شاعري

جـلاوطـن نـنـڊون

مصطفيٰ آڪاش جي سموري ڪويتا فني ۽ فڪري فريم ۾ موهيندڙ منظرنامو آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ کان موسيقيت تائين ۽ تشبيهن کان استعارن تائين، نئين ٽهيءَ جي نواڻ رکندڙ کيپ جو رهيل خزانو دريافت ٿيل ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي خوشحال دور ۾، مصطفيٰ آڪاش جي جلاوطن ننڊون جي موجودگي، پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ الڳ سڃاڻ ۽ حسناڪيءَ جو سفر آهي. (سعيد سومرو)
Title Cover of book جـلاوطـن نـنـڊون

مهاڳ:

من جي تار وڳي آ

جيءُ جڙيو توساڻ جڏهن کان،
پاڻ ۾ ناهيان پاڻ تڏهن کان.

انهن ٻن سِٽن جو سٽاءُ، لفظن جي جڙاءُ سان آهي، جيڪو حيرت انگيز حد تائين متوازن آهي. ساڻ/پاڻ، ۽ جڏهن/تڏهن جا ٻِٽا قافيا، ۽ ”جيءُ جُڙيو (توساڻ) جڏهن (کان)“ جي تجنيس، انهن سِٽن کي سُر جي لڙيءَ ۾ پوئي ٿي ڇڏي. انهيءَ نظم ”يادون“ جون هي سٽون به اهم آهن :
واري ناهيان مُٺ مان نڪران،
ڪک پن ناهيان واءُ ۾ وکران.
آهيان ڪائي ليڪ پٿر تي،
جيڪا ڪنهن کان ڪا نه ٿي مِٽجي.

ساڳئي وقت انهن سِٽن کي هڪ معنيٰ پڻ آهي.
”يادون“ نظم :
لاڙ، اُتر ۽ ڪاڇو آهيان،
ڀٽ ڌڻيءَ جو پاڇو آهيان.

کان شروع ٿي ، سکيءَ جي سارَ کان ٿيندو، ڳوٺ جي يادن تائين هليو ٿو وڃي. ڳوٺ جتان ناني ۽ ماءُ جا سڏڙا اڄ به انهيءَ ڪردار جي ڪنن ۾ ٻُرن ٿا، ۽ ائين ان ڪردار کي ڳوٺ جي هر شيءِ، هر منظر ۽ ماڻهو ياد اچن ٿا. مصطفيٰ ”آڪاش“ ڳوٺ جو ذڪر پنهنجي غزل جي هڪ شعر ۾ هيئن ڪيو آهي :
ڳوٺ ۾ گهر ڪچا ها، ڌڌڙ هئي، مگر،
امن هو، خير هو ، سڀ سڻايون هيون.

’ هو ‘، ’هيون ‘، ’ها‘ ۽ ’هئي‘ لفظ ماضيءَ جي حوالي سان ئي آيا آهن. مطلب ته هاڻي ، حال ۾ ڳوٺ ’امن، خير ۽ سڻائيءَ‘ کان وانجهيل آهي. سنڌ جي هر ڳوٺ جو، انهيءَ شعر ۾ ، احوال موجود آهي. ان غزل جي مطلع ۽ هڪ شعر :
چيٽ هو، چنڊ هو، چلولايون هيون،
مُرڪ هئي، ٽهڪ ها، ڪتڪتايون هيون.

جي مشعالن جيان پئي ٻريون ميڙ ۾،
منهنجي محبوب جون هٿ ڪرايون هيون.

توڙي جو مصطفيٰ ”آڪاش“ جي شاعري ۾ رومانوي رنگ ڪجهه سرس ئي آهي ۽ ان سان لاڳاپيل عڪس ۽ اولڙا به هن جي شاعري ۾ پکڙيا پيا آهن ، جيئن جُدائي، دُوري، هجر جون وڏيون راتيون، ڳوڙها، دُکي دل، اڪيلائي، ڏک ڏوراپا، منٿون آزيون :
پويتر پيار هو پنهنجو، سڀئي احساس ها ڪومل،
انهيءَ شيشي جي رشتي ۾ ، وجهي ڪي ڏار وئين آخر!

غزل جي صنف نازڪ به عشقيه موضوع لاءِ وڌيڪ مناسب سمجهي وڃي ٿي۽ عشق هڪ ذاتي تجربو آهي، نه ڪي تلقيدي، عشق ۾ ناڪامي ئي اُن جي ڪاميابي چئي وڃي ٿي. عشق جي معنيٰ ئي آهي درد. پريت جو ارٿ آهي پيڙا. اهڙي پيڙا جنهن تان هر راحت گهوري سگهجي ٿي :
عشق ۾ راحت ڪهڙي طلبيون،
درد هميشه سهڻا پوندا!

شاعريءَ سان رشتو ”شيشي جي رشتي“ جهڙو ئي آهي. صاف، شفاف ۽ سانتيڪو ۽ اهو شاعر جي ساڃاهه تي آهي ته هُو ان رشتي کي ڪيئن ٿو نڀائي. ڇاڪاڻ ته ٿوري به غير ذميواريءَ سان اُن ۾ ڏار پئجي سگهي ٿو. انهيءَ سانت ۾ جيڪي سُر لڪل آهن، اُنهن کي سُر لهر ۾ تبديل ڪرڻ شاعر جو ڪم آهي ۽ انهيءَ تحرڪ کي، چرپر کي ان شيشي ۾ منمــــڪس ڪرڻو آهي. ۽ اهو نازڪ ڪم لفظن وسيلي ئي ڪرڻو آهي، انڪري شاعر جي بنيادي ذميواري، جيئن ٽي ايس ايليٽ چيو آهي ، وري به ٻوليءَ ڏانهن ئي آهي ؛
جڏهن ڀي ٽڙيا گل، اُڃايل زمين تي،
اسان گيت ڳايا، پرين ياد آيا.

ته ڇا جڏهن گل مُرجهائجن ٿا، تڏهن پرين ياد نه ٿا اچن؟ ائين به ناهي. شاعريءَ جي پنهنجي موسم به هوندي آهي. پرين وسرندا ئي ناهن ته ياد ڪيئن ايندا! شاعر هر موسم ۾ گيت ڳائي ٿو ؛
ٽڙيو هو گل جيان جيڪو، انهيءَ تي شام آئي آ،
اسان جو من آ مُرجهايل ، لڀائين تون ته مرضي ٿئه.

هڪ شاعر کي فطرتاََ شاعر هئڻ کپي ۽ اُهو شاعر ڪٿي نه ڪٿي موجود هوندو آهي. اُن کي دريافت ڪرڻو پوندو آهي، بلڪه اُهو دريافت ٿي ويندو آهي.
مون کي ڪير به پنهنجي لکـئي تي لکڻ لاءِ چوندو آهي ته آءٌ ’نه ‘ ڪري نه سگهندو آهيان، خاص ڪري نون دوستن جي لـکـئي تي. پوءِ اُهو’ لکيو ‘ نثر ۾ هجي يا نظم ۾ ، آءٌ اُن تي لکڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان. ڇاڪاڻ ته منهنجي راءِ ۾ ، ڪير به پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکي ٿو ته اُهو پنهنجي ٻولي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ تنهنڪري اُن جي آجيان ڪرڻ کپي، اُن صورت ۾ ، اهو لازمي آهي ته اُهو ’لکيو ‘ اهڙو هئڻ گهرجي ، جيڪو لکڻ تي آڀاري.
ساڳئي وقت، جيئن لکڻ آڳ لهرائڻ نه آهي ، تيئن اُن تي لکڻ به آڳ لهرائڻ نه آهي. آءٌ ڪوشش ڪندو آهيان ته متن ۾ جتي به درستيءَ جي گنجائش آهي ته اُها درست ڪجي، ايستائين جو صورتخطي به دُرست ڪجي، مثلاََ شاعريءَ ۾ هڪ لفظ ڪتب آيو آهي ، پر اُن جي صورتخطي صحيح نه آهي، ته پوءِ اُن جي معنيٰ به نه رهندي. ڪڏهن ڪڏهن ان ڏس ۾ ڊڪشنري به ڏسڻي پوندي آهي، يا ڪنهن کان پُڇي پڪ ڪرڻي پوندي آهي، جيئن هڪ لفظ آهي ”انابي“ ، اهڙو ڪو به لفظ نه آهي، اصل ۾ لفظ ”عُنابي“ آهي، معنيٰ ڳاڙهو، لال، سُرخ.
ان ريت منهنجو ڪم وڌي ويندو آهي.
اهو صحيح آهي ته مسلسل لکڻ، پڙهڻ ۽ تجربي سان گهڻين ڳالهين جي پروڙ پئجي ٿي وڃي، مثلاََ اهو ته ڪهڙا لفظ گڏي لکڻا آهن ۽ ڪهڙا ڌارَ. الف /و /ي - وارا اُچاري قافيا ٺيڪ آهن، پر تُز لفظ وانگر تُز قافيي جي وڌيڪ اهميت آهي، ساڳئي غزل ۾ تذڪيري ۽ تانيثي صيغي آڻڻ کان به بچڻ گهرجي.
مصطفيٰ ” آڪاش“ کي سورنهن مهينا لکندي ٿيا آهن. ان ٿوري عرصي ۾ هن جيڪا شاعري ڪئي آهي، انهيءَ کي ابتدائي ڪوشش ئي چئي سگهجي ٿو ۽ هن سٺو ئي لکيو آهي. ان مجموعي کان پوءِ هو ڇا ٿو تخليق ڪري، ان جو انتظار رهندو. مون کي اُميد آهي ته هو وڌيڪ محنت ۽ رياضت کان ڪم وٺندو. هن وٽ خيال به آهي، ٻولي به آهي ۽ وزن بحر جي جوڳي ڄاڻ آهي ۽ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هن کي پوري ڏيان ۽ گيان سان اڳتي وڌڻو آهي ؛
من جي تار وڳي آ، هُو هُو!
تنهنجي سار لڳي آ، هُو هُو!
’مون‘ مان مس مس نڪتو آهيان،
’تون‘ جي تند وڳي آ، هُو هُو!

سُر، ماترڪ ڇند، بحر وزن، meter ان لاءِ آهي ته جيئن شعر ۾ رڌم ، لئي ۽ آهنگ پيدا ٿي سگهي، اهو سدائين ياد رکڻ گهرجي ته شعر سنگيت جي ڪُک مان جنم ورتو آهي. پر سنڌي شاعري عروضي دور کان پنهنجي اصل روايت کان پري ٿيندي وئي، جيڪا خالص سُر جي روايت هُئي. ڪافي گو شاعرن انهيءَ روايت کي قائم رکيو ۽ انهن عروض کي به سُر جي قالب ۾ پلٽيو. سچل سرمست انهيءَ سُريلي روايت Lyrical Tradition جو سڀ کان پهريون ۽ وڏو شاعر آهي ۽ هُن وٽ عروض جو واهپو انهيءَ روايت سان جُڙيل آهي ؛
آهي انهن اکين کي خاصو خمار تنهنجو،
ويٺو وٺي اَهيان هت ، ڪامل قرار تنهنجو.

(سچل سرمست جو رسالو. ص-383 )
انڪري شاعر کي پنهنجي اڀياس کي لوڪ ڪلاسيڪل دور تائين کڻي وڃڻ کپي، ائين هو پنهنجي جَڙن سان جُڙي سگهي ٿو، ٻوليءَ جي قدامت کان واقف ٿي سگهي ٿو. مصطفيٰ ”آڪاش“ واري ٽهيءَ سان ڪيترائي مسئلا آهن، جن کي شروع ۾ ئي پروڙڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سٺين ڳالهين جي تقليد ڪرڻ يا اثر قبولڻ ۾ ڪا به خرابي نه آهي. پر ان جو مطلب اهو قطعي نه آهي ته ” آوازون، ڪلاسون، قدرون“ جهڙا جمع وارا صيغا ڪتب آڻجن. ڌارين ٻوليءَ جي ميڊيا ۽ ڌارئين ميڊيم ۾ تعليم پرائڻ جو اثر ٻوليءَ تي به پيو آهي، پر شاعريءَ ۾ ان کي نه ورتائڻ گهرجي. ان ريت شاعري جيئن ته ذات جو اظهار آهي ۽ ان جو لاڳاپو جذبات سان به آهي:
پل ”آڪاش“ پٿر جهڙا هي،
ڇنڊي، ڇڙي، پوءِ ڏرڻا پوندا.

آڪاش کي، هڪ شاعر کي اها ڄاڻ آهي ته ’ڇنڊ ‘، ’ڇڙ ‘ ۽ ’ڏر‘ نه رڳو مختلف لفظ آهن، پر مختلف عمل به آهن. اهو روزمرهه جو هڪ مشاهدو به آهي، پر ان کي شاعريءَ ۾ ورتائڻ جي اهميت آهي، ”آڪاش“ جو مٿيون شعر ان جو مثال آهي. اهو شعر پڙهي مون کي لاکيڻي لطيف جي هيءَ سٽ هانوَ تي هُري آئي آهي:
جنڊي پائي جان ۾، ويٺي ڏک ڏري (شاهه)
پل جيڪي پٿر جهڙا آهن، ”آڪاش“ انهن کي ڇنڊي، ڇڙي پوءِ ڏرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. اهو اصول، پوري زندگيءَ سان لاڳو آهي ۽ شاعريءَ سان به. هڪ شاعر جڏهن موضوع جي چونڊ ڪري ٿو ، ان تي لکي ٿو، مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو، ته انهيءَ پوري مرحلي ۾ کيس محتاط رهڻ کپي. لکڻ مهل به ۽ لکڻ کان پوءِ به.
مهاڳ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري سگھجن ٿيون؟ ڪهڙيون نه ٿيون ڪري سگھجن؟ جيڪي ڳالهيون ڪري سگھجن ٿيون، اُهي ڪهڙن لفظن ۽ لهجي ۾ ڪري سگهجن ٿيون؟ اهو هڪ مسئلو رهيو آهي منهنجي لاءِ، منهنجي راءِ ۾ مهاڳ ۾ تعريفي ۽ تعارفي جملا هوندا آهن، گھڻيون ڳالهيون شاعر ۽ منهنجي وچ ۾ ئي هونديون آهن، آءٌ اسڪرپٽ تي اهڙا نوٽس لکندو آهيان يا فون تي يا روبرو شاعر سان ڪري وٺندو آهيان.
مصطفيٰ ’آڪاش‘ جي هن مجموعي ۾ بيت به آهن، نثري شاعري به آهي. بيت لوڪ ۽ ڪلاسيڪل صنف آهي، ته نثري شاعري موجوده دور جي. ۽ هر صنف وانگر انهن جون گھرجون به مختلف آهن ۽ اهي گھرجون ۽ لوازمات نڀائڻا به پوندا آهن. وائي ۽ چوسٽو به هن مجموعي ۾ آهي، انهن سان به ساڳيا اصول لاڳو آهن:
رياض بنا اڄ ڪلهه، آ راڳ بڻيو رينگهٽ،
ماڻهن جا جهرمٽ، ناچ نچن پيا ٿاپ تي.

ان هڪڙي بيت جي ٻن سٽن جي چئن پدن جي سورنهن لفظن کي، جيڪڏهن پوري سسٽم تي لاڳو ڪجي، يعني راڳ، ادب، شاعري، سماج، ڌرم، مذهب، سياست ... هر هنڌ ’’وهي نه وهي، وٺ رينگھٽ کي‘‘ آهي. رياض، تپسيا، محنت لاءِ ڪنهن وٽ وقت ئي نه آهي. سکيا وارو مرحلو، موجود ئي نه آهي. رياض جي معنيٰ آهي مشق. شاعريءَ ۾ ان لاءِ اصطلاح آهي ”مشقِ سخن“. ڪهڙو به فن هجي، سُر سنگيت هجي، شعر شاعري هجي، مصوري هجي، مورت سازي هجي ــــــــــ انهن سڀني لاءِ رياض ۽ مشق ضروري آهي، پرلازمي ڳالهه اها آهي ته سُر فطرت ۾ هجي. اها ڳالهه شاعريءَ جي حوالي سان به صحيح آهي. شاعري جيڪڏهن فطرت ۾ نه آهي، ته پوءِ هر شيءَ، هر رياضت ۽ تپسيا وئرٿ آهي. راڳ به تڏهن روح جي راحت بڻجي ٿو، جڏهن اُهو روح مان ڦٽي نڪري:
تو وٽ گل گلاب جا، مون وٽ خالي هنج،
ڪهڙو ڪجي رنج، ڀورل! پنهنجي ڀاڳ جو.

بيت سنڌين جي سڀاءَ وٽان آهي. سگھڙن وٽ به بيت جي روايت آهي. ايستائين جو عام سنڌي ماڻهو به پنهنجو روزمره جي ڳالهه ٻولهه ۾، جيڪي منظوم پهاڪا/چوڻيون ڏيندو آهي، اُهي به گھڻو ڪري بيت جي فارم ۾ هونديون آهن. اوساري ۾ شاهه سائينءَ جا بيت ئي ڏنا ويندا آهن. پر سڀني وصفين سهڻو بيت چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
بيت ماترڪ ڇند تي آڌارڪ آهي، جيڪو سُر جو سرشتو آهي. مون کي خبر نه آهي ته مصطفيٰ ’آڪاش‘ کي ماترڪ ڇند جي ڪيتري ڄاڻ آهي؟ يا هن به ڪجهه دوستن وانگر ’عروض‘ جي ”فعلن فعلن فاعلن، فعلن فعلن فاع“ وزن تي بيت چيو آهي! هن کي ڪلاسيڪل بيت، خاص ڪري شاهه سائينءَ جي بيت جو اڀياس ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر جھمٽمل خوبچند ڀاوناڻيءَ جو ’ڇند سڳنڌ‘ جو به اڀياس ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر الياس عشقيءَ جا ان ڏس ۾ ٽه ــ ماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل ليک به پڙهڻ کپن.
گيدي موذي مرض ۾، چُڙي چُڙي م مئو،
ڪاتيءَ ٿي ته پئو، ڪانئر جي ڪنهن ڪنڌ تي.

”چڙي چُڙي م مئو“ مان ”چُڙي چُڙي نه مرو/مر“ واري معنيٰ نه ٿي نڪري. ٻيو ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ”گيدي“ کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي، جيڪو ”موذي مرض“ ۾ ورتل آهي. ٽيون ته اهو گيدي وري ”ڪانئر“ (ڪانئر ۽ گيدي ساڳي معنيٰ وارا لفظ آهن) جي ”ڪنهن“ ڪنڌ تي ”ڪاتيءَ ٿي ته پئو“ (لفظن جي عجيب ترڪيب آهي) مان ته لڳي ٿو ”ڪانئر“ جا الاهي ڪنڌ آهن!
”آڪاش“ جا ٻه ـــ سٽا بيت آهن. جن ۾ هن مختلف موضوع پيٽيا آهن. بهرحال، اها سٺي ڳالهه آهي ته هن جو بيت جھڙي صنف ڏانهن به لاڙو آهي:
چاهت ساڻ چميم، ڳل تي ڪرندر چڳ،
ٺري پئي رڳ رڳ، بَٺيءَ جهڙي بُت جي.

اعرابن جو به خيال رکڻ گھرجي، نه ته رڌم، ڇند، وزن ۾ فرق پئي ٿو.
”آڪاش“ جا جيڪي شعر مون ليڪيا آهن، انهن مان ڪجهه هتي ڏيان ٿو:
دل لڳي ٿي ميڻ جي آهي ٺهيل،
راهه ۾ مان ٻئي اکيون ٻاريان پيو.

درد جو سيلاب آهي چوطرف،
دل ڪري ٻيڙي ڏسو تاريان پيو.

ميڙ ۾ هوندي به مان توکان سوا،
هيڪلائيءَ جون گهڙيون گهاريان پيو.

هي وکريل صدائون تون ميڙي نه سگهندينءَ
ڇڏي ڏي اسان کي سهيڙي نه سگهندينءَ.

پنهنجن جو تون قاتل آن،
ڌارين ساڻ نڀايو تو!

هو ساڄي مان کاٻي، جدا ٿا رهون،
اسان ٻئي نديءَ جي ڪنارن جيان.

”آڪاش“ کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته هُن کي سڀ کان پهريان پنهنجي ڪيريئر تي، جنهن ۾ خود هڪ شاعر وارو ڪيريئر به اچي ٿو وڃي، ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ ان ڏس ۾ خود سندس نظم ”بابا جي نالي“ هڪ اهم نظم آهي؛
پاڻ فاقا ڪڍي منهنجو لقمو بڻيو،
منهنجي جيون جو هر هنڌ اُڌمو بڻيو،
اُڃَ ۾ گهر سڄي لاءِ چشمو بڻيو.

۽ ان نظم جي آخري بند تي آءٌ پنهنجي ڳالهه پڄايان ٿو ؛

شال بابا! مان تنهنجو سهارو ٿيان،
تنهنجي خدمت ڪيان تو ئي پارو ٿيان،
هر اونهاري مٿان تو سيارو ٿيان،
هر سياري مٿان تو اونهارو ٿيان،
تنهنجي ٻڍڙن هٿن کي مان چمندو رهان،
تنهنجي نقشِ قدم تي مان هلندو رهان.
جي نه بابا! اوهان جو هجي ساٿ ها،
ڏينهن ڀي ڄڻ اسان لئه هجيِ رات ها،
پر تو بابا اسان کي ڏنيون روشنيون،
تنهنجي دم سان اسان هي لڌيون هن اکيون !


امداد حسيني
ڪراچي- سنڌ
17.08.2013