ڇا کائجي؟
رات جو اوجاڳو بک وڌائيندو آهي سو ٽين وڳي تائين منهنجي حالت به خراب هئي پر ڪجهه کائڻ بدران گهڙي گهڙيءَ سموڪرس ڪارنر ۾ وڃي خالي پيٽ تي سگريٽ پيئندو رهيس جتي جينس پهريل نوجوان يورپين ڇوريون ڪش مٿان ڪش هڻي رهيون هيون. نيٺ انتظار پورو ٿيو ۽ سيئول روانگيءَ لاءِ جهاز ۾ سوار ٿيا سين. سواءِ ڪجهه يورپين ماڻهن جي باقي سڀ ڪوريائي هئا جيڪي شايد دبئي يا ٻين عرب رياستن مان موڪلن تي يا نوڪرين جو مدو پورو ٿيڻ تي پنهنجي ملڪ وڃي رهيا هئا. هوائي ميزبانن جيئن ئي کاڌو ورهائڻ شروع ڪيو ته کاڌن جي شڪل ڏسي مونکي به اندازو ٿي ويو ته سيئول تائين بکيو رهڻو پوندو. عجيب کاڌا هئا جيڪي منهنجي کائڻ کان چڙهيل هئا. هڪ ايئر هوسٽس جڏهن منهنجي ويجهو آئي ته مينو ڏسي کانئس آمليٽ گهريم ۽ سوچيم ته گهٽ ۾ گهٽ اها ته پڪ هوندم ته مون بيدو کاڌو. پر جڏهن کائڻ شروع ڪيم ته ٺپ ئي ٺري ويا. عجيب بي سائو آمليٽ هو جنهن جو پهريون گرهه ئي ٽري ۾ اُڇلائي ڇڏيم. ان کانپوءِ کائڻ لاءِ بس فروٽ جون ٻه ٽي ڪتريون ۽ ٽماٽي جي ماپ جي هڪ ڊبل روٽي هئي. جيئن ته چانهه ۾ به مزو نه هو تنهنڪري پوءِ سڄو زور جوس تي رکيم.
سفر کي اڃان ڪلاڪ کن مس گذريو هيو ته پنهنجي ڄاڻ خاطر ايئر هوسٽس کان پڇيم ته دبئي- سيئول سفر گهڻن ڪلاڪن جو آهي. سندس وات مان ڏهه ڪلاڪن جو ٻڌي بخار چڙهي ويو. ڊگهي سفر جو اندازو ته اڳ ۾ ئي هو ڇوته ٽڪيٽ ۾ لکيل وقت موجب سيئول ۾ جهاز اتان جي مقامي وقت مطابق شام جو پنجين وڳي لهڻو هو. پاڪستان ۽ ڪوريا جي وقت ۾ چئن ڪلاڪن جو فرق آهي ۽ جيئن ته مان دبئي(اولهه ۾) وڃي وري اوڀر وڃي رهيو هئس تنهنڪري وقت۽ فاصلي جي وڇوٽي اڃان وڌي وئي. وقت گذاري ۽ بک تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اخبار به ڪيتري پڙهجي سو سواءِ سمهڻ جي ٻيو ڪو چارو ڪونه هو ۽ هرڪو ڄاڻي ٿو ته خالي پيٽ تي ڪهڙي ننڊ ايندي آهي. مون سيئول تائين وري ڪجهه نه کاڌو ۽ لنچ ۾ به فروٽ ۽ جوس تي گذارو ڪيم.
مونکي پنهنجا پهريان سفر ياد ايندا رهيا. افغانستان جو ذڪر ڪري چڪو آهيان جتي سرڪاري مهمان هئاسين ۽ ريسٽ هائوس ۾ شاندار نموني خدمت ٿيندي هئي. کاڌي ۾ سواءِ ان جي ٻيو ڪو فرق نه هو ته اسان پاڻ وٽ ٻوڙ ۾ گوشت جون ننڍيون ٻوٽيون ڪيون ۽ افغاني وڏي گوشت جا وڏا ٻُوٽ چاڙهين. مرچ مصالحا به اسان جهڙا ئي اٿن.
سن 2000 ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت جي موضوع تي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سنگاپور وڃڻ ٿيو. اتي چارئي ڏينهن فائيو اسٽار هوٽل River View ۾ رهڻ جي باوجود مونکي صحيح نموني کائڻ لاءِ فقط هڪ ويلو نصيب ٿيندو هو. صبح جو هوٽل جي ريسٽورينٽ ۾ نيرن لاءِ بيشمار ڊش هوندا هئا پر سڀ آمريڪي اسٽائل جا، تنهنڪري مان فروٽ،جوس ۽ چانهه تي گذارو ڪندو هئس. لنچ اتان جي چائنيز ريسٽورينٽ ۾ رکيل هوندي هئي ۽ اهي کاڌا به مونکي ٺپ ڪونه وڻن. اتي به هڪ ڏينهن مون لنچ ۾ آمليٽ کائڻ جو تجربو ڪيو پر مٺو آمليٽ چکندي ئي توبهه ڪيم. هڪ مان ۽ هڪ جرمن صحافي، ٻنهي سان ساڳي جٺ هوندي هئي. جرمن صحافي هڪ هڪ ڊش کڻي مون کان پڇندو هو: Mr. Nasir what is this? ۽ مون وٽ هن لاءِ ڪوبه جواب نه هوندو هو. مان حيران هوندو هئس ته ٻين ملڪن جا ماڻهو هر قسم جو کاڌو آرام سان ويٺا کائيندا هئا.
پهرين ئي ڏينهن ميزبانن منهنجي حالت ڏسي صلاح ڏني ته رات جي ماني مان پنهنجي مرضيءَ سان ٻاهر وڃي کائي سگهان ٿو پر ان لاءِ مونکي Little India نالي علائقي ۾ وڃڻو پوندو جتي انڊين کاڌن جون هوٽلون آهن . مان ته ڄڻ جي پيس. کانئن بس جو روٽ پڇي سج لٿي مهل نڪري پيو هئس ۽ سائوٿ انڊينس جون هوٽلون ڳولي برياني ۽ چانهه تي ٽُٽندو هئس. ڪانفرنس جي آخري ڏينهن شام جو رلڻ جو گهڻو وقت ملي ويو. لٽل انڊيا جي فٽپاٿن تي هلندي هڪ هنڌ حيران ٿي ويس جڏهن ٻن شٽرن واري هڪ دڪان ۾ ٺهيل هوٽل جي ٻاهران تئي تي مانيون پچندي ڏٺم. اندر ڪائونٽر تي ويٺل ڏاڙهيءَ واري همراه کان پڇڻ تي خبر پئي ته قيمي جو ٻوڙ به اٿس. بس پوءِ ته مزا ٿي ويا. چوٿين ڏينهن تازي ماني ۽ قيمي جي ٻوڙ سان پيٽ ڀري کاڌم. سنگاپور جو سفر سنگاپور ايئر لائين ذريعي ٿيو هو ۽ ان سفر ۾ کاڌي جو مسئلو ڪونه هو ۽ هر مسافر جي پسند مطابق کاڌو ۽ مشروب ڏنا پي ويا.
نيپال جا کاڌا به لذيذ هئا بلڪ ڪجهه کاڌا ته ذائقي ۾ بلڪل اسان جي کاڌن جهڙا هئا جڏهن ته ڍاڪا ۾ به پاڪستاني کاڌن جهڙي ٽيسٽ هئي پر ڪولمبو ۾ ته هر ڊش مڇيءَ جو هو يا هر ڊش مان مڇيءَ جي بوءِ ٿي آئي. بس صبح جو آمليٽ سان نيرن چڱي ٿي ويندي هئي. هڪ ڏينهن مان ۽ ساٿي ڇوڪري پاڪستاني ريسٽورينٽ جي پڇا ڪندي وڃي هڪ هنڌ پهتاسين پر بدقسمتيءَ سان هوٽل بند هئي. هڪ ٻه پنجابي بيرا موجود هئا جن کي اسان جو خيال اچي ويو ۽ اسان کي ڪڙڪ چانهه ٺاهي پياريائون. ڪولمبو ۾ مونکي هوٽل ڀرسان سمنڊ ڪناري انناس وٺي گذارو ڪرڻو پوندو هو.
اهي ڳالهيون ياد ڪري سوچيم ته ڪوريا ويندي ئي بکون ڪاٽڻيون ٿيون پون ته ڪوريا ۾ ڇا حالت ٿيندي، چار ڏينهن منهنجا ڪيئن گذرندا؟ اهي انديشا صحيح ثابت ٿيا جن جو ذڪر اڳتي هلي ٿيندو.
*