اِسرارن سان ڀريل تاريخ
مالديپ ملڪ جي نالي جي به الڳ ڪهاڻي آهي. سنسڪرت ۾ دِيوِپ يا دِيپ ٻيٽ کي چون ٿا تنهنڪري عربن ان کي محل دِيب سڏيو، ٻيٽن تي رهندڙن کي ڌِيوِز Dhives سڏجي ٿو. جڏهن ڊچ هتي قابض ٿيا ته انهن هن ملڪ کي Maldivische Eilander سڏيو ۽ انگريزن ان کي مالدِيوِ آئلينڊ Maldive Islands جو نالو ڏنو جيڪو ڦري فقط مالدِيوِز Maldives ٿي ويو. سريلنڪا جي قديم پالِي ٻوليءَ جي ڪتابن ۾ هن ملڪ کي ماهيلا دِيوا Mahila Diva يعني عورتن جي سرزمين Land of Women سڏيو ويو آهي. ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته اهو سنسڪرت جو لفظ مالادِوِپا Maladivipa آهي جنهن جو مطلب ٻيٽن جو هار Garland of Islands آهي. عرب سياح اِبن بطوطه جيڪو 1344 عيسوي سن ۾ مالديپ آيو ۽ هتي قاضي (جج) طور ڪم ڪيائين، تنهن هن ملڪ لاءِ عربي لفظ محل دِبيات Mahal Dibiyat استعمال ڪيو آهي ۽ مالديپ جي سرڪاري نشان State Emblem ۾ به اهو لفظ ڄاڻيل آهي.
چون ٿا ته ٽي هزار ورهين کان هتي ماڻهو آباد آهن، سڀ ماڻهو هڪ ئي نسل جا ڪونه هئا، ڪي ڪيرالا کان آيا ته ڪي مالابار کان، ڪي تامل نسل جا ماڻهو به پهتا، پر چون ٿا ته سڀ کان اڳ هتي آباد ٿيندڙ دراوڙ ئي هئا. ڪجهه تاريخدانن جو خيال آهي ته جڏهن سنڌ جو ديبل بندر آباد هو ۽ سنڌ ۽ مالديپ وچ ۾ واپار هلندڙ هو تڏهن سنڌ جا جت، گُجر ۽ گوترا ذاتين جا ماڻهو به مالديپ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. مالديپ سنڌ سان ناريل، ناريل جي کلن مان ٺهيل رسيون ۽ ٽوڪرن جو روانگي واپار ڪندو هو، سنڌ وارا ناريل جي کلن جون رسيون خريد ڪندا هئا جو اهي سمنڊ جي لُوڻياٺي پاڻيءَ جو ڌڪ سهڻ سبب جهازن ۾ استعمال ٿينديون هيون، عربن جو به پُراڻي زماني کان مالديپ سان وڻج واپار هو ۽ عربن جا غوراب بصري کان هلي سڀ کان پهرين مالديپ ۾ ئي لنگر کوڙيندا هئا.
مالديپ جي ٻيٽن تي ڪيترائي قديم آثار آهن پر انهن جي باقاعده کوٽائي ۽ تحقيق نه ٿي آهي. هتي مختلف عقيدن جا ماڻهو رهيا هوندا پر هندو ۽ ٻُڌ مت جي عبادتگاهن جا آثار مليا آهن. اشوڪا جي ڏينهن ۾ هتي ٻُڌ مذهب آيو پر ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ اسلام مڪمل طور ڇانئجي ويو ڇو ته 1155 عيسوي سن ۾ هتان جي سلطان فرمان جاري ڪري ملڪ کي اسلامي رياست قرار ڏئي وڏي پيماني تي مسجدن جي اڏاوت شروع ڪرائي هئي.
*