وطن تان جان گهورڻ کان لنوائي جو، سو ڏوهي آ
نه پنهنجي قرض ڌرتيءَ جو چُڪائي جو، سو ڏوهي آ
اسان جي سنڌ ڌرتيءَ جي پوتر پاڪ نقشي ڏي
ڏسي ميرين نگاهن سان چِتائي جو، سو ڏوهي آ
رنڱيل جنهن جا هجن هٿڙا غريبن جي لهوءَ ۾ ۽
انهيءَ ظالم جي هٿ سان هٿ ملائي جو، سو ڏوهي آ
ظلم ڌرتيءَ سان ڪيڏو هو ۽ ڪيڏو آ، ڪوي جي هيءَ
حقيقت پنهنجي شعرن ۾ لڪائي جو، سو ڏوهي آ
بکايل جي ڳڀي جي لئه هجي جنهن وٽ نه ڪجهه ڀي پر
شرابن ۽ رنڊين تي لک لُٽائي جو، سو ڏوهي آ
ٽڙن گلڙا محبت جا جتي سهڻا سهانا ٿا
اُتي نفرت جي ٻوٽن کي لڳائي جو، سو ڏوهي آ
امن لئه ٿورڙو ڀي ڪين سوچي ۽ وري رهندو
مٿان فتنن فسادن کي وڌائي جو، سو ڏوهي آ
ڀلي پرتي هجي ڪيڏو مگر دل ۽ نگاهن تان
سڄڻ، ساڻيهه جو نقشو مِٽائي جو، سو ڏوهي آ
لُڏن ڪنهن لام تي ويٺا اگر ڪي پيار جا پنڇي
گلوليءَ سان ڇڏي تن کي اُڏائي جو، سو ڏوهي آ
جهالت جي انڌيري کي ڏيڻ لئه مات چئي "مخمور"
نه ٿو ڪو علم جو ڏيئو جلائي جو، سو ڏوهي آ