان ويهارو ميل اوڀر اتر، اوڀر ۾ شروع ٿي وڃي ڪدو ولا جي ويجهو هاڪڙي سان ملي ٿو ....” نھٽو جتي 999 ھٽ (دڪان) ھئا نھٽي جي پتڻ تي ٻيڙائتا ايندا ۽ ويندا ھئا ـ ھن ماڳ سان مھر راڻي ۽ لاکي ڦلاڻي جو لوڪ داستان به وابسته ڪيل آهي ۽ ڄام جکرو جي راڄڌاني بابت به ھڪڙي راء آهي ته نھٽو سندس ماڳ ھو جيڪڏهن ھاڪڙو جو وھڪرو ق ـ م دوران بيھي ويو ھو ته مھراڻي ۽ لاکو ڦلاڻي ۽ ڄام جکرو وارا لوڪ قصا يا ڄام جکرو جو دور سما دور سان تعلق رکي ٿو جڏهن سما دؤر ھو ته اھو به انڙ ڪوٽ آڳڙي ۽ ٺٽه ڏانهن ھو البت اوڀر طرف سومرا آباد ھئا جيڪي پراڻ جو وھڪرو بيھي وڃڻ سبب معاشي طور تي پٺتي پئجي ويا ۽ اولھ طرف آباد سمان معاشي طور تي مستحڪم ان ڪري ٿي ويا جو درياء جو رخ سندن علائقي مان ٿي ويو ھو ـ پراڻ تي اڏيل شھر ۽ ڳوٺ ويران ٿي ويا ڪمي ڪاسبي لوھار ھاري رازا موچي ڪوري مطلب ته مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن لڏ پلاڻ ڪري وڃي ڳوٺ ۽ شھر آباد ڪيا ـ موجوده ڊيلٽا واري ٻيٽن کي جانچي ڏسجي ٿو ۽ ٿر جي ڀٽن کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿئي ٿو ته ھتي جڏهن سمنڊ ھو تڏهن موجوده ٿر واري علائقي ۾ ھاڪڙو جو قديم ڊيلٽا ھجي ٿر جي زمينن ۽ ڀٽن جو لينڊ اسڪيپ پڻ اھڙي قسم جو آهي ڀٽون گس رڻ ۾ ڌٻڻون لوڻ کاڻيون پوٺو جتي رڃ ئي رڃ ٿي واڪا ڪري پر رڻ ۾ رات ٺرڻ جو منظر شيخ اياز پنهنجي ھڪ شعر ۾ ھيئن چٽيو ته
    " ھن جا نھٺا نيڻ ائين ـ جيئن رڻ ۾ رات ٺري "
    جيان ڪاجھر جا گھوڙا برصغير ۾ مشھور رھيا آهن ۽ ونگو پتڻ جي لپي سميت ونگو پتڻ پرڳڻو به ھو ـ جيڪو چار ڀيرا اجڙيو ۽ وري وري آباد ٿيو ـ ونگو جي قديم آثارن وارا ماڳ چيا وڃن ٿا ـ جن ماڳن جي دڙن ۾ ق ـ م واري دؤر دوران ڀريو تريو وھندڙ ھاڪڙو درياء جتي ڪنول جي گل کي وڏي مڃتا مليل ھئي ھاڪڙي جي وھڪري بيھي وڃڻ بعد ٿر ۾ باراني پوک ٿئي ٿي جنهن ۾ ٻاجھر جوئر مڱ تر گوار گدرا ڇانھيون چڀڙ پيرون ماکي لاک گگرال کوئنر مختلف قسم جون وليون ٻوٽيون ۽ گاھ ٿين ٿا ٿر ته ڳئون رڍ ٻڪري اٺ ۽ گڏھ پالتو جانورن ۾ شمار آهن ٿر ۾ چائنا ڪلي گرينائيٽ لوڻ ۽ ڪوئلو گئس وڏي مقدار ۾ نڪرڻ سبب سانتيڪي ٿر واري علائقي ۾ ماحولياتي تبديلي آئي ـ


    ڊيلٽا کي تباھ ڪندڙ ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي

    سنڌو درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان پنجاب جي صنعتن مان نڪرندڙ زھريلي پاڻي کي سنڌو جي ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاء ٻه سم نالا ڪڍيا ويا آهن ھڪ سم نالو سنڌو جي کاٻي پاسي کان وھي ٿو جنهن کي ايل بي او ڊي (Left Bank out Fall Drain) سڏجي ٿو ۽ ٻيو سنڌو درياه جي ساڄي پاسي وھي ٿو جنهن کي آر بي او ڊي( Right Bank out fall Drain) چئجي ٿو ھنن نالن جي ڪيپيسٽي ته چار ھزار ڪيوسڪ آهي ـ پر جئين ته سم نالن جي پاڻي کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگھجي ان ڪري 2010ع جي برساتي ٻوڏ ٻو دوران بدين ضلعي جي تعلقن ٽنڊوباگو بدين جھڏو ڊگھڙي جي ٻھراڙي وارا علائقا ۽ نئون ڪوٽ جي ٻڏڻ جو مکيه سبب به اھو ايل بي او ڊي وارو سم نالو ھو جنهن ۾ ھزارين ماڻهو پنهنجا اباڻا اجھا ڇڏي دربدر ٿيا ـ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا چوپايو مال مري ويو ۽ سوين ماڻهو سم نالي جي پاڻي ۾ ٻڏي لڙھي ويا ھي سم نالو پنجاب جو زھريلو پاڻي کڻي ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪرائڻو ھو پر پر ايل بي او ڊي اڄ تائين مڪمل نه ٿي آهي جنهن ڪري سکر جي صالح پٽ تائين پنجاب جو زھريلو پاڻي زرعي زمينون تباھ ڪري رھيو آهي ايل بي او ڊي سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي ۾ داخل ٿي سانگھڙ بينظير آباد نوشھروفيروز ميرپورخاص ۽ بدين ضلعن جي حدن مان گذري سنڌو جي ڊيلٽا ۾ داخل ٿئي ٿو ـ ھي رٿا انگريزن جي دور جي جڙيل ھئي جنهن جو ڇوڙ شڪور ڍنڍ ۾ ٿيڻو ھو پر ورھاڱي کانپو سرحدن جي حد بندي ڪري ھن جو لھوارو ڇوڙ غير رٿا بندي سان ڪيو ويو آهي جنهن ڪري ھي سم نالو صحيح مقدار ۾ پاڻي جو نيڪال ڊيلٽا ۾ نٿو ڪري ان ڪري برساتن دوران جئين ئي ھن ۾ پاڻي جو مقدار وڌي ٿو ته پاڻي جي بيڪ لوڊ ڪري بدين سانگھڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن جا علائقا ٻڏن ٿا ـ ماحوليات جي انجنيئرن موجب ھن سم نالي ۾ صنعتن جو غير فلٽر ٿيل پاڻي وھي رھيو آهي جنهن ۾ ڪيترن زھريلن مادن جو مقدار گھڻي تعداد ۾ موجود آهي ھي نالو جن به علائقن مان گذري ٿو اتي وسندڙ ماڻهن چوپائي مال پکين مڇين ۽ ٻي جيوت جي صحت لاء ھاڃيڪار آهي ـ ماھرن موجب ھن پاڻي ڪري لاڳاپيل علائقي ۾ رھندڙ ماڻهن کي چمڙي ڦڦڙن گڙدن جيري جي بيمارين ۾ مبتلا ڪري سگھي ٿو ـ ھي سم نالو جھڏو کانپوء سنڌو درياهه جي پراڻي وھڪري پراڻ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي ھي سم نالو اھڙو ڌاڙيل آهي جيڪو بنا ھٿيارن جي ھن جي آس پاس رھندڙ ماڻهن جون حياتيون کسي وٺي ٿو ـ ھت ملڪي سطح تي ماحوليات جي وزارت ملڪي ماحول بچاء جو ادارو ۽ صوبائي ماحوليات بچاء جو ادارو پڻ موجود آهي جن اڃا تائين ھن سم نالي ۾ وھندڙ آلوده پاڻي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي۔ نه ئي اتي رهندڙ ماڻهن کي سجاڳي طور آگاھ ڪيو ويو آهي. آلودگي کان اڻواقف ماڻهو هن سم نالي جي پاڻي کي زراعت لاءِ ۽ چوپائي مال کي پيارڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. جنهن ڪري چوپايو مال بيمارين وگهي مري رهيو آهي ۽ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. ساڳئي صورتحال آر بي او ڊي واري سم نالي جي آهي. هن سم نالي جو ڇوڙ سڌو منڇر ڍنڍ ۾ ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري ايشياء جي هي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آلودگي ڪري تباھ ٿي وئي آهي. منڇر ڍنڍ ۾ ان زهريلي پاڻي جي ڇوڙ ڪري ان جي آس پاس رهندڙ هزارين ملاح بيروزگار ٿي ويا آهن. هونئن ته هي ڍنڍ سنڌو تي اڏيل ڪوٽڙي بئراج لاءِ وڏو ذخيرو هئي پر هي هٿ وٺي تباھ ڪئي وئي آهي. هن ڍنڍ جي ڪري سنڌو جي هن بئراج مان پاڻي جي کوٽ ختم ٿي پئي سگهي. آر بي او ڊي سم نالي سنڌو جي ساڄي پاسي اهوئي ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪيو آهي. جيڪو ايل بي او ڊي سم نالي کاٻي پاسي پيدا ڪري ٿو. ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي اڃان مڪمل نه ٿيا آهن. پر ايل بي او ڊي جو جيڪو پاڻي اچي ٿو سو چولري ويئر کان ڪيو ويو آهي. سانگهڙ، مير پور خاص ۽ بدين ضلعن جي حد ۾ پراڻ ۽ هاڪڙي جي قديم وهڪرن مان آيل بي او ڊي کي گذاريو ويو آهي. 159 ڍوري بعد هاڪڙو ۽ پراڻ جي قديم وهڪري کي ڊي پي او ڊي جو نالو ڏئي آيل بي او ڊي جو اڌ زهريلو پاڻي ان وهڪري مان وهايو پيو وڃي. ۽ ضلعي ٺٽي ۾ آر بي او ڊي سم نالي کي قديم وهڪري سانگره يا ڪلري جي پراڻي پيٽ کي ڪافي هنڌن تان ڪٽ هڻي سم نالي ڪري گذاريو ويو آهي. ان حساب سان دادو، قمبر، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ۾ پڻ قديم وهڪري سنڌو ڍورو يا اولھ نارو مان سم نالي کي گذاريو ويو آهي. جنهن ڪري سنڌو جا ڪئي پراڻا وهڪرا سم نالن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. هنن سم نالن ڪري ڊيلٽا تباھ ۽ برباد ٿي ويو آهي. ۽ ڊيلٽا جون ڪيتريون ئي ڍنڍون هن زهريلي پاڻي ڪري تباھ برباد ٿي ويو آهن.


    سنڌو ۽ هاڪڙي ۾ آيل وڏيون تبديليون

    سنڌو جي اها خاصيت رهي آهي ته جڏهن به پنهنجي منهن ڦيرگهير ڪري ٿو ته سندس وهڪري ۾ قدرتي طور ڦيرو اچيو وڃي۔ سنڌو جا ڇڏيل پراڻا ڪيترائي پيٽ ۽ وهڪرا آهن۔ جن بابت ڪو به چٽو مواد موجود ناهي پر هتي هي چٽو ۽ واضح ڪرڻ ضروري آهي ته جڏهن ستلج ۽ بياس دريائن جي وهڪري ۾ تبديلي آئي ته انهن دريائن گهلوءَ جي گهاري وٽان پنهنجا صدين وارا پيچ هاڪڙي سان ختم ڪري وڃي سنڌو سان سنگم ڪيو۔ جيڪو اڄ به هلي پيو۔ 341ھ ۾ سنڌو ۾ آيل وڏي تبديلي سبب سنڌ جي اڀرندي حصي وارا سکيا علائقا ويران بڻجي ويا ۽ سنڌو جو وچون وهڪرو وري 1398ع تائين آهستي آهستي پاڻي گهٽائيندو ويو ۽ جيڪو جڏهن برھمڻ آباد کان مٿي هليو ويو ته پراڻ ڍورو يا ڦاڪ به سڪي ويو۔ 1758ع ۾ سنڌو ۾ وڏي تبديلي آئي جنهن ڪري درياءُ نصرپور وارو وهڪرو ڇڏي هالا کان مٿي وھڻ لڳو ۽ موجوده هن وقت واري رخ ۾ 1758ع بعد وهي رهيو آهي۔ ان وڏي تبديلي ڪري علائقي ۾ وڏي اٿل پٿل ٿي۔
    دوش آب واري وڏي ڍنڍ مان سنڌو نالي هڪ ننڍو وهڪرو نڪرندو هو، جيڪو ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جو پاسو وٺي موئن جي دڙي کان ٿيندو وڃي منڇر ڍنڍ ٺاهيندو هو، جنهن مان هيٺائين ۽ مٿائين وٽان هڪ شاخ جدا ٿيندي هئي جيڪا جيڪب آباد کان گذرندي هئي۔ ٻي شاخ ڪشمور کان مٿان جدا ٿي وڃي اروڙ وٽان هاڪڙي جي اولاهين شاخ سان ملندي هئي۔ ونجهڙوٽ وٽان به درياءُ ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي وهندو هو، اهو هاڪڙي جو قديم وهڪرو هو۔ جنهن جو ننڍو ڦاٽ ونجهڙوٽ جي اولھ طرف ڏي وڃي سنڌو سان ملندو هو، اتي وري اروڙ کان ٻه وهڪرا ٿيندا هئا جن مان هڪ کي سنڌو چيو ويندو هو، جيڪو ناروءَ جي دڙي، ڪوٽ ڏيجي، ڪوٽڙي ڪبير، هالاڻي کان ٿيندو سنڌ جو وچ ڏئي برھمڻ آباد ڏانهن رخ ڪندو هو، جنهن جا ڪيترا ئي ڍورا اڄ به سانگهڙ، مٽياري، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي هن وقت به موجود آهن۔ اوڀر واري وهڪري کي هاڪڙو سڏيو ويندو هو۔ ڪشمور جي اوڀر کان وهندڙ سنڌو کي سنڌو ڍورو به چيو وڃي ٿو۔
    امير تيمور جي حملي کان ٿورو بعد ۾ ستلج ندي پنهنجو اصلي وهڪرو ڇڏي وڃي لوھ وال وٽان بياس ندي سان ملي هئي۔ سندن گڏيل پاڻي وارو وهڪري کي هرياري، نيلي يا گهلوءَ وارو گهارو سڏيو ويندو هو ۽ سندن پاڻي هاڪڙي کان جدا وھڻ لڳو هو۔ اهڙي ريت ستلج هيمشه لاءِ هاڪڙي کان ڌار ٿي ويو ۽ سرسوتي اڳ ئي سڪي وئي هئي۔ گهگهر ۽ چتانگ جيترو پاڻي ڪونه ٿي آيو۔ سانوڻ جي وسڪاري ۾ هن درياءُ ۾ پاڻي ايندو هو۔ پر هوريان هوريان هاڪڙو سڪي ويو۔ سنڌو جو ٿورو پاڻي اروڙ وٽان وڃي هاڪڙي ۾ پوندو هو پر ان جو به رخ موڙيو ويو۔
    دنيا جو مورخ آرنلڊ ٽنائن (Arnold Tonine) پنهنجي مشهور ڪتاب ۾ لکي ٿو ته قديم سنڌ ۾ ٻه درياءَ هئا۔ جن مان هڪ سرسوتي هئي، جنهن کي هاڪڙو ۽ پڇاڙ واري علائقي ۾ نارو به سڏيو ويندو هو۔ هن وهڪري ۾ جمنا، گهاگهر يا گهگهر چتانگ دريائن جا وهڪرا ۽ دهلي جي اتر، اوڀر کان شيوا لنڪ يا سيوا لنڪ وهڪرا به ملي ويندا هئا۔ سندن اهو وڏو وهڪرو راجستان جي ڀٽير شهر جي اتر ڏئي، ڏکڻ اولھ جو رخ اختيار ڪندو هو، هن وڏي وهڪري سان جڏهن ستلج ۽ بياس جا وهڪرا شامل ٿيندا هئا ته کيس هريالي درياءُ سڏيو ويندو هو۔ انهن سان راوي ندي جنهن جو برساتي وهڪرو آهي سو سانوڻي رت ۾ وهندو هو۔ ان جو سنگم ڪڏهن هاڪڙي سان ته ڪڏهن سنڌو سان ٿيندو هو۔ هي وهڪرو جڏهن بهاولپور جي دوش آب ڍنڌ وٽ پهچندو هو ته سنڌو جي پاڻي جو ڪجھ حصو اچي ساڻس ملندو هو۔ اهو وهڪرو اڳتي هلي ونجهڙوٽ وٽ ٻه دريائي روپ اختيار ڪندو هو۔ اوڀر واري وهڪري کي اتان نارو سڏيو ويندو هو۔ اولھ وارو وهڪرو اڳتي هلي سنڌو جي ريڻي سان ملندو ھو۔ جيڪو اروڙ وٽ پنهنجي ٻه دريائي شڪل ۾ وهندو هو۔ هن وقت اروڙ، سکر، روهڙي وٽان نارو وهي جڏهن ضلعي سانگهڙ ، خيرپور ، نوابشاھ جي مکيه ڍنڍ جي مهڙ وٽ جهڙاڻو هيڊ وٽان ڏسجي ٿو ته اڄ به درياءُ لڳي ٿو۔جهڙاڻو هيڊ وٽان هن مان نوان ڪئنال ۽ واھ انگريز دور ۾ ڪڍيا ويا۔ پر سندس قديم پيٽ اڄ به کپرو ۽ نارو شهرن کان هيٺ غلام نبي شاھ بچائو بند، ڪنري، نبي سر، نهٽو جيڪو هاڪڙي تي قديم ۽ تاريخي ماڳ آهي کان اڳتي نئون ڪوٽ جتان هاڪڙو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿئي ٿو، سندس هڪ حصو اولھ ڏانهن مڙي سنڌو جي قديم ڦاڪ يا ڍوري پراڻ سان ٻنگار جي قديم شهر وٽان ايل بي او ڊي جي آر ڊي 275 وٽان سنگم ڪري ٿو۔ ٻيو وهڪرو نئون ڪوٺ کان ڪلوئي شهر مان ٿيندو ڀٽن جي ڀر وٺي ڄار جي پتڻ تي ٻيهر هاڪڙي جي مک وهڪري پراڻ ۾ شامل ٿئي ٿو۔ ڄار جي پتڻ کان پراڻ علي بندر، رحمڪي بازار، سنڌڙي بندر ۽ ڍولا ويرا تائين هاڪڙي جي قديم پيٽ يا وهڪري مان وهي ٿو۔ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اروڙ، سکر، روهڙي کان هيٺ اڄ به رحمڪي بازار تائين جتان کان ويجهو هي وهڪرو ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو تائين نارو ڍورو يا هاڪڙي جو قديم وهڪرو يا موجوده ڍورو قبل مسيح ۾ جمنا ۽ ستلج ۾ آيل تبديلي سبب هاڪڙو يا سرسوتي ۾ پاڻي اچڻ بيهي رهيو، جنهن ڪري خاص طور تي سنڌ ۾ موجوده اڇڙي ٿر، ڪڇ جو رڻ، ٿر واري پاسي چولستان بيهي ويل هاڪڙي يا سرسوتي جي وهڪري جو قدرتي علائقو آهي۔ ليکڪ امر لغاري پنهنجي ڪتاب "ناري ڪناري ۾" ۽ ابوبڪر شيخ "نگري نگري ڦرا مسافر" ۾ لکن ٿا ته "زميني پليٽن جي حرڪت سبب جمنا ۽ ستلج ۾ تبديلي آئي، جنهن سبب ٻه هزار قبل مسيح کان پندرهن سو قبل مسيح واري عرصي ۾ هاڪڙو يا سرسوتي مڪمل خشڪ ٿي ويو ۔ راجستان ۽ اڇڙو ٿر جي ويران ٿيڻ جو به ساڳيو زمانو چيو ٿو وڃي"۔ منگھارام اوجھا پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته "هاڪڙي يا سرسوتي جو وهڪرو ننگر پارڪر جي ويجهو سمنڊ ۾ سمائبو هو ۽ ننگر پارڪر کان 14 ڪلوميٽر پري اڄ به پاري ننگر جي کنڊر ٿيل بندر جا آثار موجود آهن۔ جيڪو پڻ قبل مسيح ۾ ويران ٿي ويو هو"۔ اڇڙو ٿر جي ايراضي 23 هزار چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل آهي۔ پنج سو کان وڌيڪ هاڪڙي يا سرسوتي تي آرڪيالاجي جي ماهرن کي قديم آثار نظر آيا آهن۔ اڇڙو ٿر، عمرڪوٽ جي ميداني علائقي بعد ڪنري کان ٻيهر ٿر جي ڪٺار سان گڏ گڏ نظر اچي ٿو۔ هن جي پيٽ ۾ ڪٿي ڪٿي آباديون به ڪيون ويون آهن۔ اڇڙو ٿر کان رحمڪي بازار تائين ڍنڍن، کڏن، دڙن جو به هڪ سلسلو موجود آهي۔ هن وقت سکر کان نارا کي به پاڻي سنڌو مان ڏنو وڃي ٿو۔ بدقسمتي اها آهي ته سنڌ ۾ ريڻي، اولھ ۽ اوڀر نارو، اوڀر ۽ اولھ پراڻ ٻنهي وهڪرن کي سنڌو جو نالو ڏيڻ سميت هر 10 ڪلوميٽر کان پوءِ مقامي طور هر وهڪري تي جدا جدا نالا ملن ٿا جنهن ڪري به تمام گهڻا رايا غلط جڙيا آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ سنڌو هاڪڙي ۽ سندن ڦاڪن جا جيڪي نالا آيا آهن ان ڪري به مونجهارا پيدا ٿيا آهن۔ سرسوتي ندي جي پاڻي کي پوتر سمجهيو ويندو هو ۽ ان جي پوڄا ڪئي ويندي هئي۔ هن علائقي مان درياءُ ته منهن موڙي ويو پر ذمين جو لينڊ اسڪيپ اهڙو جڙيو آهي جنهن ڪري هتي جي زمين جي زرخيزي به ختم ٿي رهي آهي هن زمين ۾ پاڻي روڪڻ جي خاصيت تمام گهٽ آهي، وارياسي هجڻ ڪري پاڻي روڪڻ جي به طاقت ڪونهي ۽ جنهن ڪري وڻن کي پاڙون هڻڻ ۾ به مشڪلون هونديون آهن ۽ زرخيزي نه هجڻ سبب فصل به نٿا ٿين۔ هن اڇڙي ٿر ۾ هاڪڙي يا سرسوتي جي ڪمال جو زوال به ڏاڍو حيرت ناڪ نظر اچي ٿو۔ بدقسمتي چئجي ته هتي جي ماڻهن کان درياءُ به ويو ته زمين جي زرخيزي به موڪلائي وئي، هن خطي جو درد پنهنجو آهي۔ اڇڙو ٿر وٽان نارا مان ٻه ڦاٽ به نڪرندا هئا (1) ڪاڪاهو (2) ڪلانڪر انهن جي ڪري اڇڙو ٿر ڍنڍن جو ڄار بڻجي رهجي ويو آهي۔ اڇڙي ٿر ۾ لوڻ جون ڪيتريون ئي کاڻيون به آهن.


    کاروڇاڻ: جتي سنڌو جي لٽ ڇڻي ٿي!!!

    سنڌو درياءَ جي ڇوڙ واري علائقي مان جڏهن سڪندر مقدوني حملو ڪيو هو. تڏهن سنڌو جو ڇوڙ پٽالا هو. جتان سنڌو درياءَ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. درياءَ جي ٻنهي حصن کي سنڌو چيو ويندو هو ۽ لکيو پڻ ويو آهي. سنڌو جو ڇوڙ وارو علائقو ليکڪ جنرل هيگ جي ڪتاب جو عطا محمد ڀنڀرو پاران ڪيل سنڌي ترجمي واري ڪتاب ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، ان جي درياءَ ۽ ڍنڍن، ڍورن جي ڪنارن تي وسيل آبادين جي باري ۾ ڪا باقاعدي ۽ مستند لکت نه هئڻ ڪري اڪثر مشرقي ۽ مغربي سياحن ۽ تذڪره نگارن جي احوالن ۽ بيانن مان سلسلا جوڙيا ويندا آهن. ان حساب سان جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ته انهن 1877ع تائين ٻه ڀيرا سمنڊ جي جانچ ۽ پڙتال ڪئي. ڪيل جانچ مان هي نتيجو اخذ ڪيو ويو ته سنڌو درياءَ ڏاڍي تيز رفتاري سان سمنڊ ڏانهن وڌي رهيو هو. جنهن مان پتو پيو ته سنڌو درياءَ جي مکي ڇوڙن وٽان 10سالن اندر ساڍا ٽي ميل سمنڊ ڏانهن ڌرتي وڌي آهي. ان ليکي سان هڪ سال ۾ هڪ ميل جو ٽيون حصو ڌرتي سمنڊ ڏانهن وڌي رهي آهي. اتي ڪن ڦاڪن تي ڌرتي جي اڳتي وڌڻ واري رفتار گهٽ به نظر آئي آهي. ۽ ڪي اهڙا حصا به آهن، جتي سمنڊ پنهنجو وڃايل حصو ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڌرتي سان ڇولين ذريعي ويڙهاند ۽ ڏي وٺ ڪندي به اڳتي وڌندي نظر آيو آهي. سنڌو درياءَ سال ۾ 217 ملين گز لٽ سمنڊ ۾ ڇڏيندو آهي. جڏهن ته نيل درياءَ ڇوڙ واري علائقي ۾ سال ۾ اڳتي وڌڻ جي رفتار 4 ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پر هن وقت نه ته سڪندر مقدوني واري دور دوران سنڌو جو اهو وهڪرو ۽ ڇوڙ آهي. نه وري گذريل 10 سالن کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ سنڌو درياءَ ۾ گهربل مقدار تحت سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ ٿئي ٿو. ڏهاڪو سالن کان وٺي سنڌو درياءَ جو ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي صرف سال جا ٽي مهينا وڃي ٿو. جنهن ڪري ڇوڙ واري علائقي جا ماهگير سياسي ۽ سماجي پارٽين جا ڪارڪن مختلف وقتن تي پاڻي نه ڇڏڻ بابت هلچل هلائي رهيا آهن. اتي پاڪستان جي سينيٽ طرفان سنڌو درياءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ پاڻي جي مقدار معلوم ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي ميمبر ڪريم خواجه سينيٽ جي فلور سميت ميڊيا ذريعي اهو چئي چڪو آهي ته سنڌو جو پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ سبب سمنڊ مٿي چڙهي ڌرتي پائي رهيو آهي. ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ لکين ايڪڙ زمين مياڻون، ٻيلا ۽ قدرتي ماحول پڻ تباهه ٿي ويو آهي. سنڌو درياءَ جڏهن 1758ع ۾ پنهنجو وهڪرو نصرپور کان تبديل ڪيو ته ان ڪري بگاڙ ڦاڪ، ڪلري ڦاڪ، ستا ڦاڪ، گونگڙو ڦاڪ، پڃاري ڦاڪ، ريڻ ڦاڪ، پٽيهل ڦاڪ، سانگرو ۽ پراڻ وارا دريائي ڦاڪ سڪي ويا. جنهن ڪري پراڻو ڇوڙ وارو علائقو پنهنجي پراڻي حالت ۾ جتي برقرار رهي نه سگهيو آهي. اتي اڄ تائين به تاريخ نويس متفق ناهن ته ديبل بندر ڀنڀور وٽان گهاري واري ڦاڪ تي هو يا پير پٺو وٽان بگاڙ واري دريائي ڦاڪ تي هو. اهو ڊگهو بحث پنهنجي جاءِ تي پر هن وقت سنڌو جو ڇوڙ کاروڇاڻ کان پيو سمنڊ ۾ ٿئي. مرزا شاهه حسن ترخان جي دور ۾ حڪومتي ڪاروهنوار ۾ اسماعيل ٻهارو ۽ عربي ڳاهو اڳيان اڳيان هئا. اسين جڏهن ٻهارا شهر کان گذرون ٿا ته اسماعيل ٻهارو ياد اچيو ٿو وڃي. اتي ٻهارا شهر وٽان محمد صديق ۽ مولابخش نظاماڻي ۾ پوليس جي حدبندي جيان رستو وٺي هلڻ لاءِ تڪرار ٿو ٿئي پر اسين مولا بخش جي اسرار تي جڏهن پاڻي جي پوڄا طور مشهور اڏيري لال جي درگاهه وٽ پهچون ٿا ته اتي صاحب ڏنو ڳاهو جي نالي واري بورڊ کي ڏسي عربي ڳاهو به ياد اچي ويو. ٽٽل رستو ڏيئي جڏهن اڳتي وڌجي ٿو ته رستي جي ٻنهي ڪنارن تي ڳاڙهيون ۽ مينهون نظر آيون جن کي مالدار ڀاڳيا ولرن جي صورت ۾ ڪاهي وڃي رهيا هئا. انهن جو سفر جنگي سر، کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي ٻيٽن ڏانهن هو. جيئن جيئن اڳتي وڌجي ٿو ته زمين جو لينڊ اسڪيپ ۽ موسم به تبديل ٿيندي پي وئي. ڳاڙهي شهر ڀرسان معشوق پيروزاڻي جي ڳوٺ وٽ ذوالفقار آباد جي پيڙهه جو پٿر نظر آيو. ذوالفقار آباد ڳاڙهي کان وٺي جاتي تائين اٽڪل ساحلي پٽي جي پنجن تعلقن جي ايراضي ۾ جديد بنيادن تي ٺهڻو هو. پر ان جو رڳو پيڙهه جو پٿر ئي رکيل آهي.
    سامونڊي وير چڙهيل هئي. ٻنگهاڻ کان کاروڇاڻ تائين روڊ جي هڪ طرف پاڻي ئي پاڻي هو. ٻي طرف پان، ڪيلن، انبن، ناريلن جا باغ ۽ ڪمند پوکيل هئا. انهن مان گذرندي جڏهن کاروڇاڻ اچي ٿو. جتي هن وقت شينهن درياءَ سنڌو پاڻ کي سمنڊ ۾ سمائي ٿو. ۽ سندس لٽ اتي ڇڻي ڪيئي ٻيٽ ٺاهي ڇڏيا آهن. واهوندو وريل هو، ڇوليون هڪ ٻئي سان پي ٽڪريون، مالدار مينهون درياءَ مان پار اڪاري مينهن جي پڇن ۾ جهلي مينهن سان گڏ تري رهيا هئا. اهي مالدار برسات وسڻ بعد پنهنجا ڍور سامونڊي ٻيٽن تي چارڻ لاءِ ڪاهي وڃي رهيا هئا. زندگي جو اهو پهريون تجربو جو معلوم ٿيو ته جڏهن برسات وسي ٿي ته سامونڊي سوين ٻيٽن تي قسمين قسمين ۽ گاهه ۽ ٻوٽا ڦٽن ٿا. جتي ٺٽي ۽ سجاول جا ڀاڳيا مينهون، ڍڳا، اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون چارڻ لاءِ ڪاهي وڃن ٿا. ڀاڳيا تيستائين سامونڊي ٻيٽن تي ڍور چارين ٿا جيستائين سامونڊي کارين ۾ مٺو پاڻي ختم نٿو ٿئي. جڏهن کارين مان مٺو پاڻي ختم ٿئي ٿو ته ڀاڳيا واپس پنهنجي ماڳن ڏانهن ورن ٿا. کاري ڇاڻ جي سماجي ڪارڪن ايوب سهتو جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان پوءِ آهستي آهستي سنڌو جو پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ بند ٿيندو رهيو. جنهن ڪري اڏيري لال جي درگاهه وٽان نڪرندڙ اوچتو ڦاڪ به 1960ع کان 1965ع تائين سڪي ويو. جنهن ڪري ڳاڙهو، ٻگهاڻ، ٻهارا ۽ ڪيٽي بندر جون سبز زمينون ويران ٿي ويون. ۽ 1947ع ۾ هندن جي لڏپلاڻ سبب کاري ڇاڻ سامهون سوکي بندر به ويران ٿي ويو. هي علائقو عربن جي ڪاهه کان وٺي مغلن جي حاڪميت تائين ڌارين جي آمد جو لنگهه ۽ سياست جو محور به رهيو ۽ هتان کان ڪڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني جا فلوڊيا جهاز به هاڪاريندا هئا. ته ڪڏهن آر ماڙ به گذرندا هئا. پر هاڻي خشڪي واري رستن ۽ جهاز راني سبب نه اهي دريائي وڻج ۽ واپار وارو رستو ته ويران ٿي ويو آهي پر اڄ به ماهگير مڇي ماريندي سنڌو جي کاري ڇاڻ سميت مختلف بندرن ۽ مياڻن تي نظر اچن ٿا. سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ هاڻي جڏهن پاڻي اچي ٿو ته ان ۾ پلو به سمنڊ مان چڙهي ٿو. ۽ ماهگيرن جي منهن تي مرڪون به نظر اچن ٿيون.


    هاڪڙو ۽ ڪڇ جو رڻ

    ڪڇ جو رڻ جيڪو هن وقت رڳو ننڍڙين ننڍڙين جابلو ٽڪرين تي مشتمل ويران علائقو آهي۔ اهو هميش اهڙو نه رهيو آهي۔ ڪڇ جو رڻ سال 1226ع کان اڳ اڄ کان لڳ ڀڳ 4500 سال پهريان جڏهن هتان کان هاڪڙو درياءُ سندس اوج تي وهندو هو۔ هڪ سامونڊي کاري هو۔ ڪڇ هي علائقي ۾ سنڌو سڀيتا جي ثقافت جو ارتقاء ٿيو۔ شال 1226ع کان اڳ هاڪڙو ۽ سنڌو دريا ماتلي ۽ تلهار وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا ۽ هاڻوڪي ضلعي بدين ۽ ٺٽي جو ڳچ علائقو پاڻي هيٺ هو۔ هاڪڙو درياءُ کي گهگر ندي ، چنانگ ندي ۽ سرسوتي ندي پنهنجي پاڻي سان سيراب ڪنديون هيون۔ سناتن ڌرم ۾ مقدس سمجهي ويندڙ جمنا ندي ۽ پاڪستان جو وڪامي ويل درياءُ ستلج به هاڪڙو درياءُ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا۔ هاڪڙو درياءُ هاڻوڪي ڪوري نار وٽ ڊسچارج ٿيندو هو۔ سنڌو درياءُ به سندس اولھ پراڻ واري وهڪري جو پاڻي ڪوري نار وٽ سمنڊ حوالي ڪندو هو۔ ننگر پارڪر جي ويجهو لوڻي ندي به وهندي هئي، جيڪا اولھه کان چوماسي جي برساتي پاڻي کي ڪوري ناري ذريعي خارج ڪندي هئي۔ ان وقت ننگر پارڪر تعلقو به هڪ ٻيٽ هو۔ ستلج جي وهڪرو مٽائڻ ڪري هاڪڙو آهستي آهستي سُڪي ويو ۽ وڏي زميني تبديلي ڪري سنڌو وارو اولھ پراڻ وهڪرو به رڪجي ويو۔ آ نهن تبديلين ڪري ڪڇ جي نار جي سطح بلند ٿي ۽ ڪڇ خشڪ ٿي رڻ ۾ تبديل ٿي ويو۔ انهن تبديلين ڪري سنڌ ۽ ڪڇ جي ڳانڍاپي جا ذريعا ختم ٿي ويا۔ رڻ اڃان به 24 کان 30 انچ سامونڊي پاڻي حاصل ڪري ٿو۔ جيڪو جون کان آگسٽ تائين لڳندڙ چوماسي هوائن ۽ سامونڊي لهرن ۽ ويرن سبب چڙهي ٿو۔ ڪجھ پاڻي لوڻي ندي به پهچائي ٿي۔ هي پاڻي ڊسمبر تائين رهجي ٿو۔ زلزلن سبب ڪڇ جي رڻ ۾ ڪئي ٻيٽ پيدا ٿيا آهن جن ڪري ڪڇ ۽ سنڌ جي اچ وڃ جا رستا سولا ٿيا آهن۔ ڪڇ وڃڻ جا مکيه ٽي رستا آهن۔ روپا کان ننگر پارڪر، ڀڄ کان ڏيپلو ۽ رحمڪي بازار ۽ لکپت ۽ جاتي۔ رڻ ڪڇ جي ٻيٽن ڪناري ٿيندڙ گاھ سنڌين ۽ ڪڇين جا گڏيل چراگاھ هوندا ۽ اها صورتحال ورهاڳي تائين قائم هئي۔
    ڪڇ جي چورس پکيڙ 7،616 ميل آهي۔ اتر ۾ 12 انچ ۽ ڏکڻ ۾ 20 انچ برسات پوي ٿي۔ زمين گهڻو ڪري ويران ۽ بنا وڻن جي پهاڙي آهي، پهاڙي لاهين تي ساوڪ آهي۔ مکيه ڌنڌو مال چارڻ ۽ مڇي جهلڻ آهي۔ ڪڇ جا ملاح، جهاز ران ۽ ڦورو تاريخ ۾ مشهور رهيا آهن۔ 1762ع ۾ ڪڇ جي ماڻهن بنا ڪنه. ٻاهرين مدد جي جهاز ٺاهيو جيڪو انگلينڊ پهتو۔ سورهين ۽ سترهين صدي ۾ هندي مها سمنڊ ۾ پورچوگيزن جي شرارتون وڏي ويو ۽ هنن مغل حڪمرانن جي معاملن ۾ هٿ چراند شروع ڪري ڏني۔ تڏهن مغل بادشاھ جهانگير حاجين جي جهاز جي حفاظت جون ذميواريون ڪڇ جي راءِ کي سونپيون هيون۔ ڪڇ جي نار سڄڻ تائين ڪڇ ۽ سنڌ گڏيل چمين هئي۔ اڄ سندس جاگرافيائي بيهڪ ڪريڪڇ سنڌ جو حصو آهي پر عربن جو ڪڇ کي فتح نه ڪري سگهڻ ڪري ۽ ان کان الاهي پوءِ انگريزن طرفان سنڌ کي بمبئي (هاڻوڪي ممبئي) سان ملائڻ ۽ ڪڇ کي گجرات سان ڳنڍڻ ڪڇ گجرات جو حصو تصور ڪيو ويو۔ وري 1947ع جي ورهاڱي کانپوءِ جڏهن سنڌ پاڪستان ۽ ڪڇ هندستان جي حصي ۾ آيو ۽ ٻنهي ملڪن جي سياسي حالتن ۽ جنگين ڪري ويڇا ويتر وڌي ويا۔ انهن سڀني ڳالهين جي باوجود ڪڇ ۾ وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ ٻولي سنڌي جو ڪڇي لهجو آهي۔ ڪڇ ۽ سنڌ جي ثقافت گڏيل آهي ۽ ڪڇ ۽ سنڌ جون قبيلائي ذاتون مشترڪ آهن۔ آهي سڀ ڳالهيون چٽو ٿيون ڪن ته ڪڇ سنڌ جو حصو آهي۔

    سنڌو سڀيتا جو شروعاتي دور ۽ ڪڇ
    سنڌ جا شروعات ۾ پنج صوبا هوندا هئا۔ اوڀاريون، اتريون، ڏاکڻيون، وچيون ۽ اولاهون۔ اوڀاريون صوبو سرسوتي، گهگهر ۽ چنانگ ندين جي ڪنارن تي ارتقاء ڪيو ۽ اهو هاڻوڪي دهلي تائين ڦيليل هو۔ ان دور ۾ رڻ ڪڇ خشڪ نه هو۔ هاڪڙو، سرسوتي، سنڌو ۽ لوڻي ندي ان کي سيراب ڪندا هئا۔ ڪڇ جي پکيڙ ان وقت چار هزار چورس ميل هئي۔ سمورو ڪڇ هڪ ٻيٽ هو۔ جيڪو ڪڇ جي کاري، ڪڇ جو نار ۽ سمنڊ جي گهيري اندر هو۔ موهن جي دڙي ۽ هڙپا کان ڪڇ وڃڻ لاءِ ٻيڙين جو استعمال ٿيندو هو۔ ڍڳي گاڏي جو رواج به هو۔ سڪندر مقدوني جڏهن دنيا فتح ڪرڻ جي جنون ۾ لشڪر وٺي نڪتو ۽ قتل غارت ڪندي جڏهن سنڌ پهتو ۽ سنڌ جي علائقي ڪڇ کي فتح نه ڪري سگهيو ۽ تڏهن سنڌ ۾ هن جي خلاف بغاوت ٿي ۽ ان هلچل ۾ ڪڇين به حصو ورتو۔ آخر سڪندر مقدوني جي لشڪر کي نامراد واپس يونان ڏانهن موٽڻو پيو۔ شال 175ع کانپوءِ سنڌ ۾ ننڍيون ننڍيون بادشاهتون قائم هيون ۽ ڪڇ تي ستين گهراڻي جو راڄ هو۔ 712ع ۾ جڏهن عربن سنڌ فتح ڪري سنڌ کي اسلامي رياست ۾ شامل ڪيو ۽ عرب گورنر تميم جي دور ۾ (لڳ ڀڳ 730ع يا 738ع ۾) هڪ بغاوت جيڪا ڪڇ جي حڪمرانن جي مدد سان مقامي سنڌين ڪئي جنهن ڪري عرب گورنر تميم کي سنڌ ڇڏڻي پئي ۽ ته کانپوءِ آيل نئي گورنر حَڪَم عربن لاءِ ڌار هڪ شهر محفوظ نالي سان اڏايو۔ عربن جو دور سنڌ ۾ مسلسل بغاوتن جو دور رهيو آهي ۽ ڪڏهن به امن قائم نه ٿيو۔ ويندي 1010ع ڌاري عربن کان مقامي سومرا جيڪي اسماعيلي مسلمان ھئا حڪومت واپس ورتي- سومرن کانپوء سنڌ جا حاڪم ٿيندڙ سمن ڄامن مان سمن جي جاڙيجا قبيلو ڪڇ جو حڪمران رھيوـ جاڙيجا نج سنڌي ھئا پر ھنن ڪڏھن اسلام قبول نه ڪيوـ

    ڪڇ جون ڪجھه مشھور ذاتيون
    ابڙا، چنڊ، ڪاٺڙا، پلھه ،آگرا (آڳڙيا) دل، ڪاٺيا، پھوڙ ، ڀنڊاري، ڳاھا، لوھاڻا، راڄڙ، ٻاروچا، گجر، مينڌرا، سولنگي (سولنڪي) ڀٽي، ڀٽ، ھالا، مڱريا سما، ھاليپوٽا، ميمڻ، سميجا، ڀٽا، جاڙيجا، مياڻا، سنگھار، چاوڙا، جت، موتياچارڻ، کتري، نارڻ پوٽا وغيره


    ڪتابيات (مددگار ڪتاب)

     شهاب نامه (قدرت الله شهاب)
     پاڻي منجھ پساھ (شير محمد بلوچ)
     سنڌ جي تاريخي شهرن جي تواريخ (انور فگار هڪڙو)
     نگري نگري ڦرا مسافر (ابوبڪر شيخ)
     ناري ڪناري (امر لغاري)
     سکاري سنڌ، ڏکارا ماڻهو (برنس مئڪمڊو / ترجمو عطا محمد ڀنڀرو)
     سنڌو ڪناري وساريل شهر مائيڪل جينسن، ميري ميولا، گنٽراربن ترجمو(عطا محمد ڀنڀرو)
     سنڌو جو سلطنتون (الائنس البينا / سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو)
     سنڌو ماٿري جي تهذيب (دلشاد چاپڙو)
     حيدرآباد کان هنزه تائين (مور ساگر)
     لاڙ جو مطالعو
     ٿر جي ٻولي
     ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو
     شيخ اياز هڪ مطالعو
     سرائيڪي شاعري هڪ مطالعو
     تنوير عباسي هڪ مطالعو
     محمد سومار هڪ مطالعو
     ڊاڪٽر سنڌيلو هڪ مطالعو
     لاڙ صدين کان
     سنڌي ادب هڪ مطالعو
     سچل سرمست هڪ مطالعو
     سنڌي ادب جي تاريخ جلد 3
     ٽي ماهي ميگهه : لاڙ هيومنٽرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام
     مضمون يا آرٽيڪل (نور محمد سمون)
     انسڪالوپيڊيا سنڌيانا ۽ سنڌي وڪيپيڊيا.
     سڀيتا جا سونهان محمد حسين ڪاشف
     سنڌ جو مهراڻ ايڇ ٽي سورلي ترجمو عطا محمد ڀنڀرو
     مڙيا مٿي مچ مير محمد نظاماڻي
     تخت گاھ خداآباد نظير احمد ڀنڊ
     آپ بيتي جڳ بيتي ايم ايڇ پنهور
     سنڌ گزيٽيئر اي ڊبليو هيوز ، ترجمو حسين بادشاھ
     ڀنڀور ۽ ديبل سهڙيندڙ عبداالقادر منگي
     ترخان نامو سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي
     سنڌو جو ڇوڙ وارو علائقو ، جنرل هيگ ترجمو عطا محمد ڀنڀرو
     سومرن جو دور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
     جرنيلي سڙڪ ، رضا علي عابدي
     برهمڻ آباد ڪلان ڪوٽ ، ٺٽوي ڪاتيار
     سنڌ جي تاريخ ، اعجازالحق قدوسي سنڌيڪار خالد وسير
     سنڌو دريا ڪي قديم گذرگاهين، پرفيسر شير خان سيلرو ترجمو شهنيلا انصاري
     اسان پنڌ پرين ڏي ، عبدالحئي پليجو
     سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا ، ايم ايڇ پنهور
     سندھ ايک عام جائزه ، ايڇ ٽي لئمبرڪ مترجم مظهر يوسف
     سنڌ منهنجي نظر ۾ ، رچرڊ ايف برٽن ، سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو
     ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا
     لب تاريخ سنڌ ، خداداد خان
     لوڪ گيت ، نبي بخش بلوچ
     خيرپور جي ميرن جو ادب ، سياست ، ۽ ثقافت ۾ حصو ، ڊاڪٽر عطا محمد حامي
     سجاول جي سماجي ، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ ، عزيز جعفراڻي
     مارٽيئر فار دي انڊس طاهره شاھ ، (مقالا)
     سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ ، گريگوري ايل پوسيل ترجمو عطا محمد ڀنڀرو
     ڪيئي ڪتاب رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي
     ريجاڻي تاريخ ايڇ ايم پنهور
     شاھ جو رسالو (ڪلياڻ آڏواڻي)
     چچ نامو
     پراڻ ، مھر ڪاڇيلوي
     ڪاوش دنيا مئگزين
     سنڌو جو سفر بدر ابڙو
     سنڌ جيئن مون ڏٺي ، ٽي پوسٽنس سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو
     سنڌو جو سفر ، اليگزينڊر برنس سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو
     سنڌ جون ڍنڍون ، عزيز رانجهاڻي
     شير دريا رضا علي عابدي
     دراوڙ جاڳ ۾ آهن محب ڀيل


    مددگار لائبريريون

    1 ميرغلام محمد لائيبريري ٽنڊوباگو
    2 ايوان صحافت لائيبريري بدين
    3 عباس علي ميمڻ لائيبريري گولاڙچي
    4 محمد بن قاسم لائيبريري سجاول
    5 ڪامريڊ محب ڀيل لائيبريري جهڏو
    6 فقير سليمان لغاري لائيبريري گگهه موري جهڏو
    7 مولوي محمد خان محمدي لائيبريري ملڪاڻي شريف
    8 زاهد اسحاق سومرو لائيبريري جاتي


    پُراڻ پبليڪيشن جهڏو جا شايع ٿيل ڪتاب

    • 1. آسن جو آسمان (شاعري) قادر سيال جهڏائي
    • 2. جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون) محب ڀيل
    • 3. مون مارو مڃيا (مضمون) شمس منڱريو
    • 4. موندانيا (مضمون) محمد ايوب ڀنڀرو ڪڇي
    • 5. ناياب نگر (شاعري) نياز پتافي
    • 6. پسي مچ م موٽ (مضمون) عبدالقيوم ٽالپر
    • 7. ديوان غمدل (شاعري) غلام حيدر“غمدل” سيال
    • 8. ڪوڙهه (ڪهاڻيون) سجاد اختر ٽالپر
    • 9. دراوڙ جاڳ ۾ آهن (مضمون) محب ڀيل
    • 10. اثر جي دائريءَ هيٺ(فڪريءَ جائزو) آدرش سنتوش گوماڻي
    • 11. اُگھي ڪير ڳوڙها (شاعري) اياز رضوي
    • 12 اهڙا جن اهڃاڻ (شخصيت ۽ سوانح) مُرتب فقيرسليمان لغاري
    • 13 جامد ۽ متحرڪ تخليقي قدر(مضمون) فراق هاليپوٽو
    • 14سنڌو ۽ هاڪڙي جا وهڪرا (تحقيق) عثمان راهوڪڙو
    • 15 چڱي نه خودڪشي هُئي. (مضمون) محب ڀيل


    بئڪ ٽائيٽل تصوير


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 872
    ڪتابن جو مشاهدو: 2461242
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 629495
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ