جهاز جو مٽجڻ ۽ سامان جو گم ٿيڻ
مون کي ٻڌايو ويو هو ته فلائٽ جو ساڳيو وقت هوندو پر هوائي اڏي تي پهچڻ بعد خبر پئي ته ڪيٿي پئسفڪ جي اُڏام اڌ ڪلاڪ دير سان هئي. ڪيٿي پئسفڪ وارن بورڊنگ ڪارڊ ڏيڻ مهل ٻڌايو ته بئنڪاڪ کان اڳتي سفر اهو ئي ٿائي ايئر ويز ۾ ٿيندو ۽ منهنجي بئگ به بئنڪاڪ ۾ ملي ويندي. انهيءَ جهنجهٽ کان واندو ٿي وڃي لائونج جي Smokers` Zone ۾ ويٺس جو وقت به گذارڻو هو ۽ اهڙي انتظار ۾ سگريٽ ئي ساٿ ڏيندو آهي. (هاڻي پاڪستان ۾ ڪنهن به هوائي اڏي تي سموڪرس زون ڪونهي.) مون وانگر ان ڪمري ۾ ٻيا به گهڻائي سگريٽ پيئڻ وارا هئا، جن ۾ سکر جو هڪ سنڌي واپاري به شامل هو. ڄنگهه کان ٿورو معذور هي شخص شلوار قميص ۾ پري کان پڌرو هو. تعارف ٿيڻ تي هن ٻڌايو ته پنهنجي هڪ پٺاڻ دوست سان گڏ هو تفريح لاءِ بئنڪاڪ وڃي رهيو آهي. تفريح جو لفظ استعمال ڪندي هو ذُو معنيٰ انداز ۾ مُرڪيو هو ۽ مان به سندس مطلب سمجهي ويس.
فلائيٽ جو انتظار ڪجهه وڌندو ٿي ويو جو ساڍي ٻارهين وڳي کانپوءِ خبر پئي ته جهاز هاڻي اڃان پهتو آهي ۽ اهو ئي جهاز وري اسان کي کڻي هلندو. خُدا خُدا ڪري انتظار ختم ٿيو ۽ ڪراچيءَ مان روانا ٿياسين. بئنڪاڪ هوائي اڏي تي پهتاسين ته اتان جي وقت موجب صبح جا ست ٿي چڪا هئا ۽ ٿائي ايئر ويز جو هڪ همراهه منهنجي نالي جو پليڪارڊ کڻي مونکي وٺڻ لاءِ بيٺو هو. هن ٻڌايو ته ٿائي ايئر ويز جي سيئول لاءِ فلائيٽ ستين وڳي رواني ٿي چڪي آهي تنهنڪري هاڻي مون کي ڏهين وڳي واري فلائيٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو. هن مون کي بورڊنگ ڪارڊ وٺي ڏنو ۽ هڪ هنڌ پهچائي مون کي چيو: لائونج ۾ گهمي ڦري توهان کي وقت گذارڻو پوندو. هن اهو به ٻڌايو ته منهنجي بئگ مون کي سيئول ۾ ملي ويندي.
مون حساب ڪيو ته سيئول پهچندي رات ٿي ويندي جڏهن ته ڪوريائي دوستن کي ڏنل وقت شام جو هو ۽ هنن مون کي اتي وٺڻ لاءِ ماڻهو موڪلڻ جو ٻڌايو هو. سوچيم ته ايئن نه ٿئي جو اهي ماڻهو انتظار ڪري هليا وڃن ۽ مان خوار ٿي وڃان. اهو سوچي هوائي اڏي جي سائبر ڪيفي تي وڃي ڪوريائي دوستن کي اِي ميل ڪري پهچڻ جي پروگرام ۾ تبديليءَ کان آگاه ڪيم ۽ دعا گهريم ته هو اها ميل پڙهن نه ته مون سان وڏي جُٺ ٿيندي جو هوائي اڏي کان هوٽل تائين پهچڻ لاءِ تڪليف ڪرڻي پوي ها. مون کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته بئنڪاڪ کان هانگ ڪانگ ٿيندو جڏهن اِنچيان هوائي اڏي تي پهچندس ته رات ٿي وڃڻ جي باوجود مون کي وٺڻ لاءِ ٻه خوبصورت ڇوڪريون منهنجو انتظار ڪري رهيون هونديون پر منهنجي بئگ غائب هوندي. جڏهن سڀ ماڻهو پنهنجو سامان کڻي روانا ٿي ويا تڏهن پڪ ٿي ته منهنجي بئگ گم آهي. ٿائي ايئر ويز جي ڪائونٽر تي رابطو ڪرڻ تي خبر پئي ته هنن ڪيٿي پئسفڪ جي جهاز مان بئگ لاٿي ئي ڪانه هئي ۽ اها هانگ ڪانگ وڃي پهتي آهي جو اهو جهاز بئنڪاڪ مان اوڏانهن وڃڻو هو. ٿائي ايئر ويز وارن پڪ ڏني ته بئگ صحيح سلامت ٻئي ڏينهن شام جو مون کي سيئول ۾ هوٽل تي پهچائي ڏيندا. اهو ٻُڌي مان ٻن ڪپڙن ۾ گهران نڪرڻ وانگر هوائي اڏي کان ٻاهر نڪري آيس جتي ٻه نوجوان ڇوڪريون ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ جي باوجود ايئن مُرڪي پاٻوهه وچان اچي مليون ڄڻ منهنجون پراڻيون واقفڪار يا ويجهيون مائٽياڻيون هيون. بئگ جي گم ٿيڻ جو ٻُڌي هنن هڪدم فون تي ٿائي ايئر ويز وارن سان رابطو ڪيو ۽ مون کي پڪ ڏني ته سڀاڻي هوٽل تي بئگ پهچي ويندي. هنن هوائي اڏي جي ٽڪ شاپ تان کائڻ پيئڻ جون شيون وٺي زوريءَ منهنجي حوالي ڪيون ۽ پوءِ آڻي ڪوچ ۾ ويهاري هوٽل ڏانهن روانو ڪين. مون کي ٻيو ڪو فڪر ڪونه هو ڇوته پئسا، پاسپورٽ ۽ ٽڪيٽ مون وٽ هئا، بس ساڳين ڪپڙن ۾ ٻئي ڏينهن شام تائين گذارڻو هو.
اِنچيان هوائي اڏي کان سيئول تائين مختلف رُوٽن تي هر ڏهن منٽن تي ڪوچ هلي ٿي ۽ هڪ پاسي جو ڀاڙو سورهن ڊالر آهي جنهن کي روپين ۾ مٽجي ته تيرهن سئو روپين کان وڌيڪ ۽ ڪوريائي وون ۾ حساب ڪجي ته سورهن هزارن کان وڌيڪ بيهن ٿا. ڪوچ ۾ هر ايندڙ ۽ ان کانپوءِ اڳئين اسٽاپ لاءِ اڳواٽ رڪارڊ ٿيل اعلان ٿئي ٿو، تنهنڪري مون کي اولمپڪ پارڪٽيل هوٽل تي لهڻ ۾ ڪو مسئلو نه ٿيو جتي اسان جي رهائش هئي. مان ان وقت حيران ٿي ويس جڏهن استقبالي ڪائونٽر تي پهچڻ شرط ريانگ اوهه جي فون آئي ۽ بئگ گم ٿيڻ تي افسوس ڏيکاريائين. کيس هوائي اڏي وارين ڇوڪرين اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو هو. مون بئگ بابت وڌيڪ سوچڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪمري جي چاٻي وٺي وڃي آرام سان ليٽي پيس. مون سان زندگيءَ ۾ اهڙو واقعو پهريون ڀيرو ٿيو هو جڏهن ته هندستاني اداڪار اميتاڀ بچن موجب هو پنجاه سٺ ڀيرا سامان وڃائي چڪو هو. سوچيم ته بئگ نه ملي ته صبح جو وڃي ڪجهه ڪپڙا خريد ڪري وٺندس، پر اهڙو موقعو نه آيو جو ٻئي ڏينهن سج لٿي کانپوءِ ايئر لائين وارا هوٽل تي بئگ پهچائي ويا. مون کي بس اهو هڪ ڏينهن ساڳين ڪپڙن ۾ بنا شَيو جي گذارڻو پيو.
سفر جو ٿَڪُ ٿورو گهٽيو ته ڪمري جي دريءَ مان ٻاهر جو نظارو ڪيم. هن ڀيري به پندرهين ماڙ تي ڪمرو مليو هو. ايترو مٿانهينءَ کان ۽ اهو به رات جي ان پهر، سيئول جو ميٽروپوليٽن شهر سانت جي سمنڊ ۾ ٻُڏل ٿي لڳو. بس لکين ڪروڙين لائيٽون ٽانڊاڻن جيان ٽمڪي رهيون هيون ۽ رستن تي موٽر گاڏيون وڏي سڪون سان هلي رهيون هيون جو کين پاڪستانين جيان ڪابه جلدي ڪانه ٿي لڳي جو زوردار هارن وڄائين يا اوورٽيڪ ڪن.
سمهڻ کان اڳ مون به دنيا جي هر ماڻهوءَ وانگر ٽي وي هلائي چئنل ڦيرائڻ شروع ڪيا، پر خبر هيم ته ڪوريائي چئنلن کانسواءِ ٻيو ڪوبه چئنل ڪونه هوندو، سو ٿوري دير کانپوءِ ماٺ ڪري ٽي وي بند ڪري ڇڏيم.
*