مهاڳ : مورَ جي کَنڀ جهڙي شاعري....!
شاعري سماج جي آرسي هوندي آهي، جنهن ۾ سماج اندر رونما ٿيندڙ واقعن، حادثن، رنج رُسامن، ملڻ وڇڙڻ، رُسڻ پرچڻ جا عڪس پنهنجي پُوري سچائيءَ سان پَسي سگهجن ٿا، سماج اندر داخلي توڙي خارجي سطح تي ٿيندڙ تبديلين جا هڪ حساس شاعر تي تمام گَهرا اثر پوندا آهن، ۽ هُو جڏهن انهن کي لفظن جو پهراڻ پارائيندو آهي، ته شاعري برٿ بڻجي پَوندي آهي، هر حساس ماڻهو شاعر هجي اهو ضروري ناهي، پر ڪو شاعر حساس نه هجي، اهو ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته شعر رچڻ لاءِ رڳو وزن بحر جو پورائو نه پر جذبي جي شدت پڻ درڪار هوندي آهي، جيڪا احساس کان سواءِ حاصل ٿي نه سگهندي آهي.
شاعري، شاعر جي شعور جي قرن ڦُل مان قطرو قطرو ٿي نڪرندڙ گُلاب جو عرق هوندي آهي، جنهن جي سُرهاڻ ڪيترا ئي من واسي ڇڏيندي آهي، شاعري شيشن تي رقص ڪرڻ جو فن آهي، اهڙن ئي احساس جي شيشن تي رقص ڪندڙ هي سانورو نوجوان مخمور رضا اُتر سنڌ جي دل جهڙي شهر لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو.
جهولن ۽ لُڪن جي سرزمين تي پلجندڙ هن شاعر پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب جو نالو ”هينئڙي منجهه هُڳاءُ“ رکيو آهي، سوچيان ٿو سندس هنئين ۾ هُڳاءُ ڪهڙو آهي؟ لاڙڪاڻي جي ڪنهن ڪڻڪ رنگائين جوڀن جو يا پنج هزار سال پُراڻي سنڌو تهذيب جو؟ ان سُوال جو جواب ڳولڻ لاءِ اسان کي سندس شاعريءَ جي روح ۾ لهڻو پوندو.
شاعريءَ جي سفر ۾ هُو غزل جي رَٿَ تي سُوار ٿيو آهي، غزل جي صنف سنڌي شاعريءَ ۾ تمام گهڻي لکي ويندڙ صنف آهي، مان غزل جي ارتقا جي ڊگهي تاريخ ۾ وڃڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته اها هاڻي ڪنهن کان به ڳُجهي ڪون رهي آهي، اسان جي سينئر شاعرن غزل کي محبوبا جي تواف مان ڪڍي ڌرتيءَ جي ثقافت سان ڳنڍي غزل جي موضوعاتي ڪينواس کي تمام وسيع ڪري ڇڏيو آهي، سندن باريڪ ڪم جو ئي نتيجو آهي، جو سنڌي غزل گيڙو ويس غزل سڏجي ٿو، ۽ غزل جا کوڙ سارا شاعر، شاعريءَ جي دل جي ڌڙڪن بڻيل آهن.
ڪنهن به شاعر جي شاعريءَ کي پرکڻ لاءِ ان جي دور ۾ ٿيندڙ شاعريءَ تي نظر وجهڻ لازمي آهي، نه ته هونءَ سندس معيار جي خبر نه پوندي، مخمور جنهن دور ۾ غزل لکي رهيو آهي، اهو سنڌي غزل جو شاهوڪار دور آهي، جنهن دور ۾ ننگر پارڪر کان جيڪب آباد تائين سنڌ ۾ ڀرپور غزل لکجي رهيو آهي، کوڙ سارا روشن نانوَ غزل جو نالو وٺندي ئي ذهن جي اُفق تي جڳمڳائڻ لڳن ٿا، فني توڙي فڪري حوالي سان غزل حيرت جي حد تائين حَسين لکجي رهيو آهي، جديد غزل ۾ جيڪا خيال جي اُونچي اُڏار آهي، ان جي لاءِ هڪ جُدا تحقيقي پيپر جي ضرورت آهي، پر هتي پاڻ کي مخمور جي غزل بابت ڳالهيون ڪرڻيون آهن، سو سندس غزل تي راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾ مان ضروري ٿو سمجهان ته سندس دور تي هڪ نظر وجهي پوءِ پاڻ اچون ٿا مخمور جي غزل ڏي:
هي شهر گهر مٽيءَ جا ۽ ديس دُونهين جهڙو،
منظر اُداس عورت، هڪ گام جو تصور.
(حسن درس)
آئون اُڊڙي اَڌُ ٿي آهيان وئي،
رنگ تنهنجي پيار جو ناهي لٿو.
(وسيم سومرو)
منهنجي گهر جُون ڀتيون ڀُتيون آهن،
گهر اُجاڙي نظر نه اينداسين.
(سعيد ميمڻ)
ٿڌڙي هوا بارش هُئي، موهن ڀڳت هو وجد ۾،
ڪنهن ڀٽ تان گونجي صدا، هي پل مسافر ٿا لڳن.
(اياز جاني)
اسان جيئن به جيئي ڀلا ڪو جهان ۾،
سدائين نشان تي، سدا امتحان ۾.
(حليم باغي)
نِگاهون تو تان ٽاريون ٿا ، پنهنجو ڄڻ پاڻُ ماريون ٿا،
اَسين سُورج مُکي آهيون ، ڏِسي تو کي جيئون ٿا پيا.
(ماڻڪ ملاح)
خيال ميڙي ڳنڍي ٿو هڪ ٻئي سان،
ذهن موچيءَ جي آر وانگر آ.
(گدا خاصخيلي)
زخم جا آواز لفظن ۾ ڀري،
ڪير تارن کي ٻُڌائيندو رهيو؟
(احمد سولنگي)
کيس چئجو نئين جواني آ،
شام جي پهر تي قهر نه ڪري!
(اقبال رند)
بنسي به وڄي، مور نچي، ڊيل ڪا ڊوڙي،
گهنگهور گهٽا گهاءِ، ته برسات وسي پئي.
(علي زاهد)
وشال نيڻن جي وسعتن ۾، پيام هو پر اسان نه ڄاتو،
چپن جي ڦڙڪڻ ۾ آڇ هُئي، ڪو سلام هو پر اسان نه ڄاتو.
(ساحر راهو)
سانجهه ٿي آ ديپ ٻاري پوءِ هلون،
ترس ٿورو هُوءَ نهاري پوءِ هلون.
(ايوب کوسو)
هُوءَ سوچ ۾ پهتي ساجن وٽ،
۽ پُڙ سڙيا پئي مانيءَ جا.
(حاجي ساند)
جنگ جو اعلان هو يا هُئي ڌمال،
رقص ۾ رمجهول هئا ۽ سنڌ هُئي.
(غوث پيرزادو)
هڪ پکيءَ پئي برف باريءَ ۾ وطن کي هينئن چيو،
ڪاش منهنجا سائبيريا، سنڌ جهڙو ٿي پوين!
(روحل ڪالرو)
اڙي ڪلا اسان کي ڇو تو ڪرب جون اکيون ڏنيون؟
دنيا جو درد ٿي لُڇي آ، پنهنجي ذات اي پرين!
(اظهر ٻانڀڻ)
بوند پاڻيءَ جي ڪيئي حاصل، ته ٿي ويندين فنا!
زندگيءَ جي جستجو آ، پياس کي مارين متان.
(بخشل باغي)
هونئن بظاهر ته بند هئي ساري،
پوءِ به دل مان ڪو دڳ ڏٺو هو مون!
(حبدار سولنگي)
جاڳيس ته پنهنجي خون ۾ وهنتل هيس سڄو،
هوءَ خواب مان نڪري مون کي خنجر هڻي وئي.
(رحمت پيرزادو)
ڪنڌيءَ تان عشق واجهائي،
مان لهرن زور ۾ آهيان.
(روبينه ابڙو)
ثواب تنهنجو نفيس چولو، اسان اُڻيو آ عذاب ڪاٽي،
اسان مسلسل گُناهه ڪيا هن، تڏهن ته تو ۾ نکار آهي.
(جعفر جاني)
اوهان سان عشق ٿو ڪريان، اوهان جو ساٿ ٿو گهرجي،
وڏو ڪو فلسفو ناهي، قصو هي مختصر آهي.
(مسرور پيرزادو)
متان اچين تون بنا وضوءَ جي اسان جي دل جي مقام اندر،
اتي اسان جو عشق، بزرگ، شهيد، صوفي ٿيل دفن ٿئي.
(روشن ظفر راهو)
نئين نئين روز تون لڳين ٿي، نئين ڪا توکي سُڃاڻ گهُرجي،
گلاب جهڙي، نه چنڊ جهڙي، اهي پُراڻا مثال آهن.
(امر پيرزادو)
مون بنهه ٿورا مثال ڏنا آهن، ڇاڪاڻ ته هي سنڌي غزل جو اڀياس نه پر هڪ نوجوان شاعر جي شاعريءَ جي ڪتاب جو مهاڳ آهي، نه ته سنڌي شاعريءَ جي بيگن ويليا ته رنگبرنگي گُلن سان جهنجهي پئي آهي، مٿين مختصر مثالن مان پتو پئي ٿو ته جديد غزل ڪيڏي اونچي پد تي بيٺل آهي، مون مختلف موضوعن جا شعر ڏيڻ جي ڪوشش ان ڪري به ڪئي آهي ته جيئن سنڌي غزل ۾ موضوعاتي ويرائٽي جي به خبر پئجي سگهي، ۽ مٿين شعرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي غزل جو ڇاته شاندار معيار جڙيو آهي، ۽ غزل جي ان دور ۾ مخمور رضا پنهنجي اظهار لاءِ غزل کي ئي چُونڊيو آهي، اها خود هڪ وڏي جرئت ۽ اعتماد آهي، آئون کيس هروڀرو ڪنهن مهان شاعر جو متبادل ڪوٺي اڀرڻ کان اڳ ئي مارڻ جو گناهه نٿو ڪري سگهان، هو مون لئه سنڌي غزل جو نئون آواز مخمور ئي آهي، مون سندس آواز جي حُسناڪيءَ کي پنهنجي دل جي ڳليءَ ۾ ڪيئن محسوس ڪيو آهي، اهو اوهان جي سامهون بيان ڪيان ٿو.
هي دور جنهن دور ۾ اسين جي رهيا آهيون، اهو دور حادثن ۽ المين جو دور آهي، انساني بيحسيءَ جي تاريخ جو رَت آلود باب آهي، هر روز داخلي توڙي خارجي سطح تي، انسان ڀَڃَ ڊاهه کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيئن شروع ۾ چئي آيا آهيون ته شاعري پنهنجي دور جي آرسي هوندي آهي، جنهن ۾ حالتن جي شڪل شبيهه چٽي نظر ايندي آهي، اسان جي هن نوجوان جي شاعريءَ جي آرسي به پنهنجي دور جي درد جا ڪيئي عڪس سانڍيون بيٺي آهي:
آهي ٻوڙن جو شهر شايد جو،
دل جون چيخون ٻُڌي نه ٿو ڪوئي!
يا
مون کان پوءِ ڀي نه سا اُجهڻ ڏجو،
مون جا سُورن سان لاٽَ ٻاري آ.
جڏهن به قومن تي مايوسيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن، تڏهن شاعري سج جي ڪرڻن جيان، انهن جو سينو چيري ان مان اُميد جي روشنائي پکيڙيندي آهي، جيئن:
ايئن مايوس ٿي نه ويهي رهه،
حالتن سان اُٿي لڙائي ڪر!
مخمور جي شاعراڻي نگاهه ڏاڍي حُسناڪ آهي، هن وٽ شئن کي ڏسڻ، ۽ بيان ڪرڻ جو هڪ پنهنجو انداز آهي، جيڪو هن پنهنجي ننڍڙي شاعراڻي ڄمار ۾ حاصل ڪري ورتو آهي، اهو شايد هن جي جنون جو معجزو آهي:
جنهن جي سامهون پاڻ ٺاهيندي هُئيئن،
پدمڻي! سا آرسي غمگين آ!
بادلن ۾ سج لڪو پل کن وڃي،
ٿي ويو سورج مکي غمگين آ.
هر ڪامياب شاعر پنهنجون جڙون پنهنجي ڪلاسيڪل سان ڳنڍي رکندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪلاسڪ شيون اهي ئي بڻبيون آهن، جن جا انساني ارواحن تي اڻ مٽ اثر هوندا آهن، مخمور به پنهنجي ڪلاسِڪ سان پنهنجو ناتو ڳنڍڻ جا جتن ڪندي نظر اچي ٿو:
ڏٺي ڪائي حسينا مون، گهڙي سان گڏ نديءَ ويجهو،
لڳو سُهڻي محبت ۾ وري مخمور ٿي وئي آ.
هن شعر ۾ سُهڻي ڪلاسيڪل ڪردار آهي، ۽ ان جو مخمور ٿي وڃڻ جديديت آهي، يا اڃا به سائين تاج جويي جي لفظن ۾”جديد ڪلاسيڪيت“ آهي.
مخمور جي غزلن ۾ کوڙ سارا اهڙا شعر آهن، جيڪي پڙهڻ سان دل مخمور ٿيڻ لڳي ٿي، ان نئين مڌ مان ڪجهه پيگ (شعر) اوهان جي نظر به ڪجن ٿا:
باهه پويان ۽ اڳيان گهري ندي آ،
موڙ اهڙي تي هي بيٺي زندگي آ!
تنهجي نظرن ۾ او دادلا دلربا!
جڳ سياڻو فقط هڪ چريو آ رضا!
رول جذبن ۽ دل هن نڌڻڪيءَ جي،
اجنبي ڪو ڪري وارثي آ ويو.
مون ٿي ڄاتو انب جان جن کي مٺو،
ٽُوهه جيان ليڪن اهي ڪوڙا هئا.
مور جي کنڀ جهڙي ماڻهوءَ تي،
دل مخمور ٿيڻ لڳي آهي.
ٻارڙن کي ڏسي چدا هٿ ۾،
ياد ماضي اچڻ لڳي آهي!
جهُومي سُرَ پيا،چپن،
بانسريءَ کي ڇُهيو!
واسجي ويو بدن،
جيئن ڪليءَ کي ڇُهيو!
ايئن هن جي شاعريءَ جا رَڇَ ڪُجهه ڪچا ته ڪجهه پڪا آهن، جيڪي پڪا آهن، اهي حسناڪ آهن، جيڪي ڪچا آهن انهن کي اڃا مطالعي ۽ مشاهدي جي آويءَ ۾ پچڻو آهي، هن جا کوڙ سارا خيال احساس کي ڇُهندي نظر اچن ٿا، چوندا آهن ته ” سلو سو ڀلو جو انگورئين ڀلو“ سو هي سانورو نوجوان جيڪو انگورئين ڀلو آهي، ان مان ڀلي جي اُميد چوڏهينءَ جي چنڊ جيان پڙي هنيون بيٺي آهي، سندس اوجاڳن جو هي پهريون گلدستو ”هينئڙي منجهه هڳاءُ“ پنهنجي سُرهاڻ سان ڪيئي مَنَ واسي ڪيئي دليون مخمور ڪري سگهي ٿو.
[b] سائل پيرزادو
[/b] سڪرنڊ
17جون 2016ع