سفرناما

سفر ڪهاڻيون

هن ڪتاب ۾ پنجن ملڪن ڏکڻ ڪوريا، افغانستان، مالديپ، نيپال ۽ ڪمبوڊيا جا ڇهه سفرناما شامل آهن، افغانستان جا ٻه سفرناما، پهريون سوشلسٽ افغانستان جو ۽ ٻيو هاڻوڪي افغانستان جو آهي، ٻنهي سفرنامن جي وچ ۾ 21 سالن جي وٿي آهي ۽ ٻئي سفرناما افغانستان جا ٻه ڌار ڌار روپ ڏيکارين ٿا.
  • 4.5/5.0
  • 3030
  • 816
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير اعجاز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سفر ڪهاڻيون

جنگين ۽ سياسي بحرانن جو شڪار ڪمبوڊيا

ڪابل واري گڏجاڻيءَ ۾ مون تجويز ڏني ھئي ته ريڊيو پروگرامن جي مارڪيٽنگ لاءِ ٽريننگ پروگرام ڪوٺايو وڃي. ايشيا ڪالنگ جي ڪرتا ڌرتا ھمراھن ۽ مائي ٽيسا پائيپر ان کي سنجيدگيءَ سان ورتو ۽ واپس وڃڻ شرط ان ڏس ۾ ڪم شروع ڪري ڏنائين. ٿوري وقت اندر ئي اطلاع ڪيو ويو ته ٻن ڏينھن جو ٽريننگ پروگرام ڪمبوڊيا ۾ رکيو ويندو. مون اڳواٽ ويزا جو سوچڻ شروع ڪيو. گُوگل تي سرچ ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته پاڪستان ۾ ڪمبوڊيا جو نه ڪو سفارتخانو آھي ۽ نه ئي ھتان ويزا جاري ڪرڻ جو ڪو انتظام آھي. پاڪستان ته انھن ملڪن ۾ شامل ھو جنھن جا باشندا آن لائين به ويزا درخواست نٿي موڪلي سگھيا. مون ان صورتحال کان ڪمبوڊيا ۾ ميزبان تنظيم ڪمبوڊين سينٽر فار انڊپينڊنٽ ميڊيا جي سربراھه ٽينگ Teang کي اِي ميل ذريعي آگاھه ڪيو جنھن چيو ته ويزا لاءِ ھو سندس ملڪ جي پرڏيھي وزارت کي لکندو. مارچ 2012 ڌاري پروگرام جون تاريخون به طئه ٿي ويون پر ٽينگ پاران ڪو اطلاع ڪونه ھو ته ويزا جو ڇا ٿيندو. منھنجي رابطي ڪرڻ تي ھن چيو بس ھليو اچجانءِ ۽ ھتي پھچڻ تي ويزا ملي ويندو. مان اھو جوکم کڻڻ لاءِ تيار نه ھئس سو کيس لکيم ته ڪو سرڪاري ليٽر موڪل ته بھتر ٿيندو. ڪافي ڏينھن کانپوءِ ھن ھڪ ليٽر موڪليو ته اھو به کِمر (ڪمبوڊيائي ٻولي) ۾ ھو. مون کيس وري لکيو ته ان کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي موڪل ته ڪراچي ھوائي اڏي تي به ڪنھن کي سمجھه ۾ اچي. ھن ويچاري وري ان تي عمل ڪيو ۽ اميگريشن کاتي جي سربراھه جو ليٽر ۽ ساڻس ڪيل خط و ڪتابت ترجمو ڪرائي سندن ليٽرھيڊ تي موڪليا تڏھن مون مطمئن ٿي تياري شروع ڪئي.
29 اپريل 2012 تي رات جو 12 وڳي ٿائي ايئر ويز ذريعي مان روانو ٿيس ۽ 30 اپريل تي صبح جو ساڍي ڇھين وڳي (ٿائلينڊ جي وقت مطابق) بئنڪاڪ ايئرپورٽ تي لٿس جو ڪمبوڊيا لاءِ سڌي فلائيٽ ڪانه ھئي. مونکي 11.40 تائين اتي وقت گذارڻو ھو جو ڪمبوڊيا لاءِ ان کان اڳ ڪابه فلائيٽ نه ھئي. ايترو وقت بنا مصروفيت جي گذارڻ ڏکيو ھو ۽ خاص طور جڏھن اکيون ننڊ سبب ٻوٽجي رھيون ھجن. مون ڪجھه وقت کائڻ پيئڻ ۾ ته ڪجھه شاپنگ مال ۾ گھمندي ۽ باقي وقت مفتي انٽرنيٽ تي گذاريو. بئنڪاڪ مان مونکي ڪمبوڊيا جي سياحتي مرڪز جي حيثيت رکندڙ شھر سِيم رِيپ Siem Reap وڃڻو ھو جيڪو ڪمبوڊيا جي اتر اولھه ۾ آھي. جھاز ۾ بئنڪاڪ کان اتي پھچڻ ۾ ھڪ ڪلاڪ لڳي ٿو. اسان جو جھاز مني ھڪ وڳي سِيم رِيپ ھوائي اڏي تي لٿو. ھوائي اڏي جي عمارت ننڍي پر انتھائي خوبصورت ۽ ڪمبوڊيا جي ثقافتي طرزِ تعمير جو نمونو ھئي.
ڪمبوڊيا، جنھن جو قديم نالو ڪمبُوجا آھي ۽ وچ ۾ ڪمپوچيا به سڏيو ويو ھو، منھنجي لاءِ خاص دلچسپيءَ جو ڪارڻ ھو ڇو ته اھو نه رڳو ٻُڌ پرستن جو ملڪ آھي پر آمريڪا سان ويٽنام واري ويڙھه ۾ به ان جو ڪردار ھو ته خود اندروني ويڙھه جي ڪري به اھو دنيا جي نظرن ۾ آيل ھو. 1970 واري ڏھاڪي کان ڪمبوڊيا جي باري ۾ خبرون پڙھندا ۽ لکندا رھيا ھئاسين ۽ اڄ مون ان سرزمين تي قدم رکيا ھئا.
ڪمبوڊيا ۾ بادشاھت قائم آھي ۽ ان کي آئيني حيثيت مليل آھي. ڪنھن زماني ۾ اھا کِمر (خِمر) بادشاھت سڏبي ھئي، جنھن جو بنياد سن 802 ۾ رکيو ويو. 181035 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ وارو ھي ملڪ اِنڊو چائنا اُپٻيٽ ۾ ڏکڻ اوڀر ۾ قائم آھي جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ نام پِنPhnom Penh آھي. سندس اُتر اولھه ۾ ٿائلنڊ، اُتر اوڀر ۾ لائوس، اوڀر ۾ ويٽنام ۽ ڏکڻ اولھه ۾ ٿائلنڊ واري نار آھي. سرڪاري ٻولي Khmer کِمر ۽ ڪرنسيءَ جو نالو رِيل Rielاٿس. ڏيڍ ڪروڙ آباديءَ واري ھن ملڪ ۾ ٻُڌمت سرڪاري مذھب آھي ۽ پنجانوي سيڪڙو ماڻھو ان ڌرم جا پوئلڳ آھن. باقي آباديءَ ۾ ويٽنامي، چيني، پھاڙي قبائلي ۽ ٻيون اقليتون شامل آھن.
جڏھن ھتي سن 802 ۾ کِمر بادشاھت قائم ٿي ته ھندو ڌرم ڇانيل ھو. ان زماني ۾ ھتي وڏا ھندو اسٽائل جا مندر تعمير ڪيا ويا پر پندرھين صديءَ ڌاري ٻُڌ مت ھندو ڌرم جي جاءِ والاري ڇڏي. قديم ھندو مندر گھاٽن ٻيلن ۾ ٺھيل ھئا جيڪي ايتريون صديون دنيا جي نظرن کان اوجھل رھيا. 1901 ۾ انھن مندرن کي دريافت ڪيو ويو جنھن کانپوءِ دنيا جي سياحن جو رُخ ڪمبوڊيا ڏانھن ٿي ويو. اھي مندر انگڪور واٽ Angkor Wat جي نالي سان مشھور آھن ۽ سِيم رِيپ شھر کان ڇھه ڪلوميٽرن تي آھن جنھنڪري سيم ريپ کي انگڪور علائقي جو گيٽ وي سڏجي ٿو.
ڪمبوڊيا جي تاريخ جنگين جي داستانن ءَ سياسي بحرانن سان ڀريل آھي. پاڙيسري ملڪن ٿائلنڊ ۽ ويٽنام سان سندس جنگيون مشھور آھن. اُڻويھين صديءَ ۾ ته ڪمبوڊيا جي بادشاھه کي ٿائلنڊ کان بچڻ لاءِ فرانس کان مدد وٺڻي پئي پر نتيجي ۾ فرانس جو غلبو ٿي ويو. پورن ھڪ سئو سالن کانپوءِ 1953 ۾ ڪمبوڊيا کي آزادي ملي. فرانس جڏھن ڪمبوڊيا کي پنھنجي پروڪٽوريٽ ڪري ھلايو پي ته ٿائلنڊ جي بادشاھه فرانس سان ٺاھه ڪري ان کان بٽام بنگ Battam Bang ۽ سيم ريپ صوبا حاصل ڪري ورتا ھئا. نيٺ 106 ۾ وري ھڪ ٺاھه ھيٺ اھي علائقا واپس ڪمبوڊيا کي ڏنا ويا. 1953 ۾ آزاديءَ وقت نوروڊوم سِھانوڪ Norodom Sihanouke آئيني بادشاھه ٿيو پر 1955 ۾ بادشاھت پيءُ جي حوالي ڪري پاڻ سياست ۾ آيو ۽ وزير اعظم جو عھدو سنڀاليائين. 1960 ۾ پيءُ جي مرڻ تي ھو پاڻ وري بادشاھه ٿي ويو ۽ پاڻ کي پرنس سِھانوڪ جي نالي سان مشھور ڪيائين. آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ سرد جنگ دوران سِھانوڪ جيتوڻيڪ پاڻ کي غيرجانبدار رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن ڪمبوڊيا جو علائقو ويٽنامي ڪميونسٽن کي آمريڪا خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني. ويٽنامي گوريلن کي ھٿيار ۽ ٻي امداد ڪمبوڊيا رستي ئي ملندي ھئي. ويٽنامي گوريلا ڪمبوڊيا جي جھنگلن مان آمريڪي فوجن تي حملا ڪندا ھئا. آمريڪا سامراجي چال ھلندي ڪمبوڊيا جي اسٽئبلشمينٽ ۽ فوج اندر پنھنجا پِٺو تيار ڪيا جن 1970 ۾ سِھانوڪ جو تختو ان وقت اونڌو ڪيو جڏھن ھو چين جي دوري تي ويل ھو. نئين پِٺو حڪومت ويٽنامي گوريلن کي ڪمبوڊيا ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ۽ کلم کلا آمريڪي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. 1975 ۾ وري ڪميونسٽ گوريلن حملو ڪري 114 ڏينھن جي ويڙھه کانپوءِ آمريڪي پِٺو کِمر حڪومت جو خاتمو آندو ۽ ملڪ جو نالو مٽائي ڊيموڪريٽڪ ڪمپوچيا رکيو. اھي ڪميونسٽ مائوئسٽ ھئا جن ٻھراڙين جي ترقيءَ تي زور رکيو ۽ مغربي ملڪن جي تيار ڪيل شين جو بائڪاٽ ڪيو. پر ويڙھه جو سلسلو اتي ختم ڪونه ٿيو. 1978 ۾ وري سوويت نواز پيپلز روولوشنري پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ويٽنامي فوج حملو ڪيو. نئين حڪومت ويٽنامي سفير جي ھدايتن تي ھلندي رھي پر ويڙھه به جاري رھي تان جو گڏيل قومن مداخلت ڪري 1992 ڌاري چونڊون ڪرائي اقتدار مقامي قيادت حوالي ڪيو. 1997 ۾ وري فوج مداخلت ڪئي ۽ سندس مدد سان ھُن سِن Hun Sen پنھنجي ڪمبوڊين پيپلز پارٽيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ھو تڏھن کان وزير اعظم جي عھدي تي آھي. موجوده بادشاھه جو نالو نوروڊوم سِھاموني Norodom Sihamoni آھي. ڪمبوڊيا ۾ ھن وقت جمھوريت نالي جي آھي پر ملڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪجھه ترقي ڪئي آھي. سياست ۾ گند ايئن ئي آھي جيئن پاڪستان ۾. بلڪل ساڳي طرح اتان جي لينڊ مافيا بدنام آھي. نيپال ۽ ڪابل ۾ مسٽر ٽينگ بار بار پڇندو ھو ته توھان جي ملڪ ۾ لينڊ گريبنگ جو مسئلو آھي؟ سندس چوڻ ھو ته ڪمبوڊيا ۾ سياستدان، ڪامورا ۽ ٻيا با اثر ماڻھو زمينن تي قبضي ۾ ملوث آھن. ھن بلڊر مافيا جو به خاص طور ذڪر ڪيو ھو.
بھرحال منھنجي منزل ھئي سيم ريپ شھر جيڪو گاديءَ واري شھر نام پِن کان روڊ رستي ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي ڪمبوڊيا جي اتر اولھه ۾ آھي. سِيم Siem يا Siam جو مطلب آھي ٿائلنڊ ۽ ڪمبوڊيائي ٻوليءَ ۾ سيم ريپ جو مطلب آھي ٿائلنڊ جي شڪستِ فاش. سورھين صديءَ ۾ اھو علائقو سيام (ٿائلنڊ) ۽ کِمر بادشاھت وچ ۾ جنگ جو ميدان ھو ۽ ٿائلنڊ کي زبردست شڪست ڏني وئي ھئي جنھن تي ان وقت جي بادشاھه آنگ چُن انھيءَ علائقي تي سيم ريپ جو نالو رکيو.
مان جھاز مان لھي جيترو خوشيءَ سان ھوائي اڏي جي ثقافتي طرز واري عمارت ۽ ٻاھران لڳل مجسمن کي دل ئي دل ۾ ساراھيندو اندر اميگريشن واري حصي ۾ گھڙيس ايترو ئي بيزار ان وقت ٿيس جڏھن ڊگھين قطارن تي نظر پئي ۽ مونکي به ھڪ لائين ۾ لڳڻو پيو. اھي سڀ مسافر گھڻو ڪري گورا يوروپي ھئا يا ٿائي ۽ جپاني ھئا. مونکي ان وقت سخت ڪاوڙ لڳي جڏھن منھنجو وارو اچڻ تي اميگريشن ڪائونٽر وارن کي معلوم ٿيو ته مان پاڪستان مان آيو آھيان ۽ ان تي ھنن کلڻ شروع ڪيو ھو. منھنجي سخت ڪاوڙ ۾ ڀريل شڪل ڏسي ھو ماٺ ته ٿي ويا ھئا (کلڻ بند نه به ڪن ھا ته مان ڇا ڪيان ھا) پر منھنجو پاسپورٽ وٺي ھڪ ھمراھه ھڪ ڪمري ۾ ھليو ويو ۽ ڪافي دير تائين ڪونه موٽيو. مون کين سندن اميگريشن کاتي جي سربراھه واري ليٽر جي ڪاپي به ڏني ھئي ۽ سندن مقرر ويزا في ويھه ڊالر به ادا ڪيا ھئا. سندن اھڙي انداز تي دل چوي پئي ته اتان ئي موٽ کاوان پر اھو به ممڪن ڪونه ھو. ڪجھه دير بعد ھنن مونکي ھڪ ٻئي ڪائونٽر تي موڪليو جتي وري اتان جو ھمراھه پاسپورٽ کڻي ڪنھن ڪمري ۾ ھليو ويو. ڪافي دير کانپوءِ جڏھن موٽيو ته سچ پچ نتيجن جي پرواھه ڪرڻ کانسواءِ ساڻس سخت لھجي ۾ ڳالھايم ۽ چيومانس ته توھان کي پاڪستان مان ايندڙ ھر ماڻھو دھشتگرد ڇو ٿو لڳي. “مان صحافي آھيان ۽ ھتي ھڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ آيو آھيان پر ڇا مان توھان کي طالبان جو ماڻھو ٿو لڳان ڇا؟” مون کين ڪاوڙ ۾ چيو. بھرحال ھنن جو ڏوھه به ڪونه ھو جو پاڪستان جو نالو انتھائي بدنام ٿي چڪو آھي ان ڪري مان ويزا وٺي ٻاھر نڪتس جتي ھوٽل وئن جو ڊرائيور منھنجي نالي وارو ڪارڊ کڻي انتظار ۾ بيٺو ھو.
سيم ريپ شھر ھوائي اڏي کان ست ڪلوميٽر پري ھو. شھر ڏانھن رستي تي ٻنھي پاسي ڪي بنگلي ٽائيپ عمارتون ھيون ۽ ڪن اھڙين جاين جي ٻاھران ايڪڙ ٻيڪڙ ننڍڙا دڪان ٺھيل ھئا. انھن جاين جي پريان ڳوٺاڻو علائقو ھو جتي ٻني ٻارو ٿيل ھو. ھڪ ھنڌ جھوپڙي ٽائيپ ٻاڪڙا ھوٽل به نظر آئي. ڪجھه دير کانپوءِ وئن شھري علائقي ۾ داخل ٿي ته حيران ٿي ويس. ويڪرا صاف رستا جن تي نه ٽريفڪ جام ھئي ۽ نه دونھاٽيل ماحول. شھر اندر ان رستي تي شروع جي ڪجھه اسڪولي ۽ ٻين عمارتن کانسواءِ باقي سڀ گھڻ ماڙ ھوٽلون ھيون. رستي تي ھڪ اڌ ايئر ڪنڊيشنڊ ڪوچ ڏٺم جنھن لاءِ وئن ڊرائيور ٻڌايو ته اتان جي پبلڪ ٽرانسپورٽ بس آھي. ان کانسواءِ اڪثر ماڻھو مرد توڙي عورتون موٽرسائيڪلن تي سفر ڪن جڏھن ته سياح اتان جي مشھور ٽُڪ ٽُڪ (رڪشائن) ۾ چڙھي شھر جو سير ڪن. منھنجي ۽ ٻاھران آيل ٻين دوستن جي رھائش نيشنل روڊ تي قائم انگڪور پيراڊائيز ھوٽل ۾ ھئي جتي گيٽ جي ٻنھي پاسن کان مھاتما ٻُڌ جا مجسما لڳل ھئا.
تمام وڏي U shape ھوٽل ھئي جنھن جون ڇھه ست ماڙيون ھيون ۽ ھر ڪمري مان ھوٽل جي وچ ۾ ٺھيل سُئمنگ پُول نظر ٿي آيو. ھوٽل جي چوٿين پاسي چيني فنِ تعمير واريون عمارتوين نظر ٿي آيون. ايئرڪنڊيشنڊ لائونج ۾ به ڪمبوڊيا جا ثقافتي شو پِيس سجايل ھئا. اسان کي آرام ڪري شام ڌاري لائونج ۾ گڏ ٿيڻو ھو ته جيئن رات جي ماني ٻاھر ڪٿي گڏجي کائون. ڪمبوڊيا ۾ انھن ڏينھن ۾ گرمي ھئي ۽ گرمي درجو 30 ڊگريون ھو. رات جو وقفي سان مينھن وسندو ھو يا ڦُڙ ڦُڙ پوندي ھئي.
پھرين رات به جڏھن اسان ڊنر لاءِ تيار ٿياسين ته ھلڪو مينھن وسي رھيو ھو. مون کي ڪمري مان نڪرڻ تي ڪجھه دير لڳي ته باقي دوست، جيڪي اھي سڀ ساڳيا ھئا جيڪي ڪابل يا کٽمنڊو ۾ ملندا رھيا ھئاسين، منھنجي لاءِ ان ريسٽورنٽ جي ايڊريس ڇڏي روانا ٿي ويا جتي ڊنر ڪرڻي ھئي. ريسٽورنٽ ويجھو ئي ھئي ۽ مون به چاھيو ٿي ته اڪيلي سر ٿورو ڏسان وائسان. ھوٽل کان ٻاھر نڪتس ته رڪشا وارا روايتي نموني ڦري آيا. ھوٽل جي ملازم ھڪ رڪشا واري سان چئن ڊالرن ۾ طئه ڪيو جيڪو مونکي ان ريسٽورنٽ ڏانھن وٺي ھليو. ھتان جون رڪشائون پاڪستاني رڪشائن جھڙيون ناھن جو آنڊا ڇڄن. اھي آھن به ڪشاديون جنھن ۾ آمھون سامھون ماڻھو ويھي سگھن. ريسٽورنٽ بنھه ويجھو ھئي جتي پنج منٽن ۾ پنڌ پھچي سگھجي ھا پر رڪشا واري چار ڊالر (پاڪستان جا چار سئو رُپيا) ورتا. ھن ٻڌايو ته رڪشائون پيٽرول تي ھلن ٿيون ۽ في لٽر پيٽرول 8 ھزار ريل آھي. سندن ڪرنسي ھڪ ڊالر ۾ چار ھزار ريل آھي ان حساب سان ھڪ لٽر پيٽرول ٻن ڊالرن ۾ پوي ٿو.
ريسٽورنٽ جديد قسم جي ھئي جنھن ۾ کاڌن جو انتظام بُفي سسٽم تحت ھو. شاھي قسم جي ھال ۾ ٽيبلون لڳل ھيون ۽ ھال جي ھڪ پاسي اسٽيج ٺھيل ھئي جتي ڪمبوڊيا جي لوڪ سازندا ساز کڻي وڄائي رھيا ھئا ۽ نوجوان ڇوڪريون ڊانس ڪري رھيون ھيون. اھڙي قسم جي ريسٽورنٽ پون پاڪستان ۾ ڪٿي نه ڏٺي آھي. ھزارين سياح روزانو سيم ريپ پھچڻ جي ڪري ھتي ان قسم جون ريسٽورنٽس ۽ رھائش لاءِ ھوٽلون سون جي تعداد ۾ آھن. ريسٽورنٽ ۾ بيئر به ڊنر سان ڏنو ويو. ھتان جي مشھور بيئر جو نالو انگڪور آھي. ھت ڪافي شين تي سنڌ وانگر ثقافتي نالا رکيل آھن جيئن اسان وٽ مھراڻ، انڊس ۽ اھڙا ٻيا نالا عام آھن. ڊنر ۾ مون کي دستور موجب پنھنجي لاءِ کاڌا ڳولڻا پيا. ھر ڊش تي نالو لکيل ھو انڪري نه رڳو سولائي ٿي پر سُوئر کائڻ کان به بچي ويس. ڪوريا وانگر ھن ٻُڌ ملڪ ۾ به سُوئر کائن ٿا.
واپسيءَ تي مان، گوپال، جيڪو سدائين تعارف ڪرائيندي چوندو ھو Gopal from Nepal ۽ برما جو اوءِ چن پنڌ نڪري پياسين. ھن ھوٽل کان ريسٽورنٽ اچڻ مھل پيش آيل واقعو ٻڌايو جنھن تي سڄي واٽ کلندا رھياسين. کين به ھڪ رڪشا وارو اچي لڳو ھو پر ھنن انڪار ڪيس. ھو بار بار چوندو رھين ته نائيٽ بازار وٺي ھلان، اولڊ مارڪيٽ وٺي ھلان وغيره پر جڏھن ھنن انڪار ڪيو ته پڇيائين : Do you want Bum Bum
ھنن کي ان جو مطلب سمجھه ۾ نه آيو ته ڪنھن کان پڇي ورتن تڏھن خبر پين ته ان لفظ جو مطلب ھو سيڪس ڪرڻ.
اسان پنڌ ئي پنڌ شھر جون عمارتون ڏسندا ھوٽل پھتاسين. ھتي گھڻو ڪري فرينچ بيٺڪي زماني ۽ چيني اسٽائل جون عمارتون ٺھيل آھن. سيم ريپ ۾ اولڊ فرينچ ڪوارٽرس اڃا موجود آھن. ھتي روايتي اپسرا ڊانس جا مرڪز، مساج گھر ۽ ٿقافتي شين جا مرڪز عام جام آھن جيڪي سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آھن.
اسان اڃا ھوٽل تي مس پھتاسين ته ميزبان اداري جي ڇوڪرين اسان کي نائيٽ بازار وٺي ھلڻ جو اعلان ڪيو. نائيٽ بازار رات جو اٺين کان ٻارھين وڳي تائين کليل ھوندي آھي جتي نقلي زيورن، ريڊي ميڊ ڪپڙن ۽ ٻين ثقافتي شين جا دڪان ھوندا آھن. مارڪيٽ جو ڏيک ڪراچيءَ جي ھفتيوار بچت بازارن جھڙو ھو پر اتي دڪانڙا مستقل ٺھيل ھئا جن جون ڇتيون ٿر جي چونئرن جھڙيون ھيون. سڀ دڪان ڇوڪريون ئي ھلائين ٿيون. نائيٽ بازار جي آسپاس واريون بازارون مساج گھرن جو مرڪز ھيون. ھرھڪ دڪان مساج گھر ھو جتي وڏيون آرام ڪرسيون رکيل ھيون جن تي سياح ليٽي ڇوڪرين کان مساج ڪرائي رھيا ھئا. سمورو علائقو روشنين سان جرڪي رھيو ھو. اسان ھلڪي ڦلڪي خريداري ڪري وري رڪشائن ۾ واپس روانا ٿياسين. نائيٽ بازار ۾ مھانگائي ڪانه ھئي ڇو ته مون ڪجھه ٽِي شرٽس ورتيون جن جي قيمت في شرٽ چار سئو رُپيا ھئي جيڪا پاڪستان وارين قيمتن برابر يا ان کان به گھٽ ھئي. ڪجھه دڪاندار ڇوڪرين ٻڌايو ته سندن ڳوٺ سيم ريپ جي ٻھراڙيءَ ۾ آھن جتان ھو ٿقافتي سيون ٺاھي ھتي وڪرو ڪنديون آھن.
اسان جون ٻن ڏينھن جون گڏجاڻيون شام جو دير تائين ھلنديون ھيون تنھنڪري ڏينھن جو ڪاڏي وڃڻ جو موقعو ڪونه ملندو ھو. بس رات جو ڊنر لاءِ ٻاھر نڪرندا ھئاسين. ھڪ رات ايلسن انگڪور ھوٽل ۾ ڊنر ڪئي سين. آخري رات اھو سوچي ھرڪو ڪمري تي وڃي ستو ته صبح جو اسر ڌاري اٿي رڪشا ۾ چڙھي انگڪور مندر ڏسڻ ھلبو. منھنجي لاءِ مسئلو اھو ھو ته صبح جو اٺين کان اڳ ھوائي اڏي لاءِ نڪرڻو ھو جو ڏھين وڳي فلائيٽ ھئي. ان جي باوجود مون انگڪور وڃڻ چاھيو ٿي پر بدقسمتي جو رات جو ڏاٺ ۾ سخت سُور اچي پيو. پاڻ سان آندل گوريون کائي ٽين وڳي تائين جاڳندو رھيس جنھن کانپوءِ ڪجھه ننڊ آئي ۽ جڏھن ڇھين وڳي تيار ٿي لائونج ۾ پھتس ته ايني موليا، ٽيسا پائيپر ۽ ٻيو ھڪ اڌ دوست انگڪور روانا ٿي چڪا ھئا. ٻيا ڪجھه دوست مون وانگر ستل ئي رھيا. مون کي اندازو نه ھو ته ان مھل انگڪور وڃڻ ۽ واپس اچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو تنھنڪري فلائيٽ جي حساب سان مان تيار ٿي ھوائي اڏي لاءِ نڪري پيس.
ان مختصر دوري ۾ منھنجي مشاھدي موجب ڪمبوڊيا جا ماڻھو اسان سنڌين وانگر ٻئي ھٿ ٻڌي ھڪٻئي کي سلام ڪندا آھن.
واپسيءَ ۾ بئنڪاڪ ھوائي اڏي تي ڪراچيءَ لاءِ فلائيٽ جو انتظار ڪندي پ پ پ جي اڳواڻ ۽ وزير شازيه مري۽ جي ڀيڻ سان ملاقات ٿي جيڪا ٻن ٻارن سان گڏ چين مان آئي ھئي ۽ ڪراچيءَ ڀاءُ جي شاديءَ ۾ وڃي رھي ھئي. ھوءَ پنھنجي ڪشميري مڙس ۽ ٻارن سان وڏي عرصي کان شنگھائيءَ کان به ٽن ڪلاڪن جي ڊرائيو تي ھڪ ننڍي شھر ۾ رھي ٿي. پھرين ته ھن اردوءَ ۾ ڳالھايو ھو ۽ ٻڌايائين ته سانگھڙ جي مري بلوچ آھي، تڏھن مون شازيه مريءَ جو پڇيومانس ۽ ٻڌايائين ته پاڻ شازيه جي وڏي ڀيڻ آھي. شازيه وانگر منجھس وڏائي ڪانه ھئي ۽ آمريڪا ۾ وڏو عرصو رھڻ جي باوجود ھوءَ ھڪ عام گھريلو ۽ سٻاجھي عورت لڳي. بس ھڪ ڳالھه نه وڻي سا اھا ته تعارف مھل پاڻ کي سنڌي چوڻ بدران چيائين: “ مين سانگھڙ ڪي رھني والي ھون. ھم بلوچ ھين.”مون ان تي پنھنجو تعارف ڪرائي ساڻس سنڌيءَ ۾ ڳالھائڻ شروع ڪيو ھو پر اڄ تائين مان اھو سوچي رھيو آھيان ته ھن سنڌ ڄائيءَ کي سنڌيءَ طور تعارف ڪرائڻ ۾ ڪھڙي بيعزتي محسوس ٿئي ھا. بلوچن لاءِ اسان کي عزت آھي پر جيڪي بلوچ نسل در نسل ھتي رھندا اچن، ملڪيتون ھتي اٿن، سنڌي ڳالھائن، اھي تعارف مھل پاڻ کي بلوچ سڏائڻ کي ترجيح ڏين ٿا. سنڌي سڏائڻ ۾ انھن کي گھٽتائي ڇو ٿي محسوس ٿئي؟
*