تڪيان راهه پيارا! تڪيان راهه پيارا! سڪي ساهه پيارا! اندر ۾ ٻري ٿو، ڪو آڙاهه پيارا! نه پلجي نه جهلجي، چريو چاهه پيارا! سهي ڪينَ سگهبو، نه ڪڍ لاهه پيارا! بهارن کي ڀيلي، نه ڏي باهه پيارا! اکين جو دلين جو، ڪيون ٺاهه پيارا!