شاعري

جـلاوطـن نـنـڊون

مصطفيٰ آڪاش جي سموري ڪويتا فني ۽ فڪري فريم ۾ موهيندڙ منظرنامو آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ کان موسيقيت تائين ۽ تشبيهن کان استعارن تائين، نئين ٽهيءَ جي نواڻ رکندڙ کيپ جو رهيل خزانو دريافت ٿيل ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي خوشحال دور ۾، مصطفيٰ آڪاش جي جلاوطن ننڊون جي موجودگي، پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ الڳ سڃاڻ ۽ حسناڪيءَ جو سفر آهي. (سعيد سومرو)
Title Cover of book جـلاوطـن نـنـڊون

بادل به نيڻن جيان ٽميا

ڪجهه ڏينهن کان مان
تنهائي جي ڇِڳل کٽ تي
تنهنجي سهڻن خوابن جي
وڇايل گلن جي پيچري تي رُلان پيو
انهن لمحن ۾ اکيون منهنجون
اوسيئڙي جي پاڻيءَ سان سيڪجن پيون
دوريءَ جي دردن جا سڀ دروازا
سڏڪن جو ويس پائي
کُلي پيا آهن ڄڻ!
اکين ايترو پاڻي ڏنو
جو پنبڙين جا سڀ پردا
جل ٿل ٿي پيا.
جيڪي اڳ
ٿر جي اُڃ وانگر
ڦٽيا پيا ها سالن کان!
گهري سوچ ۾ ويس ايئن لهي
جيئن شام جو سج -
تيز سوالن جي هوائن جا جهولا جاڳي پيا آهن
ڇا ؟ منهنجي دردن جو ڪو مالڪ نه آهي
جيڪو مون تي نهار جو آڱريون
پل کن لاءِ رکي!
من ڪو ساهس ملي پوي
درد جي پنڌ کي
اهي درد هر دفعي
مون وٽ ئي پنهنجا پکڙا اڏين ٿا
مون ته دنيا کان لڪي
تاريڪ راتين ۾
اندر جي مُندن کي لاهڻ لئه
پنڌ ۾ پير وڌا آهن
بلڪل ساڳي طرح
جيئن بادل به سج کي رُسائي
سڏڪن جا سڀ تعارف ڏيندا آهن
بلڪل
تنهنجو نه هجڻ
ڄڻ دردن جو تعارف آهي!!