پٿرن جون ڍيريون ۽ ڪوريائين جو اعتقاد
هڪ پاسي وڻن سان جهنجهيل جبل ۽ ٻئي پاسي کاهيءَ جي وچ ۾ وهندڙ جهرڻي جا ڌِيما سُر ٻُڌندي پُر پيچ رستي تان مٿي ويندي اسان سڀ ڄڻ ته مدهوش هئاسين. مندر وٽ پهچندي سج لهي چڪو هو. اُن مهل ڪجهه پانڌي جوڙا مندر کان هيٺ ويندي نظر آيا جڏهن ته هڪ اڌ جوڙو اُتي موجود هو. جيئن ئي اسان گاڏين مان لٿاسين ته ڀڪشو سڀني کي وٺي مندر جي مکيه عمارت ڏانهن وڃڻ لڳو. مان سمجهي ويس ته هو ٻُڌمت موجب عبادت جو طريقو ٻُڌائيندو، تنهنڪري مان انهن سان گڏ نه ويس. هڪ ته ٿڪل هئس ۽ ٻيو ته مون ٻُڌ جي بُت کي سجدو ڪرڻ نه پي چاهيو. ڀاٽيا به جهونو هئڻ سبب مندر جي هڪ عمارت ٻاهران دِڪيءَ تي ويهي رهيو. ڏٺم ته ڪمبوڊيا جي فري لانس صحافڻ راس سوٿيا Ros Sothea جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ بي بي سي ريڊيو لاءِ به ڪم ڪندي هئي، پاسو وٺي ويهي رهي هئي. هيءَ سيپڪڙي ننڍي قد جي سڀ کان ننڍي عمر جي ڇوڪري هئي. هرڪو کيس بي اعتباريءَ سان چوندو هو ته هوءَ ايڏي ننڍي عمر ۾ ڪيئن ٿي صحافڻ ٿي سگهي. پر سندس ڳالهائڻ ۽ ڪم ڪار مان محسوس ٿيندو هو ته اها سيپڪڙي پنهنجي شعبي جي ڀرپور ڄاڻ رکي ٿي. مان کيس پنهنجي ڌيءُ وانگر پيش ايندو هئس. منهنجي نظر جڏهن راس تي پئي ته هن اشاري سان مونکي سڏي پنهنجي ڀرسان ويهڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ پنهنجي پرس مان هڪ بيدو ڪڍي ٻُڌايائين ته صبح هوٽل مان روانگيءَ مهل هن ٻه بيدا کڻي ورتا هئا ته جيئن ڪنهن مهل بک لڳڻ تي کائي سگهجن. هينئر کيس بک لڳي هئي ۽ آرام سان کائڻ جو موقعو به هو پر سندس اُميدن تي پاڻي هارجي ويو جو جيئن ئي هن کل لاهڻ لاءِ بيدي کي دِڪيءَ تي هنيو ته خبر پئي ته اهو اوٻاريل نه پر ڪچو بيدو هو. ماٺڙي ڪري اهو بيدو اڇلايائين ۽ ٻيو بيدو پرس مان ڪڍيائين. پڪ هئي ته اهو به ڪچو هوندو ان ڪري اهو به اڇلائڻو پيس. هن انهن کي اوٻاريل ان ڪري سمجهيو هو جو بيدن جو رنگ هلڪو ناسي هو.
ان مهل چڱي اونداهي ٿي چُڪي هئي پر مون ڏٺو ته هڪ جوڙو جابلو نديءَ جي پيٽ ۾ ويهي پٿر ميڙي رهيو آهي. مان هوريان هوريان ڪري سندن ويجهو ويس ته جيئن هنن جي مصروفيت ۾ خلل نه پوي ۽ مان به ڏسان ته هو ڇا پيا ڪن. ويجهو وڃڻ تي خبر پئي ته هو ننڍا پٿر ميڙي ڍيري ٺاهي رهيا هئا پر اهڙي نموني جو اها ڍيري ڪنهن ننڍي مناري وانگر هيٺان ويڪري يعني ان جو بنياد ويڪرو ۽ پوءِ مٿي سوڙهي. اهڙيون اڻ ڳڻت ڍيريون نديءَ جي پيٽ ۾ نظر آيو ن جيڪي هتي ايندڙ جوڙن ٺاهيون هيون. مون انهيءَ جوڙي کان ڪجهه پڇڻ گهريو پر کين انگريزي ڪانه ٿي آئي پر تڏهن به سندن اشارن مان سمجهي ويس ته اهي ماڻهو هتي عبادت ڪرڻ کانپوءِ مُرادون پوريون ٿيڻ لاءِ اهي پٿريون ميڙي ڍيريون ٺاهيندا آهن . گذريل دوري ۾ به مون اهي ڍيريون ڏٺيون هيون پر انهن تي ڌيان ڪونه ڏنو هئم. هن ڀيري اهو منظر ڏسي وري به اها ئي سوچ اُڀري ته ڪيڏي به ترقي ڪرڻ ۽ سائنسي قوم بڻجي وڃڻ جي باوجود ڪوريائي آهن ته انسان جن جي اندر ۾ اهو شخص ويٺل آهي جيڪو آفاقي قوت جو محتاج آهي ۽ مختلف طريقن سان پنهنجون آسون ۽ مُرادون پوريون ٿيڻ جون دعائون گهري ٿو. ان مهل اونداهي هئڻ ڪري صحيح تصوير ڪڍي نه سگهيس پر سچ ته مٿان جبل تان لهندڙ جهرڻي جي مست ڪندڙ سنگيت ۽ وهڪري جي ٻنهي پاسي پري پري تائين پکڙيل پٿرن جي ڍيرين جو روح جي گهراين تائين اثر ٿي رهيو هو. ڪوريائي جوڙو جبل کان هيٺ واپسيءَ جي سفر تي هليو ويو پر مان اتي گم سم بيٺو رهيس. مون کي پنهنجي هڪ صحافي دوست خليل ٻگهئي جو پنجويهه ٽيهه ورهيه اڳ جرمنيءَ مان واپسيءَ تي ٻُڌايل واقعو ياد آيو . سندس ڪنهن جرمن فئمليءَ سان دوستي ٿي وئي هئي جن کيس پنهنجي گهر دعوت تي گهرايو پر جيئن ئي هن سندن گهر ۾ قدم رکڻ ٿي چاهيو ته کيس ترسڻ لاءِ چين ۽ گهر جي وڏڙي هڪدم وڃي هڪ گلاس کڻي آئي جنهن ۾ سِڪا پيل هئا. هن مائيءَ خليل کي چيو ته هو به هڪ سِڪو گلاس ۾ وجهي ۽ پوءِ گهر ۾ داخل ٿئي. هن ايئن ئي ڪيو ۽ سندس پڇڻ تي کيس ٻڌايو ويو ته سندن ڌيءَ جوان آهي پر اڃان شادي نه ٿي اٿس. سندن اعتقاد آهي ته هر مهمان گلاس ۾ سِڪو وجهندو ۽ جڏهن گلاس اهڙن سِڪن سان ڀرجي ويندو ته سندن ڌيءَ جي شادي ٿي ويندي.
جڏهن باقي ساٿي عبادت جو طريقو ڏسي واپس آيا ته ٻُڌايو ويو ته هاڻي مندر سان لڳ ڪاٺ جي رهائشي ڪمرن ۾سامان رکبو ۽ پوءِ وري هڪ هال ۾ گڏ ٿبو. هڪ هڪ ڪمري ۾ فرش تي فوم جا گدا وڇائي ٽن چئن ڄڻن کي سمهڻو هو. اهو ٻُڌي دبئي ۽ ٻين هنڌن تان آيل عربن اتي رهڻ کان ٺُپ نابري واري ۽ چيائون ته کين واپس موڪلڻ جو انتظام ڪيو وڃي. هنن جي ضد تي کين ۽ سندن زالن کي ڪار ۾ چاڙهي واپس روانو ڪيو ويو ۽ جبل کان هيٺ مانهاءِ ڳوٺ جي ڪنهن گيسٽ هائوس ۾ کين رهايو ويو. باقي عورتن هڪ پاسي وارا ڪمرا ۽ اڪيلو باٿ روم قبضي ۾ ڪيا ۽ مردن پنهنجي سنگت جي حساب سان ڪمرا ورهائي کنيا. مون، ڀاٽيا ۽ پرمود هڪ ڪمرو کنيو پر پوءِ هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا جا همراه به اسان جا پارٽنر ٿي ويا. ماڻهو ته ٻئي چڱا هئا پر مون کي اڌ رات کان وڌيڪ ايستائين جاڳڻو پيو جيستائين غشي نه چڙهي ڇو ته ٻنهي يارن جا کونگهرا نه هئا ڄڻ ته ٻه بگهڙ هڪٻئي کي ڏسي ڏند شيڪي غرائي رهيا هجن.
اسان سامان ڪمرن ۾ رکي سامهون هڪ ٻي ڪاٺ جي عمارت جي هال ۾ گڏ ٿياسين جتي ننڍين ٽيبلن جي چوڌاري سڀني کي فرشي نشست ڪرڻي هئي. هڪ قطار ۾ هر ٽيبل جي ٻنهي پاسي هڪ هڪ ماڻهوءَ کي ويهڻو پيو ۽ اهڙي طرح ٻنهي قطارن جي مهڙ وٽ هڪ ڀڪشو ويٺو ته انگريزي حرف يُو U جي شڪل ٺهي وئي. پهرين هن يوگا جا مختلف عمل ڪري ڏيکاريا ۽ انهن جي افاديت ٻُڌائي. اسان جي سامهون ٽيبلن تي هر هڪ جي آڏو هڪ اڇو ٽوال، اسٽيل جو هڪ وڏو پيالو، هڪ ننڍي پيالي جنهن ۾ سائي چانهن جي پتي پيل هئي ۽ گرم پاڻيءَ سان ڀريل هڪ هڪ ٿرماس رکيل هئا. هاڻي انهن کي استعمال ڪرڻ جو وارو هو. ڀڪشوءَ ٻُڌايو ته اهي شيون روح ۽ ذهن کي سُڪون ڏيڻ لاءِ استعمال ٿينديون.
ڀڪشوءَ جي هدايت تي اسان سائي چانهه جي پتِيءَ واري پيالي کڻي ٿورو مٿانهينءَ کان وڏي پيالي ۾ ڪيرائي. سندس چوڻ هو ته بلڪل خاموشيءَ ۾ ان پتِيءَ جي وڏي پيالي ۾ ڪرڻ جو هلڪو آواز به وڏو سُڪون بخشيندڙ آهي. انهيءَ کانپوءِ ٿرماس مان گرم پاڻي اسٽيل جي وڏي پيالي ۾ وجهڻ ۽ هڪدم پنهنجي مُنهن کي ٻنهي هٿن جي گهيري ۾ وجهي پيالي جي مٿان آڻي ڊگها ساهه کڻڻ لاءِ چيو ويو. ان عمل مهل اسان کي پنهنجي مٿان ٽوال به رکڻو هو ته جيئن سائي پَتِيءَ واري گرم پاڻيءَ مان اُٿندڙ اُٻ جو اسان جي منهن تي پورو اثر ٿئي. اسان ان مهل تائين ٽوال اندر ڊگها ساه کڻندا رهياسين جيستائين پاڻي ٿڌو نه ٿي ويو. ان عمل دوران ڀڪشو ڳالهائيندو به رهيو. ان عمل سان واقعي ذهن کي سُڪون ملي ويو ۽ ٿَڪَ جو احساس به گهٽجي ويو. ڀڪشوءَ جو چوڻ هو ته اسان اهو پاڻي پي به سگهون ٿا پر اسان مان ڪنهن به ان تي عمل نه ڪيو.
*