مُنهنجي سنڌو سُڪل ڇو؟
پرائمريءَ کان يونيورسٽيءَ تائين مفت تعليم، سستي اگهه تي راشن، هڪ افغانيءَ ۾ (هڪ رُپئي ۾ ٽيويهه افغاني) ڪوچ ۾ سوار ٿي سڄو ڪابل شهر گهمڻ جهڙيون سهولتون ته جنگ ۾ تباهه ٿيل افغانستان ۾ ڪامريڊ نجيب الله جي زماني ۾ به هيون ته اتر ڪوريا ته گهڻو اڳتي نڪتل آهي تنهنڪري اجلاس ۾ ٿيندڙ پرچار ۾ دم محسوس نه ٿيو.
اجلاس ۾ پرمود ماٿر ۽ ڀاٽيا صاحب وارن هماليه جبلن بابت هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري جنهن ۾ ان ڳالهه تي زورهو ته گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن ۽ اڳتي هلي انهن جي ختم ٿيڻ سان پاڻيءَ جو بحران پئدا ٿي سگهي ٿو. انهيءَ دستاويزي فلم به منهنجي ذهن ۾ گهڻا ئي سوال تازا ڪري ڇڏيا جن تي مان گهڻي ئي وقت کان سوچيندو رهندو هئس. عالمي رپورٽن ۾ سدائين پڙهندا رهندا آهيون ته هاڻي دنيا ۾ جنگيون لڳنديون ته اهي پاڻيءَ جي معاملي تي هونديون. ان حد تائين ته ٺيڪ آهي، پر سوال هيءُ آهي ته جيڪڏهن گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن ته پوءِ درياهن ۾ ٻوڏ هجڻ گهرجي ها. جيڪڏهن ٻوڏ نه ته ڀلا درياهه ڪجهه ته ڀريل هجن ها. ڪوريا جي درياهه کي ڀريل ڏسي ۽ هندستان جي درياهن ۾ پاڻي هجڻ جو ٻُڌي ان سوال جو جواب به ملي وڃي ٿو، ته پوءِ سوال اُٿي ٿو ته سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ڇو ٻارهو ئي واري اُڏامندي رهي ٿي. سنڌو به هماليه جي مانسروور ڍنڍ مان تڏهن وهي نڪري ٿي جڏهن اتي گليشيئر رِجي ٿو. جيڪڏهن اهو گليشيئر به ٻين وانگر تيزيءَ سان ڳري ٿو ته پوءِ سنڌوءَ ۾ به پاڻي هجڻ گهرجي، نه ته گليشيئر ڳرڻ واري ٿيوريءَ تي به مون کي شڪ ٿو ٿئي. جيڪڏهن منهنجا دليل غلط هجن ته مهرباني ڪري ڪو دوست منهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري. (رڳو هڪ سال 2010 جي ٻوڏ کي دليل طور نه ڏنو وڃي)
اجلاس شام تائين هلندو رهيو.سڄو ڏينهن تقريرون ٻُڌي جڏهن اوٻاسين جا ٺڪاءَ شروع ٿيا ته تائڪوانڊو گرانڊ ماسٽر جهُون هِي Jhoon Rhee ڊگهي تقرير شروع ڪئي جنهن جو موضوع هو “تائڪوانڊو، صحت ۽ ماحوليات”. اسي ورهين جي جهوني وڏي جاندار نموني ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ بس ڪرڻ جو نالو ئي نٿي ورتائين. مس مس پروگرام پورو ٿيو جنهن کانپوءِ وري هوٽل واپس آياسين جتي رات جو مرحبائي ڊنر هئي. ڪوريائي سنگيت، ثقافتي ٽيبلو ۽ تقريرن کان پوءِ ايوارڊن جو مرحلو هو جنهن ۾ هن ڀيري ٻين سان گڏ هندستان جي ڀاٽيا صاحب جي بزرگيءَ کي به مانُ ڏيندي کيس لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. مرحبائي ڊنر کي “ايشيا ۾ پيار، امن ۽ دوستي” جو نالو ڏنو ويو هو.
*