سفرناما

سفر ڪهاڻيون

هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3030
  • 816
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير اعجاز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر ڪهاڻيون

ليکڪ پاران

9 آگسٽ 1954ع تي حج جي رات اڳوڻي نوابشاهه ضلعي ۽ هاڻوڪي نوشهري فيروز ضلعي جي ننڍڙي شهر ڀريا ۾ جڏهن منهنجو جنم ٿيو ته بابا ميرپور خاص ضلعي جي ڳوٺ ڊينگاڻ ڀُرڳڙيءَ جي اسڪول ۾ انگلش ٽيچر هو. مان اڃا چاليهه ڏينهن جو هئس ته بابا اسان کي وٺي ڊينگاڻ هليو ويو. اتي گهڻو وقت رهياسين، اها ته خبر ڪانهي پر جڏهن ٿورو شعور آيو ته پاڻ کي مائٽن سان گڏ نوشهري فيروز جي مدرسا هاءِ اسڪول ۾ ڏٺم جتي بابا هائوس ماسٽر هو ۽ اسڪول جي اڱڻ اندر ئي هڪ گهر ۾ رهائش هئي. بعد ۾ نوشهري ۾ ئي بابا کي وڪيل جي حيثيت ۾ ڏٺم جتان وري مورو شهر ڏانهن لڏڻ ياد آهي. مورو ۾ پرائمريءَ جي پهرين کان پنجين درجي تائين پڙهڻ کان پوءِ اڃا ڇهين درجي ۾ ڪجهه وقت گذريو ته اوچتو ٽنڊي آدم لڏڻ جو فيصلو ٿيو جتي مشڪل سان هڪ ورهيه پورو ڪيوسين ته قسمت اسان کي شهدادپور وٺي وئي. ان هڪ ئي شهر ۾ رهندي اسان کي مسواڙي جاين جي ڪري ڪيترائي گهر ۽ پاڙا مٽائڻا پيا. 1967 کان 1970 جي اوائل تائين اسان جا ڏينهن شهدادپور ۾ گذريا جڏهن هڪ ڏينهن بابا حيدرآباد لڏڻ جو فيصلو ٻُڌايو. تن ڏينهن ۾ مان مئٽرڪ ۾ هئس پر هڪ تعصب پرست استاد جي حرڪتن جي نتيجي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول اندر وڏي ڇڪتاڻ پئدا ٿي وئي هئي جنهن جي پُڄاڻي هڪ ڏينهن اسڪول ۾ ڪلاس هلندي سنڌي استادن ۽ شاگردن مٿان رانگڙ برادريءَ جي شاگردن هٿان خوني حملي جي شڪل ۾ ٿي ۽ اسڪول ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي ويو. جيئن ته اسڪول به بند ٿي ويو هو ۽ حيدرآباد ۾ رهائش جو انتظام به اڃا نه ٿيو هو تنهن ڪري اسان ڪجهه وقت لاءِ ڳوٺ هليا وياسين.
انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي هڪ مائٽ کي قسمت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي زندگي ڇڏي ڳوٺ ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو. اسان جي لڏپلاڻ مالي مسئلن سبب هئي ۽ هن مائٽ سان اهڙو مسئلو ڪونه هو. هڪ ڏينهن چئي ڏنائين: “وڃو ٿا اڳتي هلندا ۽ حيدرآباد کان پوءِ اَٿَوَ ڪراچي ۽ ان کان پوءِ آهي سمنڊ. ان کان پوءِ ڪيڏانهن ويندؤ؟” هن ڇا سوچي اهو جملو چيو خدا ڄاڻي يا پاڻ، پر وراڻيومانس: سمنڊ کان پريان به دنيا آهي ۽ اوڏانهن به وڃبو.
اهو ڏينهن هميشه لاءِ منهنجي زندگيءَ تي اثر ڇڏي ويو. مون انگريزيءَ وارو سفر Suffer ته ڪيو ئي ڪيو آهي پر قدرت منهنجي لا، ملڪ اندر توڙي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ جا به بي شمار موقعا پئدا ڪيا. پنهنجي ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين گهاريل وقت ڏاهن جي ان چوڻيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو ته زندگي هڪ سفر آهي. ڄمڻ کان مرڻ تائين انسان جن مرحلن مان لنگهي ٿو، اهو سفر ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
مون کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو موقعو 1982۾ ان وقت ملڻ وارو هو جڏهن پي آءِ اي جي پهرين افتتاحي اُڏام نيپال جي گادي کٽمنڊووڃڻ واري هئي. هلال پاڪستان جي اسٽاف رپورٽر جي حيثيت ۾ پي آءِ اي وارن سان سٺا لاڳاپا هئا جن مون کي کٽمنڊو هلڻ لاءِ چيو. مان هنن سان هليو به وڃان ها پر ايمانداري ڏيکاريندي کين باضابطا ليٽر ڏيڻ لاءِ چيم ته جيئن اخبار جي ايڊيٽر (ناصر بروهي) کي ڏيان ته جيئن هو اهو نه سوچي ته مان سندس اجازت کان سواءِ ٻاهر هليو ويس. ناصر بروهيءَ سان پُراڻي ياري به هئي پر مون نه ٿي چاهيو ته سندس ايڊيٽر واري حيثيت کي نظر انداز ڪري سندس من ۾ ڪا غلط سوچ پئدا ٿيڻ جو موقعو ڏيان. مون پي آءِ اي جو ليٽر کڻي اچي سندس آڏو رکيو ۽ مطمئن ٿي وڃي ڪم سان لڳس پر حيرت جي حد ئي نه رهي جڏهن ڏٺم ته هن هڪ ٻئي شخص (جنهن کي مون ماستري ڇڏرائي صحافت سيکاري هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر جي نوڪري ڏياري هئي) کي سڏي ارجنٽ پاسپورٽ ٺهرائي کٽمنڊو وڃڻ لاءِ چيو. ٻئي ڪنهن هڪ برادريءَ جا به ڪونه هئا، پر هڪ مخصوص شاونزم کين هڪ ٻئي جي ويجهو وٺي آيو هو. ايئن اهو شخص (جيڪو هاڻي هن دنيا ۾ ناهي) کٽمنڊو هليو ويو.
ورهيه گذري ويا پر وري ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جو موقعو نه آيو. تان جو 1990 ۾ جيئي سنڌ جي دوستن معرفت ڪابل ۽ دهلي گهمڻ جو موقعو مليو. ان وقت انهيءَ حقيقت تي به ايمان آيو ته جنهن جي قسمت ۾ جيڪو ڪجهه لکيل آهي، اهو ئي ٿيڻو آهي. ڪير ڪيترا به پروگرام ٺاهي، جيسين امر نه ٿيندو، ڪک پن به چُري نه سگهندو. مان به پنهنجي قسمت جي لکئي موجب پرڏيهه جو اهو سفر ڪرڻ کان پوءِ وري انگريزي توڙي سنڌي، ٻنهي قسمن جا سفر ڪندو هلندو رهيس ۽ ايئن ذري گهٽ ڏهه سال گذري ويا جڏهن مون کي سمنڊ پار وڃڻ جو سڏ ٿيو. سن 2000 ۾ مان سنڌي اخبارن ۾ نوڪري ڪندو اچي هڪ نيوز ايجنسي پاڪستان پريس انٽرنيشنل ۾ پهتو هئس، جتي پهرين سال ئي مون کي سنگاپور ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت بابت هڪ سيمينار ۾ شريڪ ٿي مقالو پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. 2002 ۽ 2004 ۾ کٽمنڊو ۾ صحافتي ورڪشاپن ۾ شرڪت ڪيم جڏهن ته 2003 ۾ سريلنڪا ۾ ٻن عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيس. کٽمنڊوجي پهرين دوري تان واپسيءَ ۾ ڍاڪا ۾ به رهڻ ۽ گهمڻ جو موقعو مليو ته سريلنڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا ڏانهن ايندي ويندي دُبئيءَ جون به جهلڪيون ڏٺم. ڏکڻ ڪوريا 2007 ۽ 2008 ۾ لاڳيتو وڃڻ ٿيو ۽ وري 2009 جي سيپٽمبر ۽ نومبر ۾ ٻن الڳ پروگرامن ۾ شرڪت لاءِ سڏ آيو، پر جيئن مون مٿي لکيو آهي ته قسمت جو لکيو ئي ٿيندو آهي آءٌ ويزا ۽ ٽڪيٽ هٿ ۾ هجڻ جي باوجود بيماري ۽ ٻين ڪن سببن جي ڪري وڃي نه سگهيس. اهي سفر ڪهاڻيون لکي اڃا ڪنهن پبلشر جي ڳولا ۾ هئس ته 2010ع جي مئي مهيني ۾ مالديپ ۽ نومبر ۾ کٽمنڊو ٽيون ڀيرو وڃڻ ٿيو. ڪتاب جي ڇپائيءَ دوران ڊسمبر 2011 ۾ افغانستان جو به دورو ڪيم جيڪو 22 ورهين کانپوءِ ان ملڪ جو ٻيو دورو هو. اھڙي طرح 2012 جي مئي مھينس ۾ ھڪ ٻئي ايشيائي ملڪ ڪمبوڊيا گھمڻ جو موقعو مليو. مون ملڪ اندر توڙي ٻاهر ڪوبه سفر پنهنجي خرچ تي نه ڪيو. بس قسمت قُرب ڪيو نه ته مان سماج جي ان طبقي جو ماڻهو آهيان جيڪو ڳوٺ وڃڻ لا، به پهرين پنهنجي کيسي ۾ موجود ڏوڪڙن جو حساب ڪتاب ڪندو آهي. خبر ناهي اڳتي به حياتيءَ ۾ ڪو سفر لکيل آهي يا نه.
سنگت ساٿ جي چوڻ تي مان پنهنجي هر دوري، ملڪ اندر توڙي ٻاهران جا نوٽ لکندو رهيو آهيان پر ڪڏهن به سفرنامو لکڻ جي ڪوشش نه ڪيم. هي پهريون ڀيرو آهي جو ڊڄي ڊڄي قلم کنيو اٿم. ڊپ ان ڪري ٿيو پئي ته مرحوم طارق اشرف (جنهن ان وقت سُهڻيءَ جهڙي معياري رسالي ۾ منهنجون انگريزي ادب مان ترجمو ڪيل ڪهاڻيون ڇاپي مون کي ادبي دنيا ۾ متعارف ڪرايو جڏهن مان اڃا انٽر ڪامرس جو شاگرد هئس) جو چوڻ هو ته ادبي دنيا مان صحافت ۾ ويندڙن جي ٻولي خراب ٿي ويندي آهي. ٻيو ته اخباري ايجنسيءَ ۾ وڃڻ کان پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ جو سلسلو مڪمل طور بند هو. ڏهه سال ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ سبب هٿ سان لکڻ به ڏکيو ٿي لڳو. مون جڏهن به سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿ ذهن جو ساٿ نه ٿي ڏنو. هاڻي جڏهن سفرنامو لکڻ چاهيم ته به اها حالت ٿي جنهن کان پوءِ نيٺ ڪمپيوٽر تي سنڌي پروگرام انسٽال ڪرائي سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيم. هڪ ته ڏهاڪو ورهين کان پوءِ سنڌيءَ ۾ لکڻ ۽ اهو به هڪ سفرنامو، ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو پر ڪوشش ڪئي اٿم. هن ڪتاب ۾ تمام گهڻيون اُوڻائيون هونديون، منهنجي سنڌي ٻولي به ممڪن آهي ته عام رواجي لڳي ۽ ٻي ڳالهه ته ممڪن آهي ته پڙهندڙن کي هيءُ سفرنامو ئي نه لڳي، ڇوته ڪٿي سائين الطاف شيخ ۽ ٻين وڏن ليکڪن جا سفرناما ۽ ڪٿي مون جهڙي هڪ عام صحافيءَ جي لکڻي. مون کي خبر ناهي ته هي ڪتاب سفرنامي جي وصف تي پورو لهي به ٿو يا نه، مون ته بس انهن ٻن ٽن ملڪن ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ سنڌ جي حوالي سان جيڪو ڪجهه محسوس ڪيو، اهو لکيو آهي. ٻاهر جي سفر جو احوال ڏيندي مون بار بار سنڌ جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، ان جو سبب منهنجي اها سوچ آهي ته اسان کي رڳو ٻاهرين ملڪن جا سفرناما نه لکڻ گهرجن پر سنڌ جا سفرناما لکڻ تي به ڌيان ڏيون. هر انگريز سنڌ گهمڻ کان پوءِ ان تي وڏا ڪتاب لکيا جيڪي اڄ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان وڏو سرمايو آهن. هن دور ۾ به جن سنڌي دوستن سنڌ گهمي ڪجهه لکيو هوندو اهو ايندڙ نسلن لاءِ هڪ تاريخ جي حيثيت رکندو. ڪلهه جي سنڌ ڇا هئي؟ اسان کي پراڻن ڪتابن مان خبر پوي ٿي، اڄ جي سنڌ ڇا آهي؟ ڪيئن سنڌ ۽ سنڌين سان تاريخي ظلم ٿيا، سنڌ ۾ ڪهڙيون انتظامي،جاگرافيائي، سياسي ۽ سماجي تبديليون آيون، اهو اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ لکڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي موجوده 23 ضلعن (جيڪي سياسي مقصدن خاطر وڏين انتظامي تبديلين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا ) مان ڪنهن به ضلعي جي ڪنهن هڪ به علائقي ۾ گهمڻ وڃجي ته اتان جو سربستو احوال ضرور قلمبند ڪجي ته اسان اڄ ڪٿي بيٺا آهيون. ( هي سٽون لکڻ وقت وري انتظامي تبديليون آيون آهن. ڪراچيءَ جا پنج ضلعا ۽ حيدر آباد جي اصل ضلعي واري حيثيت پ پ پ حڪومت بحال ڪري چڪي آهي.)
اندر ۾ وڏي آنڌ مانڌ آهي، گهڻو ڪجهه لکڻ ۽ چوڻ گهران ٿو، پر جيئن ته ڳالهه ڪتاب جي موضوع کان هٽي ويندي، ان ڪري ٿوري لکئي کي گهڻو سمجهندا.
موڪلاڻيءَ کان اڳ هڪ بلڪل ذاتي ڳالهه! دنيا جا اڪثر اديب پنهنجي ڪتابن ۾، مُهاڳ اندر پنهنجي زال جو ٿورو ضرور مڃيندا رهيا آهن. مون کي ان تي حيرت ٿيندي هئي ته ڪتاب لکيو هنن پاڻ ته پوءِ زال جو ٿورو ڇوٿا مڃين. مون پاڻ ٻه ٽي ڪتاب لکيا، پر تڏهن اڃا ڇڙو هئس، هاڻ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي جو زال ۽ ٻارن جي حصي جو وقت به ڪتاب لکڻ تي خرچ ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن سندن سهڪار نه هجي ته شايد ڪتاب لکڻ ئي ممڪن نه ٿئي. حقيقت هي آهي ته هيءُ ڪتاب سندن ئي چوڻ ۽ همٿائڻ تي لکيو اٿم. 1984۾ انگريزي ادب مان ترجمو ٿيل ٻه ناول، منھنجي ڪالمن جو مجموعو ۽ نوي واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ٻارن لاءِ ڇپرايل سنڌي جنرل ھوشوءَ جي حياتيءَ تي ڪتابڙو ڇپجڻ کان پوءِ منهنجو هي پهريون ڪتاب آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ ڪي اُوڻايون هجن يا ڪنهن ڳالهه جي ڪري ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته ان لاءِ مان اڳواٽ معافي گهران ٿو.
اڳي ٻڌبو ھو ته سنڌي پبلشر اديبن کان ڏوڪڙ وٺي ڪتاب ڇپرائن ٿا. نيو فيلڊس جي فيروز ميمڻ ان ڳالھه کي غلط ثابت ڪيو ۽ ان جي اُبتڙ ھو پئسا ڏيڻ لڳو ھو. ھيءُ ڪتاب لکڻ کانپوءِ خبر پئي ته فيروز پبلشنگ جو ڪم ڇڏي چڪو آھي. مون ڪراچيءَ ۾ ٻن پبلشرن سان رابطو ڪيو. مونکي پئسن جي لالچ ڪانه ھئي پر ان وقت حيران ٿيس جڏھن ھنن ڪتاب جو سمورو خرچ مونکي ڀرڻ لاءِ چيو. سائين الطاف شيخ چواڻي سنڌي پبلشر ويچارا آھن پر سندن انداز مونکي ٺيڪ نه لڳو. ڏاڏي مرحوم آخوند حاجي فيض محمد 1932۾ پنهنجي حج جو سفرنامو لکيو هو، جيڪو 78 ورهين کانپوءِ 2010 ۾ لائق زرداري صاحب بلاول ريسرچ انسٽيٽيوٽ طرفان ڇپرايو. سو آسرو لاهي سوچيم ته متان اسي سالن کانپوءِ ڪو لائق زرداريءَ جهڙو ماڻهو منهنجو ڪتاب ڇپرائي، پر 80 سال انتظار کان بچڻ لاءِ نيٺ مون پاڻ پنھنجي خرچ تي ڪتاب ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو پر اِن کان اڳ دوست همسفر گاڏهي جي معرفت پُراڻي دوست يوسف سنڌي سان رابطو ٿي ويو جنهن هي ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو.

نصير اعجاز
ڪراچي