سفرناما

سفر ڪهاڻيون

هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3030
  • 816
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير اعجاز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر ڪهاڻيون

نيپال جا نڀاڳا بادشاهه

ويهين نومبر نيپال ۾ منهنجو آخري ڏينهن هو. جيڪڏهن پي آءِ اي جي ٽڪيٽ ملي ها ته ٻاويهين نومبر تائين رهي مشهور سياحتي علائقو پوکران ۽ ٻيا هنڌ به گهمي سگهان ها پر مجبوري هئي. اڄ شام پنجين وڳي مونکي ابوظهبيءَ لاءِ روانو ٿيڻو آهي. پنجاب جي فيصل آباد ۽ سنڌ جي ڪراچيءَ مٿان لنگهي ابوظهبيءَ وڃي وري ڪراچيءَ موٽڻو آهي جتي رات جو اڍائي وڳي پهچندس. ڪجهه دوست پنهنجي ملڪن ڏي روانا ٿي چُڪا آهن. مان صبح جو گوپال سان ميٽنگ ڪري ڪمري تي اچي ويٺس ته سندس ڀاءُ ڪرشنا فون ڪئي ته هو مونکي ايئرپورٽ ڇڏيندو پر ان کان اڳ مونکي سندن اُجالو ريڊيو ۽ ٻيا علائقا گهمائيندو. منجهند جو گوپال ۽ ڪرشنا سان لنچ ڪري ٺيڪ ڏيڍ وڳي گوڊاوري رزارٽ مان نڪتاسين. گوڊاوري رزارٽ ۾ رهڻ جو به پنهنجو الڳ مزو آهي، ڪنهن کي شاعري ڪرڻي هجي ته هتي اچي رهي . زندگيءَ جي رومانس ۽ ٻين مزن لاءِ ته هن کان وڌيڪ ٻي ڪا بهترين جاءِ ٿي نٿي سگهي.
جابلُو ڳوٺ گوڊاوريءَ جي سوڙهي لانهين واري رستي تان ڪار هلندي نيٺ کٽمنڊو شهر ۾ پهتي جنهن کانپوءِ ڪرشنا مونکي مختلف رستن تي گهمائيندو خبرون چارون ڏيندو ويو. رام صاحب پڌ روڊ تي وزيراعظم سيڪريٽريٽ هئي جڏهن ته دربار مارگ روڊ تي شاهي محل هو جنهنکي بادشاهت ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي عجائب گهر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ان کي اندران ڏسڻ جو وقت ڪونه هو ڇو ته اُجالو ريڊيو به گهمڻو هو ۽ پوءِ هوائي اڏي تي پهچڻو هو. هي اهو محل هو جتي پهرين جُون 2001تي وليعهد شهزادي ديپيندرا پنهنجي پيءُ بادشاهه بريندرا ، پنهنجي ماءُ راڻي ايشوريا، ڀيڻن ۽ ڀائرن سميت يارهن ڀاتين کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ پاڻ به خودڪُشي ڪري ڇڏيائين. بريندرا بير بڪرم شاهه ديو Birendra Bir Bikram Shah Dev اُڻٽيهه سال 1972 کان 2001 تائين بادشاهت ڪئي ۽ نيٺ پُٽ هٿان مارجي ويو. چون ٿا ته بادشاهه ۽ راڻيءَ کي وقت ڪو نه هو جو پُٽ تي ڌيان ڏين، هُو ڏاڍو ڪاوڙيلو هو ۽ ملازمن کي به مارڪُٽ ڪندو هو، وليعهد هجڻ سبب کيس انتظار هو ته جلد بادشاهه ٿيان، ان ڳالهه جو هُو اڪثر اظهار به ڪندو هو، پر هُو اهڙو نڀاڳو ثابت ٿيو جو نه رُڳو پنهنجي پيءُ کي ماري سندس بادشاهت وڃايائين پر پاڻ به بادشاهت نه ڪري سگهيو ۽ فقط ٽن ڏينهن جي لاءِ کيس بادشاهه جو لقب مليو ۽ اهي ٽي ڏينهن به هن ڪوما ۾ گذاريا ڇوته پاڻ کي مٿي ۾ گولي هڻڻ سبب ٽي ڏينهن ڪوما ۾ رهي مري ويو. چون ٿا ته هن هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿي گهري جيڪا راڻا گهراڻي جي هئي ۽ راڻا گهراڻي سان بادشاهه جي خانداني دشمني هئي. ان ڳالهه تان هُو ماءُ ۽ پيءُ سان ڪاوڙيل هو.
ٽن ڏينهن جي بيهوش بادشاهه جي مرڻ تي سندس چاچي گڻيندرا Gyanendra بادشاهت سنڀالي. هي به اهو شخص آهي جنهن کي نجومين نڀاڳو سڏيو هو. 1947 ۾ جڏهن گڻيندرا وليعهد شهزادي مهيندرا ۽ ماڻس اندرا جي گهر ڄائو ته نجومين مهيندرا کي چيو هو ته پنهنجي پُٽ کي نه ڏس ڇو ته اهو تنهنجي لاءِ نڀاڳو ثابت ٿيندو. نجومين جي چوڻ تي مهيندرا پُٽ گڻيندرا کي ناناڻن ۾ رهائي ڇڏيو. اتفاق اهڙو ٿيو جو گڻيندرا جي ڏاڏي بادشاهه تري ڀَوَن جي حڪمراني خطري ۾ پئجي وئي ۽ کيس ملڪ ڇڏي انڊيا ۾ جلاوطني اختيار ڪرڻي پئجي وئي. شاهي خاندان جو ڪو به مرد نيپال ۾ ڪونه رهيو سواءِ ننڍڙي گڻيندرا جي جيڪو ناناڻن ۾ رهيل هو. حالتن ڦيرو کاڌو ۽ بادشاه خاندان جي وفادار وزيراعظم موهن شمشير بادشاهت بحال ڪئي ۽ ننڍڙي گڻيندرا کي في الحال بادشاه ڪري تخت تي ويهاريو. گڻيندرا نومبر 1950 کان جنوري 1951 تائين بادشاهه رهيو جنهن کانپوءِ سندس ڏاڏي تري ڀُون واپس اچي تخت سنڀاليو. گڻيندرا جي بادشاهت جو ٻيو دور 2008 ۾ ختم ٿيو جڏهن اٺاويهين مئي تي اليڪشن ۾ بادشاهت کي ختم ڪرڻ جي حق ۾ عوام ووٽ وڌو ۽ ٽيويهين جولاءِ تي رام باران يادوف ملڪ جو پهريون صدر مقرر ٿيو. شاه گڻيندرا جي شاهي حيثيت ختم ڪري کيس هڪ عام شهريءَ جو درجو ڏنو ويو. ايئن 1768 کان شاهه گهراڻي جي هلندڙ بادشاهت هميشه لاءِ ختم ٿي وئي.
*