ڏِيي جان ٻارجن لمحا، ڏِيي جان ٻارجن لمحا، ڏکن جا سارجن لمحا. ٻڏل دل جا ملي سهڻي! وري ڪي تارجن لمحا. بچي ڇا ٿو حياتيءَ ۾، ڇڏي جي مارجن لمحا. وڇوٽين جا سڀئي هاڻي، اکين سان هارجن لمحا. پڄاڻان او پرين تنهنجي، زهر ڪئن گهارجن لمحا.