شاعري

هينئڙي منجهه هڳاءُ

هي ڪتاب ”هينئڙي منجهه هڳاءُ“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر مخمور رضا جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. سائل پيرزادو لکي ٿو ”مخمور جي شاعريءَ جي آرسي به پنهنجي دور جي درد جا ڪيئي عڪس سانڍيون بيٺي آهي. مخمور جي شاعراڻي نگاهه ڏاڍي حُسناڪ آهي، هن وٽ شئن کي ڏسڻ، ۽ بيان ڪرڻ جو هڪ پنهنجو انداز آهي، جيڪو هن پنهنجي ننڍڙي شاعراڻي ڄمار ۾ حاصل ڪري ورتو آهي، اهو شايد هن جي جنون جو معجزو آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 5436
  • 776
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مخمور رضا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هينئڙي منجهه هڳاءُ

مخمور رضا ۽ موهن جي دڙي جيڏي اداس شاعري

شاعر مخمور رضاجو شاعراڻو سفر ڪو ايڏو ڊگهو ناهي پر سندس تخليقي سفر تمام پراڻو آهي. سندس شاعريءَ اندر موجود اداسي کي پڙهندي جڏهن هن جي تخليقي سفر جي پيرا کڻجن ٿا ته اهي اسان کي پنج هزار سال پراڻي تهذيب موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ وٺي وڃي ٿا بيهارين. هي لاڙڪاڻي جو ڳڀرو شاعر جنهن جي اڃان ڪرڪيٽ راند کيڏڻ جي عمر آهي. جنهن جي اڃان اها عمر آهي ته ڪنهن هڪ جيڏيءَ سان اک ملائي کيس ملڻ لاءِ ٻانهون ٻڌندي پڪڙجي پئي ۽ دانهن سندس پيءُ تائين اچي پهچي اهڙي عمر ۾ هن شاعري سان دل لڳائي جوکم جو ڪم کنيو آهي. ڪير سمجهائيس ته ڇا رکيو آهي هن شاعريءَ جي دنيا ۾؟ هتي ته رڳو درد آهي. هتي ته رڳو سڏڪا آهن هتي ته رڳو پيڙا آهي ۽ پوءِ اهي سموريون شيون ملي ڪري اياز جاني وانگر ڪنهن دل جي وارڊ تائين پهچائينديون آهن يا نيورو سرجن وٽ رسائينديون آهن يا وري ڪو رولاڪين جو ڊگهو سمنڊ ارپي ڇڏينديون آهن. تون موٽي اچ ان ڏک جي دنيا مان ان دنيا ۾ جتي رڳو ماني کائڻ لاءِ جيئبو آهي.
مخمور توکي مبارڪ هجي ته تو درد سان لنئون لاتي آهي ۽ اهو درد ئي توکي شاعري جي سفر ۾ ڪائنات جا ڳجهه ڳولڻ ۾ مدد ڪندو ۽ تنهنجي تخليقي سفر کي ڏينهون ڏينهن نئون وجدان عطا ڪندو. تنهنجي شاعري اسان جي زندگين جو روزنامچو آهي. خوشي رڳو ان ڳالهه جي اٿم ته تنهنجي شاعري ٺلهي لٻاڙ بدران تنهنجي پنهنجن جذبن جو اظهار آهي. تون زندگيءَ جي ان خطرناڪ موڙ تي بيٺو آهين جنهن موڙ تان رومانس روح مان ڦوٽهڙو ڪري ٻاهر نڪرندو آهي ۽ خوشبو بڻجي چوڏس ڦهلجي ويندو آهي ۽ پوءِ ڌرتيءَ جي آڪاس تي ڏينهن ۾ تارا ٽمڪندي نظر ايندا آهن ان عمر ۾ آئيني سان دوستي چوٽان چوٽ هوندي آهي ۽ ماڻهو پاڻ کي ٺاهيون پيو ٺاهيندو آهي. جنهن سان دل جو پيچ ڳنڍجي ويندو آهي ان کان ماڻهو پيو لڪندو آهي، محبوب جي موجودگي جي خبر ٻڌي دل جو ڌڙڪو وڌي ويندو آهي. جنهن سان اکيون ملندي ماڻهو شرمائڻ لڳندو آهي. پر مخمور جون اهي سموريون وارتائون سندس شاعريءَ پڌريون ڪري وڌيون آهن. هن سانوري جوڳيءَ جي دل جون ۽ ڪنهن سان نه سلڻ واريون ڳالهيون هن جي شاعريءَ کوليءَ وڌيون آهن. هن جو ته اهڙو ڪوبه راز هاڻي نه رهيو آهي جو فاش نه ٿي چڪو هجي.

جنهن تي مخمور جان واري هوءَ
شخص سو مان هجان تمنا آ
يا
هوا ڪومل بدن تنهنجو ڇهي مخمور ٿي وئي آ
گهٽا اڄ ٽهڪڙا تنهنجا ٻڌي مخمور ٿي وئي آ
يا
وري چويس ٿو ته:
گلابي يار ساڙهيءَ ۾ بدن تنهنجو هي بادامي
ڏسي چنچل جواني آرسي مخمور ٿي وئي آ

محبوبه کي مذڪر ڪري پيش ڪرڻ سچ به مونکي ذاتي طور تي تمام گهڻو وڻندو آهي. هيڏي سچي ۽ هيڏي ميچوئر شاعري پڙهي دل گلاب جو گل بڻجي ٿي پئي ۽ هن سنهڙي سيپڪڙي شاعر سان حسد ٿي پئي ٿو ۽ دل ۾ خيال ٿو اچي ته سنڌ جي سمورن ادبي ٺيڪيدارن سان ساز باز ڪري هن لاءِ ادب جي رستن ۾ ڪنڊا وڇائڻ جو ڪم تيز ڪري ڇڏجي نه ته هي اسان نام نهاد شاعرن کي ته ٿوري ئي عرصي ۾ گهڻو پوئتي ڇڏي ويندو. ذهن ۾ هڪ سوال پيدا ٿيو آهي ته آخر هن شاعر هي ڳالهيون ڪرڻ ڪٿان ۽ ڪيئن سکيون آهن. هي دور جنهن ۾ فيس بوڪ شاعريءَ جون ٽنگون ٻانهون ڀڃي کين لولو لنگڙو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ مخمور هن دور ۾ هن قسم جي شاعري ڪيئن سرجي آهي؟
اسان جهڙن سماجن ۾ جتي عشق جي سزا گولي هجي، جتي پيار ڪرڻ عيب هجي اهڙن سماجن ۾ دوست ئي مضبوط پناهه گاهون هوندا آهن جن جي ٽهڪن سان ٽهڪ ملائي سماج سان بغاوت ڪرڻ آسان هوندو آهي. دوست ئي هوندا آهن جن سان راتيون ويهي اڇيون ڪبيون آهيون. جن سان اسان حقيقت ۾ به عشق ڪندا آهيون.

سرد راتين ۾ توساڻ او سانورا
مچ تي جي ڪچهريون ڪيون ياد هن

وقت سهڻو هو ڀاڪر ئي ڀاڪر هئا
روز ڏيندو هئين تون چميون ياد هن.

رومانوري منظرن جي انتها آهي. مخمور جهڙا شاعر ئي هوندا آهن جيڪو پڙهندڙ کي ٿڪائڻ وارو گناهه نه ڪندا آهن. سندن شاعري جو لفظ لفظ سچ هوندو آهي تنهن ڪري ئي هو پڙهندڙ جي دلين تي قبضو ڪرڻ جي سگهه رکندا آهن. هن جي دل به هن جيان شرارتي آهي. بس ڪنهن کي چاهي ويهي ٿي رهي. کيس ان جو ڪو الڪو ناهي ته شيشي کان به نازڪ آهي ڪٿي ٽٽي نه پئي.

نيڻ مرڪي جڏهن به کڻندين آن
سنڌ جهڙي حسين لڳندين آن
يا
هڪڙي چهري ۾ سوين چهرا ڏٺا
جاڳ توڙي ننڊ ۾ دوکا ڏٺا

لاڙڪاڻو شهيدن جي ڌرتي آهي. هن ڌرتيءَ مان ڦٽندڙ گلن جي خوشبو ماڻهوءَ کي باغي بڻائي ڇڏيندي آهي. هن ڀونءِ تي جنم وٺندڙ ماڻهو ڪمپرومائيز نه ڪندا آهن. تنهن ڪري هو تخته دار تي ويندي به ڳاٽ کي اوچو رکندا آهن. تنهن ڪري شاعريءَ جي اندر هيءَ بغات مخمور کي ورثي ۾ ملي آهي. هن ڌرتي جي تخليقي جوهر جو حصو مخمور جي جهول ۾ به پيو آهي. لاڙڪاڻي جي شاعرن جي دهريءَ ۾ مخمور به هڪ لڙهيءَ جيان سمائجي چڪو آهي جنهن دهريءَ۾ غفار تبسم,واجد، سعيد ميمڻ، اياز جاني، غلام نبي گل، وشال، جواد جعفري، محمدعلي پٺاڻ، ربينه ابڙو، رضا بخاري، ۽ ٻيا ڪيترا انيڪ شاعر اڳ ئي جرڪا ڏئي رهيا هئا اتي مخمور جو واڌارو عيد جي چنڊ جيان آهي.
مخمور رضاپنهنجي شاعري ۾ منظرن سان ڳالهائي ٿو. هو مصوريءَ سان شاعري ڪري ٿو.

ڏٺي ڪائي حسينا مون گهڙي سان گڏ نديءَ ويجهو
لڳو سهڻي محبت ۾ وري مخمور ٿي وئي آ

مان ته نظر اندار ڪري به ڇڏيان مخمور جي تخليق جي اتم پد کي پر ڇا تاريخ هن کي نظر انداز ڪري سگهي ٿي؟ ته جواب اچي ٿو ته ڪڏهن به نه ڇو ته هن چيو آهي ته لڳو سهڻي محبت ۾ وري مخمور ٿي وئي آ. ها! مخمور چوي ٿو ته سهڻيون بار بار جنم وٺنديون آهن. اهو ته ڪنهن به نه سوچيو هو ته سهڻي ڇو دريا ۾ لٿي هئي پر مخمور ٻڌائي ٿو ته ان وقت هوءَ ميهر جي عشق ۾ مخمور هئي. هاڻي مون ۾ سگهه ناهي ته وري ان مخمور لفظ جي به وضاحت ڪريان نه ته جيڪر ڳالهه اڃان اڳتي وڃي.
مخمور رضا پنهنجي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو وسيع آهي. هن جي شاعري سموري ڪائنات ۾ ڦهليل آهي. هو ڪنهن به هڪ موضوع ۾ قيد ناهي. ڇو ته هو حقيقي آرٽسٽ آهي سو هو دل کي هٿن ۾ کڻي گهمي ٿو جتي به ڪو ٿاٻو اچيس ٿو ته لکي وٺي ٿو. پر هن جي شاعريءَ ۾محبوبا، وطن دوستي، سماجي انياءَ ءَ دوستن جون ڳالهيون خاص اهميت سان اظهاريل نظر اچن ٿيون.

پنهنجي نيڻن جو شعاءُ ڳولي ٿي
گمشده ٻار ماءُ ڳولي ٿي
يا
چرٻٽن جي ازل کان نگريءَ ۾
ڪا اياڻي نياءُ ڳولي ٿي

جن به ماڻهن جو ڳوٺاڻي زندگيءَ سان تعلق رهيو آهي تن جي تخليقن ۾ ٻوليءَ جو جهان چٽو نظر آيو آهي. مخمور رضا جي شاعريءَ جي ٻولي به ڀرپور آهي ۽ اسان جي ثقافتي رنگ سان رچيل به آهي. مخمور رضا جي شاعري کي جيترو به گهرائيءَ سان پڙهبو ان ۾ ايترو اسان کي تخليق جي گهرائيءَ جو اندازو ٿيندو. ڌرتيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اها به ڪنهن دليل کانسواءِ نه ٿو ڪري. هو چوي ٿو:
واٽ پوندئي سڄي سنهري ٿي
پنهنجو رهبر پرين! ڀٽائي ڪر

هاڻي هو نعريبازيءَ جو شڪار ٿيندي ڪنهن سياسي رهبر جو ذڪر به ڪري پئي سگهيو پر هو ڀٽائيءَ کي رهبر بنائڻ واري ڳالهه ڪري اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو ته سنڌ جو فڪري رهبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي ۽ جيستائين اسان هن کي هيئين سان نه هنڊائينداسين اسان جي منزل پنهنجي منطقي انجام تائين نه پهچندي. مخمور رضا جي شاعري ۾ وطن جي سڪ ته موجود آهي پر ان سڪ کي رڳو هو سڪ نه ٿو بڻائي پر ان ڳالهه کي اڳتي به وڌائي ٿو:

بکايل جي ڳڀي جي لئه هجي جنهن وٽ نه ڪجهه ڀي پر
شرابن ۽ رنڊين تي لک لٽائي جو سو ڏوهي آ

اهائي مذاحمت آهي جيڪا شاعر سماج هرفورم تي ڪري ٿو ۽ هو هڪ گس ڏيکاريندو رهي ٿو ته آخر مسئلن جو حل ڇا آهي. هن سمجهي ورتو آهي ته ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙي ريت جبر جي تاريخ لکبي رهي ٿي ۽ ان کي هن مٿئين شعر ۾ واضح ڪري لکيو آهي. هن حسين شاعر جي شاعري به سلو پوائزن جيان ماڻهوءَ جي وجود ۾ لهندي ٿي وڃي ۽ آخر ۾ ڄڻ ته ماري وجهي ٿي. هي شاعر جنهن سان به مليو ان جو ٿي ويو ۽ جنهن سان نه مليو اهو هن جو ٿي ويو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪا عربي فارسي ناهي پر هن جي تخليق جو ئي ڪمال آهي جو هو جن جو آهي تن جو به آهي جن جو ناهي تن جو به آهي. دل ٿي چوي ته پيڙا هن جو وجود جو حصو جيڪر نه هجي! پر! ڇا ڪجي حقيقتن کي ڪيترو لڪائي سگهبو ۽ هڪ ڪوي ته اهڙو گناهه ڪري نه ٿو سگهي:

لتن هيٺان ڪي گل چٿبا ڏسي تڪليف ٿيندي آ
آ لڇندي لونءَ، سوچن ۾ وڏي تڪليف ٿيندي آ
يا
اماڻيا جي اوهان ميسيج هئا انڪار جا سائين
خدا ڄاڻي اهي اڄ ڀي پڙهي تڪليف ٿيندي آ

هي سموروڪتاب بي حسيءَ خلاف دک جي معصوم ايف آءِ آر آهي جنهن کي هن جا ويجها دوست ئي غور سان پڙهن ۽ سمجهن ته هي معصوم انسان ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ڇوته ڪيترائي مثال آهن جو اسان دوستن جو معصوم ڳالهيون هوائي توائي ڪري ڇڏيندا آهيون:

ڪنهن ڏهاڙي هتان لڏي وڃبو
هيءُ ميلو متل ڇڏي وڃبو
يا
رات آهيون وٺون سڪون لاهي
صبح ٿيندي ٻي پار ڏي وڃبو

سو اچو ته هڪٻئي کي سمجهون ۽ مخمور رضاجا سمورا دوست هن جي مام ڀريل پر صاف لفظن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ڇو تههي رڳو لفظ ناهن. هي اسان جي سماج جي المين جو ننڍيون ننڍيون پينٽنگس آهن. پر انهن پينٽنگس کي ڏسي انهن مان رڳو لطف ماڻڻ بدران انهن جي ازالي لاءِ به ڪجهه ڪري سگهون.

[b]غوث پيرزادو[/b]