شاعري

جـلاوطـن نـنـڊون

مصطفيٰ آڪاش جي سموري ڪويتا فني ۽ فڪري فريم ۾ موهيندڙ منظرنامو آهي. جنهن ۾ ٻوليءَ کان موسيقيت تائين ۽ تشبيهن کان استعارن تائين، نئين ٽهيءَ جي نواڻ رکندڙ کيپ جو رهيل خزانو دريافت ٿيل ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ جي خوشحال دور ۾، مصطفيٰ آڪاش جي جلاوطن ننڊون جي موجودگي، پنهنجي اندر ۽ ٻاهر هڪ الڳ سڃاڻ ۽ حسناڪيءَ جو سفر آهي. (سعيد سومرو)
Title Cover of book جـلاوطـن نـنـڊون

بيت/وايون

اوندهه ، انڌوڪار کي
ڏيئي موت ۽ مات
ٻارج ! ڏيئا ڏات جا

ٽاڪج اکين چاندنيون
رڙهي نه ٿي جي رات
ٻارج ! ڏيئا ڏات جا

ڪوتا ڪوتا ڪويءَ جي
ڄڻ ڪي اُڀا ڪات
ٻارج ! ڏيئا ڏات جا

ماڻهوءَ موت اٽل
باقي بچندي بات
ٻارج ! ڏيئا ڏات جا

**



مينهوڳيءَ جي مند ۾
کنوڻين جيئن کجيا
پَٽن مٿي ڇيلڙا

ساوا گاهه ڏسي
ور ور ٿئي وريا
پَٽن مٿي ڇيلڙا

لڪ لتاڙي ، لاٽ ڪئي
چوٽين تي چڙهيا
پَٽن مٿي ڇيلڙا

وهٽن ڳم ، ڳنڍير پئي
چندن جيئن چريا
پَٽن مٿي ڇيلڙا

گج گج گوڙ ۽ گاج ۾
ٿڻين کير ڀريا
پَٽن مٿي ڇيلڙا
**




شهرن_سٽيو آهِيان
ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

ٿڪل نيڻ ننڊاکڙا
ٻه ٽي پل ساهِيان
ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

سوچون سرها گل ٿين
ڳاهه وري ڪي ڳاهِيان
ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

امان ! تو لئه چانهه پيو
رڌڻي ۾ ٺاهِيان
ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

ڳاڙها گل گلاب جا
راهن ۾ راهِيان
ڳالهيون ڪر ڪي ڳوٺ جون

**


اونداهيءَ جي بُت جو، چيريو ٿم سينو،
وڄندو سازينو، اُڀري اُڀري آڳ مان.

ڦول منجهان جا مڌ، چوسي آهي مون،
چاهيندين ايئن تون، اوتڻ من ۾ موهه کي.

هيسيل هانءُ کڻي، جيئندين ڪيسين جيءُ،
مڌ جا پيالا پيءَ، نيڻين نينهن ڀري.

ڦهليو رات وري، کير جهڙو سوجهرو،
وکريو مرڪ ذرو، محبوبن جي ٽهڪ مان.

ٻانهون ٻيئي عاج جون، چانديءَ جا پنڙا،
ڇريل هي ڪپڙا، پرتوو ڄڻ ڪنهن چنڊ جو.

کين منجهه اڙيا، ناسي ڀورا نيڻ،
منهنجو من هي ميڻ، پگهريو هڪڙي پل ۾.

چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ جئن، چوڙيون ٿيون چمڪن،
من ۾ وڍ پون، چمجي ڪيئن چانڊاڻ کي.

هي جا تند تپي پئي، ٻارڻ ٻاريندي،
مِرون ماريندي، چونڊي چونڊي ڏيهه مان.

گيدي موذي مرض ۾، چُڙي چُڙي م مئو،
ڪاتيءَ ٿي ته پئو، ڪانئر جي ڪنهن ڪنڌ تي.

چاهت ساڻ چميم، ڳل تي ڪرندر چڳ،
ٺري پئي رڳ رڳ، بَٺيءَ جهڙي بُت جي.

لهرون لهرون لوڏ، ڪجرا ڪجرا نيڻ،
اک مَٽايا سيڻ، وِسڪي وِسڪي سونهن تي.

ڇِتيون ڇوليون سمنڊ جون، ڇوريءَ جو جوڀن،
تارُو هڪڙو من، نيٺ تري ويو تار مان.

اوڀر پاسي پئِي ٻُري، اولهه جي آذان،
باندي هي انسان، آزاديءَ جو آسوند.

پاڇا پاڇا زندگي، پاڇِي پنهنجو پيار،
ساهن جِي اپٽار، جوڙيا عڪس عجيب جا.

گيتن منجهه گُڙيا، گهِنڊ جيان ڪي گهاءَ،
سارا ڊپ ۽ ڊاءَ، رات لُڙهي ويا رقص ۾.

سندر سونهن سڄي، چُنريءَ منجهه چِٽي،
باقي ساٿ مِٽي، ڀانيان تنهنجي ڀر ۾.

ڪلهن مٿي ڪانڌ جي، ڪاڪل جيئن ڪِريا،
ڀنوَر پئي ڀِريا، منهنجي نيڻ نهار جا.

آس جي آڳنڌ تي، ڪجهه گونچ ڦُٽا آهن،
ڄڻ رات ٽُٽا آهن، تارا ڪتيون اڀ مان.

رياض بنا اڄ ڪلهه، آ راڳ بڻيو رينگهٽ،
ماڻهن جا جهرمٽ، ناچ نچن پيا ٿاپ تي.

تو وٽ گل گلاب جا، مون وٽ خالي هنج،
ڪهڙو ڪجي رنج، ڀورل! پنهنجي ڀاڳ جو.

ڪنهن سان سلجن ساٿيو! اونها اونها راز،
ساهن جا هي ساز، ماٺا ٿيندا ٿا وڃن.

اڀ تي پاڇا پرت جا، جهُومي پيو آڪاش،
پر مان زنده لاش، ڪيئن پسان ڪي روشنيون .

****