بنا پهري کليل گيٽ وارو فوجي هيڊڪوارٽر
ٻُڏندڙ ٻيٽن واري هن ملڪ جي سلامتيءَ جو ذمو هونئن به هندستان جو کنيل آهي، جيئن اڳي انگلينڊ ٺيڪو کنيو هو. (نومبر 2011۾ سارڪ سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي به انڊيا جي جنگي جهازن سڪيورٽيءَ خاطر سڄي مالديپ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو).
اسان گهمندا ڦرندا امبر جي ڏسيل دڪان تان گفٽ خريد ڪري وري ٻئي رستي تان واپس موٽڻ لڳاسين جتي واٽ تي نيشنل ميوزيم، وڏي سُلطان مسجد ۽ پارليامينٽ هائوس هئا. مالديپ جي پارليامينٽ ۾ ڇاهتر ميمبر آهن. هڪ لک ووٽرن جي حساب سان هتان جي ميمبر کي چونڊجڻ لاءِ لڳ ڀڳ ايترا ئي ووٽ کپن جيترا اسان وٽ هڪ ڪائونسلر کي کپن يا شايد ان کان به گھٽ.
اسان جي آخري ڪوشش ڪامياب ٿي جو اسان هندستاني ۽ پاڪستاني کاڌن واري ريسٽورنٽ ڳولي لڌي ۽ پيٽ ڀري کاڌوسين. انهيءَ شام شاپنگ ۽ ڊنر مهل خبر پئي ته مالديپ جو سِڪو رُفيو Rufiya پاڪستاني رُپئي کان مُلهه ۾ وڌيڪ آهي، هينئر پڪو ياد ناهي پر هڪ ڊالر ۾ لڳ ڀڳ پندرهن رُفيه هئا.
ڊنر دوران دُور درشن جي مائيءَ سان اسان جي گهڻي ڪچهري ٿي جو کانئس اُتان جي ٽي وي چئنلن بابت پُڇندا رهياسين. هن ٻُڌايو ته انڊيا ۾ به هڪڙا چئنل ٻين کي پوئتي ڌِڪڻ لاءِ غلط سروي رپورٽون ٺهرائن ٿا. هن ٻُڌايو ته هيڏي ساري هندستان ۾ ڪجهه شهرن اندر ٻه هزار کن مشينون گهرن ۾ رکي گهر وارن کي چيو ويندو آهي ته فلاڻو چئنل هلائي ڇڏيو. دوُر درشن وارن اعتراض ڪيو ته سوا ارب آباديءَ واري ملڪ ۾ ٻن هزار مشينن سان سروي ڪيئن ٿا ڪريو. سندن اعتراض تي پوءِ مشينن جو تعداد وڌائي ڏهه هزار ڪيو ويو پر تڏهن به ان کي حقيقي سروي نٿو مڃي سگهجي.
اُن رات ٽين وڳي مُنهنجي واپسيءَ جي فلائيٽ هئي. بنگلاديش جي تهمينا ۽ مان رات جو ڪچهري ڪندا دبئيءَ پهتاسين جتان اسان جا رستا الڳ هئا. وقت سر صحيح فلائيٽ نه ملڻ جي ڪري اسان کي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سفر ڪري وري پنهنجي ملڪ موٽڻو پيو.